مکيه صفحو / ترجما / ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ …….

ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ …….

ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ …….
ماستر هريام ڳوٺ جي مڙني وڏن جي پسنديده شخصيت هو. جيتوڻيڪ ننڍا نيٽا مٿس چرچا گهٻا پڻ ڪندا هئا. پاڻ ڏکڻ ٿائلينڊ جي ٻهراڙيءَ واري هڪ ڳوٺ ۾ رهندو هو.
ننڍي هوندي کان وٺي، جڏهن اڃا هو ڳلن ڳاڙهو نوجوان هو، ويندي ڦوهه جوانيءَ تائين، هن کي ڪڏهن به، پنهنجي اوسي پاسي جي پررونق علائقي ۾ قدم رکڻ جو موقعو نه مليو هو. وڌ ۾ وڌ واپار يا گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪرندو هو. سو ڀرپاسي واري ڳوٺڙي تائين. شهرن جي رنگينين کان ته هوءَ ونءُ ويندو هو. هن جو اهوئي چوڻ هو ته اهڙين وڏين جاين تي رهندڙ ماڻهو جراثيم کڻي هلن ٿا ۽ اتي لاريون مٽرون ماڻهن کي ٽڪر هڻنديون وتن. ان ڪري انهن جڳهين ۽ شهرن کان پاسو ڪرڻ کپي.
پر پوءِ هڪ ڏينهن ٿائلينڊ جي ماسترن جي ڪانفرنس اٽينڊ ڪرڻ لاءِ حڪومت طرفان کيس بئنڪاڪ وڃڻ جي دعوت ملي ته اسان جو يار- ماستر هريام، خوشيءَ منجهان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيو. هو پنهنجي منهن ڪيترائي دفعا چوڻ لڳو.
آخر ڪار مون کي بئنڪاڪ گهمڻ جو موقعو ملي ويو. اعتبار ئي نٿو اچي.“
ان وقت پاڻ پنجونجاهه سالن جو پوڙهو اچي ٿيو هو- جيتوڻيڪ هو ان عمر کان گهڻو چڙهي چڪو هو، جنهن ۾ ايندڙ ويندڙ ڇوڪريءَ کي هروڀرو اک ڀڃڻ تي دل چوندي آهي. پر تڏهن به هو ڇا چوندا آهن ته بنهه نه کان دير سان وري به بهتر. سو ان فلسلسفي ۽ سوچ مطابق پنهنجو پاڻ کي ڌتاري هو بيحد گهڻو خوش ٿيو.
پنهنجي ان خوشي جي اظهار کي لڪائڻ جي هن ڏاڍي ڪوشش ڪئي.
ان ڏينهن تي جڏهن هو بئنڪاڪ روانو ٿي رهيو هو ته هن ديسي پوشاڪ پهرڻ بدران ولائتي ڊريس- يعني سوٽ ڪوٽ پاتو- جيڪو گهڻو اڳ ٺهرائي رکيو هو ته ڪڏهن ڪا ماڊرن شادي ٿي ته ان ۾ پائيندو. گهڻي وقت کان استعمال نه ٿيڻ ڪري ان تي پڪا سنڌا ڄمي ويا هئا. هن ان سوٽ تي ننڍين ٻانهن واري اڇي رنگ جي قميص پاتي. جيتوڻيڪ هن ڊگهين ٻانهن واري قميص پائي ان تي گلن واري ٽائي ٻڌڻ چاهي ٿي، جيڪا هن اهڙي موقعي لاءِ ڳجهه ڳوهه ۾ خريد ڪري لڪائي رکي هئي. پر هن کي دل تي هُريو پئي ته سندن ڳوٺ جا ڇورا اهڙا نڀاڳا آهن جو اڳ ۾ به جڏهن هن ٺٺ ٺانگر وارو ڪو وڳو پاتو ٿي ته هو کيس چرچن ۽ ٽوڪن سان ورائي ويا ٿي. چي: ”واهه سائين واهه! چاچا ماستر ٿورو خيال سان هلجو، متان ڪو ڪتو ڀلجي کڻي دسانوَ.“
سو اهو سوچي هن وڌيڪ شوبازي ڪرڻ جو ارادو لاهي ڇڏيو. اهي فيشن ڳوٺ کان پري بئنڪاڪ پهچي ڪري سگهيو ٿي. سندس غير موجودگيءَ ۾ سڄو ڳوٺ مٿس تبصرو ڪندو رهيو. ڳوٺ وارن کي اها هورا کورا هئي ته بئنڪاڪ جي جيتري تعريف ٻڌي ويئي آهي. اهو واقعي اوترو عجيب ۽ وڏو شهر آهي يا نه. ۽ آيا اهو شهر گهمي اچڻ بعد سندن ڪراڙي ماستر صاحب تي ڪو اثر ٿيندو يا نه.
هن تي اثر ضرور ٿيو.
هن جي واپسيءَ تي ماڻهن غور ڪيو ته بئنڪاڪ کان موٽڻ بعد ماستر صاحب جي هلڻي ئي ڦري ويئي آهي. سڌو ٿي هلڻ بدران هو ڪلهن ۽ ٺونٺين کي ٿورو اڳيان ڪري هليو.
گهر پهچندي پهچندي ڳوٺ جا ڪيترائي ماڻهو سندس چوڌاري اچي گڏ ٿيا. مرد، عورتون، ٻار ويندي ڪراتوئي (کدڙا) پڻ. وان نالي هڪ نوجوان ڇوڪري، ننڍ وڏائيءَ جو خيال نه رکندي ٺهه پهه چئي ڏنس: ”چاچا ماستر! اهو ٺونٺين کي اڳيان ڪري هلڻ سان بغلن کي هوا ٿا ڏيو ڇا-؟“
۽ چاچي هريام شڪي ٿي، يڪدم ڪلها کڻي پٺيان ڪيا ۽ دل ئي دل ۾ آئيندي وڏو ماڻهو ٿي ائين هلڻ جو ارادو ئي لاهي ڇڏيو. پوءِ ڳوٺ جي گڏ ٿيل ماڻهن کي چوڌاري وهڻ ۽ ٿوري دير ترسڻ لاءِ چيو.
ان بعد ڪمري ۾ وڃي، سوٽ لاهي ڪاري رنگ جو ڍلو ڍالو پجامي نموني جو وڳو چاڙهي ان مٿان بافتي جي گنجيءَ جهڙي ٿائي نموني جي لنڊي قميص ۽ ڪلهن تي پوتڙو رکي ٻاهر آيو ۽ اکيون ڦاڙي هن کي غور ۽ تعريفي نگاهن سان ڏسندڙ ماڻهن جي ميڙ جي وچ ۾ ويهي، هن ڏٺو ته سندس زال جو منهن خوشيءَ مان کوهه جي پڳهه جيڏو وڏو ٿي پيو آهي. هوءَ پنهنجي مڙس کي ايڏي گهڻي اهميت ملندي ڏسي فخر محسوس ڪري رهي هئي. ميڙ مان ماڻهن ڳالهائڻ شروع ڪيو.
”اسان جي ماستر صاحب ڏي ڏسو. هو ساڳيو ئي سادو لڳي رهيو آهي جهڙو هتان ويو هو. پاڻ جيتوڻيڪ ٿائيلينڊ جي گاديءَ واري هنڌ بئنڪاڪ مان موٽي آيو آهي، پر هن ۾ تر جيتري به تبديلي نه آئي آهي.“
”ايڏيءَ پڪ سان به نه چئه. هن کي پهرين ڳالهائڻ ته ڏي. ٿي سگهي ٿو ته هن کي پنهنجو ڏاکڻو لهجو ئي وسري ويو هجي، ۽ هاڻ هو فقط اترادي (بئنڪاڪي) لهجي ۾ ڳالهائي.“
”هُن عورت وانگر جنهن ٽن هفتن لاءِ بئنڪاڪ جي هڪ پوليس واري سان شادي ڇا ڪئي، کانئس پنهنجو ڳوٺاڻو لهجو ئي وسري ويو ۽ اها ته اصل هئي ڪير-؟ هڪ چالو عورت.“
”جي ها. ان عورت وانگر.“
سائين! بئنڪاڪ ۾ ڀلا ڪا لست ورتوَ؟“ هڪ پڇيو.
”سائين! اهو ٻڌايو ته اتي توهان ڇا ڪيو ۽ ڇا ڏٺو.“ يڪدم ٻئي سوال ڪيو.
”۽ بئنڪاڪ جون ڇوڪريون ڪيئن آهن؟ مون ٻڌو آهي ته هو پنهنجي سونهن سوڀيان کان مشهور آهن.“ هڪ ٽئي ڄڻي پڇيو.
ماستر صاحب پهرين هڪ ٿڌو ساهه کنيو ۽ پوءِ هٿ کڻي هڪ ئي وقت ايترا سوال پڇڻ بدران هڪ هڪ ڪري پڇڻ لاءِ چيو. ان بعد وڏي اعتماد ۽ لئه سان ڳالهائڻ شروع ڪيو: ”جيتوڻيڪ بئنڪاڪ ۾ رهي مون ڪافي ڪجهه پرايو پر افسوس جو بئنڪاڪ شهر مان آئون ڪو خاص خوش نه آهيان.“
”اهو وري ڪيئن-؟“ ويٺل ميڙ مان هڪ پڇيو.
”ڇو چاچا ماستر-؟“ ٻئي پڇيو.
”بئنڪاڪ شهر تمام اڳتي وڌي ويو آهي. پئسي ڏوڪڙ ۽ مال ملڪيت جي لحاظ کان هن ايڏي ترقي ڪئي آهي جو ماڻهو وائڙو ٿيو وڃي.“ ”ماستر هريام ٻڌايو.
”غريب ويچارو بئنڪاڪ! ان ۾ ڀلا ان جو ڪهڙو ڏوهه.“ اڳيان ويٺل وان رمارڪ ڏنو.
”بڪ بند ڪر، وان! نه ته مان ڪجهه به ٻڌائيندوسانءِ.“ ماستر هريام وان کي ڇنڊ ڪڍندي چيو. ۽ ساڳي وقت ڪلهي تان پوتڙو لاهي کيس هنيو. هن کي اهاڳالهه بنهه نٿي وڻي ته جڏهن ٻيا سڀ کيس غور سان ٻڌي رهيا هجن ته وچ ۾ هي ڇورو ڳالهائي سندس لئه خراب ڪري.
”توهان کي بئنڪاڪ شهر ۾ خوشي هرگز نظر نه ايندي. لارين موٽرن جي گوڙ سان ڄڻ ڪنن جون دهلڙيون ڦاٽن ٿيون. وڏين وڏين عمارتن ۾ گهر ۽ آفيسون آهن پر هر وقت در ۽ دريون بند رکڻ ڪري سج چنڊ جي روشنيءَ جو ته گذر ئي نٿو ٿئي. بئنڪاڪ جو سڄو شهر ڄڻ پٿرن، سرن ۽ سيمنٽ جو ٻيلو آهي.“
اهو چئي ماستر هريام ٿوري ساهي کنئي ۽ چوڌاري ويٺل ماڻهن تي نظر وڌي ته آيا هنن سندس نئون گهڙيل اصطلاح: پٿرن سرن ۽ سيمنٽ جو ٻيلو“ سمجهيو يا نه. پر هن ڏٺو ته اها ڳالهه ڪنهن به نه سمجهي ۽ ان جي سمجهڻ بناڪو حيران پريشان ٿيو.
”بئنڪاڪ ۾ ڪابه قدرتي سونهن ناهي جنهن کي توهان کڻي ڏسو. جيڪڏهن لڏندڙ سارين جو فصل يا ننڍاکڙين نيڻن واريون پنهنجيون ساهيڙيون: ڍڳيون مينهون ڏسڻ چاهيو ٿا ته ان لاءِ توهان کي ٽئڪسي جو ڳرو ڀاڙو ڏيئي شهرکان گهڻو گهڻوپري وڃڻو پوندو.“
”اتي جا ماڻهو پنهنجن ئي ڪمن ۽ خفن ۾ رڌل رهن ٿا. هنن کي توهان سان ملڻ يا دوستي رکڻ جي پرواهه ئي ناهي. بس هر وقت ڀڄ ڀڄان ۾ نظر ايندا. پاڻ وانگر ڪنهن هڪ هنڌ ويهي، ڪا قربائتي ڪچهري ڪرڻ جو ته کين وقت ئي ناهي.“
”پر چاچا هريام ائين به نه هوندو. هنن وٽ ڪجهه نه ڪجهه وقت ضرور هوندو.“ وان جي ڀرسان ويٺل هڪ ٻئي ڇوڪري جوزف وچ ۾ ڳالهايو، ”مون کي پڪ آهي ته هنن وٽ وندر جون گهڙيون گهارڻ لاءِ پاڻ کان وڌيڪ عياشيءَ جو سامان موجود آهي.“
تنهنجي اها ڳالهه بلڪل صحيح آهي. واندڪائيءَ جي وقت ۾ بئنڪاڪ جا ماڻهو مالش گهرن ۾ وڃن ٿا. آئون هڪ ۾ ويوهوس.جنهن لاءِ مونکي سؤ ڀات ڏيڻا پيا هئا. مون کي ته اڃا تائين سمجهه ۾ نٿو اچي ته هتي ايتري مهنگائي ڇو آهي. پاڻ وٽ ته ڪنهن کي مالش لاءِ چئه ته ڏهه ڀات کن مس وٺي ٿو. ها اهو ضرور آهي ته اتي جون ڇوڪريون توهان کي وهنجارين به ٿيون. جيڪو پنهنجي ڳوٺ ۾ نٿو ٿئي. پر ان لاءِ توهان کي هنن اڳيان سڄو اگهاڙو ٿيڻو پوي ٿو. هڪ ته پئسا ڏجن ٻيو وري اگهاڙي ٿيڻ جي جٺ سهجي.“ هو کين اهو ٻڌائڻ کان نٽائي ويو ته پاڻ وٽ ڳوٺ ۾ ته مالش ڪرڻ واريون پوڙهيون پڪيون مرد نما عورتون آهن. پر بئنڪاڪ ۾ اهو ڪم ننڍيون نيٽيون ۽ نازڪڙيون ڪن ٿيون جن کي پسڻ سان اکيون ئي ٺريو پون.
”آئون ته ڪڏهن به ان جو جيڪر نه سوچيان ته ڪيترا پئسا ڀرڻا پون ٿا.“ وان خوابن جي دنيا مان ڳالهايو.
”سو انهن ڪمن مان آئون ان نتيجي تي پهتو آهيان ته بئنڪاڪ جي ماڻهن ۾ ڪوبه شرم حياءَ نه رهيو آهي!“ استاد هريام منهن کي موڙو ڏيندي ناپسنديدگيءَ جو اظهار ڪيو.
”چاچا ماستر! ڇوڪرين ۾ به- ؟“ هڪ سورهن سالن جي ڇوڪريءَ پڇيو.
”اتي جون ڇوڪريون ته سڀ کان ويل آهن پر انهن جي ذڪر تي پوءِ ٿو اچان. پهرين اهو ٻڌو ته بئنڪاڪ جا امير ماڻهو ڪيڏي حد تائين بيوقوف آهن. هو وڏن گهرن ۾ رهن ٿا پر ان جا در ۽ دريون بند ڪريو ڇڏين. نتيجي ۾ قدرتي تازي هوا کان محروم رهن ٿا. پوءِ گهر کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ ڀت ۾ لڳل وڏي گوڙ گهمسان واريون مشينون هلائين ٿا. در دريون نه کولڻ ڪري گهر ۾ رڌ پچاءَ مهل ايڏي ڌپ ٿئي ٿي جو ڄڻ بيهوش ٿو ٿجي. توهان ئي سوچيو ته جڏهن در دريون بند هونديون ته اها ڪيئن ٿي ٻاهر نڪري سگهي.“
”ڀلا هنن جون هوٽلون ڪيئن آهن؟“هڪ ٻي ڇوڪريءِ سوال ڪيو. ”ڇا بئنڪاڪ ۾ به اسان جي ڳوٺ جي هوٽلن وانگر کاڌي جي ميزن تي ٻليون ويٺيون هونديون آهن يا نه؟“
…. ۽ ميزهيٺان ڪتا ڪتيون چم چٽ ڪري رهيا هوندا آهن.“ميڙ مان هڪ ٻئي نينگر سُر کڻائيندي چيو.
”اتي ڪتا ته نه.“ چاچي ماستر وراڻيو، ”پر البت ڪي ڪي جوڙا ڪٿي ڪٿي پيار ونڊيندي ضرور نظر آيا ٿي. اڳتي هلي وڌيڪ ڇا حال ٿئين، ان بابت چئي نٿو سگهان. باقي في الحال اڄڪلهه ڳائڻيون هڪ ته ڪپڙا تمام گهڻو بيهودا پائين. ويندي ڪي ڪي ڇوڪريون اسڪرٽ بيحد استعمال انگيز حد تائين ننڍا ٿيون رکن. ۽ ٻيو ڊانس ڪرڻ وقت اهڙا شرمناڪ دعوتي اشارا ڪن ٿيون جو ڪو سوچي به نٿو سگهي.“
”دعوتي اشارا-! چاچا ماستر اهي ڪيئن؟ ڀلا ڪهڙيءَ طرح؟“ هڪ ٽرڙي ڇوڪري اٿي بيهي چاچي پوڙهي کان پڇيو.
”چڱو چڱو هاڻ گهڻو ئي ٿيو.“ ماستر هريام کيس ماٺ ڪرائيندي چيو، ”هاڻي مونکي وڌيڪ نه کول.“
ميڙ ويٺلن نوجوانن هڪ ٻئي ڏي ڏسي ٽهڪ ڏنا.
”بئنڪاڪ جي ماڻهن کي پنهنجي صفائي رکڻ جو تمام گهڻو اونو نظر اچي ٿو.“ ماستر صاحب وڌيڪ شروع ٿيو. ”جيئن ئي توهان ڪنهن هوٽل ۾ گهڙندؤ ته بئرو توهان کي هڪ خوشبودار آلو ٽوال هٿ منهن صاف ڪرڻ لاءِ آڻي ڏيندو. مون سان گڏ رهندڙ هڪ ماستر صاحب هڪ ڏينهن ان ٽوال کي چڱي طرح استعمال ڪيو. ٻئي ڏينهن هن جون اکيون سُڄي سنگترا ٿي پيون. ٽوال ۾ ڪي جراثيم هئا. پوءِ هن کي اکين جي علاج لاءِ ڪيتروئي ناڻو خرچ ڪرڻو پيو. ان تان مون کي ياد آيو ته بئنڪاڪ جو ڊاڪٽر رڳو اکين جا کوپا مٿي کڻي منٽ ڏسڻ لاءِ ڏيڍ سؤ ڀات وٺي ٿو. ان کان علاوه دوا تي ڌار خرچ. بئنڪاڪ ۾ وڃي رهڻ جو متان ڪڏهن سوچيو اٿاوَ.“
”ماستر هريام! ڇا واقعي سچ ٿا چئو-؟“
هريام ڪنڌ ڌوڻي هائوڪار ڪئي.
