مکيه صفحو / انٽرويوز / پيغام رسالي سان انٽرويو

پيغام رسالي سان انٽرويو

جيترو ٿي سگهي هن دنيا کي بهتر بڻائي وڃو…

سفرنامن جي بيمثال ليکڪ الطاف شيخ جو انٽرويو پيغام رسالي لاءِ
ڳالهه ٻولهه: سارنگ لطيف چانڊيو، علي حسن چانڊيو

(چوندا آهن ته هر ماڻهوءَ جي اندر ۾ هڪڙو ٻار موجود هوندو آهي جيڪو ڪڏهن ڪڏهن نروار ٿي پوندو آهي پر نامياري ليکڪ ۽ سيلاني سائين الطاف شيخ سان معاملو گهڻو مختلف آهي جو اهو معصوم ٻارڙو هن کان ڪڏهن جدا ٿيو ئي ناهي ۽ کانئس اهڙا ڪم ڪرائيندو رهندو آهي جنهن کي اسان جا نالي چڙهيا اڪابر ٻاراڻي سمجهن ٿا. حقيقت اها آهي ته الطاف شيخ جا سفرناما سنڌ ۾ امر جليل ۽ شيخ اياز جي ڪتابن جيتروئي دلچسپي سان پڙهيا وڃن ٿا. سنڌي ادب کي 60 کان وڌيڪ بهترين سفرناما ڏيندڙ سنڌ جي هن سٻاجهي سيلاني جي زندگي ۾ ڪهڙا لاها چاڙها آيا ۽ هن وقت هو ڪيئن سوچي ٿو ان جو ڪجه اندازو هن انٽرويو مان لڳائي سگهجي ٿو.
……… پيغام ادارو)

* زندگيءَ جي سفر ۾ هن مرحلي تي پنهنجي پوئين زندگيءَ کي ڪيئن ٿا ڏسو. پنهنجي خانداني پسمنظر ۽ ننڍ پڻ بابت ڪجهه ٻڌايو؟
** هينئر منهنجي عمر 65 سال آهي. پٺتي ٿو نظر ڪريان ته ننڍپڻ جو زمانو ڄڻ ڪالهوڪو ڏينهن هو، جيڪو مون پنهنجي ڳوٺ هالا، ناناڻن وٽ حيدرآباد ۾ ۽ سکر، ٽنڊو ڄام، ٺٽي ۽ خيرپور جهڙن شهرن ۾ گذاريو، جتي منهنجي والد صاحب گل محمد شيخ جي نوڪري جي سلسلي ۾ بدلي ٿيندي رهي. منهنجو جنم 14 نومبر 1944 تي هالا ۾ ٿيو. منهنجي والدين کي پڙهائيءَ جو هر وقت فڪر رهيو ٿي ۽ گھر ۾ موجود ٽيون ڀاتي منهنجي ڏاڏي، جيتوڻيڪ پڙهيل نه هئي، پر ڊسيپلين جي معاملي ۾ سخت هئي. موڪل واري ڏينهن به اسان کي سج اڀرڻ کان اڳ اٿاريندي هئي. سج لٿي کان پوءِ ٻاهر نه ڇڏيندي هئي. ان ڪري پڙهڻ جهڙين شين سان ئي دلچسپي وڃي رهي. تن ڏينهن ۾ ٽي وي ۽ ريڊيو جهڙي وندر به موجود نه هئي، حيدرآباد نانيءَ جي گھر وڃبو هو ته اتي فونو (گرامو فون) ٻُڌبو هو، فلمون به ستين ڪلاس بعد جڏهن ڪئڊٽ ڪاليج ۾ 1958 ۾ آيس ته پوءِ ڏسڻ جو موقعو مليو.
** مون اسڪول جي ڏينهن کان وٺي پنهنجي ڪاليج جي The Cadet مئگزين ۽ اخبار رسالن لاءِ لکڻ شروع ڪيو. پوءِ مئرين انجنيئرنگ جي تعليم لاءِ 1963 ۾ جڏهن چٽگانگ ويس ته اتان ”دريائن جي ديس مان “ عنوان تي بنگال بابت ڳالهيون لکڻ لڳس ۽ سمنڊن تان جيڏانهن جيڏانهن جهاز ويو ٿي، اتي جو احوال لکڻ شروع ڪيم، پڙهندڙن طرفان سٺو response مليو، ان ڪري سفرناما ئي لکندو رهيس ۽ هونءَ به جهاز تي خاص ڪري ڊگهين مسافرين ۾ جڏهن اسان کي ڪراچي کان ڪئناڊا يا ٽوڪيو کان لنڊن پهچڻ ۾ مهينو مهينو لڳي ٿي ويو ته ان دوران وقت پاس ڪرڻ لاءِ لکڻ پڙهڻ جهڙي مشغولي ئي بهتر هئي.

