مکيه صفحو / انٽرويوز / سمنڊ، جهازن ۽ سامونڊي نوڪري لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ بابت

سمنڊ، جهازن ۽ سامونڊي نوڪري لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ بابت

سمنڊ، جهازن ۽ سامونڊي نوڪري لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ بابت
پاڪستان جي مشهور چيف انجنيئر (مئرين) الطاف شيخ سان ڳالهه ٻولهه

(سنڌ جا ڪيترا نوجوان جيڪي سامونڊي نوڪري جو شوق رکن ٿا، اهي سمنڊ، جهاز ۽ نيوي بابت ڪيترن سوالن جا جواب معلوم ڪرڻ جا خواهشمند آهن. اسان ان سلسلي ۾ سنڌ جي مشهور سفرناما نويس الطاف شيخ کان انٽرويو ورتو آهي. الطاف شيخ نه فقط جهاز جي چيف انجنيئر جي حيثيت ۾ 15 سال کن مختلف جهاز هلايا، پر ملائيشيا ۽ پاڪستان جي مئرين اڪيڊمين ۾ مئرين انجنيرنگ جو 20 سال کن هيڊ آف ڊپارٽمينٽ ٿي رهيو)

سوال: 1962ع ۾ توهان جڏهن انٽر (ڪلاس ٻارهين) ۾ پهتائو ته انهن ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ مئرين اڪيڊمي کلي هئي. توهان جي ڪلاس ميٽن سِول، مڪينيڪل يا اليڪٽريڪل انجنيئرنگ کنئي ۽ هنن مهراڻ يونيورسٽي ۽ NED ۾ داخلا ورتي. توهان اڪيلا هئائو، جنهن مئرين انجنيئرنگ چونڊي ۽ جنهن جي تعليم لاءِ توهان کي اولهه پاڪستان کان اوڀر پاڪستان جي ڏورانهين شهر ۽ بندرگاهه چٽگانگ ۾ وڃڻو پيو؟
الطاف: هڪ ته مون چاهيو ٿي ته آئون ٻين کان ڪجهه مختلف فيلڊ ۾ وڃان. ٻيو ته مون کي سمنڊ وڻيو ٿي. ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جا اسان سِي اسڪائوٽ موڪلن ۾ پنهنجي نيول آفيسر سان گڏ منهوڙو ويندا هئاسين ته سهڻن رنگن وارا چمڪندڙ جهاز ۽ انهن جي آفيسرن جا سفيد يونيفارم ڏسي مون کي هن پروفيشن لاءِ ڏاڍي ڪشش ٿيندي هئي.

سوال: مئرين انجنيئرنگ ڇا آهي؟
الطاف: هيءَ اها انجنيئرنگ آهي جنهن جو واسطو جهاز سازي ۽ جهاز تي ڪم ايندڙ مشينن جي ٺهڻ، سندن سار سنڀال لهڻ ۽ مرمت سان آهي. هڪ مئرين انجنيئر کي مڪينيڪل، اليڪٽريڪل ۽ ريفريجريشن انجنيئر جا به ڪم ڪرڻا پون ٿا. ان کان علاوه هن لاءِ ورڪشاپ جي ڄاڻ به ضروري آهي، جيئن وچ سمنڊ تي جهاز جو ڪو پرزو ڀڄي پوي ته ليٿ مشين تي نئون ٺاهي يا ويلڊنگ ذريعي صحيح ڪري، انجڻ کي هلائي سگهي ۽ جهاز کي بندرگاهه تائين سلامتي سان پڄائي. ان ڪري هيءَ اها انجنيئرنگ آهي، جنهن ۾ انجنيئر کي ٿيوري سان گڏ پريڪٽيڪل ڪم ۾ به ماهر هجڻ ضروري آهي.

