شادي

شادي
هن جيڪو محفلن ۽ ماڻهن ۾ ڏيک ڏنو ٿي ان کان گهر وارو يا سندس پرائيويٽ زندگيءَ وارو ڏيک بلڪل نرالو ۽ تعجب خيز هو. ٻاهر آفيس يا دعوتن ۾ هو عاليشان ڪوٽ سوٽ ۾ تمام شان شوڪت وارو، رعبدار ۽ عزت ماب لڳو ٿي. وارن کي سڌي ڦڻي ڏيئي پٺيان سڌا ۽ لسا ڪري هليو ٿي. سندس وڏي عمر واري منهن مان ڏيا ۽ گهاٽن ٿلهن ڀرن مان مشرقي عقل ظاهر ٿيو ٿي. ههڙي حال ۾ ڏسي هن جي زال کي مٿس پيار ضرور اچڻ کپي پر هيلن کي سندس هي پوڙهو مڙس فقط ان وقت وڻندو هو جڏهن هو سليٽي رنگ جي مرسڊيز 600 ڪار ۾، اچي ويهندو هو- جنهن جهڙيون ڪارون سڄيءَ سينگاپور ۾ ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون مس هيون.
پر گهر ۾- ڇا ڳالهه ڪجي، گهر ۾ هو ڄڻ ناقابل برداشت هو- جنهن جو سوچي هيلن جا چپ ڏڪي ويا ٿي. گهر ۾ اچي جڏهن هو نقلي ڏندن جو جُت وات مان ٻاهر ڪڍندو هو ته سندس وات جي ٻاهر واري لسائي گهٻ ٺاهي اندر هلي ويندي هئي ۽ چپن جي چوڌاري گهنج گهنج نظر ايندا هئا. پنهنجي عمر، پنجن سالن، کان به پوڙهو لڳندو هو. سوٽي ڍرو ڪڇو ۽ گنجي پائي، پلنگ تي هيلن جو انتظار ڪندو هو. ٽنگن ۽ ٻانهن جون لڙڪندڙ مشڪون ۽ نظر ايندڙ سائي رنگ جون نسون شريانيون کيس ويتر ڊپ جهڙو ڪنديون هيون ۽ سندس ڀرسان وڃي سمهڻ مهل هيلن کي چڱو همت کان ڪم وٺڻو پوندو هو. ۽ پوءِ هن جي دلي خواهش موجب کيس پيار ڀريل نالن سان سڏڻ ۽ بدن تي ٿڌڙا ڪڍڻ، جيسين ننڊ اچيس، هيلن جي اهم ڊيوٽين مان هو. پوءِ اک لڳڻ سان سندس کونگهرا ٻڌڻ وٽان هوندا هئا. گگ وات جي پاسن کان لاڙ ڪري ڳڙندي هيس. اهڙن موقعن تي هيلن پنهنجي جسم جي لسي، صاف ۽ جوان گوري چمڙي- جنهن لاءِ تازو هلٽن هوٽل ۾ سندس اسڪولي ڏينهن جي ڪلاس ميٽ ڪوانگ ليءَ تعريف جا ڍڪ ڀريا هئا. سندس مڙس جي پوڙهي لڙڪيل ۽ گهنجيل کل سان ڀيٽي، ڏاڍو ڏک ٿيندو هوس. هڪ دفعو ته ان بابت سوچي سندس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا هئا پر پوءِ هن جلدي انهن کي اگهي ورتو جو اهي مڙسس مٿان ڪرن ها ته ننڊ مان سجاڳ ٿي ڏهه سوال ڪريس ها. اهو ڪير سوچي نٿو سگهي ته هو ڪيترو کنڍي دماغ جو آهي. هڪ دفعي هو پارٽيءَ ۾ ويا جتي هيلن پنهنجي منهن خوش گذّاريو. واپسيءَ تي گهر پهچي جنهن وقت هو سمهڻ لاءِ ڪپڙا بدلائي رهيا هئا ته مڙسس کانئس پڇيو ته آيا هوءَ ساڻس شادي ڪري پڇتائي ته نه رهي آهي جو هوءَ هڪ جوان ۽ سهڻي عورت آهي ۽ پاڻ ذري گهٽ ستر سالن کي پهچڻ وارو هڪ پوڙهو مڙس؟ ڇا هن کي ان جو افسوس ته نه آهي ته هو جيڪر پاڻ جهڙي نوجوان سان شادي ڪري ها- اهڙي ڪنهن سهڻي جوان سان جنهن جهڙي ڳڀرو جوان سان اڄ پارٽيءَ ۾ ذري ذري کلي ڳالهائي رهي هئي. جيڪو واقعي سهڻو ۽ جواني جي جوش سان ڀريل لڳو ٿي. جنهن جي مقابلي ۾ پاڻ پيريءَ جي ڪمزوري ۽ نستائيءَ ڪري ڪجهه ڪمن کان مٿي چڙهي چڪو آهي.
نه، نه نه، هيلن هن کي خاطري ڏني، جو سندس جسم ۾ ڄڻ ڊپ جي لهري ڊوڙي ويئي- نه، هو فقط هن کي ئي چاهي ٿي، ڇا ٿي پيو جي هو پوڙهو آهي؟ هن کي پاڻ ئي ته قبول ڪيو اٿس. ڪنهن به ٻئي مٿس زوري مڙهيو ناهي. هن کيس چاهيو ٿي ۽ هميشه چاهيندي.
”ٿلهن ڀُرن وارين اکين کيس ڪجهه گهڙين لاءِ چتائي ڏٺو.
