مکيه صفحو / مضمون / آمريڪا ۾ ايندڙن جا مختلف دور

آمريڪا ۾ ايندڙن جا مختلف دور

آمريڪا ۾ ايندڙن جا مختلف دور

پاڪستان کان آمريڪا لڏي آيل immigrant آمريڪا ۾ رهڻ دوران گهڻو ڪري ٽن دورن مان گذرن ٿا. پهريون دور پنج سال کن هلي ٿو. هن دور ۾ گهڻا immigrants پنهنجي وطن کي ڏاڍو ياد ڪٿا ۽ پنهنجن والدين ۽ مائٽن سان گڏ زندگي گذارڻ لاءِ واپس وطن ورڻ جي سوچيندا رهن ٿا. هو پنهنجي وطن جون ڪجهه ڳالهيون ياد ڪري بيتاب ٿيو وڃن. ڪجهه اميگرنٽ پنهنجي ملڪ جون سهولتون ۽ سک ياد ڪن ٿا، جيڪي ظاهر آهي ڌارين ۽ ماڊرن ملڪن ۾ نه آهن. پاڪستان ۾ ته مائرون، ڀيڻون يا نوڪر چاڪر هر خدمت لاءِ تيار رهن ٿا. رڌ پچاءُ هجي يا ڪپڙا ڌوئڻ ۽ استري جو ڪم- هر شيءِ ٻين طرفان ٿي ملي ٿي. هر شيءِ ٺهي ٺڪي ملي ٿي. اسان کي فقط ماني کائڻ لاءِ اچي حاضر ٿيڻو پوي ٿو. پر هتي آمريڪا ۾ نه فقط نوڪري ڪرڻي پوي ٿي پر رڌو پڪو، گهر جي ڇنڊ ڦوڪ ۽ ٻهاري به پاڻ ڪرڻي پوي ٿي. هن دور ۾ ڪيترا پنهنجن گهاٽن دوستن ۽ پيارن کي ياد ڪندا رهن ٿا جن سان هو پنهنجي وطن ۾ دل جو حال اوريندا هئا ۽ صلاح مشورو وٺندا هئا. آمريڪا ۾ پير رکڻ سان يڪدم اهو احساس ٿيو وڃي ته هتي ڪو مفت جو لنگر نه پيو هلي. ٻين لفظن ۾ There is no free lunch. هتي جيئڻ لاءِ جدوجهد ضروري آهي. هو هر وقت اهي ئي ڳالهيون ڪندا رهن ٿا ته اسان فقط هيترو ڪمائي وٺون ته پوءِ واپس وطن روانا ٿي وڃون. هو هن پهرين دور ۾ پنهنجي ملڪ دوستن يارن، مٽن مائٽن کي گهڻي کان گهڻا فون ۽ خط لکن ٿا. پنهنجو احوال کين ٻڌائيندا رهن ٿا ۽ کانئن سندن حال پڇندا رهن ٿا.
