مکيه صفحو / مضمون / ٿيا تماچي ڄام سين، مهاڻا محروم

ٿيا تماچي ڄام سين، مهاڻا محروم

بيڪانير نه فقط راجستان جو پر سڄي هندستان جو مذهبي ۽ ثقافتي لحاظ کان هڪ رنگين ۽ ڏسڻ وٽان شهر آهي. هو ڪو ڪلڪتي يا ممبئي جهڙو گهڻي آدمشماري ۽ گهڻي پکيڙ وارو شهر نه آهي. ان حِسابَ سان بيڪانير راجستان جي شهرن ۾ به پنجين نمبر تي آهي. ماضي کان مندرن ۽ ميلن ملاکڙن جو هي شهر اڄ جي دور ۾ مٺاين ۽ چٽ پٽين شين (نمڪو) کان پڻ دنيا ۾ مشهور آهي. ٿر جي وارياسي علائقي جو هي شهر ماضي کان راندين روندين، اٺن جي ڊوڙن، نوابي محل محلاتن ۽ پارڪن جو شهر رهندو اچي. دنيا جا ماڻهو هن خياباني شهر جا قصا ڪهاڻيون ۽ رنگينيون ڏسڻ لاءِ نه فقط اڄ پر ماضي ۾ به ايندا رهيا. هندستان جي ورهاڱي تائين ۽ ان کان اڌ منو صدي اڳ تائين جڏهن اڃان ريل گاڏيون، ڪارون ۽ هوائي جهازَ عام نه ٿيا هئا ۽ ماڻهن پيرين پنڌ يا اٺن، گهوڙن ۽ گڏهن تي سفر ڪيو ٿي ته راجستان جي جيپور، اڌيپپور، اجمير، ڀلوارا، جوڌپور، جئلور، ڍولپور، ٻُنڍي ۽ هنومان ڳڙهه شهرن جيان اسان سنڌ جي رهواسين لاءِ بيڪانير به ويجھو لڳو ٿي. يقينن شاهه لطيف جهڙو ماڻهو بيڪانير جي هاڪَ ٻڌي اتي آيو هوندو تڏهن ته هن پنهنجي شاعريءَ ۾ بيڪانير جو نالو کنيو آهي ۽ بارش ۽ کنوڻن نالي لکيو آهي ته

ڪي دهليءَ، ڪي دَکن، ڪي گڙن مٿي گرنار،
ڪنهين جُنبي جيسلمير تان، ڏنا بيڪانير بَڪار،
ڪنهن ڀُڄ ڀِڄائيو، ڪنهن ڌَٽ مٿي ڍار
ڪنهن اچي اَمرَ ڪوٽ تان وسايا ولهار

