مکيه صفحو / انٽرويوز / لوڪ ميگزين لاءِ انٽرويو

لوڪ ميگزين لاءِ انٽرويو

سوال ؛ سنڌي سفرنامن جو ذڪر ايندي الطاف شيخ جو نالو سامهون اچي ٿو، توهان ڪيئن ٿا محسوس ڪريو؟
جواب؛ منهنجي لاءِ خوشي ۽ همت افزائي جي ڳالهه آهي ته هن مشغول دور ۾ جڏهن چؤڌاري انيڪ ٽي وي چئنل، ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ، وڊيو گيمس، اسپورٽس ۽ ٻيون وندر جون شيون موجود آهن ته اهڙي حالت ۾ ڪو منهنجون لکڻيون پڙهڻ لاء وقت ڪڍي ٿو ۽ پسند ڪري ٿو ته اها منهنجي ڪاميابي آهي ــــ يعني سفرناما لکڻ پويان منهنجو وقت ضايع نه پر سڦل پيو گذري .
سوال ؛ هيترو لکڻ جي موٽ ۾ توهان کي ڪهڙو فائدو مليو آهي ؟
جواب؛ جيڪڏهن ان فائدي مان توهان جو مطلب پيسو آهي يعني Monetary Benefits ته ڪجهه به نه. ڇو ته منهنجي طرفان هرهڪ کي اجازت آهي ته منهنجون لکڻيون ڪتابي صورت ۾ ڇپي سگھي ٿو. منهنجي طرفان ڪنهن قسم جي معاوضي (Royalty) جي گهُر ناهي بلڪ پنهنجي پڙهڻ لاءِ پنهنجو ڪتاب به آئون پنهنجا پئسا ڏيئي بڪ اسٽال تان وٺان ٿو. هتي توهان جي ان سوال جو فائدو وٺي پنهنجن دوستن جي معلومات لاءِ اهو ٻُڌائڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن ڪنهن کي آئون پنهنجو ڪو ڪتاب تحفو ڏيان ٿو ته آئون پنهنجي کيسي مان خرچ ڪريان ٿو ۽ جيڪڏهن نٿو ڏيان ته دل ۾ نه ڪرڻ کپي، جو ڪتابن جي قيمت ڳري ٿيڻ ڪري افورڊ نٿو ڪري سگهان.
ساڳي وقت اهو به واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته پبلشر کان رائلٽي نه وٺي آئون ڪو هن تي ٿورو نٿو ڪريان، بلڪ هو جي منهنجو ڪتاب ڇپين ٿا ته هنن جو پاڻ تي ٿورو سمجھان ٿو. جن ماڻهن کي پبلشنگ جو تجربو نه آهي، انهن لاء عرض ڪريان ته جيتوڻيڪ ڪتاب ڇپائڻ (۽ ساڳئي وقت ڪو رسالو پڻُ) آسان ڪم آهي. پاڻ يا ڪنهن کان اوڌر وٺي هر ڪو ڪتاب ڇپائي سگھي ٿو پر مارڪيٽنگ ڪرڻ ــ يعني مختلف شهرن جي بڪ اسٽالن تي ڪتاب پهچائڻ ۽ انهن کان حساب ڪتاب وٺڻ، بيحد مشڪل ڪم آهي. جنهن لاء ڪتاب ڇپيندڙ کي ــ چاهي نيوفيلڊس وارا هُجن، روشني پبليڪيشن وارا يا سنڌيڪا وارا، هنن کي وڏي محنت ڪرڻي پوي ٿي.
هونءَ پئسي کان علاوه پڙهندڙ جو جيڪو خلوص ملي ٿو اهوئي وڏي ڳالهه آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه، لکڻ منهنجي مجبوري، هابي ۽ پاسٽائم آهي، جنهن بنا رهي نٿو سگهان .
سوال : سفرنامن جي حوالي سان توهان کي ڪهڙن اديبن متاثر ڪيو ۽ انهيءَ جو ڪو خاص سبب؟
جواب : زندگي ۾ مون هڪڙا اهي ڪتاب پڙهيا جيڪي پسند جا هئا، يعني پڙهڻ لاءِ لئبررين مان چونڊي کڻڻ يا دڪانن تان خريد ڪرڻ، وغيره. ٻيا اهڙا به، جيڪي مجبوري جي حالت ۾ جهڙا به مليا ته وقت پاس ڪرڻ لاءِ پڙهڻا پيا، جيئن ماڻهو جيل ۾ پڙهندو آهي. جهاز هلائڻ دوران ڊگهن سفرن ۾، مثال طور چين کان ڪئناڊا ويندي چاليهه ڏينهن، ڪراچي کان ڪيوبا، اٺاويهه ڏينهن، ناروي کان ڪيپ ٽائون ويهه ڏينهن، لڳاتار سمنڊ تي گُذارڻ لاءِ جهاز جي لئبريري ۾ جيڪي ڪتاب هوندا هئا، يا ٻين جهازي دوستن وٽ هوندا هُئا، اهي وقت پاس ڪرڻ لاء پڙهبا هئا ـــ هڪ دفعي ته عمران سيريز ۽ ابن سفي جو جاسوسي ناول به پڙهڻ جي ڪوشش ڪيم. پراڻين سنڌي اخبارن جا اشتهار، اگهوتري، ڌيان طلب، خيرات جي ماني جون دعوتون ۽ ڪئسيٽين جا اشتهار به پڙهيا هوندم. هونءَ سفرنامي جو هر ڪتاب وڏي شوق سان پڙهان ٿو. چاهي کڻي ڪنهن ٻار ليکڪ جو هجي يا کڻي اهڙي ملڪ جو هجي جنهن ۾ منهنجي گهڻي رهائش ٿي هجي ۽ آئون ا ن کان چـڱيءَ ريت واقف هجان. بهرحال سنڌي ۾ تنوير عباسي، آغا سليم، مشتاق باگاڻي، ماهتاب محبوب، سليم قريشي، عبد الحي پليجي، عنايت بلوچ، لعل جوڻيجو، هري موٽواڻي، لوڪرام ڏوڏيجا، ريٽا شاهاڻي، ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻي، موتي پرڪاش، بدر ابڙي، غلام مصطفي شاه صاحب ۽ قاضي عبدالمجيد عابد صاحب جن جا ڪجھه نالا آهن، جيڪي هن وقت منهنجي ڌيان ۾ اچي رهيا آهن. انهن صاحبن تمام سٺا ۽ دلچسپ سفرناما لکيا آهن.
سوال : سفرنامي کي ادب ۾ ڪهڙي حيثيت آهي؟
جواب : هن قسم جو سوال، يا ”سنڌي سفرنامي جو مستقبل ڪيئن ٿا ڏسو“ جهڙا سوال، گذريل مهيني وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت سان جڏهن مون کي ممبئي جي مئرين اڪيڊمي ۽ ممبئي يونيورسٽيءَ وارن گهرايو هو ته اتي جي شاگردن پڻ ڪيا هئا. ۽ هتي پاڪستان ۾ پڻُ اهو سوچي ته آءٌ سفرناما لکان ٿو، مون کان اڪثر ڪيا وڃن ٿا. ڳالهه اِها آهي تـ آئون ڪو سنڌي ادب يا زبان جو شاگرد، ڄاڻو يا محقق نه آهيان ــ توهان مون کان ان قسم جي سوالن بدران پڇندائو ته ڊيزل انجن، ٽربائين يا اسٽيم انجن جي جهاز جي Propulsion (جهاز کي هلائڻ) ۾ ڪهڙي حيثيت آهي؟ يا سلزر يا متسوبشي مئرين انجن جو مستقبل ڇا آهي ته ان جو ته جواب آئون ٺيڪ ڏيئي سگهان ٿو جو مون زندگي مئرين انجنيئرنگ ــ جهاز هلائڻ جي انجڻن ۽ ان جي ٽيڪنالاجي سکڻ ۾، جهاز هلائڻ ۾ ۽ اهو ئي هنر ۽ سائنس دنيا جي مختلف نيول تعليمي گاهن ۾ پڙهائڻ ۾ گذاري آهي. باقي سفرناما لکڻ ته هڪ حادثو کڻي چئجي ــ يعني ان لاء مون ڪو علم حاصل نه ڪيو آهي، نه پلاننگ تحت لکڻ شروع ڪيو ۽ نه ڪو بار يا جوابداري سمجهيم. بس جهاز جي ڊگھن سفرن تي سمنڊ تي اڪيلا ڏينهن ۽ راتيون گذارڻ لاءِ جهاز جي هر ماڻهوءَ کي ڪو وقت گُذاري لاءِ ڪم کپي ــ پوء ڪو پتي راند کيڏي هانگ ڪانگ کان نيويارڪ تائين جا 35 ڏينهن سمنڊ تي گُذاري ٿو ته ڪو ٽوڪيو کان وئنڪوئر تائين جا پئسفڪ سمنڊ وارا 15 کن ڏينهن چُڪو پي ننڊ ۾ گذاري ٿو. مون ملڪ ملڪ، ٻيٽ ٻيٽ، سمنڊ سمنڊ جا قصا ۽ ڪهاڻيون لکڻ ۾ وقت گُذارڻ شروع ڪيو. قاضي عبدالمجيد عابد، سراج ميمڻ، جان محمد نونارني، عبدالشڪور منشي جهڙن اخبارن ۽ رسالن جي ايڊيٽرن، منهنجي همت افزائي ڪئي ۽ لکڻ لاءِ چيو، پڙهندڙن سُٺي موٽ ڏني ــ مون کي خوشي ٿي ۽ ائين وقت گذارڻ کي سڦل سمجهڻ لڳس. منهنجي ڪا لکڻي يا سفرنامو، جيڪو وقت پاس ڪرڻ لاءِ لکيم اهو جيڪڏهن ڪنهن کي پسند آهي يا ان جي ڪا ادبي حيثيت آهي يا اهو ادبي معيار تي قبول ڪيو ويو آهي تـه اها منهنجي خوشنصيبي چئبي. سٺ کن ڪتاب لکڻ جي باوجود پاڻ کي خوشفهمي ۾ مبتلا نٿو رکڻ چاهيان، جو هڪ ته هر شيءِ جو زوال به اچي ٿو، ان کان علاوه هر ڳالهه، آرٽ، لکڻيءَ جو ٽرينڊ به بدلبو رهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هر ڪتاب ڇپجڻ تي پبلشرس کي خبردار ڪندو آهيان ته سوچي سمجھي هي نئون ڪتاب يا پُراڻي جي ٻي ايڊيشن ڇپجوِ متان ڪو خريدار نه ملي ۽ اداري کي نقصان رسي.