* ڪڏهن ايئن محسوس ٿيو ته توهان کي اها پذيرائي نه ملي آهي جيڪا ملڻ گهرجي؟
** نه، ان بابت مون ڪڏهن به نه سوچيو آهي. آئون اهو سوچي لکندو رهندو آهيان ته هڪ ته اها منهنجي وندر (هابي) آهي ۽ ٻيو ته پنهنجين لکڻين ذريعي جتي چرچا ڀوڳ ۽ ٽرڙپائين جون ڳالهيون لکان ٿو اتي پنهنجن پڙهندڙن کي educate ڪرڻ به پنهنجو فرض سمجهان ٿو، جيئن هنن کي معلومات ملي سگهي ته دنيا ڪٿي وڃي پهتي آهي؟ اسان جو ڇا حال آهي؟ اسان جون ڇا ڪمزوريون آهن؟ دنيا اسان بابت ڇا ٿي سوچي ۽ ڪهڙو اميج رکي ٿي. اسان جي پٺتي پوڻ جا ممڪن سبب ڪهڙا آهن. ملائيشيا ۽ ٿائلينڊ جهڙا اسان کان پٺتي پيل ملڪ، اسان کان وڌيڪ سکيا ستابا ۽ ماڊرن ڪيئن ٿي ويا…؟ وغيره.

* توهان صرف سفرنامي کي ئي محور ڇو بڻايو؟
** ان ڪري جو مون کي سفرنامي ذريعي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪرڻ سولو لڳي ٿو. انهن سفرنامن ذريعي آئون پنهنجي پڙهندڙن تائين ميسيج پهچائي سگهان ٿو. اڄ جي دور ۾ سڄي دنيا هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو ٿي پئي آهي ۽ هر ڪو چاهي ٿو ته هن کي خبر پوي ته ان ڳوٺ جي ٻين ڪنڊن ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. اسان جي ان ڳوٺ ۾ ڪهڙي حيثيت آهي ۽ ٻين جا ڪم ۽ حرڪتون اسان تي ڪهڙو اثر ڇڏي سگهن ٿيون.

* لکندي لکندي ڪڏهن ڪو اهڙو وقت يا ڪو اهڙو مرحلو آيو، جتي ايئن لڳو هجي ته بس، هاڻي گهڻو ٿي ويو. اڳتي ڪجهه به ناهي لکڻو؟
** نه، بلڪه مون کي ته ائين لڳندو آهي ته اڃا ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن، جيڪي مون کي لکڻ کپن، ڪيترائي تجربا، واقعا ۽ مشاهدا اهڙا اڃا آهن جيڪي پڙهندڙن سان شيئر ڪجن ۽ هنن کي آگاهي ڏجي.

* سنڌي ادب ۾ ڪنهن جي لکڻين وڌيڪ متاثر ڪيو؟
** مختلف دورن ۾ مختلف سنڌي اديبن جي لکڻين متاثر ڪيو آهي. ڪن اديبن جي ته ڪنهن هڪ ڪهاڻي، افساني يا شعر ڀرپور اثر ڇڏيو هوندو ۽ سالن تائين دماغ کي ترو تازه ڪيو هوندو. جيئن مثال طور علي احمد بروهي صاحب جي ڪهاڻي ”ڀڳا ڏار اڏاڻا ڳيرا“ اسان 1961 ۾ پڙهي هئي. اڄ ڏينهن تائين اسين ڪلاس ميٽ ان جا جملا ورجائيندا رهون ٿا. اهڙي طرح امر جليل، نسيم کرل، غلام نبي مغل، آغا سليم، تنوير عباسي (سندس سفرناما) علي محمد راشدي ماهتاب محبوب، حليم بروهي، ڄام ساقي ۽ نعيم دريشاڻيءَ جي لکڻين ۽ استاد بخاري، امداد حسيني ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ بي حد متاثر ڪيو.