هي مضمون سنڌ جي شهر سکر مان لکي رهيو آهيان ٿوري دير اڳ شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جي ٻن پروفيسرن ۽ سنڌ جي اعليٰ شاعرن ۽ اديبن ايازگل ۽ ادل سومري جن سان گڏ ويٺو هوس. هو انڊيا جي هن رياست راجستان ۾ ٻه دفعا کن آفيشل ٽوئر تي وڃي چڪا آهن ۽ اسان اتي جون ئي ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين. موڪلائڻ وقت بيڪانير جون ڳالهيون ڪندي مون حيرت جو اظهار ڪيو هو ته بيڪانير ماضي کان هڪ اهم شهر/ضلعو رهندو اچي جنهن بابت شاهه لطيف به پنهنجي بيتن ۾ لکيو آهي پر اهو ڪمال آهي ته هندستان جو مشهور شاعر امير خسرو(جيڪو بنيادي طور ايران جو شاعر هو جنهن هندوستان وڃي موسيقيءَ کي مذهبي رنگ مان ڪڍي عوامي رنگ ڏنو) يا دنيا جي مشهور سياح ابنِ بطوطه جنهن هند سنڌ جا ڪيترائي شهر: ٺٽي کان سيوهڻ ويندي ٽنڊو جهانيان سومرو پڻ ويو پر بيڪانير ڇو نه؟
پر هاڻ بيڪانير تي ڪجهه سٽون لکڻ مهل ڌيان ۾ آيو آهي ته بيڪانير شهر ڪئالالمپور، سنگاپور ۽ نئروبي جهڙن شهرن وانگر تڪڙي ترقي ۽ ناموس ضرور حاصل ڪري ورتي پر اهو شـهر (بيڪانير) ٺٽي، ملتان يا دهلي ۽ قاهري جيان ڪو آڳاٽو ناهي. امير خسرو يا ابنِ بطوطا جهڙا بيڪانير بابت ڪيئن ٿا لکي سگهن جڏهن انهن جي ڏينهن ۾ بيڪانير شهر جو نالو نشان نه هو. ابن بطوطا 1304 ۾ طنجة، مراڪش ۾ ڄائو. دنيا جو سير ڪرڻ بعد 1368 ۾ گذاري ويو. هندستان جو شاعر امير خسرو (سڄو نالو ابوالحسن يمين الدين خسرو) ابنِ بطوطا کان اڌ صدي اڳ 1253 ۾ ڄائو ۽ 1325 ۾ گذاري ويو. اهڙي طرح دهلي وارو نظام الدين اولياء رحه 1238 ۾ ڄائو ۽ 1325 ۾ گذاري ويو ۽ هي شهر بيڪانير جنهن جو پاڻ ذڪر ڪري رهيا آهيون ان جو پهريون پٿر سمجھو ته 1488 ۾ رکيو ويو. هي بيڪانير وارو علائقو صفا واري ۽ سڃ هو. چوڌاري ڀينگ پئي واڪا ڪيا. ايتري قدر جو راجستان جو هي حصو جنگلاديش سڏيو ويو ٿي جيڪو سمجھو ته ٿر رڻ پٽ جو حصو آهي. اسان جي خيرپور جي اوڀر ۾ راجستان جو شهر جيسلمير آهي ۽ اڃان هيٺ ڏکڻ ۾ اسان جي موري، قاضي احمد جي ساڄي پاسي (يعني اوڀر ۾) راجستان جو انهن ڏينهن جي گادي جو شهر جوڌپور هو جيڪو ان وقت جي راٺوڙ راجا مهاراجا رائو جوڌا نالي آهي. رائو بيڪا جيڪو بيڪانير شهر جو باني آهي اهو مهاراجا رائو جوڌا جو ٻيو نمبر پٽ هو. رائو بيڪا ڏٺو ته سندس پيءُ جي مرڻ بعد جوڌپور ته سندس وڏي ڀاءُ حوالي ٿيندو ۽ کيس ننڍو ڀاءُ هجڻ ڪري جوڌپور جو ڪو حصو پتي نه ملندو سو هن اهو سوچي هن جنگلاديش ويران علائقي ۾ پنهنجي الڳ سلطنت ۽ نئين شهر بيڪانير جو بنياد رکيو. ٿر جي ويران علائقي ۾ هي بيڪانير خيابان سمجھيو وڃڻ لڳو ۽ وچ ايشيا کان گجرات ويندڙ قافلن کي هتان بيڪانير مان لنگهڻو پيو ٿي ۽ هنن لاءِ بيڪانير هڪ خيابان ئي ته هو جِتي مسافرن ۽ سندن وهٽن پنهنجي اڃ اجھائي ٿي. 1478۾ رائو بيڪا هتي قلعو به ٺهرايو جيڪو هينئر ته بنهه ڊٺل حالت ۾ آهي پر هڪ صدي کن پوءِ هن قلعي کان ڏيڍ ڪلوميٽر جي فاصلي تي جيڪو ٻيو قلعو ٺهرايو ويو ان جو نالو جھوناڳڙهه قلعو آهي جنهن کي ڏسڻ لاءِ دنيا جا ڪيترائي ٽوئرسٽ اڄ به ايندا رهن ٿا.
