مکيه صفحو / انٽرويوز / خبرون لاءِ انٽرويو

خبرون لاءِ انٽرويو

هر نارمل ماڻهو عشق ڪري ٿو: الطاف شيخ
روزنامه سنڌي اخبار ”خبرون“ لاءِ الطاف شيخ جو انٽرويو
انٽرويو وٺندڙ؛ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال

پروفائيل
الطاف شيخ پروفيشن جي حساب سان مئرين انجنيئر يعني بحري جهازن جو انجنيئر آهي. پاڻ دنيا جي مختلف سمنڊن تي مختلف جهاز هلايا ۽ جنهن جنهن بندرگاهه ۽ ٻيٽ تي سندس جهاز ويو ٿي ان جو احوال 1968ع کان لکندو اچي. پاڻ پاڪستان جو پهريون چيف انجنيئر آهي، جنهن ايم. وي. مالاڪنڊ نالي پاڪستان جو پهريون آٽوميٽڪ جهاز هلايو. نوڪري جا آخري ويهه سال دنيا جي مختلف جهازران تعليمي ادارن ۾ پڙهائڻ جو ڪم ڪيو ۽ اڄ به هو ملائيشيا، ايران، سنگاپور ۽ انڊيا جي مئرين اڪيڊمين ۾ هڪ وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت سان پڙهائيندو رهي ٿو.
الطاف شيخ 14 نومبر 1944ع تي هالا نوان ۾ ڄائو. ستين ڪلاس تائين اتي پڙهڻ بعد انٽر تائين ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ پڙهيو. ان بعد ”مئرين انجنيئرنگ“ چٽگانگ (ان وقت مشرقي پاڪستان ۽ هاڻ بنگلاديش) مان ڪيائين ۽ پوسٽ گريجوئيشن مالمو( سئيڊن) جي ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. پاڻ 15 سال کن مختلف جهازن تي جونيئر انجنيئر کان چيف انجنيئر تائين sail ڪيو. ٻارن جي وڏو ٿيڻ ۽ انهن جي تعليم خاطرهن کي سامونڊي نوڪري ڇڏي ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪري ڪرڻي پئي، جتي هن ڏهه سال کن گذاريا.
الطاف شيخ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ڏهين ڪلاس کان اڄ تائين لڳاتار اخبارن ۽ رسالن لاءِ سنڌي ۽ اردو ۾ لکندو اچي، سندس 68 کن ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن ۾ گهڻي ڀاڱي سفرناما آهن. اڄڪلهه سندس تازو سفرنامو ” ايران ڏي اڏام“ ڇپائي هيٺ آهي. الطاف شيخ جي زال مستوران گهلو دادو جي آهي. کين ٻه ٻار مريم جيجل ۽ مارئي عطيه آهن.

سوال: اوهان جي لکڻ جا ڪهڙا محرڪ آهن؟
الطاف: سائين سچ پڇو ته منهنجي لکڻ جي پٺيان ڪو محرڪ نه پر مجبوري ئي نظر اچي ٿي. لکڻ پڙهڻ جو شوق ننڍي هوندي کان ئي هيم،مئرين انجنيئرنگ ڪرڻ کان پوءِ جيئن ئي جهاز تي چڙهيس ته اهو ئي سوچيم ته جهاز هلائڻ، ان جي مشينن کي ٺاهڻ ۽ بندرگاهه اچڻ تي انهن ۾ گهمڻ ۾ اهڙو ته مشغول ٿي ويندس جو مونکي لکڻ لاءِ ٽائيم هرگز نه ملندو پر منهنجي جهازن جون اهڙيون ته ڊگهيون ڊگهيون روٽس رهيون جو سڄو سڄو مهينو سمنڊ تي جهاز هلائڻ بعد ڪو بندرگاهه آيو ٿي. انهن ڏينهن ۾ ڪمپيوٽر جهڙي شيءِ ته ڪونه هئي پر ٽي وي به عام نه ٿي هئي ۽ نه وڊيو ڪيسٽ هو جو سمنڊ تي ٽائيم پاس ڪجي. جهاز هلائيندڙ گورا يورپي توڙي اسان جا پاڪستاني، وقت گذارڻ لاءِ پتي راند کيڏندا هئا. مون هتان هُتان جون سمنڊن جون ڳالهيون لکڻ شروع ڪيون. ظاهر آهي وقت پاس ڪرڻ لاءِ ڪجهه ته ڪرڻو پيو ٿي نه ته ماڻهو چريو ٿي پوي. سو لکڻ مون لاءِ مجبوري هئي.

