مکيه صفحو / مضمون / آمريڪا ۾ اسان پاڪستانين جي زندگي

آمريڪا ۾ اسان پاڪستانين جي زندگي

هتي آمريڪا ۾ گس پنڌ تي ڪو پاڪستاني ملندو اٿم ته ان کان يڪدم اهو سوال ڪندو آهيان ته ”آمريڪا ڪيئن ٿو لڳانو؟“ يا ”آمريڪا جي زندگي ڪيئن آهي؟“
هتي ڊيلاويئر رياست جي هُڪيسن شهر جي نسيم حسن جي روزمره جي زندگي جو احوال لکان ٿو جنهن مان پڙهندڙن کي آمريڪا ۾ رهندڙن جي ڏهاڙي جي روٽين ۽ ٻين ڳالهين بابت ڪجهه idea ٿي سگهندي.
”آئون صبح جو روزانو ساڍي ڇهين وڳي اٿندو آهيان. ان وقت سج جو سونو ٿالهه اوڀر کان مٿي ظاهر ٿي چڪو هوندو آهي. منهنجو ڀر وارو پاڙيسري پنهنجي ڪم تي وڃڻ لاءِ تيار نظر ايندو آهي. جڏهن به اسان جو سامنو ٿيندو آهي ته اسين هڪ ٻئي سان رسمي کيڪار ڪندا آهيون. آئون پنهنجي هن گهر ۾ گذريل ڏهن سالن کان ٽِڪيل آهيان. ان مختصر کيڪار کڙيءَ کان علاوه منهنجي ڪنهن به پاڙيسري سان گهاٽي ياري نه ٿي سگهي آهي، جيڪا ايشيا جي ملڪن ۾ عام ڳالهه آهي. منهنجا پاڙيسري اڪثر بدلبا رهن ٿا. سراسري طور آمريڪن ساڳي گهر ۾ پنج سال ڪو مس ٿو رهي. آمريڪن پنهنجن گهرن يا پاڙيسرين سان ڪو به لڳ لاڳاپو برقرار نٿا رکن. هنن لاءِ سامان پئڪ ڪري هڪ گهر ڇڏي ٻئي گهر ۾ رهڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي. ويندي وقت هو پنهنجي پراڻي گهر کي مڙي به نٿا ڏسن. هتي گهر بدلائڻ به هڪ وڏو بزنيس آهي. وياج تي قرض کڻي گهر وٺندا، ٻه ٽي سال قرض جون قسطون ادا ڪندا، تيستائين پراپرٽي جا اگهه چڙهيو وڃن ۽ هو اهو گهر مهانگي اگهه تي وڪڻي قرض جا باقي پئسا loan ڏيندڙ ڪمپني کي ڏين ۽ باقي پئسن سان کيسو ڀري وري ٻي گهٽي، ٻئي شهر يا ٻي رياست ۾ وڃيو نئون گهر خريد ڪن، جنهن گهر لاءِ هڪ دفعو وري قرض کڻن ۽ هر مهيني قسطون ڏيڻ شروع ڪريو ڇڏين. ڪڏهن وڏو گهر ته ڪڏهن ننڍو گهر وٺن- خاص ڪري نوڪريءَ مان رٽائرڊ ٿيڻ بعد….
”آمريڪا ۾ رهڻ هڪ نرالو تجربو آهي. دنيا جو ڪو به اهڙو ملڪ ناهي جيڪو انسان ذات جي محنت ۽ جدوجهد جو اهڙو بهتر اجورو ڏئي جهڙو هي ملڪ ڏئي ٿو. روسي رياستن جي ڇڙوڇڙ ٿيڻ بعد هاڻ آمريڪا دنيا جو واحد طاقتور ملڪ آهي. آمريڪا جا ويڪرا ۽ وڏا رستا، کليل ۽ ڪشادا ميدان هڪ آزاديءَ جو احساس ڏيارين ٿا. آمريڪا ۾ جتي ڪٿي وڻ نظر اچن ٿا. عام رستا هجن يا هائي ويز، ٻنهي پاسي وڻن جون قطارون نظر اچن ٿيون. هتي آمريڪا ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ يعني بسون وغيره نظر نٿيون اچن. هر هڪ پنهنجي ڪار هلائي ٿو. گهڻين تڻين ۾ فقط هڪ ئي ماڻهو ويٺل نظر اچي ٿو.