بهرحال رائو بيڪا جنهن سالَ ۾ بيڪانير شهر جو بنياد رکيو ان کان چئن سالن بعد، 1492 ۾ ڪولمبس ويسٽ انڊيز (آمريڪا) ڳولي لڌو. هي اهو زمانو هو جڏهن سنڌ تي سمن جو راڄ هو ۽ ڄام نظام الدين ثاني عرف ڄام نندو حاڪم هو جنهن سنڌ تي 1461 کان 1508 تائين حڪومت ڪئي. پاڻ پنهنجي پيءُ ڄام سنجر جي وفات بعد تخت تي ويٺو ۽ بهتر حڪومت هلائڻ ڪري هن کي اڄ به هيرو ۽ سندس حڪومت جو عرصو سنڌ جو سونهري دور سمجھيو وڃي ٿو. پاڻ ٺٽي ۾ مڪلي جي قبرستان ۾ دفن ٿيل آهي. سندس پٿر جي مقبري تي ٿيل سنهو ٽُڪ جو ڪم ڏسڻ وٽان آهي. ڄام نندي 48 سال سنڌ تي مڪمل پاور سان حڪومت ڪئي. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي گاديءَ جو شهر ٺٽو هو. هو هڪ عقلمند ۽ انصاف وارو سمجھيو ويو ٿي جنهن جي دور ۾ ٺٽي جون مسجدون ۽ مدرسا وڌيا. ماڻهن کي امن ۽ شانتي جو هڪ ڊگهو عرصو ملي ويو. امن امان ڪري هِتي جو بزنيس وڌيو ۽ ماڻهن خوشحالي جي زندگي گذاري. هن جي ڏينهن ۾ مسافرن بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي سفر ڪيو ٿي. سندس مرڻ بعد سندس پٽ ڄام فيروز ڪو خاص ٻوٽو نه ٻاريو ۽ سندس ڪمزور هجڻ ڪري هو حڪومت وڃائي ويٺو ۽ شاهه بيگ ارغونن جنهن کي قنڌار کان بابر شاهه ڀڄائي ڪڍيو هو تنهن اچي ڄام فيروز کان حڪومت کسي.
بهرحال هتي سنڌ جي ان وقت جي حاڪم ڄام نندي جو احوال ان ڪري ڏنو اٿم ته جيئن منهنجا هم وطني جيڪي اڄ بيڪانير جو چڪر ڏئي بيحد Impress ٿي موٽن ٿا اهي اها ڳالهه ڌيان ۾ رکي سگهن ٿا ته جنهن وقت راجستان جي هن ٿري شهر بيڪانير ۾ پهرين جھونپڙي اڏجي رهي هئي ان وقت اسان جي سنڌ جو ٺٽو شهر جيڪو ان وقت جي سمي حاڪم ڄام نندي (نظام الدين) جي حڪومت جو دارالخلافه هو ڇا ته بلي بلي شهر هو…… لاهري بندر جي ويجھو سنڌ جو هي شهر ٺٽو پراڊڪشن ۽ ٽريڊ جو مرڪز هو جِتي 3000 ڪپڙو اڻڻ وارن جون فئمليون رهيون ٿي جن جو ٺهيل ڪپڙو ايران ۽ ترڪي ويو ٿي……. جِتي انيڪ مدرسا ۽ مسجدون هيون…… فري سيبستين پورچوگالي ليکڪ مطابق ٺٽو دنيا جي امير شهرن مان هو جِتي کاڌي خوراڪ جي ڪا کوٽَ نه هئي. هِتي جي بندرگاهن ۾ هر وقت سامان سان ڀريل جهاز نظر آيا ٿي….. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اڄ ٺٽو ۽ سندس اوس پاس جا شهر سنڌ جي ٻين شهرن وانگر وڃن کنڊر ٿيندا…… اسان جا شهر نه فقط واپار وڙي ۽ خوشحاليءَ ۾ کُٽل آهن پر اخلاقي طرح به انهن جو وڃي ٿو ڏيوالو نڪرندو……. نه آهي ترقي تعليم جي نه ميڊيڪل جي…… نه نوڪريون نه فئڪٽريون ۽ ڪارخانا……. آخرڪار بارڊر جي ٻئي پاسي ساڳي موسم ۽ ساڳي واري جهڙن برپٽن ۾ انڊيا جي گجرات ۽ راجستان جا شهر به ته آهن جن جي خوشحالي، امن امان، تعليم جي ترقي، صحت جون سهولتون ۽ روزگار جا ذريعا ڏسي حيرت ٿئي ٿي.
هِتي اهو به لکندو هلان ته سنڌ جي لوڪ ڪهاڻي نوري ڄام تماچي جو تماچي مٿي ذڪر ڪيل سمي حاڪم ڄام نندي جو پڙڏاڏو ڄام رڪن الدين شاهه هو. ٺٽو جيڪو سمن جي دور ۾ گاديءَ جو شهر هو، ان ۽ جھرڪ شهر (جِتي محمد علي جناح جنم ورتو) جي وچ ۾ ٽي ڍنڍون آهن: ڪينجھر، ڇولماڙي ۽ سونهري. ڪينجھر جي ڪناري تي اڄ به ڀڳل ڀتيون نظر اچن ٿيون….. اتي ڄام تماچي جي ڏينهن ۾ مهاڻن جو ڳوٺ هو. ملڪ جو حاڪم ڄام تماچي ڪينجهر ڪناري سير شڪار تي ايندو رهيو ٿي جِتي هن ڳوٺ جي مهاڻي ڇوڪري نوريءَ راجا جي دل جيتي ورتي ۽ ڄام تماچي هن گندري (جيڪا نوري جي ذات هئي) ڇوڪريءَ تي اهڙو چرين وانگر عاشق ٿيو جو هن کان پنهنجي اعليٰ خاندانَ جون زالون وسري ويون.
سميون ڪري سينگار، راءُ ريجھائڻ آئيون
پَر ڄام هٿ ۾ ڄار، ٿو جُھلي جھٻيرن وچ ۾