سوال : اليڪٽرونڪ ميڊيا ۽ انٽرنيٽ ڪري توهان ڪٿي به هجو ته هاڻ توهان کي پڙهندڙن طرفان فيڊ بئڪ ملي ويندو هوندو ته توهان جي سفرنامن جي حوالي سان مٿاهون مان آهي؟
جواب : اهو کڻي صحيح هجي پر ذهني طرح تي آئون پنهنجو پاڻ کي جهاز هلائڻ وارو مئرين انجنيئر سمجهان ٿو. جي ڪڏهن آئون بنا محنت ۽ اڻڄاڻائيءَ ۾ ماڻهن جي نظرن ۾ پاپولر اديب ٿي پيو آهيان ته منهنجي حيثيت ان مسافر وانگر آهي جنهن جو مثال گذريل سال ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر دوران سنڌي ڊپارٽمنٽ جي اسٽوڊنٽس کي ڏنو هوم.
هڪ جهاز تي ڪئپٽن جي ڌيءَ جهاز مان ڪري پيئي. سمنڊ شارڪ مڇين وارو خطرناڪ هو ۽ ڪنهن به جهازيءَ هيٺ ٽپ ڏيئي ڪيپٽن جي ڌيء کي بچائڻ جي همت نٿي ڪئي. جيسين ڪو رسو يا لائف بئاءِ هٿ ڪري هيٺ اڇلي، تـيسين مسافرن مان هڪ کڻي هيٺ ڇلانگ ڏنو. چوندا آهن ته ٻُڏندڙ کي ڪکَ جو به سهارو. ڪئپٽن جي ڌيءَ جيڪا هاڻ غوطا کائي رهي هُئي، هن مسافر کي چُهٽي وئي. تيسين لائف بئاءِ سميت رسو به اڇلايو ويو ۽ ٻنهي ڄڻن کي مٿي ڇڪيو ويو. مسافر جي مون وانگر واه واه ٿي ويئي. ڪو پيو داد ڏيس تـ ته سٺو تارو چئبين جو ڇوڪريءَ جي جان بچائڻ لاءِ هيڏي اتاهين تان کڻي ٽپُ ڏنئي. ڪو پيو چويس ته وڏو دلير آهين جو شارڪ مڇين کان بي ڊپو ٿي ٻي جي جان بچائڻ لاءِ ٽُٻي هنيئي…. وغيره وغيره. سڀني کيس ٻه اکر ڳالهائڻ لاءِ عرض ڪيو ته اهو ٻُڌاءِ ته تو ۾ ايڏي همٿ ڪهڙي جذبي هيٺ پيدا ٿي.
هن وات ۽ نڪ مان سمنڊ جو پاڻي ڪڍي، ساههُ پَٽي چيو: ”ٻين ڳالهين کي هڻو کڏ ۾، پهرين اهو ٻڌايو ته مون کي جهاز جي ڊيڪ تان سمنڊ ۾ ڌڪو ڪنهن ڏنو؟“
سو ان مسافر وانگر اسان ۾ به نه ايڏي همت هئي نه ڪو سفرنامي لکڻ جو هنر. اٿندي ئي اهڙا جهاز مليا جن جي روٽ ڪراچيءَ کان ڪولمبو يا بئنڪاڪ کان سنگاپور ٻن ٽن ڏينهن جي هجڻ بدران ڏورانهن ڏيهن جي مهيني مهيني جي هُئي. ان ۾ وقت گذارڻ لاء اهو ئي ڪم ـــــ يعني سفرناما لکڻ جو ڪرڻو پيو ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ٿورو گهڻو لکڻ جو ڪم ڪاليج ۽ اڪيڊميءَ ۾، تعليم دوران ئي ڪندو رهيس پئي ۽ ننڍي هوندي کان مطالعي جي عادت هئي. جنهن لاء اڄ به آئون پنهنجن شاگردن کي چوندو آهيان ته هوپاڻ ۾ پڙهڻ جي عادت وجھن. ڇو جو اڪيلائيءَ ۾ ڪتاب وڏو ساٿي آهي.
سوال : پر تنهن هوندي به پڙهندڙ توهان پاران سفرنامي بابت ٻُڌڻ چاهيندا ته اهو ڇا آهي؟
جواب : منهن جي خيال ۾ سفرنامو علم و ادب ۾ اها نثر ي صنف آهي، جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي سير سفر ۽ مشاهدي جو احوال علمي ۽ ادبي انداز ۾ بيان ڪري ٿو. سفرنامو هڪ بياني مشاهدو آهي جنهن ۾ ليکڪ جي سوچن، خيالن ۽ ڄاڻ جي عڪس سان گڏ، شهرن هنڌن ۽ ملڪن جي معلومات، پڙهندڙن کي ملي ٿي. اهڙيءَ ريت علم و ادب جو به واڌارو ٿئي ٿو. بقول پروفيسر پروين موسيٰ ميمڻ جي، سفرنامو صحت مند ادب جي واڌاري ۾ به ڪامياب ڪردار ادا ڪري ٿو.
سفرنامي مان ٻاهرين ملڪن جي رهڻي ڪهڻي ۽ ريتن رسمن سان گڏ تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي ڄاڻ پوي ٿي ۽ اڳيان هلي تاريخ مرتب ڪرڻ ۾ به مدد ملي سگهي ٿي. سفرناما هر ٻوليءَ ۾ لکيا ويا آهن. سفرنامو فڪشن جي ٻين صنفن جي مقابلي ۾ حقيقتن ۽ سچائين کي کولي بيان ڪندڙ بهترين صنف آهي.
سوال : توهان جي خيال ۾ سفرنامي لکڻ جي هيءَ صنف ڪيترو آڳاٽو ٿي سگهي ٿي؟
جواب : منهن جي خيال ۾ پيٽارح (ڄم جو سال 1304 ۽ وفات 1374)، جو وينتاڪس جبل جي چوٽيءَ تي 1336 ۾ چڙهڻ جو دلچسپ احوال سڀ ۾ پراڻو سفرنامو چيو وڃي ٿو. اهڙو ئي جبل تي چڙهڻ جو احوال ميڪالٽ ٽيليمينٽ جو 1430 جو لکيل آهي. ائين ته ابن بطوطه جو سفرنامو به آڳاٽو آهي. ابن بطوطه هڪ مسلمان سياح هو. سندس نالو ابو عبدالله محمد هو. پاڻ 1304 ۾ مراڪش جي شهر طنج ۾ ڄائو. هن ان وقت جي دنيا جو سير ڪيو ۽ پنهنجو سفرنامو قلمبند ڪيو، جيڪو اڄ ڇهه صديون گذرڻ بعد به وڏي شوق سان پڙهيو وڃي ٿو. مارڪو پولو جو تـ انکان به جهونو سفرنامو آهي. مارڪو پولو هڪ يورپي وينس جو رهاڪو هو. پنهنجي پيءُ ۽ چاچي سان گڏ، پنهنجي شهر وينس کان تيرهين صديءَ جي آخر ۾ چين لاءِ نڪتو هو. ترڪي، شام ۽ عراق جهڙن عرب ملڪن مان اُٺَن، گڏهن، ۽ پيرين پنڌ سفر ڪندا ايران افغانستان ۽ اڄُ واري پاڪستان ۾ پهتا. جتان پوء قافلن ذريعي سلڪ روٽ اختيار ڪيائون ۽ وچ ايشيا جي ملڪن مان ٿيندا آخر چين ۽ منگول پهتا جتي ان وقت جي حاڪم قبلائي خان هنن جي وڏي آڌرڀاءُ ڪئي. بهرحال هن سڄي سفر ۽ اتي رهائش جو سربستو احوال مارڪو پولو پنهنجي ڪتاب ”دي بوڪ آف مارڪو پولو” ۾ قلمبند ڪيو آهي. جنهن کي اڄ ڏينهن تائين وڏي شوق سان پڙهيو وڃي ٿو.