”آمريڪا جي جنهن رياست ڊيلا ويئر ۾ آئون رهان ٿو اها هڪ ننڍڙي رياست آهي جنهن جي ڏسندي ئي ڏسندي آدمشماري وڌي ويئي آهي. هن رياست ۾ مسلمان پهريان هئا جن اڄ کان ڏهه سال اڳ هتي اسلامڪ سينٽر سان گڏ سنڊي اسلامڪ اسڪول کوليو. ويجهڙائيءَ ۾ هندن به مندر ٺهرايو آهي. هنن جو تعداد مسلمانن کان گهڻو آهي. بهرحال هندو ڪميونٽي ثقافت جي ڪمن ۾ اسان مسلمانن کان وڌيڪ Active آهي. هن رياست ڊيلا ويئر ۾، انڊين پهريان ڌاريان آهن جن هتي گروسري جا دڪان کوليا ۽ ريسٽورنٽون کوليون. انڊين ڪميونٽي جون هر وقت ٻاهر جي دنيا تي به نظرون رهن ٿيون. اسان پاڪستانين جي سوچ اندر تائين محدود آهي. ان مان منهنجو مطلب هي آهي ته انڊين هتي جي سياست ۾ به حصو وٺن ٿا ته مڪاني ماڻهن سان دوستي ياري به رکن ٿا ۽ هنن سان سولائيءَ سان رِليو مليو وڃن. اسان پاڪستانين وانگر ناني ڪُنڙو نٿا ٺاهين يعني هر وقت پنهنجن جو ٽولو ٺاهي نٿا هلن. بهرحال انڊين بعد ٻئي نمبر تي اسان پاڪستاني آهيون. منهنجو مطلب آهي عربن، لبنانين، ملائيشين، ٿائي ماڻهن ۽ ٻين گهڻن کان اسان وري به بهتر آهيون. ان جو هڪ سبب اسان کي انگريزي زبان جي ڄاڻ آهي. هونءَ اها تعجب جي ڳالهه آهي ته هتي رهندڙ پاڪستانين ۽ انڊين جو پاڻ ۾ گهڻو قرب آهي ۽ هڪ ٻئي لاءِ ويجهڙائي محسوس ڪريون ٿا. اسان جو مذهب کڻي جدا جدا آهي پر اسان جا کاڌا، اسان جا ويس وڳا، اسان جون شڪليون ۽ اسان جا ٽي وي چئنل ۽ گيت ته ساڳيا آهن.
هن رياست ۾ پاڪستانين جا به ڪجهه ڪجهه ننڍا بزنيس آهن- خاص ڪري ڪراچي جي ميمڻن جا ون ڊالر شاپ، گجراتين ۽ پٺاڻن جا سيڌي ۽ گروسري جا شاپ، وغيرهه. هن رياست ۾ انهن ماڻهن جو به چڱو تعداد آهي جيڪي افغانستان کان لڏي آيا آهن. افغانين جي ياري دوستي پنهنجن تائين ئي محدود آهي. سڀ ۾ گهڻو ماڊرن ايراني آهن. خاص ڪري آتش پرست ايراني ته ڊريس توڙي چال چلن ۾ مڪاني آمريڪن لڳن ٿا. شڪل ۾ ته هو سڀ گورا چِٽا ئي ٿين. پاڪستانين ۾ ڪي ته تمام مذهبي آهن. هتي ڪيترائي سال رهڻ بعد به منجهن ڪا تبديلي نه آئي آهي. نه ڪپڙي لٽي ۾ ۽ نه وري behavior ۾. ساڳي وقت ٻيا ڪجهه پاڪستاني آهن جيڪي هتي جي گورن کان به ٻه رتيون اڳيان ٿيڻ چاهين ٿا. هنن جي گهرن ۾ مئخانا ٺهيل آهن. هنن وٽ ناچ گانن جون به دعوتون ٿين ٿيون ۽ انهن ٻن ڇيڙن جي وچ ۾ ٻيا ڪيترائي پاڪستاني آهن جيڪي هر ڳالهه نارمل ۽ حالتن مطابق اختيار ڪن ٿا. هي ماڻهو پنهنجا مشرقي قدر ۽ ريتون رسمون به قائم رکندا اچن ته اڄ جي ماڊرن مغربي دنيا سان به نباهه ڪندا اچن.