سوال: مئرين انجنيئرنگ ۾ ڪهڙا سبجيڪٽ پڙهايا وڃن ٿا؟
الطاف: مئرين انجنيئرنگ ۾ اڪيڊمڪ سبجيڪٽن (مئٿس، فزڪس، ڪيمسٽري) کان علاوه هي سبجيڪٽ پڻ پڙهايا وڃن ٿا: نيول آرڪيٽيڪچر، شپ ڪنسٽرڪشن، ايئرڪنڊيشنگ ۽ ريفريجريشن، بئالرس، اليڪٽرو ٽيڪنالاجي، فيول (Fuel) ۽ فيول ٽيڪنالاجي، Instrumentation ۽ آٽوميشن، هِيٽ ۽ هِيٽ انجنس، ٽربائين، ڊيزل انجن، فائر فائيٽنگ ۽ Survival at sea.

سوال: پاڪستان نيوي ۽ مرچنٽ نيوي ۾ ڇا فرق آهي؟
الطاف: پاڪستان نيوي اسان جي فوج جي هڪ شاخ آهي، جيڪا ’بحري فوج‘ سڏجي ٿي، جيئن آرمي (بري فوج) ۽ ايئرفورس (هوائي فوج) آهي. پاڪستان نيوي جا جهاز جنگي جهاز ٿين ٿا، جن تي دشمن سان وڙهڻ لاءِ بندوقون، اينٽي ايئر ڪرافٽ گنز، تورپيڊو ۽ ٻيو بارود رکيو وڃي ٿو. پاڪستان نيوي جا جهاز ڪڏهن ڪڏهن ايڪسرسائيزن لاءِ ٻاهر وڃن ٿا نه ته سال جو وڏو عرصو اهي ملڪي بندرگاهه ۾ رهي ملڪ جو بچاءُ ڪن ٿا.
مرچنٽ نيوي جا جهاز ڪمرشل قسم جا آهن، جيئن P.I.A بلو لائين ۽ ايئرو ڪمپني جا هوائي جهاز آهن، جيڪي مختلف ملڪن ڏي مسافر ۽ سامان کڻي وڃن ٿا. مرچنٽ نيوي جي جهازن تي ملڪ جي ايڪانامي جو مدار آهي جو اهي غير ملڪي ناڻي جو وڏو حصو ملڪ کي ڪمائي ڏين ٿا.

سوال: پاڪستان نيوي يا مرچنٽ نيوي جي چونڊ لاءِ ڇا طريقو آهي. ان لاءِ تعليم ۽ عمر ڇا هئڻ کپي.
الطاف: پاڪستان نيوي جي چونڊ لاءِ ’پاڪستان نيول اڪيڊمي‘ (PNA) ۽ پاڪستان مرچنٽ نيوي لاءِ ’پاڪستان مئرين اڪيڊمي‘ (PMA) هر سال گهڻو ڪري جولاءِ آگسٽ ڌاري ملڪ جي مشهور اخبارن ذريعي چونڊ جي تاريخ ۽ طريقي جو اشتهار ڏين ٿا. اهي شاگرد جن انٽر سائنس (پري انجنيئرنگ) پاس ڪئي آهي يا امتحان ڏيڻ وارا آهن، اهي هن چونڊ لاءِ ڏنل ائڊريس تان گهربل فارم گهرائي سگهن ٿا. هو اهي فارم ڀري ان سان گڏ گهربل ڊاڪومينٽ برٿ سرٽيفڪيٽ، ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ وغيره موڪلي ڏين ٿا. ان بعد هنن کي مقرر تاريخن تي انٽري ٽيسٽ، ميڊيڪل ٽيسٽ ۽ انٽرويو وغيره لاءِ گهرايو وڃي ٿو. آخري سليڪشن انٽرميڊيٽ سيڪنڊري بورڊ جي امتحان جي رزلٽ اچڻ بعد ڪئي وڃي ٿي. چونڊيل اميدوار ڪئڊٽ جي حيثيت سان مقرر اڪيڊمي ۾ تعليم ۽ تربيت حاصل ڪن ٿا.