سوال: ادب ۾ سفرنامن جي ڪهڙي اهميت آهي؟
الطاف: افسوس جو ان سوال جو مون وٽ جواب ناهي. سفرناما آئون لکان ٿو ان ڪري نه جو مونکي انهن جي اهميت جي خبر آهي پر ان ڪري جو سمنڊ تي منهنجي لاءِ وقت پاس ڪرڻ جو ذريعو هئا ۽ هاڻ وندر اٿم. آئون ڪو ڪنهن يونيورسٽي جي آرٽس فئڪلٽي جو اسڪالر نه آهيان جو ان جو جواب ڏئي سگهان. اهو ئي سوال بمبئي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي شاگردن مون کان پڇيو هو. آئون ته هڪ مئرين انجنيئر يعني پاڻي جا جهاز هلائڻ وارو انجنيئر آهيان.توهان چاهيو ته مون کان هن قسم جو سوال پڇي سگهو ٿا ته پاڻيءَ جا جهاز هلائڻ ۾ سلزر انجڻ يا متسوبشي انجڻ جي ڪهڙي اهميت آهي.

سوال: اوهان شاعر نه ٿيا، ان جا سبب؟
الطاف: مون توهان کي ٻڌايو ته آئون ته اديب به نه ٿي ٿي سگهيس. ها البت ڊرائنگ سان منهنجي گهڻي دلچسپي هئي پر جهاز جي لوڏن تي رنگ هارجڻ يا وچ سمنڊ تي ختم ٿي وڃڻ تي نيٺ مون پينٽنگ جي پچر ڇڏي ڏني.

سوال: شاعري پسند آهي؟
الطاف: ها بلڪل پسند آهي ڪو سٺو شعر ٻڌندو آهيان ته نوٽ ڪري وٺندو آهيان. شاهه لطيف، غالب، اقبال ، شيخ اياز، نعيم دريشاڻي جي شاعري غور سان پڙهي اٿم، ان کان علاوه ملئي پنتون ۽ جپاني هائيڪون فقط پڙهيا اٿم پر خاص ڪري ”هائيڪو“ تي لکيو به اٿم ته هائيڪو ڇا شيءِ آهي. پر افسوس جو اسان وٽ گهڻا اهو سمجهن ٿا ته هائيڪو معنى اهو ٽن سٽن جو شعر جنهن جي پهرين ۽ آخري سٽِ جا آخري لفظ هم قافيه هجن ۽ ان غلط فهميءَ کان اسان جا ڪيترائي سينيئر شاعر به بچي نه سگهيا آهن ۽ هنن جي هائيڪو ۾ نه خيال جي اونهائي آهي ۽ نه پرولي ٽائپ تجسس، بس رڳو زور آهي آخري لفظن جي هڪ جهڙائي تي چي:
صبح سبايو
جوڙو مون جڳديش جو
اڳٺ ڀي آ مون اُڻايو
هاڻي سائين جڳديش لڇاڻي به خوش! پوني (انڊيا) ۾ ٿيندڙ ”صوفيزم“ تي سيمينار تي هو منهنجي ڀرسان ويٺل هو، هو مٿيون شعر ٻڌائي ٺريو پئي ٺريو ۽ اهڙي طرح اسان جي ساڳي يار جو هيري ٺڪر تي لکيل هائيڪو:
هيري ٺڪر لاءِ
هر، هر هنڌ ۽ سنڌ ۾
واٽون پيو واجهاءِ
هو به پڪ خوش ٿي رهيو هوندو. مٿيان شعر پنهنجي دوست تاجل بيوس جا ئي ڏنا اٿم، جيڪو هونئن ته منهنجو دلپسند شاعر آهي ۽ شاهه لطيف وانگر هن جي شعرن تان به پنهنجن ڪتابن جا ٽائيٽل کڻندو آهيان.

سوال: اديب ۽ شاعر لاءِ عشق ضروري آهي؟ اوهان عشق ڪيو؟
الطاف: واهه جي ڳالهه ڪئي اٿوَ.ڇا رڳو اديب ۽ شاعر ئي انسان آهن؟ منهنجي خيال ۾ هر نارمل ماڻهو عشق ڪري ٿو ۽ آئون ڪو ائبنارمل نه آهيان ۽ هر عاشق پاڻ کي دنيا جو وڏو ۽ سچو عاشق سمجهي ٿو. پر توهان جي ”عشق“ مان خبر ناهي ڪهڙي مراد آهي؟ ڇا توهان فقط ان کي عاشق ٿا سمجهو، جيڪو ڪم ۽ پورهيي کان ٽوٽي آهي، شراب پي رستي تي الٽيون ٿو ڪري ۽ شاعري ڪري ٿو.