”بئنڪاڪ ۾ ايترا ته اڻ ڳڻيا ماڻهو رهن ٿا جو ڪنهن جي به زندگيءَ جو ڪنهن کي ڪو قدر ناهي. ڪو مري ته مري وڃي. ٻئي کي ان جي ذري به پرواهه ناهي. هڪ ڏينهن ته ڪار واري، سوڙهي گهٽيءَ مان ايندڙ ماڻهوءَ کي اهڙو ته زور سان ٽڪر هنيوجو واٽهڙو اتي رستي تي ئي مري ويو. مون ڏٺو ته ان تي ڪنهن کي به ڪهل نه آئي. مون کانسواءِ ڪو ٻيو سندس ويجهو به نه آيو. پر آئون ڌاريون ماڻهو ڇا ٿي ڪري سگهيس. مون کي ته نه اسپتال جي خبر نه رستن جي ڄاڻ.“
اهو ٻڌي سڀ تپرس ۾ پئجي ويا. ڪا دير ڪنهن لفظ به نه ڪڇيو آخرڪار وان جي ڀر ۾ ويٺل هڪ ٻئي نوجوان ڳالهه جو موضوع بدلايوِ:
”چاچا ماستر! اسان کي بئنڪاڪ جي ڇوڪرين بابت ٻڌايو. اهي ڪهڙا ڪپڙا پائين ٿيون؟ اهي ڪيئن هلن ٿيون؟“
”اهي ڪهڙا ڪپڙا پائين ٿيو! ڪي بنهه ننڍڙا اسڪرٽ (پڙا) پائين ٿيون. ايتريقدر جو اڳيان جهڪڻ سان سندن ڪڇا نظر اچن ٿا. ڪي پيرن جي مرين تائين ڊگھا ته ڪي گوڏن تائين بهرحال پڙا کڻي ڪنهن به ڊيگهه جا پائين پر منجهائن چالو قسم جون ڇوڪريون ڳولڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. ساڳيو حال مٿئين فراڪ (چولي) جو آهي. جيڪي ڊگها پائين ٿيون اهي وري واٽ ويندڙ جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ اڳيان پويان يا پاسي کان چاڪ ايترو ڊگهو،، دُن تائين يا ڇاتيءَ تائين کولي هلن ٿيون جو ڏسڻ وارو پهرين نظر سان هنن تي موهٿ ٿيو وڃي. ٻڌو پيون. منهنجي ڳوٺ جو ڇوڪريون. توهان کي انهن کان سبق سکڻ کپي ۽ ڪڏهن به هنن جيان هلڻ جي ڪوشش نه ڪجو.“
ننڍن همراهن کي پوڙهي ماستر جي ڳالهه نه وڻي. خاص ڪري وان کي، جنهن ٺهه پهه وراڻيو. ”پوڙهن جي اها عادت چڱي جو پنهنجو وقت لئه ۾ گذاري هاڻ ٻين کي ويٺا نصيحتون ڪن ته هيئن به نه ڪريو هوءَ به نه ڪريو. اسان نوجوان ڇا ٿاچاهيون اهو کين هرگز خيال نٿو اچي.“
هريام هن جي ڳالهه کي ڪن ٽار ڪري پنهنجي ڳالهه جاري رکي: ”۽ هو هلن ڪيئن ٿيون؟ ڪجهه ڪجهه توهان ڇوڪرين وانگر. پر وڌيڪ اُڀو ٿي ۽ وڌيڪ نازڪ نخري سان. مون ته توهان کي اهو شروع ۾ ئي ٻڌايو، يا نه، ته بئنڪاڪ جي ماڻهن ۾ هاڻ ڪوبه شرم حيا نه رهيو آهي؟ ان جي ثابتي بئنڪاڪ جي ڇوڪرين جي چال مان ملي سگهي ٿي جن مان هر هڪ پنهنجو پاڻ کي ماڊل سمجهي ٿي. اڄڪلهه هو ميوزڪ تي نانگ وانگر ور وڪڙ کائي پنهنجي شهوت انگيز ڪپڙن ۽ ڪڇن جو نظارو ڪرائين ٿيون. توهان سان ڳالهائڻ وقت سينو تاڻي اُڀو ٿي بيهن ٿيون ته لڳي نٿو ته ڪي هو عزت واريون آحن. بئنڪاڪ ۾ وڃي رهڻ جو ته ڪڏهن به دل ۾ ڌيان نه آڻجو نه ته توهان به انهن ئي جهڙيون بي حيا ٿي پونديون.“
ماستر هريام اهو چئي پنهنجن ڪلهن کي ٿورو لوڏيو ۽ هيئٺين چپ کي چڪ هڻي پنهنجي نفرت جو اظهار ڪيو. پر محفل ۾ ويٺل نوجوان ڇوڪرن جي اکين ۾ ڄڻ نشي کان خمار چڙهي رهيا هئا.
وان، چياپ ۽ ٻين هيڪاندن ڏنگن ڇوڪرن جو ته وات پاڻي ٿي رهيو هو.
ماستر هريام پنهنجي منهن سوچڻ لڳو: ”هميشه ڇوڪريون ئي آهن جيڪي پنهنجن واهيات نخرن ۽ جسماني اوگهڙ ذريعي مردن جي جنسي خواهشن کي اُڀارين ٿيون. ۽ پوءِ جڏهن هو آپي مان نڪري هنن سان ڪجهه ڪري ويهن ٿا ته هنن کي ’جنسياتي وحشي‘ جهڙا خطاب ڏيئي جيلن ۾بند ڪيو وڃي ٿو. يا چريو سمجهي نفسياتي علاج جي لائق سمجهيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر، نفسياتي ماهر، ڪردار جو ڇيد ڪرڻ وارا ملان مولوي، پروفيسر پنڊت ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪن ٿا ته انهن پاڳل ۽ وحشي ڪمن لاءِ جوابدار فقط مرد ئي آهن ۽ ان جو ڪارڻ گهڻو اوچو کاڌو، راند روند ۽ ورزش کان پري ڀڄڻ، هڪ گهرجو ٻئي گهر سان مليل هجڻ، ڳتيل آدمشماري، پيريءَ ۾ مرد کي شهوت ذري جو وري اچڻ چيو وڃي ٿو ڪوبه ان بابت عورت ذات کي ڏوهاري نٿو سمجهي. ڪوبه ان گوڙ گهمسان جو سبب عورت کي قرار نٿوڏ.ئي!“
ٻئي ڏينهن تي هريام جي زال کي هڪ ڄاتل سڃاتل هٿ لکڻيءَ ۾ هڪ نياپومليو.
”منهنجي ڳولا ڪرڻ اجائي آهي. آئون هميشه لاءِ بئنڪاڪ رهڻ لاءِ وڃان پيو- هريام.“

پينسري ڪائين سري (Pensri Kiengsiri)
هن ٿائي افساني- ’ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ‘جي ليکڪا پينسري ڊاڪٽر (فزيويٿراپسٽ) آهي. جنهن آسٽريليا مان تعليم حاصل ڪئي. اڄڪلهه پاڻ ٻي ڪا نوڪري ڪرڻ بدران سڄو وقت لکڻ پڙهڻ کي ڏئي ٿي. سندس افسانن جا ٽي مجموعا ڇپجي چڪا آهن. ان کان علاوه پاڻ ڪيترائي ناول پڻ لکيا اٿس.جن مان پنجن تي فلمون ۽ هڪ تي ٽي وي سيريز ڊرامو ٺهي چڪو آهي. پاڻ ٿائلينڊ جي انگريزي اخبار Bangok- Pos لاءِ ڪالم پڻ لکي ٿي.

آخري کلڪو
بابو اسان کي هميشه اهو ٻڌائيندو هو ته هن ڪيئن، جڏهن هو پنجويهن سالن جو هو، ته فقط ٽن شين جو قدر ڪيو ٿي. هڪ ته دشمن کان بچڻ لاءِ گوتم ٻڌ جو ننڍڙو پتلو- جيڪو هروقت سندس ڳچيءَ ۾ لڙڪندو رهيو ٿي. ٻيو چيلهه ۾ ٻڌل تعويذ- جيڪو سندس عقيدي موجب، ٻڌندڙ کي همت ڏئي ٿو ۽ ٽين پوليس جيڪي سليٽي وردي- جي هر بنگلين ضلعي پوليس جي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ هجڻ ڪري ڊيوٽيءَ مهل پائيندو هو.بابي امان سان ٿائيلينڊ جي هن شهر بنگلين ۾ ئي شادي ڪئي هئي. سندس ڀاءُ هن علائقي جي بدمعاشن جي ٽولي جو خطرناڪ سردار هو، جنهن جي نالي کان پري پري جي علائقي جا ماڻهو ڇرڪيا ٿي. بنگلين ضلعي ۾ هن جو پنهنجو ڪسينو هو جتي شراب ڪواب ۽ جوا جو ڌنڌو زور شور سان هليو ٿي. اهو اڏو بابي جي ئي حد ۾ آيو ٿي. پر بابا اسان کي ڪڏهن به اهو نه ٻڌايو ته هن مامي جهڙي هڪ گئنگسٽر جي ڀيڻ سان ڪيئن شادي ڪئي.
بابا ۽ ماما بلڪل ائين مختلف هئا جيئن ڏينهن۽ رات. اسان وارو مامو جاني واڪر وسڪيءَ کان گهٽ شيءِ ته پيئندو ئي نه هو. داداگيرن وانگر آرام ڪرسيءَ تي ويهي سڄو وقت ڪڪڙ جو ٻوڙ کائيندو ۽ شراب پيئندو هو. واري وٽيءَ تي سندس ڏهن زالن مان ٻه ڄڻيون هن جي خدمت چاڪريءَپٺيان مشغول هونديون هيون. هڪ مالش ڪندي هيس ته ٻي وڃڻيءَ سان هوا هڻندي هيس. رکي رکي جڏهن مامو گهر جي مانيءَ مان تنگ ٿيندو هو ته پنهنجي سڄي گئنگ کي ساڻ ڪري تبديلي ڪارڻ بئنڪاڪ هليو ويندو هو، اتي پهچي هو ڀريل طباق- تريل ڪڪڙ ۽ بدڪن جا، گهرائي پنهنجن ساٿين سان گڏ کائيندو هو. ان بعد مختلف دڪانن مان بهترين چيني سلڪ جاڪپڙا سڀني کي وٺي ڏيندو هو تنهن بعد آخر ۾ شهر ۾ هلندڙ سڀ کان سٺو ناچ گاني يا ڊرامي جو شو سڀني کي ڏيکاري فيريءَ ذريعي پنهنجي علائقي ۾ پهچي ويندو هو. ايندي ويندي مجال جو ڪو کانئس فيريءَجي ڀاڙي جي گهر ڪري. سندس سڄو ٽولو هميشه بنا ٽڪيٽ جي ئي سفر ڪندو هو.