آمريڪا ۾ ايندڙن جو اهو پهريون دور جنهن کي انگريزي ۾ Phase به سڏي سگهون ٿا، اهو پنجن سالن اندر ختم ٿيو وڃي يا ان کان اڳ ئي، جيئن ئي هو پنهنجي وطن پهرين چڪر تي وڃي ٿو. اهي ماڻهو جيڪي آمريڪا جهڙي نئين ملڪ ۾ پهچي مونجهاري ۾ پئجي ويا هئا ۽ کين پنهنجي وطن جا ڪانگ به ياد اچڻ لڳا هئا اهي جڏهن وڏي سڪ ۽ اُڪير مان پنهنجي ملڪ پاڪستان پهچن ٿا ته هنن کي يڪدم احساس ٿئي ٿو ته هڪ سڌريل ۽ ڊيولپڊ ملڪ ۽ هڪ پٺتي پيل ملڪ ۾ ڪيڏو ته وڏو فرق آهي. هنن کي عجيب مونجهه ۽ depression ٿئي ٿو. پاڪستان جي گرمي، مڇر ۽ مکيون هڪ طرف سک ڦٽائين ٿيون ته هوا ۾ آلودگي ۽ منرل واٽر جي بوتلن ۾ به گندگي هنن کي دست ۽ گهمرا ڏيو ڇڏي. آمريڪا کان پاڪستان ۾ کڻي دوائون سستيون آهن پر منجهن اثر ڪجهه به نه يا ويتر نقصان ۽ پوءِ پئي خبر پوي ته هنن کي اوريجنل دوا نه ملي. دڪاندارن کين لي مارڪيٽ ۽ گهوٽڪي ۾ ٺهيل ٻئي نمبر جون نقلي دوائون ڏنيون. موڪل تي پاڪستان اچڻ تي کين اهو به تعجب لڳي ٿو ته سندن گهاٽا دوست ۽ مائٽ جن کي ياد ڪري هنن کي آمريڪا ۾ سک نه پئي آيو اهي پاڪستان ۾ بهتر ۽ آرام واريون نوڪريون هجڻ جي باوجود هو کانئن پاڪستان ڇڏڻ ۽ آمريڪا ۾ اچڻ جا طريقا پڇن ٿا. هنن جو اندر ئي اندر ڀڄي ڀُري پوي ٿو. وطن واپس موٽي اچي هميشه رهڻ جا خواب ڇيتيون ڇيتيون ٿي وڃن ٿا. سندن پاڪستاني دوستن لاءِ اها حيرت ۽ خوش نصيبي جي ڳالهه آهي ته هي اميگرنٽ آمريڪا ۾ اعليٰ قسم جي ڪار هلائين ٿا ۽ هنن آمريڪا جا ۽ واپسي تي يورپ جا ڪيترائي شهر گهميا آهن. هنن مان ڪجهه جا والدين کين مٿين دل سان چون ٿا ته موٽي پنهنجي ملڪ اچو اسين توهان کي ياد ڪريون ٿا. ڪيترا ته اهو به نه چون بلڪه کين آمريڪا ۾ رهڻ جي همٿ افزائي ڪن. آخر هنن جي آمريڪا ۾ رهڻ ڪري سندن قرض پيا لهن، گهر بهتر نموني سان پيا هلن، پئسي جي بچت پئي ٿئي. هنن جي آمريڪا ۾ رهي ڪمائڻ ڪري گهر جي سٺي مرمت ٿي سگهندي، ڀيڻن جي شادي ٿي سگهندي، ڀائر ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهي سگهندا… خواهشون انيڪ ۽ اهي خواهشون، اهي خواب، اهي سڌون، اهي شوق غريب ڪٽنب جا فقط ۽ فقط تڏهن پورا ٿي سگهندا جڏهن هنن جي گهر جو ڪو ڀاتي فارين ايڪسچينج ڪمائي سگهندو.