سوال: اوهان جي دور ۾ ۽ هاڻي جي دور ۾ سنڌي ادب ۾ ڪو فرق محسوس ٿئي ٿو؟
الطاف: سنڌي ادب ۾ تمام گهڻو سڌارو ۽ بهتري آئي آهي. اڄ جو نوجوان اديب مرد توڙي عورت بيحد ذهين، ڄاڻ رکندڙ ۽ دانشور آهي ۽ تمام گهڻو پر سٺو لکي ٿو.اسان جي دور جو اديب ڀاڳ وارو چئبو جو هو هڪ ٻه افسانا ۽ تحقيقاتي مضمون لکي جهٽ پٽ عظيم ٿي ٿي ويو.

سوال: اوهان سڄي دنيا گهمي آهي، ڪهڙي ملڪ جا ماڻهو بهتر ۽ ڪلچر سٺو آهي؟
الطاف: هڪ ملڪ لاءِ چوڻ ته مشڪل آهي بهرحال ملائيشيا، جپان ۽ سئيڊن مون کي سٺا لڳا. خاص ڪري قائدي قانون امن امان، انساني حقن، صحت ، تعليم ۽ قدرتي نظارنکان پهريون دفعو 1968ع ڌاري جڏهن ملائيشيا، ٿائلينڊ ۽ سنگاپور جهڙن ايشيائي ملڪن ۾ ويس ته انهن ملڪن ۾ اسان جو ملڪ بيحد سڌريل ملڪ سمجهيو ويو ٿي، پر اڄ مٿيان ملڪ يورپ جا لڳن ٿا! ويندي ڪوريا ۽ هانگ ڪانگ به ڪجهه نه هو پر اڄ انڊسٽري، تعليم ، وڻج واپار، امن امان جي لحاظ کان اهي ملڪ به جپان جهڙا لڳن ٿا.

سوال : دنيا ۾ جتي ڪٿي سنڌي نظر اچن ٿا، انهن لاءِ ماڻهن جو ڇا تاثر آهي؟
الطاف: سنڌي پڙهيل ڳڙهيل آهن، سنڌي واپار وڙي ۾ ڀڙ آهن، سنڌي خير خيرات جا ڪم ڪن ٿا، سنڌي امن امن سان رهن ٿا، پر اهي ڪهڙا سنڌي؟ سنڌي هندو. ممبئي ۾ هڪ سنڌين جي فنڪشن ۾ اتي جو هڪ مقرر تقرير ڪري رهيو هوته سنڌين ۾ سئو سيڪڙو تعليم آهي، سنڌين جا جتي ڪٿي خيراتي ادارا ۽ اسپتالون ٺهرايل آهن، توهان کي ڪوبه سنڌي فقير نه ملندو…… وغيره. ان تقرير تي منهنجي ڀر ۾ ويٺل سنڌ جو هڪ شاعر تاڙيون وڄائي وڄائي پئي ماندو ٿيو. نيٺ چيو مانس ته تون ڪهڙي خوشي ۾ پيو بيهوش ٿين!؟ پاڻ مسلمان سنڌين جي ڳالهه ڪونه پيو ڪري جن اسڪولن کي اوطاقون بڻائي ڇڏيو آهي، جيڪي عوام کان ووٽ وٺي، نمائندا بڻجي هنن کان سڀ ڪجهه کسيو وٺن ۽ پوءِ نه اسپتالن ۾ دوائون آهن ۽ نه پيئڻ لاءِ پاڻي، يا روڊ رستا. دنيا هنن سنڌي هندن جي تعريف ڪري ٿي پاڻ سنڌي مسلمانن لاءِ ته دنيا ۾ اهو اميج آهي ته وتن چوريون ۽ اغوائون ڪندا، قبيلائي جهڳڙن ۾ وتن هڪ ٻئي کي تباهه ڪندا، تعليمي ادارن ۾ وتن پستول کڻي هلندا….
منهنجي خيال ۾ هي زميني حقيقتون آهن جن کي جيسين اسين قبول نه ڪنداسين، تيسين ترقي ڪري نه سگهنداسين.اسان جي چونڊيل نمائندن کي گهرجي ته ڳوٺ ڳوٺ ۾ اسڪول کولرائين يا جيڪي اڳ ۾ ئي قائم آهن اتي تعليم جو بندوبست ڪرائين، جيئن اسان سنڌين ۾ تعليم ۽ شعور پيدا ٿئي. ڳوٺن ۾ ڪارخانا لڳرائين جيئن پنجاب جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ آهن. ماضي ۾ اسان جي سنڌي وزيرن کي جيڪي ڪارخانن لاءِ پرمٽون مليون، اهي وڪڻي ان مان مليل پئسو چند ڏينهن جي عياشي ۾ وڃائي ڇڏيو۽ ماڻهن کي غربت ڏئي ڇڏي.اڄ به اسان جي ڳوٺن جو ماڻهو غربت ، بيروزگاري، تعليم ۽ صحت جي سهولتن کان ائين خالي آهي جهڙو 50 سال اڳ!