سنڌي سفرنامن جي ڪتابن يا طويل مضمونن ۾ جيڪي آڳاٽا آهن، انهن مان ڪجهه هن ريت آهن:
مرزا قليچ بيگ جو ڪتاب ”ڏاڙهياري جبل جو سير“ جيڪو هن 1858 ۾ لکيو. لالچند امرڏنو مل جو 1915 ۾ ڇپيل ”مسافري جو مزو ۽ سير جو رنگ“، 1923 ۾ ڀيرومل جو لکيل ”سنڌ جو سيلاني“ جنهن ۾ سنڌ جي اهم هنڌن، شهرن، درگاهن ۽ ميلن وغيره جو احوال ڏنل آهي. هن 1926 ۾ ”لطيفي سير“ به لکيو. ان کان علاوه پروفيسر نارائڻ داس ملڪاڻي جو ”ڪشمير جو سير“ (1926) ۾ ۽ منوهرداس ڪوڙومل جو ”هند سير“ (1929) ۾، الهبچايو يار محمد سمون جو ”سير ڪوهستان“ (1943)، تيرٿ سانولاڻي جو ڏور مشرق (1943) اوائلي سفرنامن مان آهن.
سوال : توهان شروعاتي سنڌين مان آهيو جڏهن توهان ”جهازراني“ جي هن فيلڊ مئرين انجنيئرنگ ۾ داخل ٿيائو. هڪ سنڌي هجڻ جي ڪري توهان سان ڪهڙو سلوڪ رکيو ويو؟
جواب : مون جڏهن اڄُ کان 45 سال اڳُ، 1963 ۾ ڪيڊٽ ڪاليج مان انٽر ڪري چٽگانگ مشرقي پاڪستان (هاڻ بنگلا ديش) جي مئرين اڪيڊميءَ ۾ داخلا ورتي ته آئون پهريون سنڌي هوس جو مقابلي جو امتحان پاس ڪري پهتو هوس. اها گهڻن لاءِ حيرت جي ڳالهه هئي، جو هن قسم جي ڪئريئر لاء ڪو سنڌي اچي. شروع شروع جي ڏينهن ۾ ڪي سينئر اڻڄاڻائيءَ ۾، چرچي طور يا ٽوڪَ طور چئي به ڏيندا هُئا ته، ” تم سندهي ماڻهو ادهر ڪهان آگيا هي؟“ مون ڪجهه اڪيلائي ۽ پريشاني به محسوس ڪئي ، جو آئون نه فقط اڪيلو سنڌي هوس پر پنهنجي پراڻي ڪاليج جو ڪو غير سنڌي ساٿي به نه هو، پر پوءِ جلدي ئي نه فقط پنهنجن ڪلاس ميٽن تي پر پاڻ کان سينئرن تي به حاوي ٿي ويس. ان ڪري جو آ ئون راندين ۽ پي ٽي پريڊ کان واقف هوس. بلڪ پراڻي ڪاليج جي باسڪيٽ ۽ والي بال ٽيم جو ڪيپٽن هوس. Rowing ۽ Sailing ۾ به جلدي ماهر ٿي ويس. هونئن به قد جي ڊگھي هئڻ جي ڪري مون کي Advantage رهيو ٿي. ان ڪري انٽر هائوس مقابلن ۾ منهنجو مانُ مٿانهون رهيو ٿي ۽ پوءِ سگهو ئي مونکي انهن راندين ۽ Sports جو ڪئپٽن بنايو ويو. ڪجهه ٻيون ڳالهيون جيڪي پڙهندڙن لاءِ ڪارآمد ثابت ٿي سگھن ٿيون ۽ هو پنهنجي ٻارن کي جيڪي پرديس ۾ يا اوپرن هنڌن تي تعليم حاصل ڪن ٿا يا نوڪري ڪن ٿا، گائيڊ ڪري سگهن ٿا: چٽگانگ جي هن اڪيڊمي ۾ اڌ کان وڌيڪ ڪئڊٽ بنگالي ڳالهائڻ وارا هئا. نوڪر چاڪر، بئرا، ڌوٻي هر هڪ بنگالي ڳالهائي ٿي. ٻاهر چٽگانگ يا ڀروارن شهرن سلهٽ، ڍاڪا، جتي به وياسين ٿي اتي بنگالي ڳالهائي وئي ٿي. ان ڪري مون اتي پهچي مهيني اڌ بعد بنگالي سکڻ شُروع ڪئي پر پوري زور شور سان ـــ ڪجھه ڪلاس ميٽن کان ڪجھه بازار مان خريد ڪيل گائيڊ بڪس ذريعي. ان مان اهم فائدو ٿيو ته منهنجو هڪ طرف وقت سٺو گذريو جو ڳوٺن ۾ به هليو ويندو هوس ۽ ڳوٺاڻن سان به Communicate ڪري سگھندو هوس، ۽ ٻئي طرف اڪيڊميءَ جا سڀُ بنگالي منهنجي عزت ڪرڻ لڳا ته آئون ڌاريون ٿي ڪري سندن زبان ۾ نه رڳو ڳالهائي سگھان ٿو پر لکي به سگھان ٿو. اهو ئي ڪم يعني زبان سکڻ جو مون نوڪريءَ دوران ملائيشيا ۽ جپان ۾ به ڪيو. ۽ اڄ پنهنجن جهازي شاگردن کي اهو ئي چوندو آهيان ته ڪنهن به ملڪ ۾ جيڪڏهن توهان کي ٻن سالن کان مٿي رهڻو آهي ته ان ملڪ جي زبان پهرين 3 مهينن اندر ئي سکي وٺو. (۽ مڪاني سياست کان پري رهيو.). ان کان علاوه جنهن سبجيڪٽ ۾ توهان تعليم حاصل ڪري رهيا آهيو ان ۾ چڱيءَ طرح ڀڙُ ٿيو. منهن جا اڃا اڌ جيترا ڪلاس ميٽ حيات آهن، اهي شاهدي ڏيندا ته جهاز تي پهرين پروموشن جو M.O.T. جو بين الاقوامي امتحان ٿئي ٿو ۽ جيڪو چڱو سخت ٿئي ٿو ان ۾ پهرين Attempt ۾ فقط آئون پاس ٿيس ۽ آئون هميشه پنهنجن ڪلاس ميٽن ۽ جونئر آفيسرن کي جهاز تي به پاڙهيندو رهيو آهيان جيڪو منهنجو شوق به آهي. انڪري هڪ سنڌيءَ جي حيثيت سان آئون ڪنهن کي ناگوار هيس ته به هن منهنجي عزت ڪئي ٿي. ۽ هڪ ٽين ڳالهه جيڪا آئون سٺن شاگردن کي هميشه چوندو آهيان ته فقط ڊاڪٽري يا انجيئري پڙهڻ ڪافي نه آهي، ان سان گڏ ڪجهه ٻيون به شيون سکجن جن مان فائدو ٿي سگھي. مون مئرين انجنيئرنگ کان علاوه هر سال موڪلن ۾ هڪ ته ٽائيپنگ سکي يعني ڏهن ئي آڱرين سان ٻيو آٽوميشن ۽ ڪمپيوٽر جا ڪورس ڪري ورتا. هيءَ 70 جي شروع وارن سالن جي ڳالهه آهي جڏهن اهي ڳالهيون ايترو عام نه هيون. بهرحال ان سان مون کي اهو فائدو ٿيو جو ڪمپني وارن مجبورن مونکي آٽوميشن جي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ نه رڳو جپان موڪليو پر ڪمپني جو پهريون آٽوميٽڪ جهاز جيڪو اسان جي ملڪ جپان کان 1980 ۾ خريد ڪيو، ان کي هلائڻ لاءِ ان جهاز جو چيف انجنئير مون کي مقرر ڪيو. هنن وٽ ڪا ٻي Choice هئي به ڪانه. سو ٿوري محنت سان ڏکين حالتن کي پنهنجي حق ۾ بهتر ڪري سگهجي ٿو. پر ان لاءِ اهو ضروري آهي ته آرام جي زندگي بسر ڪرڻ بدران جدوجهد ڪرڻ ضروري آهي.