* توهان جو شعبو انجنيئرنگ آهي، پوءِ سفرناما لکڻ طرف ڪيئن اچڻ ٿيو؟
** ان کي آئون اجائي ڳالهه سمجهان ٿو، جيڪا اسان وٽ عام ٿي وئي آهي. ڪنهن انجنيئر يا ڊاڪٽر سو به فقط بي اي يا ايم بي بي ايس (جيڪا معمولي ۽ بنيادي تعليم آهي) کي کڻي ڪجهه پڙهڻ يا لکڻ لاءِ چئه ته وراڻيندو:سائين آئون ته ٽيڪنيڪل ماڻهو آهيان، منهنجو ادب سان ڇا واسطو؟ پر منهنجي خيال ۾ اهو فقط بهانو ۽ پنهنجي سستيءَ کي لڪائڻ جو طريقو آهي. دنيا جا ڪيترائي اعلى تعليم يافته ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان، فوجي سٺا ليکڪ، شاعر، مصور ۽ فنڪار آهن. آخر تنوير عباسي، منصور ملڪ، نعيم دريشاڻي، نجم عباسي، ذوالفقار سيال، منظور قادر، رخسانه پريت، مسز اشرف عباسي جهڙا مشهور شاعر ۽ ليکڪ به ته ڊاڪٽر هئا/آهن. ٽوڪيو جي شپ يارڊ (جتي مون کي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، جي هڪ سينئر آرڪيٽيڪٽ انجنيئر وٽ موڪل واري ڏينهن ويس. هن جو سڄو ڏينهن بلڪ سڄي عمر جهاز ڊيزائين ڪرڻ ۽ ٺاهڻ ۾ گذري ٿي. سندس ڀرون به اڇا ٿي ويا هئا. مون سمجهيو موڪل وارن ڏينهن تي به هي جهازن جون شڪليون ٺاهيندو هوندو يا دارون پي سمهي رهندو هوندو. پر مون کي اهو معلوم ڪري حيرت ٿي ته هو وندر جي گهڙين ۾ سترهين صديءَ جي شاعر ”ماتسو باشو“ ۽ ارڙهين صديءَ جي شاعر ”ڪوبايا شي اي سا“ جا بياض پڙهندو آهي ۽ بقول هن جي ”شاعري منهنجي دماغ کي شانت ڪري ٿي، جيڪو عام حالت ۾ سخت ٽينشن ۾ رهي ٿو…“ ان کان علاوه هن ٻڌايو ته هو پنهنجي زندگي جون يادگيريون لکي رهيو آهي. دل ۾ مون سوچيو اهي پڪ اسان جي جمال ابڙي ۽ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جي آتم ڪهاڻي وانگر پڙهندڙن لاءِ دلچسپ ثابت ٿينديون. ڳالهه جو مطلب اهو آهي ته اسان سڀني کي لکڻ پڙهڻ جهڙين شين سان لاڳاپو رکڻ کپي.

* 65 کان وڌيڪ ڪتاب لکڻ کانپوءِ به ڪو اهڙو موضوع جنهن تي قلم کڻن جي خواهش اڃا پوري نه ٿي سگهي هجي؟
** آئون نٿو سمجهان ته لکڻ لاءِ موضوع کٽي سگهندا. اوچتو ئي اوچتو ڪي اهڙيون ڳالهيون دماغ ۾ اچيو وڃن جو لکڻ ۽ ٻين سان شيئر ڪرڻ تي دل چاهي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن اهڙا تعليمي موضوع به دماغ ۾ اچيو وڃن جيڪي ملائيشيا ۾ آئون جهاز هلائيندڙن کي پڙهائيندو هوس ۽ انهن بابت پنهنجي پڙهندڙن کي ڄاڻ ڏيڻ تي دل چوندي آهي. جيئن Astronomy آهي. چنڊ تارن ۽ عيد جي چنڊ ڏسڻ کان وٺي نمازن جي وقتن ۾ فرق، ڏينهن جي ننڍ وڏائي ۽ موسمن جي تبديليءَ بابت ڪيترائي مضمون ويهي لکيم جيڪي هاڻ ”چنڊ چوانءِ سچ“ نالي ڪتاب ۾ ڇپيا آهن.