هوڏانهن بابو فقط ڀت کائيندو هو. هر وقت کيس سرڪاري ڊيوٽي چڱيءَ طرح ڏيڻ جو فڪر هوندو هو. نديءَ جي ڪناري تي سندس صاحب سپرنٽينڊنٽ جي آفيس آئي ۽ وڏي ٿاڻي سامهون ٻئي ڪپر تي ئي مامي جي جوا جو وڏو ڪسينو (اڏو) هو. پر مامي، تي ڇاپو هڻڻ ناممڪن ڪم هو. ڇو جو ماما هڪ خاص چوڪيدار رکي ڇڏيو هو جنهن جو ٻيو ڪوبه ڪم نه هو سواءِ ان جي ته هر وقت ايس پي جي آفيس تي نظر رکي. جيئن ئي هن کي ڄاڻ پوندي هئي ته غير معمولي چرپر يا ڇاپي لاءِ پوليس تيار ٿي رهي آهي هو هٿ لوڏي ڪسينو وارن کي اشارو ڪندو هو ۽ سڀ ڪو ائين ٽڙي پکڙي ويندو هو جو جڏهن پوليس وارا لانچ ۾ چڙهي اڏي تي پهچندا هئا ته کين تاس جو ٺلهو هڪڙو پتو به نظر نه ايندوهو. ۽ اهو سڀ ڪجهه سڀني سمجهيو ٿي، ڇو جو پوليس جي مرزيل لانچن کان هنن ڌاڙيلن جا گهوڙا وڌيڪ تکا ۽ ڦڙت هئا.
پر پوءِ آهستي آهستي ماڻهن اهو بهتان مڙهڻ شروع ڪيو ته پوليس ماما جو نالو وٺي نٿي سگهي ڇو جو هو پوليس جي ڊي ايس پي صاحب جو سالو آهي جيڪو هن کي ڳجهه ڳوهه ذريعي اطلاع ڪريو ڇڏي.
انهن افواهن جو اهو نتيجو نڪتو جو ايس پي صاحب منهنجي پيءُ کي گهرائي اهو ڪم سونپيو- يعني مامي کي ساٿين سوڌو واردات واري جاءِ تان جهلي اچ. ان بعد خبرپئجي ويندي ته مامي کي ڪير ٿو اطلاع ڪري ۽ ساڳي وقت بابا جهڙي ايماندار پوليس آفيسر جي به خبر پئجي ويندي ته آيا هو چڱي طرح ڊيوٽي ڏئي ٿو يا نه.
درياهه ٽپڻ مهل ٻيڙيءَ ۾ بابا اڪيلو ئي اڪيلو نڪتو. سندس ڳچيءَ ۾ فقط گوتم ٻڌ جو پتلو هو. بندوق به هو گهر ڇڏي هليو.
جوا جي اڏي تي بيٺل پهريدار جيجيئن ئي مٿس نظر پئي ته هن اسان جي مامي کي خبردار ڪيو ته پوليس ڇاپي لاءِ اچي پيئي. پر سڄي پلٽون بدران فقط هڪ ڄڻو ڏسي هنن کي تعجب ضرور لڳو.
”هڪ ماڻهو هيڏانهن اچي اسان جو ڪهڙو آڱوٺو پٽي سگهي ٿو.“ مامي رڙ ڪري پنهنجن همراهن کي چيو، ”اڙي جوار رکو، ڀڄڻ جي ڪا ضرورت ناهي.“
درياهه جي ٻي ڪپر تي پهچي بابي ٻيڙيءَ کي اتي ئي ڇڏيو ۽ جوا جي اڏي ڏي پيدل روانو ٿيو. جوا جي اڏي ۾ گهڙڻ کان اڳ هڪ سوڙهي گهٽي آئي ٿي جيڪا مامي خاص طرح ٺهرائي هئي، جيئن ڪسينو ۾ گهڙڻ وقت ماڻهو هڪ هڪ ٿي قطار ۾ اچي سگهن ۽ ان وقت جيڪڏهن اها گهٽي ٻنهي ڪنڊن کان بند ڪئي وڃي ته وچ ۾ ماڻهو ائين پاسي وڃي جيئن ڪوئي مار ۾ ڪوئو. بابا جيئن ئي اڏي تي پهتو ته در وٽ بيٺل درٻان کي جهلڻ بدران جهڪي سلام ڪيو. سوڙهي گهٽي اُڪرڻ بعد ٻي ڪنڊ تي بيٺل درٻان به کيس سلام ڪيو ۽ مامي جي ڪمري جو دروازو کولي کيس اندر وڃڻ لاءِ آڌر ڀاءُ ڪيو.
جڏهن بابا اندر قدم رکيو ته کيس سامهون ئي مامو نظر آيو جيڪو هميشه وانگر آرام ڪرسيءَ تي ويهي شراب پي رهيوهو. غير قانوني طرح هلندڙ جوا، چوڌاري متل هئي. بابي جي گهڙڻ تي مامي آيل مهمانن جي کيڪار خاطر چيو: ڀلي ڪري آيائو. ڪريو خبر. اڄ اسان جو ڊي ايس پي صاحب اسان وٽ ڪيئن اچي نڪتو آهي؟“
بنابا ماما کي سلام جو جواب ڏيندي ڌيرج سان چيو؛ ”اُميد ته تون خوش هوندين.“
ڊرامي جا ٻئي اهم ائڪٽر- يعني بابا ۽ ماما جتي آرام ۽ تحمل سان گفتگو ڪرڻ لڳا اتي ٻين ويٺلن جوارين جو ساهه سڪي ويو. وس پڄين ها ته. ڀتيون ڦاڙي ٻاهر ڀڄي وڃن ها.
پر مامي جو هي اڏو اهڙو ٺهيل هو جتي توهان اندر ته سولائيءَ سان گهڙي سگهيائو ٿي پر ٻاهر نڪرڻ ايترو آسان ڪم نه هو. سندس ڀتيون مضبوط ۽ ور وڪڙن واريون هيون. ۽ پوءِ جوارين ٽيبل تان پئسا ميڙڻ شروع ڪيا. ان گوڙ گهمسان ۾ فقط ٻه آواز نمايان هئا. هڪ مامي جو جيڪو چئي رهيو هو: ”مڙيئي خير آهي. ڊڄڻ جي ڪا ڳالهه ناهي. کيڏڻ ۾ مشغول رهو.“ ۽ ٻيو آواز منهنجي پيءُ جو هو، جيڪو سرڪاري لهجي ۾ کين حڪم ڪري رهيو هو: ”خبردار جو چُريا پريا آهيو ڪنهن ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ”ٻيو اُهو آواز هو جنهن۾ رعب ۽ دٻدٻو هو. جنهن پٺيان سرڪاري طاقت هئي جنهنڪري هڪ عام پوليس وارو به همٿ وارو ٿيو پوي. سڀ جتي هئا اتي ڄمي ويا.
مامي رڙڪري پڇيو: ”سو، تنهنجو هتي ڪيئن اچڻ ٿيو آهي؟“
”آئون هتي ان لاءِ آيو آهيان ته توکي ٿاڻي تي وٺي هلان.“ بابا چيو. ماما ان تي ايڏو وڏو ٽهڪ ڏنو جو ان جو آواز سڄي هال ۾ گونجي ويو. ان بعد وسڪيءَ جو ڍڪ ڀري بابي کي چيو: ”تون ڇا ٿو سمجهين ته آئون ائين چپ ڪري ويٺو رهندس ۽ تون هتان بچي نڪرندين؟“
”تون جيڪي ڪرڻ چاهين ٿو اهو تنهنجو پنهنجو مسئلو آهي.“ بابا وراڻيو، ”باقي هي جيڪي ڪجهه آهي اهو مون کي ڪرڻو آهي.“
”۽ جيڪڏهن ڪو همت ڪري توهان کان اهو پڇي ته توهان ڇاڇا چاهيو ٿا؟“ منهنجي مامي ادب سان پڇيو.
”جيڪي جيڪي ماڻهو هتي موجود آهن انهن کي آئون ٿاڻي تي وٺي هلڻ چاهيان ٿو.“ بابي وراڻيو.
”سڄي ڄمار ۾.“ ماما وراڻيو، ”مون ڪڏهن تنهنجي ٿاڻي تي قدم نه رکيو آهي. ۽ نه ڪنهن کي همٿ ٿي آهي جو مون کي جهلي ٿاڻي تي وٺي هلي.“
”ان ڪري ٿاڻي جو نمائندو پاڻ تو وٽ هلي آيو آهي- بنا هٿيارن جي. ۽ توکي ٿاڻي تي هلڻ لاءِ خاص عرض ڪري ٿو.“ بابا چيو.
”خاص عرض، ائين نه؟ بنا ڪنهن بندوق پستول جي تون مون کي ٿاڻي تي وٺي هلڻ جو سوچي رهيو آهين. ڊي ايس پي هوندين ته پنهنجي لاءِ. آئون توکي هڪ ڪتي وانگر ماري ڇڏيندس.“
”ته پوءِ مار.“ بابا جواب ڏنس.
”۽ پنهنجي ڀيڻ ۽ ٻارن کي يتيم ڪري ڇڏيا؟“ مامي چيو.
”مائٽي مٽيءَ وارا ناتا هڪ پاسي ئي رکيا وڃن ته بهتر آهي. آئون هتي سرڪاري ڊيوٽي تي آيو آهيان ۽ نه مائٽي واري ڪاڄ جي نينڊ تي.“ بابا چيو ۽ پوءِ جوا کيڏندڙ ڏي منهن ڪري چيو ”توهان مڙيئي ٻڌو پيا. توهان مان هڪ هڪ ٿي هيٺ ٻيڙيءَ ۾ هلي وهي.“
”تون اڃا اهو سمجهين پيو ته هڪ ماڻهو- سو به بنا هٿيارن جي هيترن مڙني ماڻهن تي حڪم هلائي سگهندو؟“ ماما بابا کي ٽوڪيندي چيو: ”تون ڪنهن کي جهلڻ جي ڪرين ان کان اڳ هو هوا وانگر چئني طرف ٽڙي پکڙي غائب ٿي ويندا.“
”پر جيڪڏهن تون هنن کي ان ڳالهه کان منع ڪندين ته هو ڪيڏانهن به وڃي نه سگهندا.“ بابا چيو. ”ساڳي وقت آئون فقط توتي نظر رکندس.“
”هي چريائيءَ جون ڪهڙيون ڳالهيون پيو ڪرين؟“ ماما ڪاوڙ مان رڙ ڪري چيو، ”اڙي مون کي اها بندوق ڏجو. آئون هاڻ بلڪل بي صبرو ٿي هٿن مان پيو وڃان.“ سندس هڪ ساٿيءَ کيس بندوق وڌائي هٿن ۾ ڏني. هن ڪرسي تي ويٺي ويٺي بندوق کي اٿلائي پٿلائي ڪجهه سوچيو.