سوال : دنيا جي ڪهڙي ادب کي اوهان شاندار سمجهو ٿا؟
جواب : مون فقط سنڌي، اردو ۽ انگريزي جا ڪتاب پڙهيا آهن. جيڪي سهوليت سان حاصل ڪري پئي سگهيس. جپان ۽ ملائيشيا ۾ وڏو عرصو رهڻ ڪري جپاني ۽ ملئي لٽريچر پڙهڻ جو موقعو مليو. ملئي ۾ ته ڪو خاص ادب ناهي ـــ نه نثر ۾ نه نظم ۾. اسان جي سنڌي ادب وانگر آهي، پر تعجب جي ڳالهه اها آهي ته جپاني قوم جنهن کي آئون مڪينيڪل ۽ بنا احساسن واري قوم سمجهندو هوس ان جي ادب مونکي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي. جپان ۾ نثر توڙي نظم ۾ مختلف صنفن جا تمام گهڻا ڪتاب آهن پر آئون سمجهان ٿو دنيا ۾ فارسي زبان ۾ تمام گهڻو ۽ اعلى قسم جو ادب لکيل آهي. مون فقط انگريزي ۾ ترجما پڙهيا آهن پر اهو افسوس اٿم ته ننڍي هوندي جيڪر آپشنل سبجيڪٽ فارسي کڻجي ها ۽ ملائيشيا ۾ نوڪري ڪري ملئي سکڻ بدران ايران ۾ ڪجي ها ۽ فارسيءَ تي عبور حاصل ڪجي ها ته بهتر هو، ڇو جو ڪنهن به ڪتاب کي اصل زبان ۾ پڙهڻ ۾ ٻيو مزو آهي.
سوال : سنڌي ٻوليءَ کي دنيا جي ٻولين ۾ ڪهڙي هنڌ بيهاريو ٿا؟
جواب : اهو سوال سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي لينگويج اٿارٽي يا ان قسم جي ادارن جي صاحبن کان پڇو ته بهتر ٿيندو. شڪر آهي جو نوراحمد ميمڻ، علينواز گهانگهري، فيروز ميمڻ، موهن مدهوش جهڙا ماڻهو هن جهان ۾ آهن جو اسان جي ٻولي پيئي پساهه کڻي .
سوال : سنڌي الڪٽرانڪ ميڊيا، ٻوليءَ کي بگاڙيو آهي يا سنواريو آهي؟
جواب : منهنجي خيال ۾ بهتر بڻايو آهي. گهر گهر تائين پهچايو آهي جنهن لاءِ اسانجي ڪنهن پير، مير، وڏيري نه پر علي قاضي، ڊاڪٽر راڄپر، اسد عابد قاضي، جبار خٽڪ، امداد اوڍي، فقير محمد ڍول ۽ تاج بلوچ جهڙن مسڪين ماڻهن پنهنجي جان ۽ مال تان هٿ کڻي اسان کي سک ۽ معلومات ڏني آهي. نه ته اسانجي سرڪار طرفان PTV تان سنڌي خيراتي پروگرام فقط ڪلاڪ لاءِ هلندو هو.
سوال : توهان جا ڪيترا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن؟
جواب : آمريڪا جي ٻن سفرنامن ”نيو هالا کان نيويارڪ“ ۽ ”ڳوٺ بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور“ ڪتاب ڇپجڻ تي 65 ٿيا آهن ۽ آمريڪا جو ٽيون ڪتاب ”آمريڪا ڙي آمريڪا“ ۽ ايران جو سفرنامو “ ايران جو سفرنامو” روشني پبليڪيشن وٽ ڇچائيءَ هيٺ آهي، جن کي ملائي 67 ٿيندا.
سوال : اڄڪلهه ڇا لکي رهيا آهيو؟
جواب : گذريل مهيني پوني (انڊيا) ۾ ساڌو واسواڻي مشن جي 90 سالا جشن ۾ هڪ سيمينار ٿيو هو ان ۾ پيپر پڙهڻ ۽ ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ وزٽينگ پروفيسر جي حيثيت سان ليڪچر ڏيڻ لاءِ ويو هوس. اتي جو احوال لکي رهيو آهيان.
سوال : توهان جي ڪهڙي سفرنامي کي وڌيڪ پذيرائي ملي آهي؟
جواب : ان جو صحيح جواب ته پبلشرس ئي ڏيئي سگهن ٿا پر حج واري سفرنامي ”ڀلي پار تان ڀيرو“ جون مختلف پبلشرس طرفان چار پنج ڇاپا نڪرڻ ڪري لڳي ٿو ته اهو وڌيڪ پسند ڪيو ويو آهي. ان بعد ٻئي نمبر تي ملائيشيا *، جپان ۽ آمريڪا جا سفرناما وڌيڪ ڇپيا آهن.
سوال : توهان زندگي هاڻ ڪٿي بسر ڪري رهيا آهيو؟
جواب : اڄڪلهه آئون نوڪري ۽ گهرو جوابدارين کان آزاد آهيان. انڪري ڪڏهن ڪٿي رهان ٿو ڪڏهن ڪٿي. گهڻو وقت ملائيشيا ۾ گذاريان ٿو. هونئن به منهنجي زندگي جو وڏو عرصو ملائيشيا ۾ گذريو آهي. 10 سال کن ملائيشيا جي بندرگاهن ۾ جهاز وٺي ويندو رهيس ۽ اهڙو ٻيو ڏهاڪو کن سال ملائيشيا جي مئريٽائيم اڪيڊمي ۽ مختلف ٽيڪنيڪل ڪاليجن ۾ پڙهايم. منهنجا ٻار به اتان ئي پڙهيا. ملائيشيا حڪومت طرفان سول ايوارڊ به مليل اٿم ۽ ملائيشيا جو تقريباً هر جهازي منهنجو شاگرد آهي. پاڪستان ۾ اچڻ تي گهڻو وقت ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ گذري ٿو جتي منهنجا گهڻي کان گھڻا پيٽارو جا ساٿي رهن ٿا.
سوال : توهان تعليم ڪٿان ڪٿان حاصل ڪئي؟
جواب : بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ”مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول“ مان وٺڻ بعد اٺين کان انٽر تائين ڪئڊٽ ڪاليج ۾ پڙهيس جيڪو پهريان ٻه سال عارضي طور ميرپور خاص جي شاهه لطيف ڪاليج جي بلڊنگ ۾ هو. ان بعد 1960 ڌاري پيٽارو شفٽ ٿي آياسين. ميرين انجينيئرنگ (پاڻيءَ جا جهاز هلائڻ جي انجنيئري) چٽگانگ ۾ ،جيڪو هاڻ بنگلاديش جو شهر آهي، پڙهيس ۽ ساڳئي سبجيڪٽ ۾ پوسٽ گريجوئيشن مالمو (سئيڊن) جي ورلڊ ميريٽائيم يونيورسٽي مان ڪيم. ان کان علاوه ننڍا ننڍا سرٽيفڪيٽ ۽ ڊپلوما ڪورس جپان، ناروي، انگلينڊ ۽ ڊينمارڪ مان ضرورت مطابق جهازران ڪمپني ڪرائيندي رهي يا وري سئيڊن جي يونيورسٽيءَ وارا يا ملائيشيا وارا (جتي 8 سال کن مون ڪناري جي نوڪري ڪئي) ڪرائيندا رهيا.
سوال : هاڻ توهان کان ڪجهه ذاتي سوال پڇي سگهون ٿا؟: توهان شادي ڪٿان ڪئي؟
جواب : ڀلي پُڇو. ڇو ته اهو هڪ اهڙو سوال آهي جو ڪيترائي پڙهندڙ پڇن ٿا. مون سڄي عمر ٻاهر گذاري آهي ۽ ٻار مونسان گڏ جهازن تي يا مختلف ملڪن ۾ رهيا آهن. ويتر منهنجي زال جي نالي ”مسطورا“ مان پڙهندڙ اهوئي سمجهندا آهن ته مون ڪنهن ڌارئين ملڪ مان شادي ڪئي آهي. منهنجي زال دادوءَ جي گهلو ذات جي آهي. هوءَ منهنجي ٻيو نمبر ماسيءَ جي ڌيءَ ٿئي. اسان جا ناناڻا حيدرآباد جا سومرا آهن.
سوال : توهان کي اولاد ڪهڙو آهي ۽ ڇا ٿو ڪري؟
جواب : مونکي ٻه ڌيئون آهن: مريم جيجل ۽ مارئي عطيه. ٻئي پنهنجن گھرن ۾ رهن ٿيون. هڪڙيءَ جو مڙس مشتاق ميمڻ يونائيٽيڊ نئشن ۾ آهي ۽ 12 سالن کان هو جپان ۾ رهن ٿا ۽ ٻيءَ جو مڙس ثُمير وسطڙو نيو جرسي ۾ بزنيس سنڀالي ٿو. ٻئي منهن جا ڀاڻيجا پڻ ٿين.
سوال : توهان ٻن قسمن جي نوڪري ڪئي: جهاز هلائڻ ۽ ٽيچنگ، ڪهڙي وڌيڪ بهتر لڳي؟
جواب : شاديءَ کان پوءِ به ٻار 10 سال کن مونسان گڏُ جهاز تي ئي رهيا پر پوء سندن پڙهائيءَ ڪري مونکي جهاز هلائڻ واري نوڪري ڇڏڻي پئي ۽ ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ اچي رهي پيس، جتي هنن نئين نئين مئريٽائيم اڪيڊمي کولي هئي. ان کان علاوه ملائيشيا جي هڪ ٻئي شهر اپوح جي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت سان پڙهائڻ ويندو هوس. منهنجي لاءِ ٻئي نوڪريون پسند جون رهيون.