”ڏهه لک. مون توکي پنهنجي شادي لاءِ ڏهه لک ڏنا ۽ ٽي لک تنهنجي ماءُ پيءُ کي-“ اهي اکيون ڄڻ کيس اهو ياد ڏيارينديون هيون، ۽ هوءَ ڏڪي ويندي هئي. سنهي نائٽي پائي اچي هن جي ڀرسان ستي، نه چاهيندي به سندس اگهاڙي پٺيءَ تي پنهنجن آڱرين سان ٿڌڙا ڪڍڻ لڳي. رکي رکي سندس دل ڪچي ٿيڻ ڪري ڄڻ اٻراڪ ٿي آيا. سندس دل، ماٺ ئي ماٺ، ۾ دانهون ڪندي رهي.
پوءِ جلدئي مڙسس کي ننڊ کڻي ويئي. ۽ هيلن ان وقت کانپوءِ دعوت پارٽين ۾بيحد خبردار ٿي هلڻ لڳي- خاص ڪري جڏهن ڪوانگ يا ڪو ٻيو نوجوان اهڙين دعوتن ۾ موجود هوندو هو. ڪوانگ کان ته هوءَ هيڪاندو پاسيرو ٿيڻ لڳي، پر جتي به هو موجود هوندو هو ته هيلن کي هڪدم محسوس ٿي ويندو هو ته ڪوانگ هميشه کيس غور سان ڏسي رهيو آهي. هيلن جڏهن به مڙس سان اڪيلي، ڪمري ۾ هوندي هئي ته ڄاڻي ٻجهي ڪوانگ کي گهٽ وڌ ڳالهائيندي هئي- پاڻ کي سمجهي ڇا ٿو؟ مٿي ۾ ڪا هوا ڀريل اٿس. ڪڏهن به ڪنهن اهڙو گڏهه نه ڏٺو هوندو. هن کي گاريون ڏيڻ تي سندس مڙس کي جا خوشي رسندي هئي سا ڏسڻ وٽان هوندي هئي ۽ هوءَ پڻ ان مان لطف وٺندي هئي ۽ رکي رکي ڪوانگ کي شدمد سان گاريون ڏيندي هئي ۽ سندس مڙس ٿورائتين نگاهن سان هن کي ڏسندو هو.
پنهنجو پاڻ کي دوکي ۾ رکڻ جو بار هيلن لاءِ تمام ڳرو هو. چپن تي مرڪ- هن کي هر وقت رکڻي پيئي ٿي. هيلن لاءِ اهو به ضروري هو ته سندس پڙهو مڙس جڏهن ڊائريڪٽرن جي ميٽنگ لاءِ وڃي ته ڪار مان مرڪي کائنس موڪلائي. جڏهن واپس گهر اچي ته مرڪي سندس آڌر ڀاءُ ڪري، ڇاڪاڻ جو انهن ڳالهين هن کي خوش رکيو ٿي. ٿورو به چهرو غمگين ڪرڻ تي هن کي سوين شڪ ۽ وسوسا پيدا ٿي سگهيا ٿي. ۽ پوءِ اجاين سجاين سوالن جا سلسلا هوندا هئا جن جو خاتمو نٿي ٿيو- هيلن کي انهن ڳالهين سخت منجهايو ۽ پريشان ڪيو ٿي: ڇا هوءَ خوش ناهي؟ ڇا هوءَ ساڻس شادي ڪري پڇتائي رهي آهي؟ ڇا…. وغيره وغيره.
مون کي دلي سڪون ضروري آهي. مون کي کپي ته آئون پنهنجي مڙس کي خوش رکان، هر وقت آٿت ڏيان. اسان جي هن شاديءَ کي ڪنهن به صورت ۾ ڇيهو رسڻ نه کپي. هن کي اندر ۾ وٽ پوڻ لڳا. هن شاديءَ ۾ ڪنهن به قسم جو رُخنو پوڻ نه کپي نه ته سندس ماءٌ پيءُ چوندا: ”ڏٺئي هيلن. اسان ته اڳهين چيو ٿي، ته تون يونيورسٽي جي گريجوئيٽ آهين، ننڍي آهين، سهڻي آهين، هن پوڙهي کڳي سان شادي ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي.“ هن جا پهرين زال وارا پٽ ۽ ڌيئون خوش ٿينديون ۽ کيس زهر ڀريا جملا چونديون.:”اسان ته اُهين چيوپئي ته هوءَ توهان سان پئسي خاطر شادي ڪري ٿي.“ اخبار وارا به ان خبر کي چڱي طرح رنگ روغن هڻي پهرين صفحي تي ڏيندا ته سنگاپور جي امير ترين شخص جي شادي جيڪا هڪ سهڻي ۽ ننڍي عمر جي ڇوڪريءَ سان ٿي هئي- جنهن جا فوٽو هر مهيني ٻه ٽي دفعا اخبارن ۾ ايندا. رهن ٿا، ڪڏهن ٻارن کي انعام ڏيندي، ڪڏهن پوڙهن ماڻهن جي سوسائٽي جو افتتاح ڪندي، ڪڏهن عمارتن جو بنيادي پٿر رکندي- جو مڙس سان ڦڏو ٿي پيو آهي ۽ طلاق جي گهر ڪئي اٿس.
نه نه. هن شاديءَ کي ڪجهه به نقصان رسڻ نه کپي ۽ جيڪڏهن سندن تعلقات ۾ ڪجهه فرق اچڻ جي ماڻهن کي خبر پئي ته سندس اسڪولي ڏينهن وارو يار ڪوانگ سڀ کان گهڻو کلندو. ”مون کي ته هر وقت ان جي ڄاڻ هئي ۽ پڪ هئي ته هڪ ڏينهن اهوئي انجام ٿيندو.“ هو غور سان پنهنجي ڪارين اکين سان ڏسي چوندو.