سوال: نيوي جي چونڊ جي اشتهار جي ڪيئن خبر پوي ته اخبار ۾ ڪڏهن اچي ٿو.
الطاف: اها ته هر روز اخبار پڙهندڙ کي ئي خبر پئجي سگهي ٿي. هونءَ به ههڙن ادارن ۾ وڃڻ جي شوقين شاگردن لاءِ ضروري آهي ته هو روزانو اخبار پڙهن ۽ دنيا ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، ان جي ڄاڻ رکڻ ضروري آهي. ان کان علاوه پنهنجي ڪاليجن جي استادن ۽ انٽرنيٽ ذريعي به خبرچار وٺي سگهجي ٿي.

سوال: هن چونڊ ۾ ڪيترا شاگرد حصو وٺن ٿا ۽ هر سال ڪيترا چونڊيا وڃن ٿا؟
الطاف: پاڪستان نيوي يا مرچنٽ نيوي لاءِ هر سال مختلف تعداد ۾ ڪئڊٽ کنيا وڃن ٿا. اهو تعداد لڳ ڀڳ 25 کان 40 تائين هر برانچ لاءِ هوندو آهي. هن چونڊ ۾ سڄي پاڪستان جا شاگرد حصو وٺن ٿا ۽ هر سال هزار ڏيڍ کان مٿي تعداد مقابلو ڪن ٿا. انهن مان اعليٰ درجي جا ذهين، قابل ۽ صحتمند شاگرد چونڊيا وڃن ٿا، جيڪي سامونڊي زندگي ۾ درپيش ايندڙ Challenges کي منهن ڏئي سگهن.

سوال: چونڊيل ڪئڊٽ انجنيئرنگ ۽ ناٽيڪل برانچن ۾ ورهايا وڃن ٿا. ٻنهي ۾ سٺي برانچ ڪهڙي آهي؟
الطاف: ڪابه برانچ ٻيءَ کان گهٽ ناهي. ٻئي اهم آهن ۽ ٻئي ٽيڪنيڪل آهن، جن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ سخت محنت جي ضرورت آهي. ٻنهي برانچن جو سٺو مستقبل آهي. ناٽيڪل برانچ وارا Navigators يا ڊيڪ آفيسر به سڏجن ٿا. هنن جو ڪم سمنڊ تي رستو ڳولهڻ ۽ جهاز کي ان رخ ۾ وٺي هلڻ آهي، مندن، موسمن، سامونڊي ڪُنن Under Currents ۽ هوائن جي ردوبدل جي ڄاڻ رکڻ ۽ انهن جي نقصان کان جهاز کي بچائڻ آهي. بندرگاهه ۾ جهاز تي مختلف قسم جي سامان رکڻ جي پلان ٺاهڻ پڻ انهن جو ڪم آهي. انجنيئرنگ برانچ وارن جو ڪم جهاز جي مختلف انجڻن ۽ مشينن کي هلائڻ ۽ انهن جي سار سنڀال لهڻ ۽ جهاز جي جسم کي سمنڊ ۾ هلڻ لائق رکڻ آهي.

سوال: پاڪستان ۾ مئرين اڪيڊمي ڪٿي آهي؟
الطاف: اوڀر پاڪستان الڳ ٿيڻ بعد چٽگانگ واري مئرين اڪيڊمي جنهن مان اسن پڙهياسين، هاڻ ”بنگلاديش مئرين اڪيڊمي“ سڏجي ٿي. 1971ع بعد ”پاڪستان مئرين اڪيڊمي“ ڪراچيءَ ۾ ٺاهي وئي. اها اڄڪلهه ماريپور روڊ تي گريڪس علائقي ۾ آهي.