”ڇا تون اڃا سمجهين ٿو ته مون کي جهلي سگهندين؟“ ماما پڇيو. پر بابا کيس جواب نه ڏنو ۽ نه پنهنجي جاءِ تان رڙهيو. مامي ڪاوڙ مان پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيو. ”ڀلا اهو ٻڌاءِ ته ڇو تون؟ هيڏي پوليس جي عملي مان ڇو تون آيون آهين؟ ڪو ٻيو ڇو نه؟ ڇا هو چاهين ٿا ته آئون هرو ڀرو پنهنجي ڀيڻ جي مڙس جو خون ڪريان-؟“
”اها ڳالهه تون به سمجهين ٿو ته آئون به.“ بابا چيو. ”توکي خبر آهي ته سڄي تر ۾ ڇا ڳالهه هلي ويئي آهي. ماڻهو اهوئي چون ٿا ته جيسين تنهنجو ڀيڻي ويو هن تر جو ڊي ايس پي رهندو. تون غير قانوني ڪم ڪندو رهندي. مون کي اهو غلط ثابت ڪري ڏيکارڻو آهي. سو جيڪڏهن تون مون کي گولي هڻي ماريندين ته سڀ کان بهتر ٿيندو. نه فقط بدناميءَ کان پر هن دنيا جي سورن کان به ڇٽي پوندس. ۽ افواهه پکيڙڻ وارن کي اهو ته محسوس ٿيندو ته گهٽ ۾ گهٽ ڪو ته پوليس آفيسر آهي جيڪو قانون ۽ ڊيوٽيءَ کي مائٽي مائٽيءَ جي ناتن ٻنڌنن کان به مٿي سمجهي ٿو. تون کڻي منهنجو ڀيڻويو آهين پر قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ ڪري منهنجين نظرن ۾ تون به هڪ ڏوهاري آهين!
”تاس جا ڪجهه پتا رکي انهن سان کيڏڻ ۾ آخر خرابي ئي ڇا آهي؟“ مامي جي ڪاوڙ جو پارو هاڻ چوٽ چڙهي رهيو هو.
”قانون جوا کيڏڻ کان منع ڪري ٿو.“ بابي سخت لهجي ۾ وراڻيو. ”۽ هر اهو ڪم جيڪو قانون جي خلاف آهي ڏوهه آهي. جرم آهي.“
بنا ڪنهن چتاءَ جي مامي يڪدم بندوق جو نشانو بابا تي چٽيو. هر ڪو ڊڄي پاسيرو ٿي بيٺو. پر بابا ائين جبل وانگر هڪ هنڌ بيٺورهيو.
”قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ مون پنهنجي زندگيءَ جو اصول ٺاهي ڇڏيو آهي.“ ماما چوڻ لڳو. ”مثال طور، ماڻهن کي مارڻ قانون جي خلاف آهي. پر مون هميشه ائين ئي ڪيو آهي، ۽ هن عمر تي پهچي هاڻ پنهنجون عادتون بدلائڻ نٿو چاهيان. ۽ هينئر هڪ ٻئي ڄڻي جو خون مون لاءِ ڪوبه خاص فرق پيدا نٿو ڪري.“
بابي هڪ قدم به پٺتي نه چرندي وراڻيو: ”آئون قانون جي حفاظت ڪرڻ لاءِ ملڪ جي بادشاهه طرفان مقرر ٿيل نمائندو آهيان جيڪو مون کي اهنج رسائيندو اهو ڄڻ حاڪم جي بيعزتي ڪندو.“
ان جملي تي مامي يڪدم بندوق کي کڻي هيٺ ڪيو. ڄڻ اها اوچتوئي اوچتو ڳري ٿي پيئي هجي. هو ڪجهه سوچڻ لڳو. ڪنهن زماني ۾ هن پاڻ به شاهي خاندان وٽ نوڪري ڪئي هئي. ان جو نمڪ کاڌو هو ۽ هن جي دل ۾ بادشاهه سلامت لاءِ پنهنجي قسم جي وفاداري هئي.
”چڱو سائين چڱو، اهي سڀ ڳالهيون ڇڏيو ۽ اچو ته ڪو پاڻ ۾ معاهدو يا ڏيتي ليتي ڪريون.“
”ڪوبه معاهدو يا ڏيتي ليتي مون کي قبول ناهي.“ بابي وراڻيو. آئون هتي تو تائين خالي هٿين آيو آهيان ۽ تيسين هتان نه چرندس جيسين مون کي ڏيکارڻ لاءِ ڪجهه ملي.“
مامي پنهنجي بندوق پاسي تي اڇلائيندي چيو، ”مون کي سچ پچ ته تنهنجي هتان بدلي ڪرائڻ جو بندوبست ڪرڻو پوندو.“
”اهو ته تمام سٺو،“ بابا چيو، ”جيئن وڻنئي تيئن ڪر. مون کي به هتي رهڻ جو شوق ناهي. ڇو جو هتي هوندس ته توکي هر هر جهلڻ ايندو رهندس. ان لاءِ سونپيل ڊيوٽيءَ کي پورو ڪرڻ لاءِ آئون پنهنجو فرض سمجهان ٿو.“
آئون تنهنجي بدلي ڪرائي وٺندس،“ ماما اٽل ارادي سان چيو، ”چڱو هاڻ هل. تون پهريون خوشنصيب آهين جو هتان جيئرو واپس موٽين ٿو.“
”اهو آئون به سمجهان ٿو،“ بابا چيو، ”ڇو جو هن علائقي ۾ جي آئون گهڻو وقت رهيس ته هڪ ڏينهن نوڪري وڃائي ويهندس. ۽ پيٽ پالڻ لاءِ مون لاءِ نوڪري ڪرڻ تمام ضروري آهي.“
ماما خوشيءَ سان ڪجهه گهڙين لاءِ بابي جوايماندار چهرو چتائي ڏٺو سندس اکين ۾ پنهنجي ضد تان پٺتي هٽڻ جو ڪو نالو نشان نه هو. آخرڪار مامو پيرن تي اٿي اُڀو ٿيو ۽ ڪمري ۾ آهستي آهستي پسار ڪندي سوچڻ لڳو. ۽ پوءِ بابا جي سامهون بيهي چيو:
”چڱو سرڪار! تو کٽيو. جيئن توکي وڻي ڀلي ائين ڪر. هتان اسين وڏي ٿاڻي تي هلون. ائين ئي تون چاهين ٿو نه؟ جيتوڻيڪ ڳالهه ۾ ڪجهه به ناهي. ماڻهن اجايو وٺي کنيو آهي ۽ مون کي بدنام ڪيو آهي.“
”توهان مڙني ٻڌو ته هن ڇا چيو،“ بابا رڙ ڪري ماما جي ساٿين ۽ آيل جوارين کي چيو، ”هڪ هڪ ٿي هيٺ پوليس لانچ ۾ هلي ويهي!“
پر اتي وري مامي کِٽ هنئي. ”ائين ڪڏهن به نه ٿيو آهي جو آئون ڪنهن پوليس واري سان گڏ ٿاڻي تي هلان. اهو وهم دل مان ڪڍي ڇڏ ته ڪو تون مون جهڙي بدمعاش کي گرفتار ڪري سگهندين.“
پر ٿوري دير اڳ تو چيو….“ بابا چيو…. تو واعدو ڪيو… تو چيو ته تون پنهنجو پاڻ کي قانون اڳيان پيش ڪندين.“
”اهو مون برابر ڪيو آهي.“ مامي چيو: ”۽ اهو مان پورو ڪندس- پر آئون اهڙي تهڙي چور ٺڳ وانگر هٿ ڪڙيون پائي ائين هرگز نه هلندس. آئون پنهنجي ئي مرضي سان ٿاڻي تي پهچندس ۽ پنهنجي ئي وقت تي ايندس. مون توکي ان لاءِ زبان ڏني آهي اها ضرور پاڙيندس. تون هينئر گهر هليو وڃ. سڀاڻي ننڊ مان اٿڻ کان اڳ آئون هنن سڀني همراهن سميت ٿاڻي تي پهتل هوندس ۽ تنهنجي ئي کاتي ۾ اچي صحيح ڪندس تو اسان کي گرفتار ڪيو آهي. بس؟“
بابا ان بابت منٽ ٻه سوچيو. ۽ پني ڀور ۽ پينسل جي گهر ڪئي جيئن سڀني همراهن جا نالا لکي وٺي. آئون هي لسٽ پاڻ سان کڻي هلان ٿو،“ هن چيو، پوءِ جيئن تون هنن کي وٺي ٿاڻي تي حاضر ٿيندين ته نالا جانچي ڏسندس.“
”اهو تون ڀلي ڪري سگهين ٿو.“ ماما وڏي شان سان وراڻيو.
بابا اڪيلو ئي اڪيلو لانچ ۾ موٽيو. سندس هٿن ۾ فقط واردات تي موجود همراهن جي لسٽ هئي. جڏهن ٿاڻي ۾ گهڙيو ته سڀ کيس شڪي ۽ ذليل نگاهن سان ڏسڻ لڳا. ڪنهن ته ايتريقدر چئي ڏنوته ماما کي ڇڏڻ لاءِ هن تمام ڳري رشوت ورتي هوندي. بابا ڪجهه به جواب نه ڏنو. پر ان رات، امڙ کي ڏينهن واري روئداد ٻڌائڻ مهل ڏڪندڙ آواز ۾چيو: ”اڄ مون کي تنهنجي ڀاءُ کي جهلڻ لاءِ موڪليوويو هو.“
”تعجب جوڳي ڳالهه آهي جو هن توکي ماريو نه آهي.“ امان روئندي چيو.