هن کان ڪڏهن به اهو برداشت نٿي ٿيو ته ڪوانگ ڪو مٿس ڇٿرون ڪري- چاهي هن ۾ لفظن سان ڪجهه ڪڇڻ جي عادت نه هئي پر سندس شڪي شڪي نهار ۽ چپن ۾ ڀڪوڙيل مرڪ جو سڄو مطلب هر هڪ چڱي طرح سمجهي سگهيو ٿي. هڪ دفعي هي سڀ هڪ اهڙي دعوت ۾ مليا هئا جيڪي شهر جي اهم ماڻهن طرفان هڪ شاندار عمارت ۾ ڪئي ويئي هئي- جنهن جي ٺهڻ لاءِ سندس مڙس لکين ڊالر امداد طور ڏنا هئا. آخر ۾ مڙسس کي تقرير لاءِ عرض ڪيو ويو. سندس مڙس انگريزي تقرير کان هميشه نٽائيندو هو. ڇو جو انگريزيءَ جا ڪيترائي لفظ اچارڻ ۾ هن کي ڏکيائي ٿي ٿي. لکيل تقرير پڙهڻ ۾ به هٻڪيو ٿي ۽ اهڙيون چڪون ڪري ويو ٿي، جو هن کي خود به شرم آيو ٿي. هون انگريزي سکڻ لاءِ انگلينڊ مان هن هڪ خاص ماستر هوائي جهاز رستي گهرائي پاڻ وٽ ڪجهه عرصي لاءِ رکيو هو. پر هن جا پڙهيل سبق ڪي خاص مددگار ثابت نه ٿيا. تاڙين جي آڌر ڀاءَ تي هو تقرير ڪرڻ لاءِ اٿيو. هيلن سندس ڀر ۾ ويٺي. تقرير دوران ماڻهن جي منهن تي لهندڙ چڙهندڙ تاثر پڙهڻ لڳي. سندس پوڙهي مڙس انگريزي تقرير جا ڪيترائي لفظ اهڙا ته غلط سلط اچاريا جو هو اڪيلي هجي ها ته شرم کان وٽجي سٽجي وڃي ها پر هينئر شهر جي عملدارن ۽ معزز مهمانن جي سامهون شان سان سڌي ٿي ويٺي رهي. انهيءَ وچ ۾ هڪ دفعو سندس اکيون ڪوانگ جي اکين سان مليون- ان ئي وقت ڪوانگ ٿوريءَ گهڙيءَ لاءِ نموني سان پنهنجي اکين کي ڇڀڪو ڏيئي، چپن کي ڀڪوڙي مرڪيو ۽ پوءِ وري سڌو ٿي ٻين وانگر نهٺائيءَ سان ڏسڻ لڳو. ڄڻ ڪا ڳالهه ئي نه ٿي هجي. ان وقت هيلن کي مٿس سخت چڙ آئي پر پوءِ ان عمارت مان نڪرڻ وقت، پنهنجي مڙس جي ٻانهن سان جواب ڏنو. جيئن هر هڪ کي خبر پوي ته هوءَ هن پوڙهي مڙس سان خوش آهي. ماٺ مٺوڙي ۾ غمگين رهي هن ڪوانگ کي اهو احساس هرگز سوڀارو بنائڻ نٿي چاهيو ته هوءَ هن زندگي ۽ پوڙهي مڙس مان ناخوش آهي. آئون بلڪل خوش آهيان، هن پنهنجي مُرڪ سان هٿ لوڏي ان ڳالهه جو ڏيک ڏنو، آئون پنهنجي مڙس سان خوش آهيان ۽ مون کي هن لاءِ پيار آهي.
ڪوانگ هيلن کي چاهيو هو، ۽ اڄ به ضرور هن کي چاهي ٿو نه ته ائين ڇو هلي. هو ٻئي لنڊن ۾ ساڳي يونيورسٽي ۾ پڙهندا هئا. پر هيلن ان وقت ڪوانگ کي ايترو گهڻو سڃاڻندي نه هئي، جو مختلف ٽولن ۾ هجڻ ڪري الڳ الڳ گهمڻ ڦرڻ لاءِ ويندا هئا. لنڊن مان موٽڻ تي هيلن هڪدم اچي شادي ڪئي. پوءِ جڏهن هڪ فنڪشن ۾ هيلن ڪوانگ کي پنهنجي مڙس سان ملايو ته هن کي ياد آيو ته ڪوانگ جي چهري تي ڪجهه گهڙين لاءِ تعجب ۽ تنقيد جا تاثر تري آيا هئا. پر هيلن ان کي نظر انداز ڪري ڇڏيو. ان بعد ڪيتري وقت تائين هيلن کي ڪوانگ نظر نه آيو ۽ پوءِ هنن جي وري هڪ دعوت ۾ گڏجاڻي ٿي. سندس مڙس ان دعوت ۾ ڪونه هو ۽ ڪوانگ هن جي ڀر ۾ ويهي ڳالهيون ڪرڻ لڳو. هو سڄو وقت سندس سونهن سوڀيان جي تعريف ڪندو رهيو ۽ هيلن کي پڻ احساس هو ته سندس ڀڙڪندڙ جواني، ٺهڪندڙ ڪپڙا ۽ چمڪندڙ هيرا ڪوانگ کي پڪ موهيندا هوندا. ڪوانگ ڪجهه گهڻو پيئڻ ڪري نشي ۾ ته کڻي نه هو پر سرور ۾ ضرور هو. تڏهن ته هو پنهنجي عادت جي خلاف، هيڏانهن هوڏانهن ڌيان ڏيڻ بدران اها سڄي شام هن جي سونهن جي تعريف ڪندو رهيو. پنهنجي تعريف ٻڌي، سچي ڳالهه ته اها هئي ته هيلن کي مزو به اچي رهيو هو ۽ هيلن کي ڪڏهن به پهرين اهڙو لطف نه آيو، پر گهر موٽڻ تي جڏهن پوڙهي مڙس دعوت بابت پڇيس ته دعوت ڪيئن لڳي ته جواب اوٻاسي ڏيئي، ڳچي مان هار لاهيندي چپن ۾ ڀڻڪيو ”جاني، بس، اجهو هميشه وانگر سخت بور هئي. ڪاش تون به هجين ها، ڊارلنگ. پر منهنجي خيال۾ ته تو جهڙي امير ۽ اهم ماڻهو- مسٽر لِنگ- اَو- ساڪ جي زال هجڻ ڪري، شهر جي اهڙين وڏين پارٽين، دعوتن ۽ ٻي ان قسم جي ڌوڙ ڇا هيءَ کي منهن ڏيڻو ئي پوندو.“
هيلن کي خبر هئي ته سندس پوڙهو مڙس ان قسم جي ڳالهه ٻڌي دل ئي دل ۾ ٺري پوندو هو. سو هوءَ اهڙي انداز ۾ ڳالهائيندي رهي. هيلن کي خبر هئي ته هو ان وقت به خوش ٿيندو آهي جڏهن هوءَ کيس پنهنجي چولي جي پٺين زپ مٿي ڪرڻ لاءِ چوندي آهي يا رات جو نائٽي پائڻ وقت ان جي چونڊ کانئس ڪرائيندي آهي. پر هن کي اها خبر ئي نه پوندي هوندي ته هن جي پوڙهي ۽ کهري هٿ جي ڇهاءَ سان هو ڪيڏو ڇرڪيو وڃي ٿي. پر اها اٿل پاٿل، اها ولوڙ، اهو سڀ ڪجهه هن جي اندر ۾ ٿيو ٿي جنهن جي ڪل هن ڪنهن ريت به پنهنجي مڙس کي ڏيڻ نٿي چاهي.ا ندر ۾ بي چيني پر ٻاهران مرڪ ۽ کل کلڪي جو ڄڻ ماسڪ پائي هلي ٿي.
هن پنهنجو پاڻ کي چيو: آئون هن ريت ڪيترو وقت هلي سگهان ٿي، مون کي ڇا ڪرڻ کپي؟ انهن ڏينهن ۾ ڪوانگ وٽان هڪ خط آيو- هن يڪدم وٺي، ان کي کولي وڏي آتولپڻ مان پڙهيو. ڇا ته ديد دليري چئبي، جو هن کيس ويهي خط لکيو آهي. هڪ شادي شده عورت کي، جيڪا سنگاپور جي هڪ امير ۽ بااثر چينيءَ جي زال آهي. ڇا هن اهو به نه سوچيو ته اهو خط پنهنجي مڙس کي به ڏيکاري سگهي ٿي، جنهن جي فقط فون کڻڻ سان ٻئي ڏينهن کان ڪوانگ نوڪريءَ کان هٿ ڌوئي سگهيو ٿي.

هن ڏڪندي خط پڙهيو، ۽ پوءِ هوءَ ڇهه دفعا ان خط کي پڙهي ويئي، جيسين هڪ هڪ لفظ کيس زباني ياد ٿي ويو. خط ڏينهن جي روشنيءَ وانگر صاف ۽ چٽو هو ته ڪوانگ هن کي چاهيو ٿي ۽ پيار ڪيو ٿي! هن جي دليري ۽ ان جي سوچ تي ايندڙ غصو في الحال هن کان وسري ويو. ان بدران سڪون ۽ خوشي جو چمڪاٽ سندس اندر ۾ محسوس ٿيو- هو هن کي چاهي ٿو ۽ هوءَ به ان سوچ ۾ هئي ته هو کيس ضرور چاهي ٿو. هوءَ ضرور پيار جوڳي آهي ۽ هو هن کي ضرور چاهيندو هوندو. هن لاءِ اهو ڪافي هو ته ڪو هن لاءِ تانگهي ٿو. ياد ڪري ٿو، پيار ڪري ٿو- پري پري کان ئي سهي. آخرڪار زندگي برداشت ۽ سهپ جو نالو آهي، ۽ هيلن هيڏانهن هوڏانهن سماجي محفلون، دعوتون ۽ فنڪشن اٽينڊ ڪندي رهي هئي پر هن ڪڏهن به خوشي محسوس نه ڪئي. سندس چاهيندڙ ڪوانگ ڇا خط جي جواب جي اميد رکي ٿي؟ هوءَ جواب۾هن کي ڪجهه به نه ڏيندي، هيلن لاءِ ايترو ڪافي هو ته هڪ نوجوان کيس گهريو ٿي، کيس پيار ڪيو ٿي.
