مکيه صفحو / ڪتاب / هليو آ ، هليو آ، ملائيشيا

هليو آ ، هليو آ، ملائيشيا

ڪِتاب: هليو آ هليو آ، ملائيشيا، ليکڪ: الطاف شيخ
موضوع: ملائيشيا جو سفرنامو
الطاف شيخ جو هي تازو ملائيشيا جو سفرنامو آهي ۽ هي سفرنامو 400 کن صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ وارن ڇپرايو آهي جنهن جو مُهاڳ/پيش لفظ لاڙڪاڻي جي انجنيئر اديب ۽ ويب ايڪسپرٽ عبدالوهاب سهتي ۽ جرمني ۾ پاڪستان جي قونصلر جنرل ڊاڪٽر امتياز قاضيءَ لکيا آهن. هونءَ ته الطاف شيخ جهاز هلائڻ دوران يا نوڪري جي سلسلي ۾ جن ملڪن ۾ ويو ٿي ته اتي جو سفرنامو لکيو ٿي. پر هي سفرنامو بقول الطاف جي، لکڻ خاطر ملائيشيا ويو ۽ هن انهن عنوانن تي لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن بابت پڙهندڙ معلومات حاصل ڪرڻ چاهين ٿا.
الطاف شيخ جي فراهم ڪيل معلومات جديد ۽ موجوده دور جي تقاضائن مطابق آهي. ۽ اها معلومات سمجھائڻ جو سندس طريقو اهڙو آهي، جو ننڍو ٻارُ به سمجھي وَڃي. اڻ ڏٺو ڏيهه جي اڻ ڏٺو ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ اٿڻي ويهڻيءَ بابت نون پڙهندڙ کي روشناس ڪرائڻ، جن کي پنهنجي ديس جي ماڻهن جي به پوريءَ ريت خبر ناهي، وڏو ڪمال آهي. پاڻ جِتي به ويو آهي، اتي نه فقط اتان جي ماڻهن سان مليو آهي پر پنهنجا سنڌي سٻاجھڙا پڻ ڳولي لڌا اٿائين ۽ ساڻن ڊڪي وڃي ٻکين ضرور پيو آهي. انهن جو اتي پهچڻ، اتي زندگي گذارڻ، انهن جي سورن اهنجن جو احوالُ ڏنو اٿس. هن ڪِتاب کان علاوه الطاف جا ملائيشيا بابت ٻيا به ڪيترائي سفرناما آهن جيئن ته مڪليءَ کان ملاڪا، ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه، ملائيشيا منهنجي من ۾، مونکي موهيو ملائيشيا، ڳالهيون آهن ڳچ، جت جر وهي ٿو جال، اوهريا جي عميق ڏي، ملائيشيا ٻارنهن سالن بعد ۽ اڙدو ۾ ملائيشيا ڪي دن….
هي ڪِتاب 47 بابن تي ٻڌل آهي جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
• وڏي عمر ۾ سفر ڪجي يا نه؟
• روزگار لاءِ پرديس جا پنڌَ ۽ مسئلا
• ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ رهائش جو سسٽم
• ملائيشيا ۾ نوڪري ڪندڙ
• ڳوٺ جي هڪ شاگرد سان ملاقات

Download (PDF, 1.8MB)

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*