سوال: انٽر بعد جيڪي شاگرد هن اڪيڊمي ۾ ناٽيڪل يا انجنيئرنگ ڪئڊٽس جي حيثيت سان تعليم حاصل ڪن ٿا، انهن کي ڪهڙي ڊگري ملي ٿي؟
الطاف: پاڪستان مئرين اڪيڊمي ۾ ٻه سال رهڻ دوران ڪامياب انجنيئرنگ ۽ ناٽيڪل ڪئڊٽن کي ڪراچي يونيورسٽي طرفان’مئريٽائيم اسٽيڊيز‘ ۾ B.Sc ڊگري ڏني وڃي ٿي. گريجوئيشن بعد ناٽيڪل ڪئڊٽ ”ڊيڪ ڪئڊٽ“ جي حيثيت سان وڌيڪ ٽريننگ جهاز تي وٺن ٿا. انجنيرنگ ڪئڊٽ ٻن سالن جي وڌيڪ ٽريننگ مان هڪ سال ڪناري تي شپ يارڊ ۾ ڪم ڪن ٿا ۽ هڪ سال Trainee انجنيئر جي حيثيت ۾ جهاز تي ڪم سکن ٿا. ان بعد هنن جي ترقي (Promotion) ٿيڻ شروع ٿئي ٿي.

سوال: مرچنٽ نيوي ۾ آفيسرن جون ڇا Ranks آهن؟
الطاف: هڪ مئرين انجنيئر ”ٽريني انجنيئر“ بعد ففٿ يا فورٿ انجنيئر سڏيو وڃي ٿو. اها رئنڪ کيس جهاز جي سائيز جي حساب سان ڏني وڃي ٿي. ان بعد وڌيڪ سامونڊي نوڪري (Sea Time) مڪمل ڪرڻ ۽ بين الاقوامي امتحان پاس ڪرڻ بعد هو ٿرڊ انجنيئر، ان بعد سيڪنڊ انجنيئر ۽ آخر ۾ چيف انجنيئر جو امتحان پاس ڪرڻ بعد چيف انجنيئرٿئي ٿو. اهڙي طرح ناٽيڪل ڪئڊٽ ٿرڊ ميٽ (ٿرڊ آفيسر)، سيڪنڊ ميٽ ۽ چيف ميٽ (چيف آفيسر) ٿيڻ بعد آخر ۾ ماسٽر مئرينر جو امتحان ڏئي ڪئپٽن ٿئي ٿو.

سوال: جهاز تي ڪير باس آهي، ڪئپٽن يا چيف انجنيئر؟
الطاف: بين الاقوامي قانون مطابق هر جهاز جو ڪئپٽن جهاز جي مالڪ جي نمائندگي ڪري ٿو ۽ هو جهاز جو مالڪ (Master) سڏيو وڃي ٿو. جهاز جو باقي عملو انجنيئرن، نيويگيٽرن کان جهاز جا خلاصي، بورچي، ڀنگي، سڀ جهاز جو Crew سڏيو وڃي ٿو. بهرحال جهاز جي انجنيئرن جي پنهنجي عزت آهي ۽ جهاز جي ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر جو ساڳيو چئن پٽين وارو يونيفارم ۽ پگهار ٿئي ٿو.