سوال: اوهان جا پسنديدهه اديب ۽ شاعر؟
الطاف: اڄڪلهه آئون ڪتابن کان وڌيڪ اخباري ڪالم پڙهان ٿو ۽ ڪجهه اديبن جا ڪالم هر صورت ۾ پڙهندو آهيان جيئن ته اعجاز منگي، امر جليل، حسن مجتبى، آغا شهاب الدين، امر سنڌو، قمر شهباز، انيتا شاهه، جاويد قاضي، جنت منگهاڻي، منير ڀرڳڙي ۽ ڪئناڊا جو فياض سومرو.

سوال: اوهان جيترا سفرناما دنيا جي ڪنهن به اديب نه لکيا آهن، اوهان جي سفرنامن کي ننڍو توڙي وڏو شوقَ سان پڙهي ٿو، توهان کي ان جو احساس آهي؟
الطاف: منهنجيون لکڻيون جيڪڏهن ڪو پڙهي ۽ پسند ڪري ٿو ته اها مون لاءِ خوشي جي ڳالهه آهي.منهنجي لاءِ همت افزائي آهي ۽ اهي ڳالهيون مونکي وڌيڪ لکڻ لاءِ آمادهه ڪن ٿيون.

سوال: اها ڳالهه جيڪا اڃا ڪرڻ چاهيندا هوندا؟
الطاف: اهڙي ڪابه ڳالهه جيڪا مونکي لڳندو آهي ته پڙهندڙن لاءِ دلچسپ، معلوماتي ۽ تعليمي ثابت ٿيندي ، ڌيان ۾ اچي ٿي ته لکان ٿو.

سوال: توهان کي گهڻو مزو لکڻ ۾ ايندو آهي يا جهاز هلائڻ ۾ ؟
الطاف: جهاز هلائڻ منهنجي روزگار جو ذريعو آهي. اسان اديب، خاص ڪري سنڌي اديب فل ٽائيم پروفيشنل ٿي نٿو سگهي. اسان جو هر سنڌي اديب تقريبن مفت ۾ لکي رهيو آهي.ڪنهن ڪنهن کي مڙئي ٻه ٽي سوُ رپيا کن کڻي نظر ڏنڀاڻي ملندا هجن. ان ڪري اسان جي هر اديب کي پيٽ خاطر ڪا نه ڪا نوڪري يا پورهيو ڪرڻو پوي ٿو. سو جهاز هلائڻ يا جهازين کي پڙهائڻ منهنجو جاب آهي ۽ لکڻ پڙهڻ منهنجو شوق آهي.اها ٻي ڳالهه آهي ته منهنجو جاب جهاز هلائڻ توڙي ماستري ڪرڻ منهنجي دل وٽان آهي ۽ آئون انجواءِ ڪريان ٿو. هينئر به آئون مختلف ملڪن جي نيول ادارن ۾ وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت سان مئرين انجنيئرنگ تي ليڪچر ڏيندو رهان ٿو. ڪڏهن ڪڏهن هالا (ڳوٺ) ويندي رستي تي حيدرآباد، مٽياري ۽ هالا جي ڪنهن ڪاليج ۾ گهڙي پوندو آهيان ۽ شاگردن کي ڪنهن ٽاپڪ تي خاص ڪري مستقبل ۾ ايندڙ ڏکئي وقت ۽ ان کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪلاڪ ٻه ليڪچر ڏيندي خوشي محسوس ڪندو آهيان.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*