* لکڻ، پڙهڻ ۽ گهمڻ کانسواءِ ٻيون ڪهڙيون مصروفتيون آهن؟
** دراصل لکڻ پڙهڻ کان علاوه منهنجي ٻي ڪا خاص مصروفيات ناهي. گهمڻ منهنجي وندر يا دلچسپي نه پر مجبوري آهي. اهو ڊيوٽي ۾ شامل آهي، نه ته آئون ڪو اهڙو گهمڻ جو شوقين نه آهيان. ڪافي سالن تائين پينٽنگ سان دلچسپي رهي، گانن ٻڌڻ سان رهي، پر هاڻ ناهي. دعوتن ۾ وڃڻ، دوستن سان ملڻ ۽ ڪچهريون ڪرڻ جهڙو شوق به نه اٿم. بلڪه لکڻ لاءِ وقت ڪڍڻ خاطر دوستن کان لڪندو وتندو آهيان. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪنهن تي ٻه صفحا لکڻ لاءِ ٻه ڏينهن به ضايع ڪري ڇڏيندس. جيئن گذريل هفتي پير جي ڳوٺ جي برگيڊيئر سرجن نظام الدين ڏنور تي لکڻو هوم ته هن وٽ هلي ويس ۽ کانئس وڃي انٽرويو ورتم. کانئس ورتل ننڍپڻ جا فوٽو اسڪين ڪرائي وري ٻئي ڏينهن وڃي ڏئي آيس. باقي شاديون مراديون اٽينڊ ڪرڻ کان ٻرو چڙهندو اٿم. ان ڪري منهنجا ڪيترائي دوست ۽ مائٽ مون سان ڪاوڙيل ۽ رٺل رهن ٿا، پر آئون کين اهوئي چوندو آهيان ته ٻي صورت ۾ سندن نه ڳالهيون ڇپجي سگهنديون، نه وري ڪو ڪتاب لکي سگهندس جو کين منسوب ڪري سگهان ۽ پوءِ ڪيترائي وري پرچي ويندا آهن.

* سنڌي ادب کي شاهڪار سفرناما ڏيندڙ الطاف شيخ کي ڪڏهن دل ۾ ايئن آيو ته مان هيڏو وڏو ليکڪ آهيان، منهنجا ٻين کان گهڻا پڙهندڙ آهن، ڪڏهن پاڻ تي فخر محسوس ڪيو؟
** منهنجيون لکڻيون جيڪڏهن ماڻهو پڙهن ٿا ۽ پسند ڪن ٿا ته اها مون لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه آهي، پر منهنجي خيال ۾ ان تي مون کي ڪو گهڻو ڪُڏ ڪرڻ نه کپي جو ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه سالن بعد ڪو اهڙو دور اچي وڃي جو هي سڀ شيون بيڪار لڳن. اسين جڏهن ننڍا هئاسين ته نسيم حجازي ۽ رضيه بٽ ٽائيپ ليکڪن جا تاريخي ۽ رومانوي ناول وڏي شوق سان پڙهندا هئاسين پر اڄ جي نوجوان ٽهيءَ ۾ اهي ڪي اهڙا مقبول نه آهن. ٻي ڳالهه ته ستر يا سئو ڪتاب لکڻ يعني انگ جي حساب ۾ ڪا اُتم پائي ڪانهي. ڪڏهن ڪڏهن مون کي محمود مغل، انيتا شاهه، زارار پيرازدي، قمر شهباز يا نفيسه شاهه جو هڪڙو ڪالم پنهنجي سڄي ڪتاب کان ڳرو لڳندو آهي.

* جيڪڏهن زندگي ٻيهر ملي ته ڇا ٿيڻ ۽ ڪرڻ پسند ڪندو؟
** آئون اڃا به وڌيڪ سادگي ۾ گذارڻ جي ڪوشش ڪندس. مئرين انجنيئر ئي ٿيڻ پسند ڪندس يا واڍو، پلمبر، آٽو مڪينڪ يا ٻيو ڪو هنر مند ٿيڻ چاهيندس يا ڪنهن اهڙي ڪِرت جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهيندس، جنهن ذريعي پورهيو ڪري پئسو ڪمائڻو پوي.