سوال: پاڪستان نيول اڪيڊمي يا پاڪستان مئرين اڪيڊمي مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد نوڪري (جاب) جي خاطري رهي ٿي يا نه؟
الطاف: پاڪستان نيويءَ ۾ نوڪري جي خاطري رهي ٿي، اها سرڪاري نوڪري آهي، جنهن ۾ رٽائرمينٽ بعد پينشن به ملي ٿي. انهن جون Ranks به پڪيون ۽ مليٽري واريون آهن، جيئن ته ليفٽيننٽ، ڪمانڊر، ڪئپٽن، ڪموڊور، ائڊمرل وغيره جيڪي آرمي جي پوسٽن ڪئپٽن، ميجر، ڪرنل، برگيڊيئر ۽ جنرل برابر ٿين.
مرچنٽ نيويءَ ۾ گريجوئيشن بعد هرهڪ کي نوڪري لاءِ ڳولا ڪرڻي پئي ٿي، جيئن هڪ ڊاڪٽر يا انجنيئر MBBS يا B.E ڪرڻ بعد نوڪري لاءِ Apply ڪندو رهي ٿو. اسان جڏهن 64-1963ع ڌاري مئرين اڪيڊمي چٽگانگ جي ٻي بئچ ۾ تعليم وٺي رهيا هئاسين ته اسان اهوئي چوندا هئاسين ته پهرين بئچ وارن ڪئڊٽن کي ته جهازن تي نوڪري ملي ويندي، پر اسان کي شايد نه ملي جو ايترا جهاز ڪٿي آهن. پر پوءِ جڏهن اسان گريجوئيشن ڪئي تيسين ٻيا به جهاز اچي ويا. اڄ جو 49هين بئچ جو ڪئڊٽ به اهوئي سوچي ٿو، پر آئون ڏسي رهيو آهيان ته ڪجهه مهينن بعد هرهڪ کي ملڪي يا غير ملڪي جهاز تي نوڪري مليو ئي وڃي. اهو ان ڪري جو هن نوڪريءَ ۾ ڪوبه گهڻو وقت نٿو رهي. هڪ عمر بعد هو سمنڊ جي نوڪري ڇڏي، ڪناري جي نوڪري ڏي رخ رکي ٿو. جهاز جي نوڪري شروع ڪرڻ وقت مون اهو طئي ڪيو هو ته جهاز جي نوڪري نه ڇڏيندس جو اها منهنجي طبيعت تي ٺهڪي ٿي آئي. پر شادي بعد مون کي سامونڊي نوڪري ڇڏڻي پئي. جيتوڻيڪ سڄو وقت فئملي به مون سان گڏ جهاز تي رهي ٿي ۽ هو جهاز تي خوش هئا، پر ڇهه ست کن سال رهڻ بعد ٻارن جي پڙهائي جو مسئلو ٿي پيو جنهن ڪارڻ مون کي جهاز ڇڏي ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪري ڪرڻي پيئي. سو مرچنٽ نيوي ۾ ڪجهه سالن بعد هرڪو جهاز جي نوڪري ڇڏي ڪناري جي نوڪري ڏي رخ رکي ٿو. ان کان علاوه پاڻي جي جهاز تي اڄڪلهه سال کن جي نوڪري بعد ڇهه مهينا کن موڪل ضروري ڪئي وئي آهي. ان دوران ٻين کي جهاز هلائڻ جو موقعو مليو وڃي ۽ هر هڪ جي تازگي به برقرار رهي ٿي.