”هو ان لاءِ ذري گهٽ تيارٿي ويو هو.“ بابا ٻڌايو.
پوءِ هن سڄي ڳالهه امان کي ڪري ٻڌائي. ۽ پوءِ رات جو دير دير تائين امان جي سڏڪن جو آواز ٻڌندا رهياسين. بابا به سڄي رات سمهي نه سگهيو.
ٻئي ڏينهن صبح ساڻ پنهنجي گرفتاري پيش ڪرڻ لاءِ، ماما پنهنجي ساٿين ۽ جوا تي ايندڙ همراهن سميت وڏي ٿاڻي تي پهچي ويو. اهي سڀ مامي جي لانچ ۾ سٿجي آيا هئا. مامو بهترين ۽ مهنگن سلڪ جي ڪپڙن ۾ هو. ڪارروائيءَ دوران هو سوپاريون چٻاڙيندو رهيو.
وڏي بحث مباحثي بعد، قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ جي ضمانت لاءِ وڏو ملهه مقرر ڪيوويو. جيڪو ناڻو مامي سڄي سنگت پاران ڏنڊ طور ڏنو. ان جو ڪجهه حصو انعام طور بابا کي ڏنو ويو. جنهن ههڙن وڏن ڏوهارين کي جهلائڻ ۾ مدد ڪئي هئي.ان بعد ماما پنهنجن همراهن کي ان ئي وقت ساڻ وٺي ساڳي لانچ ذريعي روانو ٿي ويو. هن، پٺيان ڪنهن ڏي مڙي به نه نهاريو. ايتريقدر جوا مان وٽ به ڪجهه گهڙين لاءِ نه آيو.
رات جو بابا انعام ۾ مليل پئسا کڻي گهر امان وٽ آيو ۽ سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي.
”مونکي هن انعام جو هڪ پئسو به نه کپي.“ هن چيو، ”۽ آئون اهي هينئر تنهنجي ڀاءُ کي موٽائي ڏئي ٿو اچان.“
امان جو منهن ڊپ ۽ هراس کان هئڊو ٿي ويو. ”هن ڀيري،“ هن چپن ۾ بابا کي چيو، ”هن ڀيري هو توکي ضرور ماري ڇڏيندو.“ ۽ پوءِ هوءَ بيهوش ٿي ويئي.

آرچن پنجافن (Archin Panjaphan)
”آخري کلڪو“ افساني جو ليکڪ آرچن پنجافن ٿائلينڊ جو رهاڪو آهي. پاڻ ٿائي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي افسانا لکيا اٿس. جن مان ٻه مجموعا 1964ع ۽ 1975ع ۾ ڇپجي چڪا آهن.

ضدي
ملايا (ملائشيا) مان جپانين جي موٽ واري عمل عثمان لاءِ پڻ ڪجهه آزادي مهيا ڪئي. هن جي ڇڙواڳ زندگي ڪاري ٻٽ اونداهيءَ مان ٽپي روشني جي محدود دائري ۾ داخل ٿي.
اها روشني کڻي گهڻي نه هئي پر ايتري هئي جو هو نئين زندگيءَ ڏي قدم وڌائي سگهي.
پاڻ جسم جو سنهڙو هو ۽ مٿو سڄو ڪوڙائي هلندو هو. اهاڳالهه اهڙي هئي جيڪا هن هميشه لاءِ قائم رکڻ نٿي چاهي. سندس نوان وار ائين چهنبون ڪري ٻاهر نڪري رهيا هئا جيئن هڏائين ۽ ڏٻري ٻليءَ جي ٿلهي کل تي هوندا آهن. وهنجڻ مهل هي وار هڪ ٻئي سان ملي ائين مُچا ٺاهي بيهندا آهن جيئن آلي غاليچي جا ٽور، ۽ سڪڻ مهل وري ڪُنڊن تي ائين اُڀا ٿي بيهندا هئا جيئن ڪوريا جي ماڻهن جا هوندا آهن. عثمان کي پنهنجن وارن تي فخر هو جن جي ضدي هجڻ جو ثبوت ڏنو ٿي.
هن جي ضدي پڻي جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته جپاني مليٽري پوليس کيس ٽي دفعا جيل ۾ وڌو هو. ذهني طرح ٽي دفعا مرڻ بعد، سندس روح جو هاڻ ڪجهه به حصو بچيو نه هو. جيستائين هن جا وار وي وڏا ٿين تيستائين هن شهر ۾ وڃڻ نٿي چاهيو. هن ٻهراڙيءَ ۾ رهي، ڪونه ڪو ڌنڌو ڪري وقت گذارڻ چاهيون ٿي.
عثمان جي ڀيڻ خميسان ڪڪڙيون پاليون هيون جن مان ڪي نه ڪي هر وقت آنا ڏينديون رهيون ٿي جيڪي عثمان ۽ سندس ڀيڻ وڪيا ٿي. خميسان عثمان کي بيضا ڏيندي هئي ۽ هو پنجانگ ڳوٺ جي هڪ چيني ڪيدائي (دڪان) واري کي وڪڻي ڏيندو هو.
موڪلن بعد خميسان جو اسڪول کليو. . هڪ ڏينهن هن سڀ بيضا اسڪول ۾ وڃي وڪيا. جڏهن واپس گهر پهتي ته ٻنهي جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿي پيو.
”تو مون سان دغا ڪئي.“ عثمان هن کي چيو.
”تو مون سان اٽڪل بازي ڪئي.“
ڀيڻ وراڻيو.
”گهڻو گوڙ نه ڪر.“ عثمان رڙ ڪئي، ”مون توکي هر بيضي لاءِ اٺ سينٽ ڏنا ٿي.“
ٻئي ڏينهن کان ڀائيواري ختم ٿي ويئي. خميسان پنهنجا بيضا پاڻ کڻي اسڪول جي ڀر ۾ ويٺل چيني دڪاندارن کي في بيضو ٻارهن سينٽ جي حساب سان ڏيڻ لڳي.
ڪجهه ڏينهن بعد عثمان جو دڪاندار سان ڦڏو ٿي پيو:
”تو مون کي ڦريو.“ عثمان چيو.
،مون هرگز نه ڦريو آهي.“ دڪاندار وراڻيو، ”مون کي جيترن بيضن جي ضرورت پوندي اوترا خريد ڪندس. منهنجي لاءِ ڪو فرق نٿو پوي. جهڙو تون مون کي ٻارهين سينٽن بيضوڪڻي ڏين ٿو اهڙو تنهنجي ڀيڻ.“
ڪيترن ڏينهن لاءِ عثمان بي روزگار گهمندو رهيو. هن جا وار هاڻ ايڏا ڊگها ٿي ويا جو انهن لاءِ هن کي هر پنڌرهين ڏينهن برل ڪريم جي شيشي وٺڻي پيئي ٿي.
هڪ رات هن دڪاندار وٽ يڪا ٻه سؤ بيضا وڪيا. ڳوٺ جي ماڻهن ٻئي ڏينهن ڏٺو ته سندن سڀ بيضا غائب هئا، انهن سان گڏ عثمان به ڳوٺ کان غائب هو. ڳوٺ جي وڏيري عثمان جي پيءُ تي چوويهه ڊالر ڏنڊ وڌو. انهن مان چوراسي سينٽ سندس ڌيءَ خميسان کي به مليا جنهن جا پڻ ست بيضا گم ٿي ويا هئا.
ملائيشيا جي هڪ ڏورانهين رياست- ڪيلنتان ۾ پهچي، عثمان پنهنجي رهڻي ڪهڻي جا نمونا ئي بدلائي ڇڏيا. اتي جي هڪ شهر جي خٿاب ۾ داخلا وٺي هو مذهبي تعليم وٺڻ لڳو. وار وري ڪترائي ننڍا ڪرائي ڇڏيائين ۽ مٿي تي عالمن، حاجين ۽ مولوين واري اڇي رنگ جي آر واري ٽوپي پائڻ لڳو. خٿابي ٿي رهڻ واري ڳالهه کيس ڏاڍي وڻي. لڙائيءَ کان اڳ وارن ڏينهن ۾ به هن ڇهه مهينا پنهنجي ڳوٺ جي مدرسي ۾ ڪتاب ۽ سنت جي تعليم، ٻانگو ڏيڻ ۽ سر سان مولود پڙهڻ سکيا هئا. هن کي ٻين ۽ پنهنجي ڀيڻ بيضن چورائڻ واري ڳالهه جو ڏاڍو ڏک ٿيو. هن هاڻ سچار ٿي نيڪ زندگي گذارڻ چاهي ٿي.
شروع شروع جي ڏينهن ۾ هن کي ايمانداريءَ واري زندگي گذارڻ واروڪم تمام ڏکيو لڳو. پر هو صبر وارو هو. هن ڏٺو ته ڪيترائي مولوي ۽ عالم سٺي زندگي پڻ گذاري رهيا هئا جو هنن جي ڳوٺ وارن مدد ڪئي ٿي پر عثمان کي سندس ڳوٺ وارن کان ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ سندن فصل جي لاباري ۾ مدد ڪرڻي پيئي ٿي. عثمان تي استاد بيحد مهربان هو جو عثمان ايماندار هو، نيڪ اخلاق هو ۽ سندس آواز تمام مٺو، چٽو ۽ سريلو هو.
آهستي آهستي هن لاءِ ڏهاڙيءَ جي زندگي آسان ٿيندي ويئي سڀ ڳوٺاڻا کيس سڃاڻڻ لڳا. هاڻ هو اڇي رنگ جي اوچي ململ جو ڪڙتو پائڻ لڳو ۽ هيٺ تي هڪ فرسٽ ڪلاس سرونگ (گوڏ)- جيڪا ڊريس اهي خٿابي پائيندا هئا جيڪي جمعي نماز ۾ خطبو پڙهندا هئا ۽ اڪثر پيش امام ٿيندا هئا يا وري غمي خوشيءَ جي ڪاڄن تي ڊگها ڊگها واعظ ۽ مولود پڙهندا هئا.
