مکيه صفحو / ٻين جا ليک / عشقَ جي اُجرت ناهي ٿيندي

عشقَ جي اُجرت ناهي ٿيندي

عشقَ جي اُجرت ناهي ٿيندي
ادل سومرو

اوهان کي انهيءَ حقيقت جو
شعور هُئڻ گهرجي ته
جڏهن کان دنيا وجودَ ۾ آئي آهي
وحشي نسلن کي ڇڏي
دنيا تي هميشه ڪِتابن جي حڪمراني رهي آهي“

اِهي لفظَ دنيا جي مشهور ڏاهي، والٽيئر جا آهن. انسانن جي زندگيءَ مان جيڪڏهن آرٽ، ڪِتابَ ۽ موسيقي کي ڪڍي ڇڏجي ته اُها کوکلي ۽ بي معنيٰ بڻجي ويندي. اِلهامي ڪِتابن ۽ ٻين ڌرمي ڪِتابن کانسواءِ سوين اِهڙا ڪِتابَ آهن، جن فڪري لحاظ کان وڏيون تبديليون آنديون آهن. حضرت علي رضه جو ”نهج البلاغه“، علي هجويريءَ جو ”ڪشف المحجُوب“، والٽيئر جو ”فلاسافيڪل ڊڪشنري“ ميڪاوليءَ جو ”دي پرنس“، سارتري جو ”بينگ اينڊ نٿنگنيس“، مارڪس جو ”داس ڪيپٽال“، ٽالسٽاءِ جو ”وار اينڊ پيس“ ۽ ٻيا اهڙا ڪيترائي ڪِتاب ذهنن تي اثر انداز ٿيا ۽ انقلابن جو سبب بڻيا آهن. انفرميشن ٽيڪنالاجي، ميڊيا ۽ ٻيا اهڙا ذريعا چاهي ترقيءَ جي بُلنديءَ تي پهچي وڃن، پر ڪِتاب ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ پنهنجي اهميت مڃرائيندو رهندو. اسان جي سُڃاڻپ سنڌ ۽ سنڌي ٻولي آهي ۽ اُنهيءَ جي بقا جو دارو مَدار ڪِتابن تي آهي. شاهه جي رِسالي کان وٺي ٻين هزارن ڪِتابن جي موجودگي، اِهو احساس ڏياري ٿي ته سنڌي قوم، پنهنجي ثقافتي ورثي سميت اڃا پنهنجي بچاءَ جو ساهَسُ رکي ٿي.
محترم الطاف شيخ جو اُنهن لکن سنڌين کان مانُ مرتبو اِنَ ڪَري مٿي آهي جو هُنَ پنهنجي ٻوليءَ کي ڪيئي ڪِتابَ ارپيا آهن. هِنَ پنهنجي ٻوليءَ جي بچاءَ واري تحريڪَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن ڪري هُو هر حالَ ۾ وَڏي مانَ مرتبي جو حقدار آهي. هُنَ صرف عام رواجي ملازم وانگر، گُذر سفر لاءِ نوڪري نه ڪئي آهي پر ليکڪ بڻجي، لکن عام ماڻهن کي سنڌي ڪِتابن جي ويجھو آڻڻ واري تحريڪَ ۾، شاندار فرض ادا ڪيو آهي. هُنَ نه فقط سنڌ، پر سڄي برِ صغير ۾ سفرنامن جي نسبت سان پنهنجي ڌارَ سُڃاڻپ ڪرائي آهي، جيڪا سندس ذاتي تعارفَ سان گڏ سنڌ جي ڏيهان ڏيههَ مشهوريءَ جو سبب پڻ بڻي آهي. هالا جا ماڻهو ته نهايت خوش نصيب آهن جو هُو سندن شهر واسي آهي، پر مان سمجھان ٿو ته سائين الطاف شيخ تي سڄي سنڌ کي فخر آهي، جو هُو هِنَ ڌرتيءَ جو مثالي فرزندُ آهي ـــ اَڄُ سنڌي ٻولي جن خطرن منجھان گُذري رهي آهي، اُنهن کان سنڌ جي وڏي آبادي لاپرواهه آهي. اڻڄاڻائيءَ وارين اهڙين حالتن ۾ خانگي اسڪولن جا دروازا سنڌي ٻوليءَ لاءِ بند ٿيندا پيا وڃن. عام وهنوار ۾ سنڌي ٻولي جو واهپو گهٽبو پيو وڃي ۽ پڙهيل لکيل ماڻهو ڪِتابن کان پري، ٿيندا پيا وڃن ـــ سنڌي ڳالهايو سنڌي پڙهو ۽ سنڌي لکو وارا وچن اسان وساري ويٺا آهيون.
اهڙين حالتن ۾ الطاف شيخ جا سفرناما، ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. ملڪن جي ڄاڻَ، دلچسپ واقعا، سُهڻو سادو تحريري انداز ۽ ان قسم جا ٻيا تخليقي گُڻَ، ماڻهن کي ڪِتابَ خريد ڪرڻ تي آماده ڪن ٿا. ڇو ته الطاف شيخ، عام پڙهندڙن جي نفسيات کان چڱيءَ ريت واقف آهي. الطاف شيخ جي، ڪِتابن ۾ شامل معلومات کي، جيڪڏهن هِڪَ جاءِ تي گَڏُ ڪجي ته هڪ وڏي ڄاڻيٽي تيار ڪري سگهجي ٿي. نقاد ڀلي اِنهن ڪِتابن کي عام تفريحي ڪِتاب سڏين، پر جيڪڏهن تجزيو ڪجي ته اِهي ڪِتابَ پرائمري ريڊرز وڌائڻ جو وڏو وسيلو آهن. ڀلي اِنهن ڪِتابن ۾ فڪري لحاظ کان ڪنهن وڏي تبديليءَ جو ڏَسُ ڏنل نه هجي پر، اِهي ڪِتابَ اسان جي نئين ٽهيءَ کي سنڌي ٻوليءَ سان جوڙي رکڻ جو اهم سبب آهن. الطاف شيخ جي انهن ڪِتابن جو سماجي ڪارج يا فڪري لاڀُ منهنجي نظرَ ۾ اِهو آهي ته اِهي ڪِتابَ ”سنڌي ٻولي پڙهڻ جي هير“ برقرار رکڻ يا وڌائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ اِهو ڪم ڪنهن به وڏي ڪارنامي کان گهٽ ناهي.