سوال: مرچنٽ نيوي جا جهاز هلائڻ وارن لاءِ ڪناري جا ڪهڙا جاب (نوڪريون) Available آهن؟
الطاف: جهاز جي آخري پوسٽ ڪئپٽن يا چيف انجنيئر تي پهچڻ بعد ڪيترائي شور جاب (ڪناري جون نوڪريون) ملڻ جا موقعا نظر اچن ٿا، انهن مان ڪجهه هن ريت آهن: مئرين اڪيڊمين ۽ ميريٽائيم يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ. ان کان علاوهه دنيا جي هر ملڪ ۾ شپ Management ڪمپنيون آهن، جيڪي جهازن جو انتظام هلائين ٿيون. جهازن جا ڪيترائي ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر هنن ڪمپنين ۾ نوڪري ڪن ٿا. جهازن جي چيف انجنيئرن کي شپ يارڊن، ڪارخانن، فئڪٽرين، پاور پلانٽ ۽ فائو اسٽار هوٽلن ۾ به نوڪري ملي ٿي جو اتي اهي ساڳيون مشينون، بئالر، جنريٽر، پمپ ۽ ايئر ڪنڊيشن پلانٽ آهن، جيڪي جهازن تي آهن ۽ جهازن جا مئرين انجنيئر نه فقط ٿيوري ۾ پر پرئڪٽيڪل ڪم جا به ڄاڻو ٿين ٿا جو هو سمنڊ تي اڪيلي سر ۽ ڏکين حالتن ۾ مشينن کي ٺيڪ ڪرڻ جا عادي آهن. جهازن جا ڪئپٽن بندرگاهه ۾ پائلٽ به ٿي ڪم ڪن ٿا. هر بندرگاهه ۾ اٺ ڏهه جهازن جا ڪئپٽن ’پائلٽ‘ طور رکيا وڃن ٿا، جن کي بندرگاهه جي تفصيل سان ڄاڻ ڏني وڃي ٿي ۽ هر ملڪي ۽ غير ملڪي جهاز کي بندرگاهه ۾ سلامتي سان اندر وٺي اچڻ ۽ ٻاهر ڪڍڻ پائلٽن جو ڪم آهي. هر بندرگاهه کي بندرگاهه وارو رستو (Channel) آمدرفت لاءِ ويڪرو ۽ اونهو ڪرڻ لاءِ ڊريزر جهاز ٿين ٿا، ان کان علاوه بندرگاهه ۾ ايندڙ جهازن کي ڌڪو ڏئي جيٽي سان لڳائڻ يا ڇڪڻ لاءِ طاقتور ٽگ بوٽس ۽ پائلٽ بوٽ ٿين ٿيون، جيڪي بندرگاهه جي چيف انجنيئر جي حوالي رهن ٿيون ۽ بندرگاهه جو چيف انجنيئر گهڻو ڪري جهازن جو تجربيڪار چيف انجنيئر رکيو وڃي ٿو. ملائيشيا جي نيول اڪيڊمي ۾ ڪناري جي نوڪري کان اڳ مون ڪجهه عرصو ڪويت ۾ انهن جي بندرگاهه جو چيف انجنيئر ٿي پڻ ڪم ڪيو هو.

سوال: مرچنٽ نيوي جي جهازن تي پگهار جي اسڪيل ڇا آهي؟
الطاف: جيئن ته مرچنٽ نيوي جي نوڪري ۾ نه پينشن آهي ۽ نه پراويڊنٽ فنڊ آهي، ان کان علاوه آچر يا عيدن تي به جهاز هلائڻو پوي ٿو، ان ڪري جهاز جي نوڪري جو پگهار عام نوڪرين کان گهڻو ٿئي ٿو. جهاز هلائيندڙ گهٽ ۾ گهٽ معاشي طرح مطمئن محسوس ڪن ٿا. حڪومت پاڪستان طرفان جيڪا ماهوارPay- Scale وزارت بندرگاهه ۽ جهاز راني طرفان هن سال اعلان ڪئي وئي آهي، اها هن ريت آهي:
ڊيڪ ڪئڊٽ/ ٽريني انجنيئر 47 هزار ماهوار
ٿرڊ ميٽ/ فورٿ انجنيئر 2 لکن کان اڍائي لک روپيه
سيڪنڊ ميٽ/ ٿرڊ انجنيئر اڍائي لکن کان ساڍا ٽي لک
چيف آفيسر/ سڪنڊ انجنيئر 4 لکن کان 5 لکن تائين
ڪئپٽن/ چيف انجنيئر ساڍن پنجن کان ست لک روپين تائين.
جهاز تي آفيسرن جي پگهار جو مدار هرسامونڊي سفر ۽ جهاز جي نموني تي به رهي ٿو. تيل کڻندڙ ٽئنڪر جهاز يا ڪيميڪل ۽ گئس کڻندڙ جهازن تي پگهار عام جهازن کان گهڻو آهي جو ان ۾ وڌيڪ خبرداري ڪرڻي پوي ٿي ۽ زندگي جو جوکو گهڻو آهي. اهي جهاز جيڪي ڊگهو سفر ڪن ٿا، انهن تي به پگهار وڌيڪ ٿيو وڃي جو جهاز هلائڻ واري کي سمنڊ جو الائونس پڻ ملي ٿو، جيڪو بندرگاهه وارن ڏينهن ۾ نٿو ملي.