اهڙا پراڻا خٿابي نون آيل شاگردن کي پڻ پڙهائيندا هئا ۽ ڪٿي موتي فوتي جو ختمو درود ٿيندو هو ته مانيءَ تي پڻ ويندا هئا. اهڙن خٿابين کي ڳوٺ جا سٺا ۽ عزت وارا گهر پنهنجين ڌيئن جو سنڱ پڻ خوشيءَ سان ڏيندا هئا. هو جيترو گهڻو مشهور ٿيندا هئا اوتروئي کين سٺي گهر جو سنڱ ملي سگهندو هو. ۽ چئن زالن وارو همراهه ته هونءَ به وڏو استاد عالم ليکيو ويندو هو.
عثمان هر نئين زندگيءَ جي سٺائين تي غور سان ويچار شروع ڪيو. هو قيمتي سرونگ ۽ ڪڙتو اوڍڻ لڳو. وار بنهه ننڍا ڪرائي ڇڏيائين. جيئن هن جي شخصيت بااثر لڳي ۽ ائين نه فقط عثمان پر ٻين خٿابين به ڪيو ٿي، جنهن ڳالهه جي اجازت جيتوڻيڪ سندن استاد کليءَ دل سان هرگز نٿي ڏني.
هن کي پوءِ جلدي ئي محسوس ٿيو ته هڪ نوجوان سهڻي ڇوڪريءَ جو ساڻس عشق ٿي ويو آهي. هوءَ ساڳي رياست ڪيلنتان جي هڪ وڏي شهرڪوٽا باروءَ ۾ رهي ٿي.
شاديءَ جي خرچ خاطر پئسا گڏ ڪرڻ لاءِ عثمان هڪ دفعو وري بيضا وڪڻڻ شروع ڪيا. هن دفعي نه فقط بيضا پرچانور پڻ. اهو ڪم هيئن ٿيو جو سندس محبوبا سلماح جي وڏي ڀيڻ ميڪياح جو مڙس سان روسامو ٿي پيو ۽ هو پاڻ مرادو ڪوٽا بارو شهر ۾ چانور وڪڻڻ لڳي. عثمان پنهنجي خٿابي ساٿين کان پئسي جي ڪجهه مدد وٺي پنڌرهن مڻ کن چانور ۽ پنجٽيهه بيضن سان شروعات ڪئي ۽ پوءِ آهستي آهستي اڳتي هلي ميڪياح جي نمائندي طور مارڪيٽ ۾وڪرو ڪرڻ لڳو. هي هاڻ هڪ ماڊرن عالم سڏجڻ لڳو جنهن کي نماز پڙهائڻ، ٻانگ ڏيڻ، واعظ ڪرڻ ۽ مولود پڙهڻ- سڀ ڪجهه آيو ٿي.
هن جي شاديءَ لاءِ هاڻ پوري عمر ۽ وقت هو. ڳجهه ڳوهه ۾ هن پنهنجي مالڪڻ جي ڀيڻ سلماح جي سنڱ گهرڻ جي تاريخ پڻ پڪي ڪئي.
ميڪياح جيڪي ڪجهه شرط شروط پنهنجي ننڍي ڀيڻ جي شاديءَ لاءِ رکڻ چاهيا ٿي اهي مڙيئي پورا ڪرڻ لاءِ هو بلڪل تيار هو. هڪ رات هن عثمان کي ڪوٽا باروءَ ۾رهڻ لاءِ گهرايو. هو اها اميد رکي روانو ٿيو ته اتي پهچي سلماح سان به اڪيلي ۾ ملاقات ٿي ويندي. پر سندس اها اميد پوري ٿي نه سگهي.
هوءَ عثمان کي پهرين سلطانا سئنيما هال ۾ فلم ڏسڻ لاءِ وٺي هلي. ان بعد يوٿ ريسٽورينٽ ۾ماني کائڻ ۽ آخر ڪجهه وقت هڪ پارڪ ۾ گذريائون. سلطانا سئنيما ۽پارڪ ۾، عثمان جي ٻين اسڪولن ۽ مدرسن کان آيل مولوين ۽ خٿابين سان پڻ ڏيٺ ويٺ ٿي. هنن جي موجودگيءَ ۾ هو ڪجهه ڪجهه شڪي ۽ لڄارو ٿي رهيو هو. پنهنجي خٿاب ۾ رات جوئي موٽڻ بدران هو پنهنجي محبوبا جي گهر ٽڪي پيو. پر جيئن ته هو هروقت سندس وڏي ڀيڻ ۽ پنهنجي مالڪڻ جي پهريدار اکين هيٺان هو ان ڪري هو پنهنجي محبوبا سلماح سان ملي نه سگهيو. ويندي هڪ لفظ ڳالهائڻ جو به کيس موقعو نه مليو.
ٻئي ڏينهن خٿاب مان موٽڻ وقت هو تمام گهڻو مايوس هو جو سڄو ڏينهن رات ڪوٽا باروءَ ۾ رهڻ جي باوجود هو سلماح کي ڏسي به نه سگهيو. پر اهو ضرور ٿيو ته هن جي ڀيڻ ۽ پنهنجي مالڪڻ جي ويجهو رهي هن ڪافي تجربو ۽ مزو حاصل ڪيو. هن جي اڳيان نوان پيچڙا ۽ راهون کلي پيون.
هڪ ڀيري عثمان پنهنجي محبوبا جي ڀيڻ سان ڪوٽا باروءَ ۾ فلم ڏسي، هوٽلن ۾ ماني کائي ۽ پارڪ ۾ ٽهلڻ بعد راتو واه ئي موٽيو پئي. هي پهريون ڀيرو هو جو کيس رات ٽڪڻ لاءِ نه چيو ويو ۽ نه وري ان لاءِ پاڻ ئي پڇيائين. هو اڃا تائين پنهنجي محبوبا سلماح سان اڪيلي ملي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو هو. هن کي سندس وڏي ڀيڻ ڪا خاص وڻي نٿي، جيتوڻيڪ هوءَ مٿس ايترو گهڻو مهربان هئي جوشايد ئي ڪو ٻيو مالڪ پنهنجي ڪم واري تي هجي.
رستي تي رات جي اونداهيءَ ۾ ڪو همراهه هن تي اوچتو حملو ڪري مٿي ۽ نرڙ تي مڪن ۽ ٺونشن جا وسڪارا ڪري هليوويو. عثمان هن کي سڃاڻي نه سگهيو. کيس هن کان اڳ به ڪيترائي دفعا ڌڪ لڳا هوندا. زخم رسيا هوندا. پر ايڏا گهڻا نه جيڏا هن اوچتي حملي ۾، جنهن مان نڪرندڙ رت سندس اڇو پهراڻ ڀري ڇڏيو.
ڪيترن ئي ڏينهن تائين هو خٿاب کان ئي ٻاهر نٿي نڪتو. ۽ پوءِ زخم ڇٽڻ بعد هڪ اونهي ڌڪ جو سنڌو سندس نرڙ جي ساڄي پاسي بيهي رهيو.
ان قسم جي مار موچڙي بعد ڪلينتان ۾ ڪوبه پرديسي وڌيڪ نه ٽڪندو هو. هو سمجهي ويندوهو ته اتي جي گئنگ سندس معاشقي يا اچ وڃ کي برداشت نٿي ڪري. پر عثمان سخت ضدي هو. هن پنهنجي رقيب معلوم ڪرڻ چاهيو ٿي. سو هو پنهنجي شرم سان پرچاءُ ڪري ڌڪن جي نشان کي ٽوپيءَ اندر لڪائي ڇڏيو. جيتوڻيڪ هر هڪ سمجهيو ٿي ته هن نشان کي لڪائي ڇڏيو آهي.
هن جي پڪي ارادي کي ڏسي سندس مالڪڻ جي دل ۾ هن لاءِ اڃا به گهڻو پيار پيدا ٿيو ۽ هن کي باقاعدي فلم ڏسڻ، هوٽل ۾ ماني کائڻ ۽ پارڪ ۾ گهمڻ ۽ سندس گهر ۾ هن سان رات گذارڻ لاءِ گهرائڻ لڳي.
خٿاب توڙي پنهنجي مسجد جي جمعاتين منجهه عثمان جي هاڻ گلا ۽ بدنامي ٿيڻ لڳي. سندس مولوين واري ٽوپي، مذهبي عالمن وارو ململ جو ڪڙتو ۽ اتم اتاهين هجڻ جو ڏيک ڏيڻ واري مهنگي گوڏ (سرونگ) به هاڻ ڪنهن جو ڌيان ڇڪائي نٿي سگهي. جيتوڻيڪ سندس آواز ۾ اڃا ميٺاج هو.
عثمان پاڻ به هاڻ ڪنهن جي موتي فوتي يا ختمي درود جي دعوت تي وڃڻ ڇڏي ڏنو. پنهنجي محبوبا ڪارڻ سندس ڀيڻ جي سڏ تي ڪوٽا باروءِ ضرور ويندو هو پر صبح تائين ٽڪڻ بدران رات جي اونداهي ۾ ئي واپس ورندو هو- جيئن دشمن سان مهاڏو ٿي وڃي ۽ کانئن پهرين مار جو بدلو وٺي سگهي.
پر هو ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو. هڪ دفعو وري مٿس حملو ٿيو ۽ هن دفعي کيس ايترو ته ماريو ويو جو ڌڪن جا نشان نرڙ تي اڳيان ئي اڳيان ظاهر ٿي پيس.
شڪست جو احساس دل ۾ دفن ڪري، هڪ ڏينهن هو ماٺ مٺوڙي ۾ خٿاب ۽ ڪلينتان رياست کي هميشه الوداع چئي ٻي جاءِ ۽ ٻي ديس ڏانهن نڪري پيو. هن سلماح سان به نه ڳالهايو.
ڪلينتان رياست ۾ رهڻ دوران هن سان پيش آيل تجربن هن جي ذهن تي تمام اونهو اثر ڇڏيو.