سوال : توهان جا ڪيڊٽ ڪاليج وارا دوست هن وقت ڇا پيا ڪن؟
جواب : آئون ۽ منهنجا ڪلاس ميٽ هن وقت 64 سالن جا آهيون يعني نه فقط اسان جي بئچ پر اسان کان پوء وارين ٽن بئچن جا ساٿي به رٽائرڊ ٿي چُڪا آهن. پوءِ ڪي مون وانگر آرام پيا ڪن. شوڪت جماڻيءَ جهڙا بزنيس ۾ بزي آهن، لياقت جهڙا سياست جو شُغل پيا فرمائين، غلام حسين چانڊيو، عبدالجبار عباسي، ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي، قاسم لاشاري حيدرآباد ۾ آهن. ممتاز حق، خالد ليا، ممتاز شاهه، هاشم غازي ۽ بلال حيدر پنج ئي ڄڻا اڃا PIA جا جهاز پيا هلائين جو پائليٽن جي کوٽ آهي. ائڊمرل فاروق رشيد بحريه يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ٿيو آهي. جنرل ايس.پي شاهد ڪا NGO پيو هلائي، ڪئپٽن رشيد، ڪئپٽن بشير وسطڙو، ڪمانڊر نجم انصاري جهازراني سان واسطيدار ڪم پيا ڪن، عاشق شاهه ۽ محبوب عالم انصاري جيڪي سنڌ گورنمينٽ ۾ سيڪريٽري هئا هاڻ KTN چئنل ڏسندا آهن. ائڊمرل اظهر حسين ۽ ائڊمرل انيس بحريه فائونڊيشن جا اسڪول پيا هلائين. ائڊمرل بخت علي جُماڻي به بحريه يونيورسٽيءَ سان وابسطه آهي. رفيع ڪاڇيلو، تاج بگٽي، ڊي آئي جي محسن پنهور، نصير قاضي، شفيق چنا ۽ ٻيا ڪيترا پيارا ساٿي الله کي پيارا ٿي ويا. ڪي وري ملڪ کان ٻاهر رهن ٿا ـــ بهرحال ڪي انگلستان هليا ويا ته ڪي عربستان ته ڪي قبرستان. ڪو وقت هو ڪلاس ميٽ جو فون ايندو هو ته هو پنهنجي يا ٻئي ڪنهن جي ڪنهن ڪاليج يا يونيورسٽي ۾ داخلا جي خوشخبري ٻڌائيندو هو. ان بعد نوڪريءَ جي ٿي. ان بعد شادي جي ته فلاڻي جي فلاڻي ڏينهن شادي آهي. دعوت ڏني اٿس ضرور اچجو. پوءِ ٻارن جي شادين جي دعوتن جا فون ايندا هئا. هاڻ ته سڀ پوٽن ڏهٽن وارا ٿي ويا آهيون. هاڻ ڪنهن جو فون ٿو اچي ته بقول اقبال جُماڻيءَ جي، ڏڪيو وڃجي ته ڪنهن ڪاليجي ساٿي جي وفات جو نه هُجي ته عصر نماز تي فلاڻي قبرستان ۾ دفن ڪري رهيا آهيونس. ڪو وقت هو ڪاليج واري، سيٽي وڄندي هئي ته رڳو جاگر پائي راند جي ميدان تي فوٽ بال مئچ کيڏڻ لاءِ پهچي ويندا هئاسين. هاڻ ٻاهر نڪرڻ لاءِ عينڪ ڳولهڻي ٿي پوي، نقلي ڏند وجھڻا ٿا پون ۽ ڪيترن کي ته Hearing Aid کڻڻو پوي ٿو ۽ پوءِ به آچر بازار پهچي خبر ٿي پوي ته ويجهي نظر جو چشمو ته گھر رهجي ويو. شين تي لڳل قيمتن جو اسٽيڪر ڪيئن پڙهجي. ٽيهه چاليهه سال اڳ جو يورپ ياد اچي ويندو آهي، جڏهن اسان ڇيڳرا جوان هئاسين، پنهنجي مستيءَ ۾ اتي جي ڊپارٽمينٽ اسٽور ۾ شاپنگ دوران ڪا نه ڪا پوڙهي انگريزياڻي کڻي ڪا شيءِ اڳيان ڪندي هُئي ته پُٽ هن جي قيمت پڙهي ٻُڌاءِ. ۽ هاڻ اسان انهن پوڙهين کان به چٽ ٿي ويا آهيون. پر اهو به شڪر آهي جو پنهنجي همت سان پيا هلون. بقول شوڪت جماڻيءَ جي ڪيترن جي ته ديد به نٿي پوي.
سوال : سنڌي والدين کي اولاد کي ڪيڊٽ ڪاليج ۾ پڙهائڻ گهرجي ؟
جواب : مون زندگي جا آخري ويهه سال فل ٽائيم ٽيچنگ ۾ گذاريا آهن ۽ ان نتيجي تي پهتو آهيان ته ڪنهن ناليري ڪاليج کان وڌيڪ والدين جو اولاد مٿان ڌيان ڏيڻ وڍيڪ ضروري آهي. ٻار تي نظر رکجي ته هو پنهنجي ٽائيم کي صحيح طرح استعمال ڪري پيو يا نه. يعني پڙهائي ڪري پيو يا نه. ان کان علاوه هن ۾ محنت جي عادت وجهجي. جيڪڏهن ڪن سببن ڪري ڪجھه ڏينهن لاءِ اسڪول بند آهي ته سٺي شاگرد جو ڪم آهي ته هيڏانهن هوڏانهن رُلڻ بدران اهي ڏينهن گهر ويهي پڙهي. پر اسان وٽ مائٽ سڄو ڏوهه اسڪول ۽ ماسترن تي مڙهين ٿا. پيٽارو جهڙو اسڪول، جنهن ۾ توهان چونڊ ئي هوشيار شاگردن جي ڪريو ٿا ته پوءِ ظاهر آهي اهي نمبر ته کڻندا. پر توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته ڪيترا ذهين ڇوڪرا سٺن ڪاليجن ۾ پهچي به رول ۽ بيڪار ٿيو پون ٿا. ڪجھه پنهنجا اهڙا به ڪلاس ميٽ ۽ ساٿي مونکي ياد اچن ٿا، جن جڏهن ڪئڊٽ ڪاليج ۾ داخلا ورتي ته هو بيحد هوشيار ۽ محنتي هُئا ۽ شروع جي سال ٻه مٿانهين پوزيشن به کنئي، پر پوءِ سنگت جي اثر ۽ والدين جي مٿان نگاهه نه هئڻ ڪري، هو ماڳهين پٺيان رهجي ويا. جيڪڏهن والدين سمجهن ٿا ته هو خود ته آجا تاجا ٿيو پيا هلن پر پنهنجي ڏڏُ، سست ۽ غير جوابدار ٻار کي سٺي ڪاليج ۾ وجھڻ سان هو بورڊ ۾ پوزيشن کڻندا ته اها ناممڪن ڳالهه آهي. ڊاڪٽر حسن ميمڻ، عبدالقدوس علوي، عبدالرحمان ميمڻ مسعود ارباب ۽ منور ارباب جهڙا محنتي ٻار ته هالا جهڙي ڳوٺ جي اسڪول مان به پڙهي وائيس چانسلر ٿي ويا. بهرحال اهو هڪ ڊگھو بحث آهي. ان سلسلي تي ڪجھه مضمون، هڪ ٽيچر جي حيثيت سان اخبار ۾ لکي چُڪو آهيان. هتي فقط ايترو چوندس ته اڄڪلهه سخت مقابلي جو دؤر آهي ڪوبه امتحان نه رڳو پاس ڪجي پر ٽاپ پوزيشن ۾ پاس ڪجي ۽ والدين کي کپي ته ٻار تي ننڍي هوندي کان ڌيان ڏين ۽ هن کي وقت ڏين. اسان وٽ ڪيترن جي گھرن ۾ ڏسجي ٿو ته رات جو ٻارهين هڪ تائين مائرون ويٺيون ٽي وي يا ويڊيو ڏسن ۽ ٻار به پيا جاڳن. پوءِ صبح جو ٻارن کي نوڪر يا نوڪرياڻي ڇڪيو اٿاري. هٿ ۾ سئنڊوچ ڏيو اسڪول بس ۾ چاڙهيو ڇڏي. هو اُٻاسيون ڏيندا اسڪول پهچن ٿا. ۽ اُٻاسيون ڏيندا گھر موٽن ٿا. هنن جو دماغ ڳرو رهي ٿو. هنن کي پڙهائي ڇا سمجھه ۾ ايندي؟ مائرون پاڻ صبح جون ڏهين يارهين تائين ننڊون پوريون ڪري شاپنگ لاءِ هليون وڃن ـــ نه ٻارن کان اسڪول جو احوال پُڇن ۽ نه هن کي هوم ورڪ ڪرائين. پوءِ اسان جا ٻار وڃن روز بروز موڳا ٿيندا. سو منهنجي نظر ۾ ٻار جي بهتريءَ لاءِ اسڪول ۽ ٽيچر کان وڌيڪ ماءُ جو ڌيان ضروري آهي جيڪا پنهنجي ٻار کي و قت ڏئي، هن تي نظر رکي، هن کي سٺو شاگرد ۽ شهري بڻائي.