سوال: پاڪستان مئرين اڪيڊمي جي ويب سائيٽ ڇا آهي؟
الطاف: www.marineacademy.edu.pk

سوال: مئرين اڪيڊمي ۾ داخلا وٺڻ وقت اميدوار جي عمر ڪيتري هجڻ کپي.
الطاف: چونڊ ۾ حصو وٺڻ واري سال هو ان سال جي 31 ڊسمبر تي، 20 سالن کان ننڍو هجڻ کپي. ان کان هڪ ڏينهن وڏي عمر وارو به Reject ڪيو وڃي ٿو. هن چونڊ لاءِ درخواستي فارم مٿي ٻڌايل ويب سائيٽ تان به ڊائون لوڊ ڪري سگهجن ٿا.

سوال: G.P ٽريننگ جيڪا سيمينس ٽريننگ سينٽر ۾ ڏني وڃي ٿي، اها ڇا آهي.
الطاف: جهاز تي خلاصيءَ جو ڪم ڪندڙ کي G.P سڏجي ٿو.
اڄ کان 20 سال کن اڳ تائين جهاز جي انجڻ روم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ خلاصي الڳ هوندا هئا، جيڪي تيل وارا، آڳ وارا وغيره سڏبا هئا ۽ جهاز جي ڊيڪ تي رسا ڇڪڻ، رنگ هڻڻ، صفائي ڪرڻ وارا الڳ هوندا هئا، جيڪي، سي مين، خلاصي ۽ سکاڻي سڏبا هئا. انهن جي چونڊ لاءِ ڪوبه قاعدو قانون نه هو. ضرورت وقت هر صحتمند کي خلاصي طور انجڻ روم يا ڊيڪ جي ڪم لاءِ رکيو ويندو هو. پر هاڻ بين الاقوامي سامونڊي قانون موجب هڪ ته جهاز تي ڪم ڪندڙ هر ماڻهوءَ کي ڪجهه بنيادي ۽ اهم ڪورس ڪرڻا آهن، جيئن ته فائر فائيٽنگ، فرسٽ ايڊ،Survival at Sea وغيره ۽ ٻيو ته هنن کي انجڻ روم يا ڊيڪ مان فقط هڪ تي ڪم ڪرڻ بدران ٻنهي هنڌن تي ڪرڻو پوي ٿو ۽ هي خلاصي يا تيل وارا سڏجڻ بدران G.P يعني ’جنرل پرپز ڪم ڪرڻ وارا‘ سڏجن ٿا. سي مينس ٽريننگ سينٽر مان ٽن مهينن جي ٽريننگ ۽ مٿيان ڪورس ڪرڻ بعد امتحان ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوار GP-3 (جي پي ٿري) سڏجن ٿا. پوءِ جهاز تي صحيح طرح سال ڏيڍ نوڪري ڪرڻ بعد هنن جي ترقي ٿئي ٿي ۽ هو GP-2 سڏجن ٿا. ان ريت سال ٻه وڌيڪ نوڪري ڪرڻ بعد هوGP-1 سڏجن ٿا. ’جي پي ون‘ جيڪڏهن پاڻ ۾ اهليت سمجهي ته هو اڪيڊمي جي ڪئڊٽن وارو ڪورس ڪري ڪئڊٽ آفيسر به ٿي سگهي ٿو ۽ هو اڳتي هلي جهاز جو ڪئپٽن به ٿي سگهي ٿو، پر اهڙو ڪيس ڪو ورلي نظر اچي ٿو، جنهن ۾ ڪو GP ڪئپٽن ٿيو هجي. ڇو جو هو جيڪڏهن اهڙو قابل، ذهين ۽ محنتي هجي ها ته مئٽرڪ بعد GP ٿيڻ بدران انٽر بعد ڪئڊٽن جي چونڊ ۾ اچي ها.