الطاف شيخ ڀلي دنيا جي ڪهڙن به وڏن ۽ ترقي يافته ملڪن جي عاليشان ماڳن تي موجود هجي، پر هُنَ ڪِٿي به پنهنجي ڌرتيءَ ۽ اُنَ جي ماڻهن کي، نه وساريو آهي، اُنهن پرڏيهي شهرن ۽ ڳوٺن سان سنڌ جي وٿاڻن جي نسبت جوڙي، وطن کي ياد رکيو آهي ـــ پنهنجي ڌرتي ۽ اُنَ جا ٻيا ثقافتي رنگَ ۽ رُجحان، الطاف شيخَ جي ڄڻ ته روحَ ۾ وسيل آهن . هُو هر جاءِ تي ڄڻ ته سنڌ جو سفير ٿي رهيو آهي. سنڌ جا سفيرَ اهڙائي سٻاجھڻا انسانَ هُجڻ گھُرجن، جيڪي پرائي پچارَ، گِلا غيبت ۽ تعصب کان پري هُجن ۽ وڏيءَ عُمر باوجود معصوم ٻارَ وانگر محسوس ٿين.
مُنهنجي اِها به خوش قسمتي آهي جو الطاف شيخ جهڙي مخلص ۽ معصوم انسانَ سان، پنهنجائپ ۽ دوستي رهي آهي. 1980ع ۾ منهنجي پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ ڪراچي ۾ ايڪانامڪس انويسٽيگيٽر طور مقرري ٿي. اِنَ دوران ڊاڪٽر سليمان شيخ، فضل الله قريشي، بخش علي لاکي، ولي محمد روشن مظهر ميمڻ ۽ سِگا جي ٻين ساٿين کان سماجي ڀلائيءَ وارن ڪمن جو شعور ۽ رهنمائي نصيب ٿي. جڏهن ته شمشير الحيدري، الطاف شيخ ۽ ٻين سان ادبي نسبت سان ويجھڙائيءَ جو موقعو مليو. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي مرڪزي انفرميشن ۽ پبليڪيشن سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان، مون ٻين ڪِتابن سان گڏ محترم الطاف شيخَ جو ڪِتاب ”جپان جن جي جيءَ سان“ ڇپرايو ـــ جنهن جو ٽائيٽل خدا بخش ابڙي کان تيار ڪرايو هو. انهيءَ ڪِتابَ جي اشاعتي مرحلن دوران الطاف شيخ سان ويجھڙائي رهي ۽ ائين اسان جي ادبي دوستي ٿي وئي. 32 سالَ اڳ قائم ڪيل اهو پنهنجائپ ۽ خلوصَ جو رستو اَڄُ به قائم آهي.
عُمر جي فرقَ جي باوجود الطاف شيخ ڪڏهن به محسوس نه ڪرايو ته اسان کان وڏو آهي. اهوئي سبب آهي جو مان سندس نالي اڳيان پنهنجائپ ۾ ڪجهه نٿو لکان، پر دل ۾ سندس لاءِ ساڳيو ئي احترام آهي.
1981ع جڏهن مونکي ڪاليج ۾ ليڪچررشپ ملي ته پهرين پوسٽنگ الطاف شيخ جي ڳوٺ هالا جي ڀرسان منصوره ڪاليج ۾ ٿي. ٻن مهينن کان پوءِ گورنمينٽ ڪاليج مٽياري جوائن ڪيم، جتي به الطاف شيخ ڪڏهن ڪڏهن چڪر لڳائيندو هو، جڏهن هُو هالا ايندو هو.
ڪڏهن ڄامشوري به ملڻ ايندو هو جتي مان ايل ايم سي جي ڊاڪٽر فليٽس ۾ پنهنجي دوست ڊآڪٽر يونس ڀٽيءَ جي فليٽ ۾ رهندو هوس. هڪ ڀيري دعوت ڏئي هالا به وٺي هليو ـــ گهڻو ٻاهر رهڻ سبب سندس هالا اچڻ گهٽ ٿيندو هو. هڪ انسان جي حيثيت سان به الطاف شيخ هڪ مخلص ۽ سٻاجھو انسان آهي. اَڇن جي مُلڪن ۾ هي سانورو مسافر پنهنجي رويي ۽ ڪِردارَ ۾ سنڌي روايتن جو امينُ رهيو آهي. 75 کان مٿي سندس سفرناما، هزار داستانن کان ڪنهن به ريت گهٽ ناهن. سندس پڙهندڙ اسان کان اڪثر هِڪُ سوال پُڇندا آهن ته دنيا جي ايترن ملڪن جي سئر سفر ۽ اتان جي رنگين ماحول جي عڪاسيءَ جي باوجود الطاف شيخ، گُلابن ۽ گلاسن کان پاڻَ کي، ڪيئن ٿو بچائي وڃي. اهڙو سوالُ پڇندڙن کي اهو ئي چئي لنوائي وڃبو آهي ته، ”الطاف شيخ هالا جو رهواسي آهي. ها جي معنيٰ Yes ۽ لا جي معنيٰ No آهي. يعني اقرار به آهي ته انڪار به آهي.