سوال : توهان ايترولکڻ لاءِ وقت ڪيئن ڪڍو ٿا؟
جواب : اهو سوال واقعي ملين ڊالر وارو آهي. پنهنجي ملڪ جو اهڙو ماحول آهي جو هر هڪ جو شادين مرادين، موتي فوتين جي رسمن رواجن ۽ ڪچهريءَ جي عادتن پٺيان سڄو وقت گذريو وڃي. پر آئون هڪ ته انهن شين کي گهٽ وقت ڏيان ٿو ان ڳالهه تان منهنجا دوست ڏوراپا ڏيئي، ڪاوڙون ڪري، رُسي آخر ۾ وري پرچي ويا. شايد اهو سوچي ته آئون سڄي عمر سُڌري نه سگھيس هاڻ پيريءَ ۾ ڇا سُڌرندس. ڪراچي اچي ويندو آهيان ته به پاڙي ۾ رهندڙ دوستن يا مائٽن کي پنهنجي اچڻ جو هرو ڀرو اطلاع نه ڪندو آهيان جيئن ڪو مونکي ڊسٽرب نه ڪري ۽ آئون لکڻ ۽ پڙهڻ جي شوق پوري ڪرڻ ۾ مگن هجان. سو هڪ ته اهو وقت مونکي مليو وڃي. ان کان علاوه ننڍي هوندي کان ننڊ گھٽ ڪرڻ جي عادت اٿم. چوويهن ڪلاڪن ۾ مون لاءِ پنج يا ڇهه ڪلاڪ تمام گھڻي ننڊ آهي ـــ چاهي پاڪستان هُجي، سمنڊ تي جهاز هُجي يا يورپ جو ڪو ٿڌو ملڪ، آءٌ ننڍپڻ جي عادت مطابق فجر جي نماز کان به گھڻو گھڻو اڳُ اٿيو وڃان ۽ مون لاءِ صبح وارا ڇهه ست ڪلاڪ لکڻ يا انٽرنيٽ تي ويهڻ لاءِ بهترين هوندا آهن. ريڊيو ٻُڌان ٿو جو ٻڌندي لکي سگهان ٿو باقي ٽي وي کان پاسو ڪريان ٿو. رُڳو خاص خاص پروگرام ڏسان. گھر جو ڪم ــ ڀاڄي ڀُتي وٺي اچڻ کان ٻارن کي اسڪول ڇڏي اچڻ، وٺي اچڻ ــ چاهي ڪراچيءَ ۾ هُجان يا ڪنهن ڌاري ملڪ ۾، ته اهي زال ڪري ٿي سو ظاهر آهي ته مونکي پنهنجو شوق پورو ڪرڻ لاءِ تمام گھڻو ٽائيم مليو وڃي. جيستائين نوڪري ۾ هوس ته مون کي فقط ان جو فڪر رهيو ٿي ته ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ٿئي ــ چاهي جهاز هلائڻ جي نوڪري هُجي يا پڙهائڻ جي ــ بهتر کان بهتر طريقي سان Serve ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم ٿي. هاڻ ته ان جو به اونو نه رهيو آهي، ان ڪري اهي ڳالهيون، زندگيءَ جا تجربا ۽ مشاهدا جيڪي پڙهندڙن سان شيئر ڪرڻ تي دل چويم ٿي اهي قلم بند ڪندو رهان ٿو.
سوال : توهان ادبي پروگرامن ۾ گهٽ ايندا آهيو، ان جو ڪهڙوسبب آهي؟
جواب : نه فقط ادبي پر هر قسم جي پروگرام ۾ وڃڻ کان سُست آهيان. هڪ ته وقت تمام گھڻو ضايع ٿو ٿئي. گذريل سال هفتي کن لاءِ ڪراچي آيو هوس ته ماهين هيسباڻي جي شاعريءَ جي ڪتاب جي مهورت ٿي رهي هئي. ٻڌايل وقت تي پهتس ته خبر پيئي ته اڃا ڊيڪوريشن وارا ڪرسيون پيا سجائين. واپس وڃڻ به نه ڏين چي اجهو ٿو پروگرام شروع ٿئي. ٻن ڪلاڪن بعد چيف گئسٽ جي اچڻ تي پروگرام شُروع ٿيو ته مون کي به کڻي اسٽيج تي وهڻ جي عزت بخشيائون. پوءِ ته سائين ڀڄي به نه سگھجي. ماٺ ڪري صبر سان هر هڪ جي تقرير ٻڌڻي پيئي. هيٺ ويٺلن ۾ پوءِ ڪيترائي سُڄاڻا اديب ۽ شاعر ايندا رهيا ۽ ويندا رهيا. آئون اهو ئي دل ۾ سوچيندو رهيس ته اسٽيج تي وهارڻ بدران مون کي آزاد ڇڏين ها ته انهن سُڄاڻڻ ۽ KTN جي آرٽسٽن سان ملي فوٽو ڪڍرائجن ها جيڪي ياد تازي ڪرڻ لاءِ ڪم اچن ها. هونءَ منهنجي خيال ۾ ٿوري کان ٿوري وقت ۾ سڀ کان گھڻي کان گھڻي ماڻهن سان آئون ملان ٿو. ۽ نه فقط اديبن ۽ شاعرن سان پر هر قسم جو ماڻهن سان. زوري زوريءَ اڻ واقف ڪارن سان به ملندو آهيان. پر اهو آهي ته آئون ڊگھي ڪچهري ڪرڻ بدران مختصر حال احوال ڪريان ٿو. ان جو هڪ مثال توهان کي ٻُڌايان ٿو.
سوال : ضرور ٻُڌايو.
جواب : گذريل مهيني انڊيا جي شهر پوني (PUNE) ۾ هوس جتي هفتو کن مختلف سيمينار ۽ فنڪشن هلندا رهيا جتي انڊيا جي سنڌي اديبن ۽ شاعرن سان ملاقات ٿيندي رهي ۽ ماني به اتي سڀني گڏُ کاڌي ٿي. اتي پهرين ڏينهن کان ان شهر جي رهاڪو ۽ مهمان نواز شاعره ۽ ليکڪا ريٽا شاهاڻي پنهنجي گھر ماني جي دعوت ڏيندي رهي ۽ آئون نٽائيندو رهيس. آخري ڏينهن تي نيٺ مون چانهه لاءِ ها ڪئي، جيئن گھڻو وقت وهڻ کان بچي وڃجي. هوءَ ويچاري مون کي گھر يا ڀَر ۾ ڪنهن هوٽل ۾ منهنجي پسند جي ٽِي رُپئي واري ڌوڌ پتي چانهه پيارڻ بدران پُوني ڪلب (جيمخاني) ۾ وٺي هلي جتي پُر تڪلف نموني سان اسٽيورڊ مينو ڪارڊ کڻي اچي، پوءِ چانهه لاءِ گرم پاڻي، کير کنڊ کڄي اچن، ۽ پوءِ وري اسان لاءِ پڪوڙا خاص نموني سان ترجن ۽ آخر ۾ ريٽا کان ان جو خرچُ وٺڻ لاءِ ميمبرشپ وارو ڪارڊُ ”صحي“ لاءِ کڄي اچي…… اٽڪل ٻه ڪلاڪ لڳي ويا ۽ اسان کي ڳالهائڻ لاءِ به ڪجھه نه هُجي ڇو جو جيڪو ڳالهائڻو هو، اهو سڄو هفتو روز سيمينار يا فنڪشن ۾ ملڻ تي ڳالهايوسين پئي. بهرحال چانهه بعد ريٽا کي ڪو خيال ٿيو ته مون پڪوڙا به نه کاڌا سو هوءَ مون تي زور ڀرڻ لڳي ته آئون ڊنر لاءِ هن سان گڏ پُوني جي ”بُوٽ ڪلب“ ۾ هلان. آخر مونکي کيس سمجهائڻو پيو ته آئون هونءَ به ڊنر AVOID ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ ٻيو ته اڄُ آخري ڏينهن آهي ۽ رٿيل پروگرام موجب مونکي پوني جو جھونو علائقو ڏسڻو آهي جيئن پنهنجي سفرنامي ۾ ان جو احوال لکي سگهان.