۽ نوريءَ به پنهنجي نياز نئڙت سان هن کي خوب ريجھايو.

تون سمي آئون گندري، مون ۾ عيب اَپار
پَسي لِيءَ لغار، متان ماڱر مٽئين!

شاهه جي رسالي ۾ جيڪي ست سورميون آهن …. جن جي عشق جا داستان شاهه لطيف بيتن ۾ ڏنا آهن تن مان نوري هڪ آهي، جنهن جي ڪهاڻي پيار حاصل ڪرڻ ۽ خوشين جي آهي. باقي ٻيون عمر مارئي، سهڻي ميهار، سسئي پنهون، مومل راڻو وغيره مان ڪا رڙي مئي، ڪا ٻڏي مئي، ڪا سڙي مئي ته ڪا محبوب کي ڳوليندي مئي……
ڄام تماچي جنهن جو اصل نالو ڄام رڪن الدين هو سنڌ جي گادي واري شهر ٺٽي مان 1367 کان 1379 تائين ٻارهن سالَ حڪومت ڪئي. انهن ڏينهن ۾ حڪومت ڪرڻ ڪو ملڪ جو انتظام هلائڻ، عوام جي خوشحالي ڪرڻ يا گڊ گورننس نه هوندو هو. بس اوسي پاسي جي پَٽن (ملڪن/حڪومتن) تي حملا ڪري پنهنجي سلطنت وڌائڻ ۽ انهن هارايل حاڪمن سان رشتا ڳنڍڻ هوندو هو. ان خيال کان ڄام تماچيءَ اجائي سجائي مار مارا ڪري ٻين جو سک ڦٽائڻ بدران هڪ مهاڻي ڇوڪريءَ سان عشق ڪري فقط پنهنجين خانداني (ڏاڏي پوٽي) زالن جو سک ڦٽايو جن گهڻو ئي چاهيو ته سندن ور اهي ڪم ڇڏي پنهنجن سان ئي ناتو جوڙي رکي پر سائين ڄام تماچيءَ جي گندري سان عشق هن کي مهاڻن سان ناتا جوڙڻ لاءِ مجبور ڪيو:

ٿيا تماچي ڄام سين، مهاڻا محروم
ننڍيءَ وڏيءَ گندريءَ، مٿي ماڙيءَ ڌوم،
جي ڪينجھر، جي رُوم، سي سڀ انعامي ٿيا.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*