مکيه صفحو / ڪتاب / ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه

ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه

ڪِتاب: ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه!، ليکڪ: الطاف شيخ
موضوع: ملائيشيا جو سفرنامو
الطاف شيخ ڏهه سال کن مختلف جهازن تي ملائيشيا جي مختلف بندرگاهن ۾ ايندو رهيو ان بعد ڏهاڪو سال ملائيشيا جي هڪ شهر ملاڪا ۾ رهي اتي نوڪري ڪندو رهيو. ملاڪا ڪوالالمپور کان ايتري پري آهي جيترو ڪراچي کان نوري آباد. هر هفتي موڪل جو ڏينهن گذارڻ لاءِ الطاف جو ڪوالالمپور يا سنگاپور وڃڻ ٿيو ٿي ان کان علاوه ڪڏهن ڪڏهن سيمينار يا ميٽنگن لاءِ ڪوالالمپور وڃڻو پيو ٿي. بهرحال الطاف جو ڪوالالمپور شهر سان 1968ع کان وٺي واسطو هلندو اچي جڏهن ڪوالالمپور ٽنڊو آدم ۽ ڪوٽڙي جهڙو شهر هو ۽ جڏهن ڪوالالمپور جو پهريون روڊ ”جالان تئانڪو عبدالرحمٰن“ سيمينٽ جو پڪو ٺهيو هو ۽ ماڻهو ان روڊ کي ”باتو روڊ“ سڏڻ لڳا هئا. ملئي زبان ۾ ”باتو“ معنيٰ پٿر آهي. هن ڪِتاب ”ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه“ ۾ الطاف شيخ ڪوالالمپور شهر ۽ ان جي آس پاس جو احوال لکيو آهي. هن ڪِتاب ۾ 27 باب آهن جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
• ڪوالالمپور پهچي ڇا ڏسجي
• ڪوالالمپور ـــ هڪ ماڊرن شهر
• ملئي ماڻهو مٺاين جا شوقين
• موت کان پوءِ ملاڪا کان مَچر ڳوٺ
• ڪانگ ـــ عاشقن جو فئوريٽ پکي
• نون ديوتائن جي ولادت….. وغيره.

Download (PDF, 3.08MB)

هڪڙو رايو

  1. شاھجھان انڈھڑ

    عظیم انسان جو عظیم ڪم

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*