”آئون به توسان هلان ٿي.“ ريٽا چيو ۽ اسان سندس ئي ڪار ۾ نڪتاسين. پوء جلدي جلدي آئون ان علائقي جا، جتي ڪٿي گاڏي بيهاري تصويرون ڪڍندو رهيس. ڪراچيءَ جي بولٽن مارڪيٽ، کوڙي گارڊن، جھونا مارڪيٽ ۽ جوڙيا بازار جهڙو علائقو هو. هڪ پُراڻي مسجد ۾ به ويس جتي امام ۽ خٿابين سان خبر چار ڪيم. اوسي پاسي ۾ ڪيترائي مندر هُئا جن مان ريٽا جي چُونڊ تي ٻن ٽن ۾ اندر وڃي فوٽو ڪڍيم ۽ انهن جي مختصر تاريخ موجود ٻاوَن کان پڇيم. عيسائين جي هڪ گرجا گھر ۽ ڀَر ۾ ٺهيل مشنري اسڪول ڏٺم جنهن جو ان وقت جو پوڙهو پرنسپال ۽ پادري به اتي موجود هُئا. ريٽا کي ٻُڌايم ته هي پُوني جو اهو علائقو آهي جيڪو ستر سال اڳ پُوني جو مختصر شهر هو جڏهن 1938 ڌاري منهنجو والد (گُل محمد شيخ) هتي رهندو هو ۽ هتي جي ايگري ڪلچر ڪاليج (جيڪو هاڻ يونيورسٽي) سڏجي ٿو، ان مان B.Sc ڪيائين. اسان جلدي جلدي هن يونيورسٽيءَ جو گاڏيءَ ۾ ئي چڪر هنيو. جوڙيا بازار جهڙين سوڙهين گھٽين ۾ پتل جي ٿانوَن جي دڪانن جا فوٽو ڪڍيم. هڪ علائقي ۾ رُڳو بوهري نظر اچي رهيا هُئا. ڪراچيءَ جي نارٿ ناظم آباد جو بلاڪ C جهڙو علائقو ٿي لڳو. انهن جي دڪانن جا فوٽو ڪڍيم ۽ کانئن حال احوال ورتم. هو دائودي فرقي جا هُئا. هڪ علائقي لاءِ ريٽا ٻُڌايو ته اهو Red لائيٽ ايريا آهي. ”آئون اتي به لهندس.“ مون ريٽا کي چيو. مون ڪُجهه ننڍين نيٽين ۽ وڏي عمر جي عورتن سان خبر چار ڪئي. ريٽا کلندي رهي. هڪ پاڙي مان لنگھياسين جتي مُهاڻا ٿي رهيا جن جون عورتون مختلف مڇيون وڪڻي رهيون هيون. مون پُوني جي دريائي مڇين جو هنن کان احوال ورتو ۽ فوٽو ڪڍيا….. اهڙي طرح ٻن ڪلاڪن ۾ مون کي ڪيتريون ئي شيون ڏسڻ جو موقعو مليو ۽ پوءِ جڏهن گھر موٽڻ لاءِ آخري دفعو ريٽا جي ڪار ۾ ويٺس ته اتي هڪ برگر جي دڪاندار کان ٽي برگر وٺي هڪ ريٽا کي ڏنم، هڪ ڊرائيور کي ۽ هڪ آئون کائڻ لڳس. ”هاڻ هنن جا نَوي روپيا کڻي تون ڏجانءِ،“ مون ريٽا کي چيو، ”۽ تنهنجي طرفان سمجھه ته مون ڊنر به کاڌي. اجايو بُوٽ ڪلب ۾ ٻه ڪلاڪ هلي هڪ ٻئي جي شڪل ڏسون ها ۽ مون کي لکڻ لاءِ ٻن صفحن جو مواد مَس ملي ها. هاڻ انهن ٻن ڪلاڪن ۾ ڪيترين ماڻهن سان مليس ۽ ايتريون شيون ڏٺم جو گھٽ ۾ گھٽ ويهه صفحا لکي سگھان ٿو.“ ريٽا منهنجي ان ڳالهه تي کلندي رهي.
هونءَ سچي ڳالهه اها آهي ته ڊگھي ڪچهريءَ کان لنوايان ٿو، چاهي مائٽ مِٽ هُجن يا دوست يار. ڏهه پنڌرهن منٽن بعد بوريت محسوس ڪريان ٿو. ان کان اڪيلو رهڻ يا ڪو ڪتاب پڙهڻ کي وڌيڪ بهتر سمجھان ٿو. بهرحال هي آئون پنهنجون عادتون توهان کي ٻُڌائي رهيو آهيان. منهنجو ڪو مطلب اهو هرگز نه آهي ته اهي ڪي مون ۾ سُٺيون عادتون آهن ۽ توهان به ان کي Follow ڪريو. بلڪ On the contrary سياڻن جو اهو چوڻ آهي ته ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪتاب پڙهڻ کان بهتر ذريعو ماڻهن سان ملڻ آهي.
پر هتي توهان کي اهو به ٻڌائيندو هلان ته ملائيشيا ۾ نوڪري دوران مٿئين ڳالهه جڏهن پنهنجي هم خيال ۽ ماٺيڻي بنگالي دوست چيف انجنيئر فرقان قادر سان ڪيم ته هن ٺهه پهه منهنجي ان ڳالهه کي رد ڪندي وراڻيو: ”اهو پراڻو دور هو جڏهن ماڻهن ميل ملاقاتن ذريعي هڪ ٻئي کان علم ۽ ڄاڻ حاصل ڪئي ٿي. اڄُ جي دؤر ۾ پَل پَل ۽ ملڪ ملڪ جي معلومات اخبارن، ريڊيو ۽ ٽي وي ذريعي پئجيو وڃي. اسان جي ڪچهري هڪ قسم جي Loose Talk ئي وڃي رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان ننڍي کنڊ جا ماڻهو توڙي عرب، اهڙين ڪچهرين بعد هڪ ٻئي سان وڙهي پوءِ محفل مان رُسي اٿون ٿا. ۽ هي ملئي ۽ انڊونيشي ماڻهو، جيڪي هڪ ٻئي سان گھٽ ملن ٿا ۽ گھٽ ڳالهائين ٿا، هميشه پيار محبت سان رهن ٿا.
سوال : اڄڪلهه توهان ڪهڙا ڪتاب پڙهي رهيا آهيو؟
جواب : اڄُڪلهه هڪ ته آئون ذاڪر نائڪ جا ڪتاب پڙهي رهيو آهيان جيڪو Peace چينل تي نظر ايندو آهي. 1990 ڌاري آئون سئيڊن ۾ هوس يا ان کان اڳ جهاز هلائيندو هوس ۽ ڊئنمارڪ پاسي ايندو هوس ته ڪوپن هيگن جي مسجد ۾ ڏکڻ آفريڪا جو هڪ گجراتي عالم احمد ديدات اسلام تي ليڪچر ڏيڻ ايندو هو. انهن ڏينهن ۾ بمبئيءَ جو هي ذاڪر نائيڪ نوجوان ڇوڪرو هو ۽ احمد سان گڏُ واعظ ڪندو هو. پاڻ زبردست يادگيري (Memory) جو مالڪ آهي ۽ جنهن نموني سان قرآن توڙي هندن ۽ پارسين ۽ عيسائين جي مذهبي ڪتابن جا حوالا ڏيندو هو اسان جا مسلمان توڙي Scandinavian ملڪن جا گورا اهي ٻُڌي دنگ رهجي ويندا هُئا. احمد ديدات 2002 ڌاري گُذاري ويو پر وفات کان اڳ هن پنهنجي شاگرد ذاڪر نائيڪ کي هڪ بهترين دائي قرار ڏنو ۽ احمد ديدات کي جڏهن چوندا هُئاسين ته توهان بيحد نيڪ، علم جا ڄاڻو ۽ انسانن کي حق جون ڳالهيون ٻُڌائڻ وارا آهيو ته هو چوندو هو ته ”آئون احمد ديدات آهيان ته ذاڪر نائيڪ ’احمد ديدات پلس‘ آهي ــــ يعني هو مون کان به ٻه رتيون وڌيڪ آهي.“ احمد ديدات جا ليڪچر ٻُڌي ڪيترائي گورا ۽ شيدي يورپين ۽ آمريڪن مسلمان ٿيا جن مان ڪُجهه دائيءَ جو ڪم ڪن ٿا ۽ اڪثر Peace چئنل تي نظر اچن ٿا، جهڙوڪ: عبدالرحيم گرين، بلال فلپ، سليم الامري …… وغيره.
ذاڪر نائيڪ جي ڪتابن کان علاوه ٻيا به جيڪي هٿ چڙهن ٿا پڙهندو رهان ٿو. سنڌي ڪتابن ۾ گذريل مهيني نصرت لاشاري، ايوب خاصخيلي ۽ بشير سيتائيءَ پنهنجا ڪتاب ”سپريان جي ڳالهڙي“، ”آمريڪا جو سفرنامو“ ۽ ”عمر خيام جون رُباعيون“ موڪليا هئا. اهي پڙهيم. ايوب خاصخيليءَ سان منهنجي پاسپورٽ آفيس ۾ پهريون دفعو ملاقات ٿي . هن ڪيترائي ملڪ گھُميا آهن هن کي کپي ته پنهنجن ٻين سفرن جو به احوال لکي.
سوال : ڌارين ٻولين جا ڪهڙا ڪتاب پڙهي رهيا آهيو؟
جواب : گذريل مهيني ڏيڍ ۾ جيڪي انگريزي جا ڪتاب پڙهي سگھيو آهيان انهن ۾ سفرنامي جي نوعيت جا ڪتاب توهان جي دلچسپيءَ لاءِ ٻُڌائيندو هلان جيئن توهان جي رسالي جي پڙهندڙن کي ڪڏهن اهي ڪتاب هٿ اچي وڃن ۽ هنن جي موڊ ٿئي ته ضرور پڙهن.