ان بعد هيلن ڪيترائي دفعا ڪوانگ سان گڏ هڪ عورت کي ڏٺو، هڪ دفعو جڏهن هوءَ منڊارن بيوٽي پارلر تان وار ٺهرائي موٽي رهي هئي، ٻه دفعا هڪ فنڪشن ۾، عورت قد ۾ ننڍي پر بيحد پرڪشش هئي. هيلن اس جي ڪنڊن تان هنن ٻنهي کي غور سان ڏٺو. ڪوانگ هن کي ساڙڻ جي ڪوشش ۾ هو. هو خط جو جواب نه ملڻ جيڪاوڙ ان ريت ڪڍي رهيو هو. ڪوانگ جي اڌ ڌڪار ۽ هاڻ اهميت نه ڏيڻ واري احساس هيلن جي اکين ۾ ڳوڙها آڻي ڇڏيا. هوءَ به هن کي ڪري ڏيکاريندي. ۽ هاڻ هن بابت سوچيندي به نه. ڊائنسٽي هوٽل ۾ ڊنر تي، هيلن سچ پچ هنن ڏي وڌي وڃي نرمائيءَ سان ڳالهايو. اهو سڄو وقت مرڪندي، خوش مزاجيءَ جو اظهار ڪندي رهي. ڪوانگ ٻڌايس ته هوءَ سندس مڱيندي آهي ۽ ٻئي مهيني سندس شادي ٿي رهي آهي. هيلن کين وڏي دل سان مبارڪباد ڏني، کيس خبر پيئي پئي ته ڪوانگ اک ٽيٽ سان سندس اندر جو حال معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پيو. وقت ويجهو اچڻ تي هيلن هن کي شاديءَ جو تحفو موڪلي ڏنو، جيڪوهن پنهنجي مڙس کي ڏيکاري ٻڌايو ته اهو سندس يونيورسٽي جي ڪلاس ميٽ نوجوان ڪوانگ لاءِ آهي جنهن سان پهريون دفعو ڳالهائيندو ڏسي، هن کي ياد هوندو ته هن کي ڏاڍو ساڙ ٿيو هو. ٿيو هو نه-؟ اهو چئي هو کلڻ لڳا.
هيلن کي مڙسس ياد ڏياريو ته سندن شادي جو چوٿون سال ڄاڻ ته شروع ٿيو. ڇا کيس خبر آهي ته هو اهو ڏينهن ڪيئن ملهائڻ جو سوچي رهيو آهي؟ اميد ته گذريل سال وانگر گوڙ گهمسان واري دعوت نه ڪندين. هيلن چيس. مون کان جي پڇين ته آئون ته اهو چاهيندس ته اهو ڏينهن جيتري قدر ٿي سگهي ته ماٺ مٺوڙي ۾ گذارڻ کپي. فقط پاڻ ٻه هجون پنهنجو پاڻ ۾، اهو ٻڌي هو خوش ٿيو ۽ چيو: ”جي اها ڳالهه آهي ته جيڪي مون دل ۾ سوچيو آهي اهو بلڪل توکي پسند ايندو. جهاز جي سير سپاٽي بابت ڇا خيال آهي؟ هن دنيا جي چڪر تي. سينگارپور کان هوائي. هوائي کان لاس ائنلجس ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ کان ڦري واپس سنگاپور، بس پاڻ ٻه ئي هونداسين. سڄو ڏينهن تون منهنجي حوالي هوندينءَ- ٿڪائڻ واريون نه بورڊ آف ڊائريڪٽرس جون ميٽنگون هونديون ۽ نه ڪي فنڪشن جلسا- پاڻ سڄو ڏينهن بستري ۾“ هونداسين يا جهاز جي ڊيڪ تي، ۽ توکي پنهنجي پوڙهي ۽ ٿڪل مڙس جو خيال رکڻ جو سڄو موقعو ملي ويندو. جنهن ۾تون هاڻ بيحد هوشيار ٿي ويئي آهين.“
”بلڪل، منهنجا جاني، ان کان وڌيڪ مون کي ٻي ڪابه شيءِ بهتر نٿي لڳي.“ هيلن وراڻيو.

ڪئٿرين لم جي هڪ ٻي ڪهاڻي ”ٽئڪسي ڊرائيور جي ڪهاڻي“ پڻ هتي ڏجي ٿي.

ٽئڪسي ڊرائيور جي ڪهاڻي
مهرباني، محترما، توهان بلڪل بي فڪر رهو. توهان کي ميٽنگ جي ٽائيم کان اڳ اتي پهچائيندس. هن پاسي کان هلڻ بهتر ٿيندو جو ٿوري ٽريفڪ آهي، ۽ ڪار ڦاسڻ جو امڪان پڻ گهٽ آهي منهنجي خيال ۾ اڌ ڪلاڪ اندر پهچي وينداسين سو پريشان ٿيڻ اجايو آهي.
ڇا چيو توهان بيگم صاحبه؟ هائو، هائو، مون کي ٽئڪسي هلائيندي واقعي وڏو عرصو ٿي ويو آهي. اٽڪل ويهن سالن کان هلائيندو اچان. گهڻو اڳ سنگارپور هيئن نه هو جيئن اڄڪلهه سخت مشغول ۽ ماڻهن جي گپا گيهه سان ڀريل آهي. گذريل وقت ۾ سنگارپور وڌيڪ سانتيڪو هو. نه ايتريون گهڻيون لاريون ۽ موٽرون هيون ۽ نه ايترا ٽئڪسي ڊرائيور.
ها محترما، چار ڏوڪڙ ٿيو وڃن. بس مڙيئي پيٽ گذر لاءِ ڪافي آهي. ڇا ڪجي. سنگاپور جهڙي شهر ۾ رهڻ لاءِ محنت ڪرڻ تمام ضروري آهي. اسان جهڙن ماڻهن کي، جن وٽ نه تعليم آهي ۽ نه واپار وڙي لاءِ پئسو ڏوڪڙ، پگهر جو ئي پورهيو ڪري زال ۽ ٻارن لاءِ پئسو ڪمائي سگهون ٿا.
هائو، بيگم صاحبا، چڱو وڏو عيال اٿم- اٺ ٻار، ڇهه ڀٽ، ٻه ڌيئون، وڏوئي ڪٽنب ٿيو. هاٰ! ها! صحيح ناهي. انهن ڏينهن ۾ سينگارپور ۾ڪٿي هئي فئملي پلاننگ! ماڻهن ڪيترائي ٻار ڄڻيا ٿي. هر سال، هڪ ٻار، بلڪل صحيح ناهي. اڄڪلهه گهڻو بهتر آهي. ٻه ٻار، ٽي ٻار، ڪافي ٿيا، بس. حڪومت به ان تي ئي زور ڏيئي پيئي ته ٻن جي انگ تائين ڪافي آهن. يا وڌ ۾ وڌ ٽي بس.