واتي ڪئالا ترنگانو شهر ۾ هن ڪجهه زالن کي چانور وڪڻندو ڏٺو. ڪجهه گهڙين لاءِ هن جو ڌيان پنهنجي مالڪڻ ڏي هليو ويو، ۽ ان مزي ڏي جيڪو کيس سندس سنگت ۽ صحبت مان مليو ۽ انهن نشانن ۽ مار ڏي جيڪا هن کي ملي.
هن اهوئي فيصلو ڪيو ته ڇا به ٿي پوي ته هو صاف سٿري ۽ سچائي واري زندگي بسر ڪندو. هوپنهنجي ڳوٺ وڃڻ جو شوق پورو ڪري نٿي سگهيو جو ان لاءِ هن کي اڃا به ا نتظار ڪرڻ ضروري هو- جيسين ماڻهو سندس ڪيل چوريون ۽ ڏوهه وساري ڇڏين ۽ ساڳي وقت سندس دل مان پڻ ان جو احساس جرم هميشه هميشه لاءِ نڪري وڃي.
هن جو اهو به خيال هو ته سنگاپور وڃي مزور ٿي ڪمائجي. پر ڪن سببن ڪري سندس اهو ارادو به پورو نه ٿي سگهيو.
ملائيشيا جي اوڀر ڪناري وارن شهرن ۽ ڳوٺن مان لنگهندي هن ڪڏهن ڪٿي رات ٿي گذاري ته ڪڏهن ڪٿي. هڪ رات هو هڪ مسجد ۾ ٽڪي پيو. جيئن صبح جو ان ڳوٺ مان نڪري پنهنجي منزل ڏي روانو ٿي وڃي- جنهن جي هن کي خبر هئي نه سوچ.
ٻئي ڏينهن صبح جو فجر نماز تي ڳوٺ جا ڪيترائي ماڻهو سندس مٺي آواز ۾ ڏنل ٻانگ ٻڌي اچي مسجد ۾ گڏ ٿيا.
هنن سڀني کيس ڳوٺ ڇڏڻ کان جهليو ۽ منٿون ڪيون ته هو ان مسجد جو پيش امام ۽ استاد ٿي سندن ئي ڳوٺ ۾ ٽڪي پوي جيئن ڳوٺ جا ٻار هن وٽ قرآن ۽ ديني تعليم حاصل ڪري سگهن.
پهرين وانگر زندگي هڪ دفعو وري هن لاءِ ڏکي ۽ سخت ٿي پيئي. قرآن پڙهائڻ جي عيوض جيڪو کيس اجورومليو ٿي سو بنهه ٿورو هو ۽ هن ڇڪي تاڻي گذارو ڪيو ٿي. اهو سو ضرور هو ته ڳوٺ جي وڏيري کيس ٻيلي جي ڀر ۾ ڪجهه زمين ڀورڏيئي ڇڏيو هو جنهن جي هڪ حصي ۾ هن خٿاب هلايو ٿي ۽ باقيءَ ۾ کائڻ لاءِ ڪڻا پوکيا هئائين.
ڳوٺ جي ماٺيڻي ماحول سندن دل ۾ اڪيلائيءَ جو احساس هيڪاندو وڌائي ڇڏيو. هن کي جيتوڻيڪ سلماح يا سندس ڀيڻ جهڙي ڪا سهڻي ڇوڪري نظر نٿي آئي، پر تڏهن به ڪنهن جي ساٿ جي ضرورت سخت محسوس ڪئي ۽ نه فقط جسماني ساٿ ڪارڻ پر روح جي غذا خاطر پڻ- جنهن سان ڳالهائي ٻولهائي سگهي. جنهن سان پاڻ کي وابسته ڪري سگهي. کيس سندس زندگي هڪ وڏي غار لڳي ٿي جيڪا چوڌاري خالي خولي هجي.
هن ان خالي، اڪيلي ۽ اونداهي غار ۾ ڪنهن عورت جو آواز ٻڌڻ چاهيو ٿي. ڪنهن به عورت جو. ضروري نه هو ته هو آواز ڪنهن هيڪاندي سهڻي عورت جو هجي،يا ڪنهن امير گهراڻي جي عورت جو هجي. هن کي اڪيلائيءَ ۽ خاموشيءَ هاڻ بي وس ڪري رکيو.
خٿاب ۾ ايندڙ ٻارن کي پڙهائڻ۾ جيتوڻيڪ هاڻ سندس چڱيءَ طرح دل لڳي ويئي ۽ هو اهوئي چاهڻ لڳو ته ماٺ کان ته انهن ٻارن جي پڙهڻ جا آواز هر وقت ايندا رهن.
جنهن وقت به هن شاديءَ جو سوچيو ٿي ته سندس اندر جي غار ۾ وڌيڪ اونداهي ٿي ٿي وئي. هو تمام غريب هو. شاديءَ لاءِ ڪجهه پئسي ڏوڪڙ جو هجڻ ضروري هو.
ٿوري ٻنيءَ ڀور ۽ جهوپڙي کانسواءِ هن وٽ هڪ مينهن پڻ هئي. سندس شادي جي خرچ پکي کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ وهٽ ڪافي هو. مينهن ڀٽاري ڍڪيل هئي. جيڪڏهن هن کي وڇ ڄائي ته مينهن کي وڪڻي پئسو شاديءَ جي خرچ تي لڳائيندو.
هن جنهن وقت به هاڻ مينهن کي ڏٺو ٿي ته کيس پنهنجي نرڙ تي مار جا نشان ياد آيا ٿي. انهن نشانين جي سڀني کي خبر پئجي چڪي هئي. اهي نشان سندس خوشيءَ لاءِ وڏي رنڊڪ هئا. هر هڪ کي سندس ڪيلنتان واري پراڻي عشق ۽ رقابت جي ڄاڻ پئجي چڪي هئي. هن گهڻوئي ڪوشش ڪئي ته ماڻهو يقين ڪن ته هو اهي سڀ ڳالهيون ڇڏي هڪ نئون ماڻهو ٿي پيو آهي. سندس اهي ڳالهيون ڳوٺ ۾ هلائڻ ۾ هڪ نوجوان عالم جو هٿ هو جيڪو ڪيلنتان ۾ رهيو ٿي. هوڳوٺ جي مُلين جو پٽ هو.
عثمان هاڻ مڱڻي جي تيارين ۾ هو ته اهو نوجوان عالم رمضان جي روزن ڪري ڳوٺ پهچي ويو. هن کي عثمان جي ارادن جي ڄاڻ پئجي ويئي.
ٻن ڏينهن کانپوءِ عثمان جي مينهن جي پوين ٽنگن واريون نسون ڪو ڪاتي سان ڪپي ويو. بي زبان جانور جي ٽنگن ۾ اهو ست نه رهيو جو کڻي بيهي سگهي. ڪيترن ڏينهن جي سخت سور بعد نيٺ مينهن مري ويئي. ڦر به سندس پيٽ ۾ئي ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويو.
ڦر جو موت معنى عثمان جي اميدن جو موت ٿي ويو. عثمانکي جيئن ئي خبر پيئي ته ساڻس اها جٺ ٻئي نه پر ان نوجوان عالم ڪئي آهي ته سندس حالت ئي ٻي ٿي ويئي.
جمعي نماز دوران عثمان ڳوٺ جي ملين جي پٽ- نوجوان عالم تي حملو ڪيو. هو اڇي رنگ جي ڪڙتي ۽ اوچي گوڏ (سرونگ) ۾ ملبوس هو. عثمان ڪاتيءَ سان سندس ڌڙ ڌار ڪري ڇڏيو.
عثمان ڪڏهن سوچيو به نه هو ته مسجد اڳيان هيترن جماعتين جي ميڙ ۾ هڪ عالم ٻئي عالم جو خون ڪندو.
ان بعد ماڻهن جي واتئون ڪيتريون ئي ڳالهيون ٻڌيون ويون. ڪن اهو به چيو ته ٻنهي جو جهيڙو هڪ ڇوڪريءَ تي هو. پر حقيقت اها هئي ته عثمان پنهنجي رقيب کي ان ڪري ماريو جو مينهن جي مرڻ ڪري سندس اميدن جو قتل ٿي ويو هو. مينهن هن جو ڪهڙوڏوهه ڪيو جو هن مينهن کي ماريو.
عثمان جي مستقبل جو سڄو دارومدار مينهن۽ سندس ڦر تي هو. هن لاءِ اهو ذرو به اهم نه هو ته آيا نوجوان عالم ان ساڳي ڇوڪريءَ تي عاشق هو يا نه. هن جي مينهن جيڪڏهن نه مري ها ته هو ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ به تيار هو.
دل شڪستو ٿي، عثمان ان سڄي ڳالهه جو الزام سماج تي هنيو. جنهن هن کي ڪڏهن به سٺو نٿي. هن هڪ دفعو پنهنجو پاڻ ۽ مستقبل پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.
هنن کي جيڪا سزا ڏيڻي هجي ڀلي ڏين. هن معافيءَ لاءِ هڪ اکر به نه ڪڇيو. هن جج کي اهو هرگز نٿي ٻڌائڻ چاهيو ته هي ان ڪري تباهه ٿي ويو جو ڪنهن به هن جي نيڪ نيتي تي اعتبار نٿي ڪيو.
ڪيرس ماس (Keris Mas)
هن ملئي افساني- ’ضدي‘ جو ليکڪ ڪيرس ماس آهي. اهو سندس قلمي نالو آهي. اصلي نالو ڪمال الدين محمد آهي. پاڻ 1922ع ۾ ملائيشيا جي رياست پهانگ ۾ ڄائو. پاڻ صحافي ۽ سرڪاري پبلشنگ هائوس Dewan Bahasa Da Pustaka ڪوالالمپور، جو ايڊيٽر پڻ آهي.
نوٽ
منهنجي نئين ڪتاب Proverbs of Far- East جو پيش لفظ محترمه بينظير ڀٽو کان علاوه ڪيرس ماس پڻ لکيو آهي. پاڻ ويجهڙائيءَ ۾ ڪوالالمپور ۾ گذاري ويو.
الطاف شيخ (مترجم)

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*