هڪ ته رڊيارڊ ڪپلنگ جي مضمونن جو مجموعو.From Sea to Sea – Letters of Travels آهي جيڪو اسان ڪاليج جي ڏينهن ۾ به پڙهيو هو. هي ڪپلنگ جي 1889۾ انڊيا کان برما، چين، جپان ۽ پوءِ انگلنڊ کان ٿيندو آمريڪا جي سفر جو احوال آهي. ڪپلنگ انگريز ماءُ پيءُ کي 1965 ۾ بمبئي (برٽش انڊيا) ۾ ڄائو. پاڻ انگريزي زبان جو شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي. سندس گھڻي مشهوري 1894 ۾ لکيل ڪتاب The Jungle Book ڪري ٿي. ان ڪتاب کان علاوه Kim (ناول)، منڊالي ۽ گنگادين (شاعري) ۽ The Man Who Would be King (افسانن) جا ڪتاب پڻُ مشهور آهن. گنگادين جيڪو برٽش آرمي ۾ پخالي هو ۽ هن انگريز جي زندگي بچائي، تي انگريزي فلم پڻ ٺهي چُڪي آهي. ڪپلنگ جي گنگادين واري شاعري جي ڪتاب جي آخري سٽَ you are better man than I am. تمام گھڻي Quote ڪئي وڃي ٿي. ڪپلنگ پهريون انگريز آهي جنهن کي نوبل پرائز 1907 ۾ ملي. پاڻ 1936 ۾ گُذاري ويو. هڪ ٻيو ڪتاب جيڪو توهان کي پڙهڻ لاءِ صلاح ڏيندس، آمريڪن ناول نويس پال ٿيروڪس جو سفرنامو آهي. هن 1975 ۾ چئن مهنن جو هي سفر ايشيا، يورپ، مڊل ايسٽ، انڊيا، ملائيشيا، سنگاپور، ويٽنام، چين ۽ جپان ۾ اتي جي مشهور ريل گاڏين ۾ ڪيو ۽ ان جو دلچسپ احوال قلمبند ڪيو آهي. هن سفرنامي جا ڪُجهه باب هن ريت آهن:
لنڊن کان پئرس
يورپ جي اورينٽ ائڪسپريس
ايران باءِ تهران ائڪسپريس
خيبرميل ٽه لاهور جنڪشن
راڄڌاني ائڪسپريس ٽه ممبئي
دهلي ميل ٽه جئپور
برما باءِ منڊالي ائڪسپريس
اوزورا ائڪسپريس ٽه ڪيوٽو (جپان)
روس باءِ ٽرانس سائبيرين ريلوي ….. وغيره وغيره، ٽيهه کن چيپٽر آهن.
ٽرنيڊاڊ (ويسٽ انڊيز) جي رهاڪو انڊين ليکڪ وي.ايس.نائپال جو 1981 ۾ ڇپيل ڪتاب ”Among the Believers“ (دي اسلامڪ جرني) تڏهن به پڙهيو هوم پر جيئن ته اڄُڪلهه آءٌ ايران جي سفر جو احوال لکي رهيو آهيان سو هن ڪتاب کي هڪ دفعو هينئر وري پڙهيم. هن ڪتاب ۾ نائيپال اسلامي ملڪن جي ڪيل ستن مهنن جي سفر جو احوال لکيو آهي. هو ايران جي شهر قُم ۾ به ڪافي وقت رهيو. ان کان علاوه ڪراچي ۽ ڪوالالمپور به رهيو جتي هو تن ڏينهن جي مشهور ملئي شاگرد انور ابراهيم سان به مليو. جيڪو پوءِ ملائيشيا جو ڊپٽي وزير اعظم به ٿيو. هو ايران ۾ آيت الله خميني سان مليو. هن ڪتاب ۾ هن آيت الله صادق خلخالي جو انٽرويو به ڏنو آهي.
هن ليکڪ کي به نوبل انعام ملي چُڪو آهي. سندس ٻيا به ڪيترائي ڪتاب سفرنامي نموني جا آهن جيئن ته An Area of Darkness جيڪو هن پنهنجي اباڻي وطن انڊيا گھُمڻ بعد لکيو. انڊيا بابت هن ٻيا به ٻه سفرناما لکيا آهن. A Million Mutinies ۽ India: A Wounded Civilization.
هڪ ٻيو دلچسپ سفرنامي نموني جو ڪتاب سفرنامو جنهن جو مون کي ويجھڙائيءَ ۾ پڙهڻ جو موقعو مليو آهي ۽ جنهن کي پڙهڻ لاءِ توهان کي به Suggest ڪندس اهو آهي وليم دالرمپل جو 2002 جو تاريخي سفرنامو: بيگمون، ٺڳُ ۽ سفيد مغل Begums, Thugs and White Mughals . وليم دالرمپل (Dalrymple) 1965 ۾ اسڪاٽ لئنڊ ۾ ڄائو ۽ هو هڪ پاپيولر تاريخ نويس ۽ ليکڪ آهي. هن 18 ۽ 19 صديءَ ۾ جيڪي انگريزن ۽ ڪجھه انڊين جي وچ ۾ جيڪي سٺا تعلقات هُئا انهن جو اظهار ڪيو آهي. هي اهو دؤر هو، وليم مطابق جڏهن برطانيه جي ٽن مردن مان هڪ انڊيا جي عورت سان شادي ڪئي ٿي. هن ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي هڪ انگريز ريزيڊنس ڪئپٽن جيمس ڪرڪ پيٽرڪ جيڪو حيدرآباد دکن ۾ رهيو ٿي، مسلمان ٿيو ۽ خيرالنساءِ جي نالي هڪ مغل شاهي خاندان جي عورت سان شادي ڪئي. کيس ٻه ٻار ٿيا ــ هڪ پُٽ صاحب عالم جنهن جو پوءِ عيسائي نالو ويلم جارج رکيو ويو. ۽ هڪ ڌيءَ صاحب بيگم ڄائي جيڪا پوءِ مذهب بدلائڻ تي عيسائي نالي ”ڪِٽي“ سان سڏجڻ لڳي.
هن ليکڪ وليم دالرمپل جو نَوي جي آخري ڏَهي ۾ پاڪستان جي بڪ اسٽالن تي City of Djinns نالي سان ڪتاب تمام گھڻو نظر آيو ٿي. ليکڪ نئي دهلي ۾ جيڪي ڇهه سال گذاريا هئا، هن ان جو احوال هن ڪتاب ۾ لکيو آهي. خاص ڪري 1984 ۾ اندرا گانڌيءَ جي قتل بعد جيڪا سکن جي خلاف خون ريزي ٿي هُئي، ان بابت لکيو اٿس.
بهرحال پاڻ ڪتابن بابت ڪُجهه وڌيڪ ئي ڳالهائي ويا آهيون. آئون پنهنجي پڙهندڙن کي اهو ئي چوندس ته هو پاڻ ۾ گهڻي کان گھڻي پڙهڻ جي عادت وجهن. پنهنجي ٻارن ۾ ننڍي هوندي کان مطالعي جو شوق ڏيارين جو ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪتاب اڪيلائيءَ جو بهترين ساٿي آهي. مون ڪيترا اهڙا هم وطني ولايت ۾ ڏٺا جن کي سٺيون نوڪريون مليو پر اڪيلائي محسوس ڪري موٽي ويا. اسان جي پُراڻي ڪاليج جو انگريز پرنسپال ڪرنل ڪومبس چوندو هو ته جنهن کي پڙهڻ جي عادت هوندي اهو جنگل ۾ به اڪيلو گُذاري سگهندو. منهنجي خيال ۾ منهنجي اها پڙهڻ جي عادت هئي جنهن ڪري آئون سمنڊ تي جتي ٻيا سخت بور ۽ بيزاريءَ جي زندگي محسوس ڪندا هئا اتي آئون مهينن جا مهينا ڊگهن سفرن تي ڪتاب ۽ رسالا پڙهي سڪون جي زندگي گذاريندو رهيس.
سوال : آخر ۾ روايت موجب پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام ڏين چاهيندائو؟
جواب : اهو ئي چوندس ته اسان جي نوجوانن کي وقت جو قدر ڪرڻ کپي. مقابلي جو دؤر آهي. اهي ڪامياب ٿين ٿا جيڪي بهتر پوزيشن حاصل ڪن ٿا جيڪي بهترين ڪارڪردگي ڏيکارين ٿا ـــ پڙهائي هجي يا نوڪري، هنن کي اهو ثابت ڪرڻ کپي ته هنن وٽ ٺلها ڊگرين جا ڪاڳر نه آهن پر هنن کي علم به آهي. هو نازڪ مزاج، ٿڪل ۽ ٽوٽي نه پر هارڊ ورڪنگ ۽ سخت جان آهن. هو عياش ۽ ٻٽاڪون هڻڻ وارا نه پر سادگي پسند ۽ ايماندار آهن.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*