هاڻ آمريڪا موٽڻ تي اسان جي اميگرنٽ جو ٻيو دور (Phase) شروع ٿئي ٿو. هن ٻئي دور ۾ هن کي پاڪستان وڃڻ جي چاهت تمام گهٽ محسوس ٿئي ٿي. البت ڪڏهن ڪڏهن ٿوري ياد ستائيس ٿي. هو هاڻ پاڪستان ۾ موٽڻ کان اڳ اتي هڪ گهر ٺهرائڻ جو سوچي ٿو جنهن لاءِ هو پئسو به موڪليندو رهي ٿو. هن جو هي ٻيو ”دور“ ان وقت ختم ٿئي ٿو جڏهن هن کي خبر پوي ٿي ته ڪنهن سٺي علائقي ۾ پلاٽ خريد ڪرڻ ۽ ان تي گهر ٺهرائڻ جو خرچ ايڏو ٿي ويو آهي جو آسمان سان ٿو ڳالهيون ڪري. ان لاءِ هن کي وڌيڪ ناڻي جي ضرورت آهي ۽ جيترو پئسو هن پهرين سوچيو هو اهو ناڪافي آهي ۽ اهو پئسو جيڪو هن موڪليو اهو ٻين ضروري ڪمن تي خرچ ٿي ويو ۽ اهي ضروري ڪم هر فئملي ۾ ڪهڙا به ٿي سگهن ٿا- اگهايون سَگهايون، شاديون مراديون، قرض لاهڻ، پوليس جا ڪيس ۽ وڪيلن جون فيون، يا والدين پنهنجي عقلمندي ڪري پئسو ڪنهن ڌنڌي ۾ لڳايو جيڪو سڀ لڙهي ويو. هاڻ ته والدين به سندس همت افزائي ٿا ڪن ته وطن موٽڻ بدران ولايت ۾ رهي پئسو ڪمائي ڳوٺ به موڪليندو رهي. هو پاڻ به هاڻ آمريڪا جي زندگي جو عادي ٿي ويو آهي. هن جا هاڻ آمريڪا ۾ ڪيترائي پاڪستاني آمريڪن دوست ٿي ويا آهن ۽ ڪجهه انڊيا ۽ ٻين ملڪن جا پڻ سڃاڻو ٿي ويا آهن، جن سان هن جي دل لڳي وئي آهي. هو هاڻ آمريڪا ۾ ئي گهر وٺي رهڻ چاهي ٿو. هن کي هاڻ آمريڪا جو پاسپورٽ به ملي ويو آهي ۽ هو هاڻ پاڪستاني آمريڪن آهي. ڪڏهن ڪڏهن هي اسان جو ”پاڪستاني آمريڪن“ فئملي جي مسئلن ڪري يا نسل پرستي جي ڌڪار ڪري، يا نوڪري مان ڪڍيو وڃڻ ڪري مايوس ضرور ٿئي ٿو پر ٿلهي ليکي هو خوش آهي.
پاڪستان کان آمريڪا لڏي آيل اميگرنٽ جو ٽيون دور ڏهن ۽ پندرهن سالن جي وچ ۾ ڪنهن وقت به شروع ٿي سگهي ٿو. هي اهو دور آهي جنهن ۾ هنن مان گهڻا سٺي طرح settle ٿي ويا آهن ۽ مڊل ڪلاس آمريڪن جي ليول تي يا ان کان کڻي ٿورو گهٽ آهن پر رهائش ۽ پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ پرسڪون آهن. وياج تي ورتل گهر ۽ گاڏي جي قيمت تقريبن ختم ڪرڻ تي آهن يا ختم ڪري چڪا آهن. هنن کي اباڻي ثقافت ۽ مذهب کي قائم رکڻ جو اونو رهي ٿو. هنن جي پهرين ترجيح پنهنجن ٻارن کي مذهب جي تعليم ڏيڻ آهي. ڏهه پندرهن سال آمريڪا ۾ رهڻ دوران هنن کي اهو احساس ٿيو آهي ته ههڙي ماڊرن ۽ ماده پرست مغربي ملڪ ۾ رهڻ ۾ ڪا قباحت ناهي جيڪڏهن هو پاڪستاني پنهنجي مذهب ۽ فئملي قدرن جو خيال رکن. اهڙو ٻار جنهن جو ننڍي هوندي کان مذهب ڏي رجحان رهي ٿو اهو آمريڪا جهڙي آزاد ماحول ۾ به ڀٽڪڻ کان بچيو وڃي. اهو ٻار پنهنجو پاڻ کي به صحيح راهه تي رکي ٿو ۽ والدين لاءِ به سڪون جو سبب بڻجي ٿو.