دنيا جي مختلف ملڪن ۽ قومن جا ماڻهو جيڪي آمريڪا ۾ رهن ٿا، انهن ۾ مختلف عادتون پيدا ٿينديون رهن ٿيون. وڏن شهرن ۾ رهندڙن جو پنهنجو سڀاءُ آهي ته ڳوٺن ۾ رهندڙن جو پنهنجو آهي. نيويارڪ جهڙن وڏن شهرن ۾ ته مڪاني مسلم ليگ ۽ پيپلزپارٽي به آهي. واشنگٽن جهڙي شهر ۾ اسان جي پاڪستانين جو گهڻو لڳ لاڳاپو سفارتخانن، ورلڊ بئنڪ، ايئر لائين آفيسن سان آهي. ننڍن ڳوٺن ۾ ڪجهه ناهي ته اتي رهندڙ پاڪستاني مڪاني ماڻهن سان به ملندا جلندا رهن ٿا. شڪاگو، هيوسٽن، نيويارڪ، لاس اينجلس جهڙن شهرن ۾ جتي تمام گهڻا پاڪستاني آهن اتي کين مڪاني ماڻهن سان ملڻ جي ڪا ضرورت ناهي. کين پنهنجن سان ئي ملڻ جو وقت نٿو ملي.
نيويارڪ جي ڪجهه حصن ۾ ته انگريزي زبان اچڻ به ضروري ناهي. هر دڪاندار اردو سمجهي ٿو. ڪي ته پنجابي، گجراتي ۽ سنڌي به ڳالهائين ٿا. پاڪستان جي هر شيءِ شلوار قميصون، ساڙهيون، ڳهه ڳٺا، مرچ مصالحا، اڳٺ گنجيون، ڪڻڇيون، ڏويون ۽ پي ٽي وي ڊرامن جا ڪئسٽ، مسعود انور ۽ معين اختر جا مزاحيه پروگرام، فلمون، ڪتاب، اخبار جهان، هرالڊ، نيوز لائين ۽ تڪبير رسالا ۽ اخبارون هر شيءِ هتي ملي ٿي.
نيويارڪ جي ڪيترن دڪانن جا نالا به اردو لکيل آهن. ڌارئين ملڪ ۾ ان قسم جو داخلي ماحول جنهن کي inward looking culture سڏجي ٿو ڊگهي عرصي لاءِ صحيح ناهي. ههڙي ماحول ۾ رهندڙ کي، توڙي کڻي گهر جو سک نصيب ٿئي ٿو، پر هو خارجي دنيا کان ڪٽجيو وڃي. آمريڪا جي اهم ڌارا ۾ اچڻ لاءِ انگريزي جو سکڻ ضروري آهي. آمريڪا جي ههڙن خانچن ۾ رهندڙ پاڪستاني جتي هنن جو انگريزي سکڻ بنا اڙدو ۽ پنجابي سان ئي ڪم هلي سگهي ٿو اتي اهي مڪاني زبان نه سکڻ ۽ اعليٰ تعليم حاصل نه ڪرڻ ڪري ان سوسائٽي ۾ هو هميشه لاءِ underclass رهن ٿا. آمريڪا جهڙي ماڊرن ملڪ ۾ رهي ڪري هو اعليٰ تعليم ۽ اعليٰ نوڪرين کان محروم رهجيو وڃن ۽ اهو حال نه فقط نيويارڪ جي اهڙن علائقن جو آهي پر آمريڪا توڙي انگلنڊ جي ٻين وڏن شهرن جو به آهي. بهرحال اها هڪ قدرتي ڪشش آهي. دنيا جي وڏن شهرن ۾ اهڙي طرح اطالوين، يونانين، هسپانين ۽ ٻين جا ڳڙکا آهن جتي ان ملڪ جا گهٽ پڙهيل ۽ انگريزي کان اڻ واقف اميگرنٽ پهرين اچي ديرو ڄمائين ٿا. اڄ به آمريڪا جي هر وڏي شهر ۾ چائنا ٽائون آهن جتي چين کان تازو لڏي آيل چيني اچي رهن ٿا. چائنا ٽائون ۾ چين جي هر شيءِ ملي ٿي. نوان آيل اڻ پڙهيل ۽ انگريزيءَ کان اڻ واقف چيني اهڙن علائقن ۾ پورهئي ۽ مزدوريءَ جهڙا ڪم ڪن ٿا. پوءِ انهن جي ٻي ٽهي آهستي آهستي اتان نڪري بهتر هنڌن ڏي وڃي ٿي. بهتر نوڪرين ۽ جابس طرف وڌي ٿي. جيئن ڪراچي جهڙي شهر ۾ لڏي آيل بنگالي، برمي، بهاري، ملتاني، رياستي، افغاني پورهيت پهرين ڪورنگي، اورنگي، لانڍي، مڇر ڪالوني، ڪياماڙي جهڙن علائقن ۾ اچي رهن ٿا ۽ هر قسم جو پورهيو ۽ مزدوري ڪن ٿا پر پوءِ انهن مان ڪيترا پنهنجي اولاد کي درزڪو، واڍڪو يا اليڪٽرڪ جو ڪم سيکاري هنن لاءِ بهتر jobs فراهم ڪن ٿا. ڪي ته هنن کي اعليٰ تعليم ڏياري ماستري، ڊاڪٽري، فوج يا پوليس جهڙن کاتن ۾ ڀرتي ڪرائين ٿا ۽ رهائش لاءِ پڻ هو بهتر علائقن جو رخ رکن ٿا. ڪي ته اتي ئي رهن ٿا سندن ٻار به تعليم حاصل نٿا ڪن ۽ اهڙي ريت هو اتي جا رهجيو وڃن.
پاڪستان جي اها جنريشن جيڪا هن وقت وڏي عمر ۾ آهي، ٻڍائپ ۾ آهي، اها ڪجهه ڪجهه ذهني پريشاني ضرور محسوس ڪري ٿي جو هنن جو اولاد نوڪرين ڪري کانئن ڏور پري پري جي شهرن ۾ رهي ٿو يا جيڪڏهن ساڳئي شهر ۾ آهي ته به سخت بزي آهي. هنن کي اهو وقت نٿو ملي جو پنهنجن پوڙهن والدين سان گذارين. پر ڏٺو وڃي ته اهي اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي اسان جي ملڪ ۾ به رونما ٿي رهيون آهن. ڪراچي، لاهور، حيدرآباد جهڙن وڏن شهرن ڏي نظر ڪندائو ته توهان کي اهڙا ڪيترائي پوڙها پيئر ۽ مائرون ملنديون جيڪي اڪيلائيءَ جي زندگي بسر ڪري رهيون آهن. سندن اولاد ٻئي شهر ۾ نوڪري ڪري ٿو. هنن کي پنهنجي پوڙهي ماءُ پيءُ جي خدمت چاڪري ڪرڻ لاءِ نه وقت آهي ۽ نه will. هتي آمريڪا جهڙن ملڪن ۾ ته وري به ڪيترائي خدمت خلق ڪرڻ وارا ادارا ۽ اسپتالون آهن جيڪي هنن پوڙهن جو خيال رکن ٿا. اسان جي ملڪ ۾ ته ڪيترا پوڙها والدين دوا درمل حاصل ڪرڻ لاءِ به پريشان آهن. ان کان وڌيڪ افسوس جي ڳالهه ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*