سوال: GP ڪورس ڪرڻ وارن لاءِ نوڪري ملڻ جا ڇا موقعا آهن؟
الطاف: جهاز تي جيترا جهاز هلائڻ وارا انجنيئر ۽ نيويگيٽر ٿين ٿا، تقريباً اوترائي GP ٿين ٿا، پر جيئن ته GP ٿيڻ لاءِ ٽن مهينن جو ڪورس آهي سو هر سال سوين نوجوان GP3 ٿين ٿا، پر جهازن تان هر سال پنج ڇهه GP موڪل ڪن ٿا، انهن جي جاءِ تي اوترن کي نوڪري ملي ٿي. جهاز جي مالڪ توڙي جهاز هلائڻ وارن جي اها خواهش هوندي آهي ته GP1 (جي پي ون) رکجي، جنهن کي ڪم جو تجربو آهي ۽ سمنڊ تي ڏکئي وقت ۾ مدد ڪري سگهي ٿو. نتيجي ۾ نئين گريجوئيٽ GP3 لاءِ ڪنهن جهاز تي نوڪري حاصل ڪرڻ مشڪل ٿيو پوي. ڌارين ملڪن جي جهازن تي ضرورت پوي ٿي ته اهي به پهرينGP1 کي نوڪري ڏين ٿا ۽ پوءِ GP2 کي.

سوال: جهاز جو چيف انجنيئر ۽ مئرين انجنيئرنگ جو هيڊ هجڻ جي حوالي سان توهان جي انهن نوجوانن لاءِ ڇا نصيحت رهندي، جيڪي سامونڊي نوڪري جو شوق رکن ٿا.
الطاف: منهنجي خيال ۾ اهو نوجوان جيڪو جهاز تي آفيسر (مئرين انجنيئر يا نيويگيٽر) ٿيڻ چاهي ٿو، ان لاءِ ڏهين ڪلاس (مئٽرڪ) کان ٻارهين ڪلاس (انٽر) تائين جا ٽي سال بيحد اهم آهن. هن کي گهرجي ته اجايو وقت وڃائڻ بدران انگريزي، مئٿس، فزڪس، ڪيمسٽري ۽ ڪمپيوٽر جهڙن سبجيڪٽن ۾ چڱي طرح ڄاڻ حاصل ڪري. هن کي کپي ته پنهنجي صحت جو خيال رکي. گهڻو کائي ٿلهو ٿيڻ بعد ڊوڙ ڊڪ ۽ راندين ۾ حصو وٺي، صبح جو سوير اٿڻ جي ۽ محنت ڪرڻ جي پاڻ ۾ عادت وجهي. سمنڊ تي مشڪل کي منهن ڏيڻ لاءِ چست جسم ۽ ذهن ضروري آهي. پڙهائي کان هو ڪئپٽن يا چيف انجنيئر ٿيڻ تائين بچي نٿو سگهي، ڇو جو هن فيلڊ ۾ هر پروموشن لاءِ بين الاقوامي امتحان پاس ڪرڻ ضروري آهن. ان ڪري هن نوڪريءَ ۾ اهو ئي ڪامياب رهي سگهي ٿو، جنهن کي پڙهائي سان شوق آهي ۽ جيڪو جسماني ۽ ذهني طرح مظبوط آهي. هن نوڪريءَ جي شوق رکڻ واري لاءِ اهو ضروري آهي ته هو پنهنجي ذهن ۾ رکي ته هن نوڪريءَ ۾ سخت ذهني ۽ جسماني پورهيو آهي. اڪيڊمي پهچڻ سان اسان کي جيڪا پهرين ڳالهه ٻڌائي وئي هئي، اها هيءَ هئي ته:
Sea life is not a bed of roses.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*