هن ٽئين دور ۾ پهچي اسان جا پاڪستاني آمريڪن هتي جي اسلامڪ سوسائٽين، پاڪستاني ايسوسيئيشن ۾ حصو وٺن ٿا ۽ ڪي ته ثقافتي ڪمن جهڙوڪ ميوزڪ ۽ شعر و شاعري جهڙين محفلن ۾ به حصو وٺن ٿا. هاڻ هنن ”پاڪستاني آمريڪن“ کي پنهنجي وطن پاڪستان وڃڻ جي ضرورت نٿي پوي. پاڪستان پاڻ هنن وٽ هلي آيو آهي. پاڪستاني ڳائڻا، پاڪستاني سازنده، پاڪستاني اديب ۽ شاعر هنن وٽ هر سال آمريڪا ۾ گهمڻ لاءِ اچن ٿا. پاڪستاني ريسٽورنٽون جن تي هر وقت جليبيون، پڪوڙا، سيرا پوريون، پراٺا، ڇولا ۽ ٻيون اهڙيون شيون نه فقط موجود آهن پر پنهنجي ملڪ جي ڀيٽ ۾ بيحد لذيذ ۽ صاف سٿريون شيون ملن ٿيون جو آمريڪا جهڙن ملڪن ۾ صحت ۽ فوڊ ڊپارٽمينٽ جا قاعدا قانون بيحد سخت آهن ۽ انهن تي عمل به ٿئي ٿو. ان ڪري هتي پراڻيون سُري لڳل داليون ۽ چَڻا نٿا اچن. گريز مان ٺهيل خطرناڪ تيل ”نج گيهه“ جي نالي ۾ نٿا وڪامن. هنن مان ڪڏهن ڪو پاڪستان مان ٿي موٽي به ٿو ته آلوده پاڻي ۽ پاروٿي گوشت کائڻ بعد ڊائريا (دستن ۽ گهمري) جو مريض ٿيو موٽي ٿو. جيتوڻيڪ هو پاڪستان ۾ هر شيءِ کي احتياط سان واپرائي ٿو. گهر ۽ شهر جي وڏين هوٽلن کان علاوه ڪٿي به ماني نٿو کائي، پاڻي به اوچي ڪمپنين جي منرل واٽر بوتلن جو پيئي ٿو. پاڪستان کان اهڙن موٽي آيلن جون ڳالهيون ٻڌي ٻيا ڊڄيو وڃن ۽ ڪيترا ته پاڪستان وڃڻ جو ارادو ان سال لاءِ ڪئنسل ڪري ٻئي سال وڃڻ جي سوچ ڪن ٿا. اهڙي طرح اسان جو ”پاڪستاني آمريڪن“ مڪمل طور ”آمريڪن“ بڻجيو وڃي. ان سان گڏ هن جون ideas، لائيف اسٽائيل ۽ عادتون به گهڻي حد تائين بدلجيو وڃن. هنن مان جڏهن ڪو پاڪستان چڪر تي وڃي ٿو ته هن جا مائٽ مٽ توڙي دوست وائڙا ٿيو وڃن جڏهن هو اسلام، انساني حقن، انساني برابري (Human Equality)، ايمانداري سان زندگي گذارڻ، وقت جي پابندي، صحيح طرح نوڪري ۽ حق حلال جي ڪمائي کائڻ ۽ محنت ۽ پورهئي جهڙن عنوانن تي ڳالهائي ٿو. پاڪستانين کي حيرت لڳي ٿي. جڏهن هنن کي خبر پوي ٿي ته سندن مسلمان دوست جا آمريڪا ۾ يهودي ۽ هندو به تمام سٺا دوست آهن.
آمريڪا ۾ رهندڙ گهڻي ڀاڱي پاڪستاني اميگرنٽ انهن ٽن دورن مان گذرن ٿا. ڪجهه immigrants جيتوڻيڪ آخري (ٽئين) دور ۾ وڃڻ بدران ٻئي ۾ اٽڪي پون ٿا ۽ هو آمريڪا ڇڏي واپس پاڪستان هليا وڃن ٿا ۽ اتي settle ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ڪجهه عرصو گذارڻ بعد هنن کي وري آمريڪا ياد اچي ٿو ۽ هو پاڪستان مان لڏو پٽي وري آمريڪا اچن ٿا. هنن وٽ آمريڪا جو پاسپورٽ ته آهي ئي آهي سو آمريڪا ۾ اچڻ لاءِ هنن کي ڪا دقت نٿي ٿئي. آمريڪا ۾ پهچڻ سان وري هنن کي پاڪستان ياد اچي ٿو ۽ اهڙي طرح هنن جي اچ وڃ جو سلسلو هلندو رهي ٿو.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*