وري به آئون ڀاڳن وارو آهيان،منهنجا سڀ ٻار وڏا ٿي چڪا آهن. چار پٽ روزگار کي لڳل آهن- هڪ واپاري آهي، ٻه ڪلارڪ، هڪ پرائمري اسڪول ۾ ماستر، هڪ نئشل سروس ۾، هڪ اڃا ٻئي درجي ۾ پڙهي پيو. منهنجي وڏي ڌيءَ ويهن سالن جي ٿي ويئي آهي. گهر ۾ ئي رهي ٿي، ماءُ جي مدد ڪري ٿي. نه، اڃا شادي نه ٿي اٿس- تمام گهڻي شرم واري آهي. ڪجهه ڪجهه بيمار به رهي ٿي، پر طبيعت سٺي آهي، تمام چئيوان ڇوڪري آهي. منهنجي ٻي ڇوڪري- اوهه! بيگم صاحبا! پيءُ لاءِ عذاب ٿيو پون. اهڙيون ڇوڪريون جيڪي شريف ٿي نٿيون هلن ۽ ماءُ پيءُ جي چئي ۾ نه آهن. تمام افسوس اٿن، بس قدرت طرفان سزا ٿي. اڄڪلهه، نوجوان اسان وانگر نه آهن. جڏهن اسان ننڍا هئاسين ته اسان وڏن جو چيو هميشه مڃيو ٿي. اسان جي مائٽن جيڪڏهن ڪنهن شيءِ لاءِ جهليو ٿي ته اسان اها هرگز نٿي ڪئي. نه ته ڏنڊي سان علاج ٿيندو هو. منهنجو پيءُ تمام سخت طبيعت جو هو. مائٽن لاءِ اهو سٺو آهي ته هو ٻارن سان سخت ٿي هلن. ٻيءَ صورت ۾ نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون بيڪار ٿيو وڃن. پوءِ پڙهڻ کان آڱوٺو، هروقت گسائڻ تي روز، نائيٽ ڪلبن ۾ ويندا ۽ پوءِ اتي نشي پتي کان علاوه پيار جهڙا ڌنڌا ڪندا. محترما، توهان منهنجي ڳالهه مڃيون ٿيون يا نه-؟ اڄ جا نوجوان ٻار مائٽن لاءِ مٿي جوسور آهن. بيگم صاحبا، هن ’ڪافي- هائوس‘ جي ٻاهران اهي نوجوان ڏسين پئين-؟ منهنجي ڳالهه تي يقين ڪرين ته اهي اسڪول جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اٿئي پر نمونو اهڙو رکن پيا ڄڻ ڪن وڏن ماڻهن جا ٻار هجن. ڇا ته پئسو خرچ ڪن ٿا، ڇا سگريٽ ڇڪين ٿا، ڇا گندي ڪپڙي جو فئشن ڪن ٿا ۽ عشق معاشقا ڪن ٿا. هڪ ٽئڪسي ڊرائيور جي حيثيت ۾ آئون کانئن سندن افعالن کان چڱيءَ طرح واقف آهيان. محترما، توهان ائين ٻڌايو نه ته ماسترياڻي آهيو؟ خبر ناهي توهان کي اها ڄاڻ آهي يا نه ته هي اسڪول جون ڇوڪريون، پندرهن سورهن سالن جي ڄمار جون، صبح جو گهران ته يونيفارم پائي اسڪول وڃن ٿيون ۽ پوءِ اسڪول بعد واپس گهر نٿيون اچن. هو پاڻ سان ڪتابن جي ٿيلهن ۾ گهمڻ جا ڪپڙا کڻيو نڪرن ٿيون ۽ پوءِ ڪنهن عوامي ٽئاليٽ يا هوٽل ۾، يونيفارم لاهي اهي ڪپڙا پائن ٿيون ۽ منهن تي ڏاڍي ميڪ اپ، شيڪ اپ ڪن ٿيون. هنن جا مائٽ سوچي به نٿا سگهن. هو پنهنجن مائرن کي اهوئي ٻڌائي نڪرن ٿيوته اڄ اسڪول ۾ ميٽنگ آهي. جلسو آهي. راندين جي پريڪٽس آهي. هي آهي، هو آهي، پر حقيقت ۾ هو کين فقط بيوقوف بنائين ٿيون. اوهه! مئڊم، توهان کي منهنجي ڳالهه تي تعجب ٿو لڳي، پر مونکي خبر آهي. آئون کين هِتان هُتان کڻندو رهان ٿو. هو گهڻوڪري ڪافي هائوس ۽ هوٽلن ٻاهران واڪ ڪن ۽ پوءِ لانگهائون آمريڪي يا يورپين ٽوئرسٽ سان دوستي ڪري پئسو به حاصل ڪن ٿيون ته لست مزو، به، مئڊم، جي آءٌ توهان کي ٻڌايان ته هنن وٽ ڪيترو پئسو آهي ته شايد توهان کي يقين ئي نه اچي. مان توهان کي ڇا ٻڌايان! گذريل رات، هڪ نوجوان ڇوڪري- شڪل ۾ تمام سهڻي، عاليشان ميڪ اپ ٿيل ۽ سيڪسي ڪپڙا پهريل، منهنجي ٽئڪسي ۾اچي ويٺي ۽ آرچرڊ مئنشن ڏي وٺي هلڻ لاءِ چيو- جيڪا سنگاپور ۾ انهن ڳالهين کان مشهور آهي، خاص ڪري ان بلڊنگ جي چوٿين ماڙ جا فليٽ ان ڪم لاءِ استعمال ٿين ٿا. لهڻ وقت ڀاڙي لاءِ هن جهڙو پرس کوليو ته مان توهان کي ڇا ٻڌايان! رڳو آمريڪن