* توهان سڄي دنيا گهميا آهيو، پنهنجي تجربي ۽ مشاهدي جي روشنيءَ ۾ هن وقت سنڌين جي پوزيشن ڪيئن وضاحت ڪندو؟ ڇا ٻي دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ جي اسان ۾ اهليت آهي؟
** اڄ ڪلهه سنڌي هر فيلڊ ۾ نظر اچي رهيا آهن. هو اڄ ڪلهه پورهئي، پڙهائي، نوڪري ۽ واپار جي سلسلي ۾ دنيا جي هر ملڪ ۾ نظر اچن ٿا. انهن ۾ غريبن جا ٻار به آهن ته اميرن جا به، پر افسوس جو حڪومت يا سرندي وارن پيرن ميرن وڏيرن ۽ وزيرن طرفان هنن جي ڪا خاص مدد يا رهنمائي نٿي ٿئي. گهڻو ڪري سڀ پنهنجي مڙسي، همت، قابليت ۽ ڀاڳ سان جنهن مقام تي آهن اتي پهتا آهن.

* جديد دور جي گهرجن پٽاندڙ سنڌ واسين کي ڪهڙن شعبن ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي؟
** تمام سٺو سوال آهي. اڄ جي دور ۾ جهڙي تهڙيء ڊگريءَ جي ڪا ويليو ناهي، ايتري قدر جو اڄ ڪلهه ٺلهي ايم بي بي ايس يا سول انجنيئرنگ ۾ بي اِي ڪرڻ به ايئن آهي جيئن ڪجه سال اڳ بي اي يا ايم اي سنڌي يا اردو سبجيڪٽ ۾ ڪرڻ يا مسلم هسٽري، پوليٽيڪل سائنس يا عربي ۽ فارسي ۾ ڪرڻ. اڄ جي نوجوان کي کپي ته مئٿس، فزڪس، انجنيئرنگ ۽ ڪمپيوٽر سائنس جي ڏکين ۽ جن جي ضروت آهي. سائنس جي انهن برانچن ۾ اعلى تعليم حاصل ڪري. پر جي عربي يا فارسي جهڙن سبجيڪٽن ۾ ڪو ايم اي ڪرڻ چاهي ٿو ته اها صحيح طرح ڪري. رڳو ڊگريءَ جو پنو حاصل ڪرڻ لاءِ نه ڪري. 1988 ۾ برونائيءَ جي ڪنهن تعليمي اداري لاءِ پاڪستان کان به ڪجهه اميدوار ڪوالالمپور انٽرويوءَ لاءِ آيا هئا. هنن کي عربي، ايڪانامڪس ۽ تاريخ پڙهائڻ لاءِ نوجوان (فريش گريجوئيٽ) ٿي کَتا. افسوس جو ايم اي عربي وارو عربيءَ ۾ پڇيل سوالن جا جواب نه ڏئي سگهيو ۽ هن اهو عجيب سبب ڏنو ته هن کي ايم اي ڪئي هڪ سال کان مٿي ٿي ويو آهي سو هن کان عربي وسري ويئي آهي. هاڻ سائين ڏيو منهن!
پر ڪي اهڙا به آهن جيڪي تمام هوشيار آهن ۽ هنن کي انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ جاب مليو ٿا وڃن. رڳو ملائيشيا ۾ ٿو ڏسان ته سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن جا تعليم يافته مختلف يونيورسٽين، اسپتالن ۽ ڪارخانن ۾ پروفيسر، ڊاڪٽر ۽ انجنيئر آهن. سو بهرحال باٽم لائين اها ئي آهي ته شاگردن کي محنت ڪرڻ کپي. ڏکيا ۽ ضرورت وارا سبجيڪٽ کڻڻ کپن جن جي ڊمانڊ هجي ۽ انهن ۾ چڱيءَ طرح علم حاصل ڪرڻ کپي جنهن جي آڌار تي هو صحيح طرح نوڪري ڪري سگهن.

* جديد ٽيڪنالاجي گذريل20 _30 سالن دوران سڄي دنيا کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ان تسلسل ۾ ڇا توهان جي شروعاتي دور جي سفرنامن جي افاديت هاڻي ختم ته نه ٿي وئي آهي؟
** بلڪل صحيح ٿا چئو. سچائيءَ سان لکيل سفرنامو جيڪڏهن تازو لکيل آهي ته اهو هڪ مسافر لاءِ ان ملڪ ۾ Travel ڪرڻ لاءِ رهنمائي (Guidance) آهي. وقت گذرڻ تي اهو گائيڊ بڪ نٿو رهي پر، تاريخ ۽ دلچسپ رڪارڊ ثابت ٿئي ٿو. سو ظاهر آهي ڪو منهنجو پراڻو سفرنامو ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ جيڪو 1968 جو لکيل آهي. اڄ پڙهي يوگوسلاويا وڃي يا ايسٽ پاڪستان وڃي ته هن کي ته ملڪ ئي ٻيا نظر ايندا ۽ رهنمائي بدران هو مِس گائيڊ ٿي ويندو. پر ڪو منهنجا پراڻا سفرناما ان خيال کان پڙهي ملائيشيا ۽ سنگاپور وڃي ته هو محسوس ڪرڻ ٿو چاهي ته اڄ کان 30 سال کن اڳ اڄ جا هي ماڊرن ملڪ ڪيئن هئا ته اهي سفرناما هن کي دلچسپ لڳندا. جيئن منهنجي هڪ تازي سفرنامي ”نيو هالا کان نيو يارڪ“ ۾ مون اڄ جي حالتن ۾ رهندڙ هم وطني جي ڀيٽ اڄ کان 35 سال اڳ جي آمريڪا سان ڪئي آهي، جڏهن 1969 کان 1972 تائين مون کي آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي مختلف بندرگاهن ۾ جهاز هلائڻ جو موقعو مليو هو.

* سڄي دنيا ۾ ڪو اهڙو ملڪ/علائقو جتي هميشه لاءِ رهي پوڻ جي دل ۾ حسرت ٿي هجي؟
** اها هڪ عام ڳالهه آهي، جيڪا آئون ڏسندو اچان ته ماڻهو مختلف ملڪ يا انهن جي علائقن ۾ هميشه لاءِ رهي پوڻ لاءِ سوچين ٿا ۽ منهنجا ڪيترا جهاز هلائيندڙ ساٿي آمريڪا، انگلينڊ، جپان، سعودي عرب ۽ ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ رهي پيا ۽ اڄ کان اڌ صدي کن اڳ آمريڪا ۽ انگلينڊ جهڙن ملڪن ۾ رهڻ ڪو ڏکيو ڪم به نه هو. ملائيشيا، ٿائلينڊ، ناروي، ڊئنمارڪ جهڙن ملڪن ۾ رهڻ ته ويتر آسان هو پر مون ان بابت تڏهن توڙي هينئر ڪڏهن به نه سوچيو. ڇو جو آئون جتي به رهان ٿو، چاهي جپان، ملائيشيا هجي يا ڪراچي، هالا، آئون خوش گذاريان ٿو ۽ تيسين پريشان نٿو ٿيان جيسين ڪو مون کي پنهنجي روٽين کان ڊسٽرب نٿو ڪري. اها ٻي ڳالهه آهي ته ملائيشيا جهڙي ملڪ ۾ لڳاتار هلندڙ بارش مون کي وڻندي هئي جو آئون سنڌ جهڙي نيم بياباني علائقي مان هوس. جپان جهڙي ملڪ ۾ زبان جي ڄاڻ ڪري ”هوملي“ محسوس ڪندو هوس، ناروي جهڙي ملڪ جي ماٺ ۽ برفباري وڻي ٿي پر هميشه رهڻ جي حسرت نه ٿي. مون کي ڪو ڪچهرين لاءِ يا دعوتن ۽ فنڪشن اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ڊسٽرب نه ڪري ته آئون ڄامشوري (سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڀرسان) زندگيءَ جا باقي ڏينهن گذارڻ کي خوش نصيبي سمجهندس جو اتي سڀ کان گهڻا پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو ۽ شاعر اديب رهن ٿا.

* هڪ سيلانيءَ جي حيثيت ۾ ٻڌايو ته زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي؟
** توهان کي شايد عجيب لڳي يا خبر ناهي توهان مون کان ڪهڙو جواب Expect ڪري رهيا هجو پر حقيقت اها آهي ته سڄي دنيا جا ڌڪا کائڻ بعد دنيا جون خبر ناهي ڪهڙيون ڪهڙيون جايون گهمڻ بعد، ڪاميابيون ۽ حادثا ڏسڻ بعد، دوستن ۽ ساٿين جي اوچتن وڇوڙن بعد اڄ اهوئي چوندس ته ”موت ناهي مند، تائب ٿيو تڪڙا“ ۽ هن زندگي بابت اهوئي چوندس ته جيتري قدر ٿي سگهي هن دنيا کي بهتر حالت ۾ ڇڏي وڃو، ان کي ڪجهه ڏئي وڃو، کسي نه وڃو.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*