تنهنجي رمز سهڻا! مان ڇا سمجھان
اقرار به آ، انڪار به آ

سو اِها رمز الطاف شيخ ئي ڄاڻي ٿو ته هُنَ دنيا جي مئخانن ۽ ساموندي ڪنارن وٽان گُذرندي، هن عمر تائين گُلابن ۽ گلاسن کان پاڻ کي ڪيئن بچائي رکيو آهي.
الطاف شيخ جا سفرناما پڙهي، قربان منگيءَ به سئر سفر ڪيا آهن ۽ سفرناما به لکيا اٿائين، پر هن کي بئنڪاڪ آمريڪا ۽ جپان جي پوپٽن گهڻو پريشان ڪيو. ۽ هُنَ کان اِهو به وسري ويو ته هُو پاڻ به هِڪُ پوپٽ آهي.
رخسانه پريت، هڪ هنڌ لکي ٿي“ ته منهنجي ننڍڙي پٽ همير مون کان پڇيو:
”امي انڪل الطاف کي هنن ڪِتابن لکڻَ جا گهڻا پئسا ملندا آهن.“
”دل ۾ سوچيو هئم پُٽ اِهو عشق آهي ۽ عشق جي ڪا به اُجرت ناهي ٿيندي عشق ۾ صرف ارپنائون هونديون آهن“
رخسانه پريت صحيح لکيو آهي. عشقَ جي ڪا به اُجرت ناهي ٿيندي. اهو ئي سبب آهي جو الطاف شيخ اڃا تائين ٿڪو ناهي.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*