مکيه صفحو / ڪتاب / پيار جي گُهٽ

پيار جي گُهٽ

ڪِتاب: پيار جي گهٽ، ليکڪ: الطاف شيخ
موضوع: ڪهاڻيون ۽ سفرناما
الطاف شيخ ڪاليج جي ڏينهن کان لکڻ شروع ڪيو هو پنهنجي ڪاليج جي مئگزين The Cadet جو ايڊيٽر هجڻ سان گڏ انهن ڏينهن ۾ سنڌ مان نڪرندڙ رسالن گلستان، گل ڦل، هلال پاڪستان، ڳوٺ سڌار ۽ بادل لاءِ مضمون ۽ ڪهاڻيون لکيون ٿي. انٽر ڪري چٽگانگ (بنگال) وڃي پڙهڻ دوران هن پهريون دفعو ”درياهن جي ديس مان“ عنوان تي هر مهيني ”بادل“ رسالي ۾ بنگال مشرقي پاڪستان (هاڻ بنگلاديش) جي موسم، ماڻهن ۽ حالتن تي سفرنامو لکڻ شروع ڪيو. ان دوران ۽ پوءِ تعليم مڪمل ڪري نوڪري شروع ڪرڻ وقت شروع جا ڪجهه سال سفرنامي سان گڏ ڪهاڻيون به لکندو رهيو. هي ڪِتاب ”پيار جي گهٽ“ به ان دور جو آهي جڏهن هن ڪهاڻيون ۽ سفرناما گڏ ٿي لکيا ۽ هن ڪِتاب ۾ ڪجهه سفر جو احوال آهي ته ڪجهه ڪهاڻيون آهن. هي ڪِتاب الطاف جي پهرين ڪِتاب ”اناميڪا“ ۽ ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ بعد ٽيون ڪِتاب آهي. هن ڪِتاب جو مهاڳ نبي بخش کوسي لکيو آهي. هن ڪِتاب ۾ ڏنل مضمونن مان ڪجهه هن ريت آهن:
• سمنڊ تي عيد
• منهنجو جاني ته جهاز ۾
• هڪ اسپتال هڪ ننڍڙي دنيا
• توهان کان ڇا لڪائجي
• زندگي ۽ موت جي وچ ۾ وٿي
• ٽرنيڊاڊ ٻيٽ…….. وغيره

Download (PDF, 1.75MB)

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*