ڊالر ئي ڊالر هئا- سي به ڏهين ڏهين ڏهين وارا نوٽ. انهن مان هڪ نوٽ ڪڍي مون کي ڏيندي چيو ته باقي پئسا موٽائڻ جي ضرورت ناهي جو هن کي ايتري دير ترسڻ جو به وقت ناهي. مئڊم، اهو توهان کي ٻڌايان ته هر مهيني هنن ڇوڪرين ۽ سندن آمريڪن بواءِ فرينڊس مان- جيڪي منهنجي ٽئڪسيءَ ۾ ويهن ٿا، مون کي جيترو ڀاڙوملي ٿواوترو باقي عام ماڻهن کان نٿو ملي- جيڪي هر وقت ڀاڙو گهٽائڻ لاءِ ڪرڪندا رهن ٿا، ۽ ڏهه سينٽن جي ريجي واپس وٺڻ لاءِ به هٿ ٽنگيو بيٺا هوندا آهن. اهڙا ڪي ڪي پئسينجر اصل چريو ڪريو رکن. پر هي نوجوان ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا ڀاڙي جي معاملي ۾ گهوپي هرگز نٿا ڪن. بس انهن کان جيڪي گهر ته ڏيو ڇڏين. ٽئڪسي ۾ چُم چٽ ۽ دلپشوري ڪندا رهن ٿا ۽ هو فقط اهوچاهين ٿا ته ٽئڪسي بس هلندي رهي. پوءِ ڀاڙوکڻي ميٽر جي حساب سان وٺين. آئون توهان کي ڇا ٻڌايان ته ڪي ڪي ٽئڪسي پٺيان ايڏوخرچ ڪن ٿا جو بس. اهو اجهو هيئن، سنگاپور ۾ رات جو هڪ بجي کانپوءِ ٽئڪسي جو ڀاڙو ٻيڻو ٿئي ٿو، ۽ آئون ان ڪري ان وقت ٽئڪسي هلائڻ پسند ڪريان ٿو. جو ظاهر آهي ته گهڻو ڀاڙو ملي ٿو. روز رات جو آئون الروئا هوٽل يا تنگ ڪورٽ يا آرچرڊمئنشن جي ٻاهران وڃي بيهندو آهيان ۽پوري پڪ سان منهنجو چڱو ڌنڌو ٿيو وڃي. گذريل ڇنڇر تي، بيگم صاحبان، آئون چرچو نه پيو ڪريان، ته فقط هڪ رات ۾ مون ڏيڍ سؤ کن ڊالر ڪمايا هئا! ڪجهه ميٽر تي ڪجهه ائين خرچين طور مليم. ڌارين ملڪن کان آيل ڪجهه سياحن کي اها خبر ناهي ته ڇوڪريون ڪٿان هٿ ڪجن. سوانهن کي آئون ڇوڪرين جاڏس پتا ڏيندو آهيان ۽ انهن وٽ وٺي به ايندو آهيان. جنهن جي بدلي ۾ هو هميشه منهنجو کيسو گرم رکن ٿا. بيگم صاحبا توهان کي ڇا ڇا ٻڌايان جيڪڏهن سڀ ڪجهه ٻڌائڻ شروع ڪريان ته منهنجي ڪهاڻي ڪڏهن به کٽي نه سگهي. پر توهان کي آئون ايترو ضرور ٻڌائيندس ته محترما، جيڪڏهن توهان کي ڪا جوان ڌيءَ آهي ۽ هوءَ چوي ته امان منهنجي اسڪول۾ اڄ ميٽنگ يا جلسو آهي ۽ رات جو دير سان موٽنديس، ته توهان ڪڏهن به ائين نه چئجو ته هائو هائو، ڀلي. پر توهان هن کان پڇا ڪندا ڪريواهو ڇو آهي، ڪٿي آهي ۽ ڪيئن آهي، ۽ پنهنجو پاڻ به وڃي ان جو پتو ڪريو. اڄ جي ٻارن تي بلڪل اعتبار نه ڪجو. جيئن اڳ جي ٻارن تي ڪبو هو. بيگم صاحبا، آئون توهان کي اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٻڌايان ٿو جومون کي پاڻ به جوان ڌيءَ آهي- جنهن کي آئون گهڻو ئي چاهيان ٿو، پڙهڻ ۾ به هوشيار آهي. آئون پاڻ هن جي اسڪول جا رپورٽ ڪارڊ ڏسندو آهيان جنهن ۾ سندس ماسترياڻيون ’ويري گڊ‘، ۽ ’ائڪسيلينٽ‘ وغيره لکنديون آهن. هي منهنجي هوشيار ڌيءَ منهنجو دلپسند ٻار آهي. کائنس پڇندو آهيان ته پڙهائيءَ بعد ڇا ڪندينءَ ته جواب ڏيندي آهي ته يونيورسٽي وينديس. منهنجو ٻيو ڪوبه ٻار يونيورسٽيءَ تائين پڙهي نه سگهيو، پر هيءَ جيڪا بيحد هوشيار ۽ سمارٽ آهي ڪو وڌاءُ نه پيو ڪريان- هن جون ماسترياڻيون واقعي هن جي رپورٽ ڪارڊ تي ويري گڊ ۽ ائڪسيلينٽ لکنديون آهن. هوءَ گهر ۾ به پڙهندي آهي، پنهنجي ماءُ کي به مدد ڪرائيندي آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ٿوري سست پڻ رهي ٿي. ان، هڪ ڏينهن چيو ته سندس ماسترياڻي کيس اسڪول ۾ دير تائين ترسي ڪجهه وڌيڪ پڙهڻ لاءِ چيو آهي. هن کي ڪجهه وڌيڪ پڙهائڻو آهي جو هوءَ حسابن واري سبجيڪٽ ۾ ڪمزور آهي. سو مون چيومانس ته ڀلي. پر پوءِ هوءَ ڏينهن پٺيان ڏينهن اهوئي چوندي رهي ۽ شام جو دير سان موٽڻ لڳي. ان بعد مليل هوم ورڪ ڪري سمهي رهي ٿي. هڪ ڏينهن، اوهه! محترما! اڄ به اها ڳالهه سوچي مون کي باهه ٿي وڃي- هڪ ڏينهن، آئون پنهنجي ٽئڪسي ۾ وڃي رهيوهوس ته اوچتو ڇا ٿو ڏسان! ڏسان ته هڪ ڇوڪري بلڪل منهنجي ڌيءَ لي چوءَ جهڙي، ٻين چيني ڇوڪرين سان گڏ،يورپي مردن سان هڪ ڪافي هائوس جي ٻاهران بيٺي آهي. مون کي يقين ئي نٿي آيو ته اها ڪيئن لي چوءِ ٿي سگهي ٿي. منهنجي ڌيءَ ته اسڪول ويل آهي. پر هيءَ ڇوڪري ته يونيفارم بدران، عام ڪپڙن ۽ ميڪ اپ ۾ آهي، ۽ هلڻ چلڻ ۽ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ بي ڊپي پيئي لڳي. اها منهنجي ڌيءَ ٿي نٿي سگهي. پوءِ هو سڀ اندر ڪافي هائوس ۾ گهڙي ويا ۽ منهنجي دل ڄڻ ٻڏي ويئي- ڇا چوندا آهن ملئي زبان ۾، بيگم صاحبا، منهنجي دل ‘Susah- Hati’ ٿي ويئي ۽ مون پنهنجو پاڻ کي چيو، آئون ان لي چوءِ ۽ سندس ڀولڙين وارين حرڪتن کي ڏسي رهندس. وري ٻئي ڏينهن ساڳي ڪار! هوءَ ساڳي هنڌ تي نظر آئي. منهنجو ته اندر ئي سڙي ويو. ٽئڪسيءَ کي پاسي تي بيهاري آئون بي حيا ڌيءَ ڏي ڊوڙيس. ڳٿر ۾ هٿ وجهي ٻه چار ٿڦڙون واهي ڪڍيون مانس. هوءَ رڙيون ڪندي رهي پر مون ڪابه پرواهه نه ڪئي. ڇڪي آڻي ٽئڪسي ۾ ويهاريومانس ۽ گهر لاهي وري اچي موچڙا هنيا مانس. منهنجي زال ۽ ڪجهه پاڙي وارن مون کي ڇڪي پري ڪيو. اهي جي وچ ۾ نه پون ها ته شايد ماري ماري ساهه ڪڍان ها. کيس ٽن ڏينهن لاءِ سندس ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيم، سندس اسڪول وارن کي سچ ٻڌائيندي شرمندو ٿي ٿيس، سو لي چوءِ لاءِ ٻڌايومانس ته بيمار آهي ان ڪري اسڪول اچي نٿي سگهي. بيگم صاحبا منهنجي جاءِ تي توهان هجو ها ته ڇا سوچيو ها؟ هن کي ايترو ذليل ٿيڻ جي ڪهڙي ضرورت پيئي هئي جڏهن سندس پيءُ ڏينهن رات پورهيو ڪري نه فقط سندس هر گهرج پوري ڪريو ويٺو هو پر سندس يونيورسٽيءَ جي پڙهائي واري خرچ لاءِ پڻ پئسو گڏ ڪري رهيو هو.
بيگم صاحبا، هينئر سڀ ٺيڪ ٿي ويو. مهرباني. هوءَ هاڻ سواءِ اسڪول جي ڪيڏانهن به وڃي نٿي سگهي. ۽ آئون هن جي ماءُ کي به اها تنبيهه ڪندو رهان ٿو ته هن تي هر وقت نظر رکي، جيڪي ڪجهه ڪري ٿي اهو ڏسندي رهي، ۽ هن جي ساهيڙين کي به اک ۾ رکي- ته اهي ڪهڙي قسم جون ڇوڪريون آهن.آه! محترما، اڄڪلهه جا ٻار ڪيڏو مسئلو آهن پنهنجي مائٽ لاءِ….. ڇا، بيگم صاحبا؟“ اوه! معاف ڪجو، محترما، افسوس جو توهان جي ميٽنگ ختم ٿيڻ تائين ترسي نه سگهندس. منهنجي لاءِ وڃڻ ضروري آهي. مهرباني ڪري دل ۾ نه ڪجو. آئون جلدي ۾ آهيان سگهوئي وڃي هوٽل الرواءِ يا آرچرڊ مئنشن پهچان- اتي ڪيترائي نوجوان ٽئڪسيءَ جي انتظار ۾ هوندا. سو، توهان کان موڪلائڻ چاهيان ٿو، توهان جي وڏي مهرباني.

ڪئٿرين لم (Catherine- Lim)
”شادي“ ۽ ”ٽئڪسيءَ واري جي ڪهاڻي“ افسانن جي ليکڪا ڪئٿرين آهي. ڪئٿرين- لم سنگاپور جي چينائڻ آهي. پاڻ 1964ع ۾ ملايا يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪيائين. هن وقت ’ڪئٿولڪ جونيئر ڪاليج سنگاپور‘ ۾انگريزي زبان ۽ انگريزي ادب پڙهائي ٿي. پاڻ شادي شده آهي ۽ ٻه ٻار اٿس.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*