مکيه صفحو / ٻين جا ليک / الطاف شيخ جيئن مون ڏٺو!

الطاف شيخ جيئن مون ڏٺو!

ريٽا شهاڻي

الطاف شيخ جو نالو ڳِنهندي ئي مون کي الف ليليٰ (Arabian nights) جو ڪردار ’سندباد سيلاني‘ (Sindhbad the Sailor) ياد اچي ويندو آهي. هونئن اتهاس اسان کي ٻين به گهڻن ئي ياترين جا نالا ڏنا آهن جهڙوڪ: مئگيسٿينز (Magasthienes) (321ع)، چيني ياتري فاهيمان (405ع)، مارڪوپولو (1288ع) ۽ ابن بطُوطا (1333)، جن سفر ڪري ان وقت جا احوال لکي اسان جي ڄاڻ وڌائي آهي. هنن اُن زماني جي سياسي ۽ سماجي حالتن تي روشني وڌي. هڪڙو ڪولمبس هو جنهن آمريڪا ڳولهي لڌي. مگر في الحال مان جناب الطاف شيخ کي ’سندباد‘ جو ئي نالو ڏينديس. ها، الطاف سنڌ جو ئي سِندباد آهي جيڪو نه صرف پيشي طور سيلاني رهيو، جنهن جهازن ۾ سفر ڪيو مگر سنڌي ادب جو به سيلاني رهيو. ٻيا مٿيان نالا حقيقي شخصيتن جا نالا آهن جڏهن ته اربين نائيٽس جو ’سندباد‘ ادبي دنيا جو هڪ تخليقي ڪردار آهي.
الطاف شيخ جو سڀاءُ ئي سيلاني آهي. هن پنهنجي نوڪريءَ سان نِڀائيندي جهاز راني ڪئي، مختلف ملڪن جي مختلف ماڻهن سان گڏيو، هنن جي رهڻي ڪرڻي، ريتين رسمن کي غور سان ڏٺو جاچيو ۽ انهن سفرن جا دلچسپ ۽ معلوماتي بيان لکي سفرناما تيار ڪيا. پاڻ سان گڏ سنڌي پاٺڪن کي به سئر سَپاٽا ڪرايا ۽ کين پنهنجن سفرن جو ڀاڳدار بڻايو.
هاڻي سوال اهو ٿو اُٿي ته، ڇا هن کي اهڙي نوڪري هئي ان ڪري هو سفرنامن جو بيتاج بادشاهه بڻيو؟ ڇاڪاڻ ته هو سڀاءُ مان سيلاني هو ان ڪري هن اهڙي نوڪري پڪڙي هئي؟ جواب ڪهڙو به هجي، حاصل مطلب اهو ته هو خوشنصيب هو جو کيس پنهنجي دلپسند نوڪري هئي جنهن مان پورو پورو نوڪريءَ جو سنتوش (Job Satisfaction) کيس مليو هوندو.
مون کي ڄاڻ آهي ته هو اڳ ۾ به هندستان اچي چڪو آهي. هن اُتر ڀارت، بڙودا، دهلي ۽ دهليءَ جي آس پاس وارين جڳهين جي ڄاڻ ڏني آهي پنهنجي سفرنامي ۾، جيڪي قسطن جي صورت ۾ ’عبرت‘،
’امرتا‘ ۽ ٻين رسالن ۾، مان پڙهي چڪي آهيان.
فيبروري 2008ع ۾ دادا جشن پي. واسواڻي جي 90th جنم ڏينهن ملهائڻ جي پروگرامن ۾ شامل ٿيڻ جي نينڍ، اسان ٻين ليکڪن سان گڏ، هن کي به موڪلي هئي. هڪ ريگيولر ۽ تجربيڪار ٽُوئرسٽ هئڻ جي ناتي، کيس جهٽ ڀارت جي ويزا ملي ويئي، جڏهن ته ڪيترا اسان جا مهمان ويزا حاصل نه ڪري سگهيا. حالتون ڪجهه اهڙيون بڻيون جو امر جليل، موهن مدهوش، مهرالنساء لاڙڪ ۽ ٻيا پنهنجا مقالا موڪلڻ کان پوءِ به ڀارت اچي نه سگهيا.
جناب الطاف شيخ پروگرام کان ٻه ڏينهن اڳ بمبئي پهچي ويو. بمبئي ۾ ساڌو واسواڻي جشن جي ميمبرن سان رابطو رکي هنن جو دوست بڻجي ويو. هنن سان گڏ ئي شام جي وقت ڪار ۾ پوني پهچي ويو. اچڻ سان، اچي دادا جشن جي ستسنگ ۾ پلٿي ماري پٽ تي ويٺو. دادا جو ليڪچر ٻڌائين ۽ پوءِ دادا سان گڏيو، جنهن هن جي آجيان ڪري کيس آشيرواد ڏني. تنهن کانپوءِ هن مون کي فون ڪري ٻڌايو ته، ”مان اچي ويو آهيان.“
مرحبا ڪندي کيس چيم، ”پوني ۾ اوهان جو سواگت ٿا ڪريون. سُمُواگَتم!“
ٻئي ڏينهن صبح جو موٽر موڪليمانس، منهنجي گهر پڌاريو. الهاسنگر مان آيل ٻن مهمانن ڊاڪٽر نارايڻ ڀارتي ۽ ٽيڪچند مست سان گڏيو. ڪئميرا ته هن وٽ هڪي حاضر هئي، گلي ۾ لٽڪي رهي هئي. آخر به ته هُو هڪ سيلاني هو، بَس صرف فوٽا ئي فوٽا. منهنجي گارڊن ۾ فوٽا، منهنجي صوفا تي فوٽا، بس فوٽا ئي فوٽا!
ستسنگ جي ’ياتري ڀَون‘ ۾ هن جي رهائش جو بندوبست هو، اُتي هو سڀني ڊيليگيٽس سان رلي ملي ويو. منهنجن ڪنن تي کُس ڦس جو پڙلاءُ پوڻ لڳو. هن جي متعلق سٺيون سٺيون ڳالهيون:
”ڀائي، هي جيڪو سنڌ پاڪستان مان ڊيليگيٽ آيو آهي هن جو سڀاءُ ڏاڍو دوستاڻو آهي. هر وقت پيو مشڪي ۽ سٺو ڳالهائي ۽ ڪڍي پيو سڀني جا فوٽا. ها ڀائي، ڏاڍو نيڪ ۽ ڀلو ماڻهو آهي ــ پڪو جينٽلمئن!“
مون چيو، ”تڏهن وري ڇا؟ توهان ڇا سمجهو آهي؟ سنڌ جا سنڌي ائين ئي ٿيندا آهن!“
”سنڌي ٻولي به ڏاڍي مِٺي ٿو ڳالهائي!“
”نارايڻ شيام جو شعر ڪونه ٻڌو اٿيئي؟
نئيـن آ نِت ناز وارن جي ٻولي،
نگاهن، ادائن اِشارن جي ٻولي.
سنڌي ٻولي ائين ئي ٿيندي آهي!“
سيمينار جي ڏينهن، پهريون سيشن اسانجو ــ ادبي سيشن هو، جنهن جو موضوع هو ’صوفي ازم‘ (Sufism)، ان جي صدارت جي ڏور مون الطاف شيخ صاحب کي ڏني. پيپر پڙهڻ وارا هئا: ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻي، ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاني، ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي. مون پڙهيو موهن مدهوش جو لکيل پيپر ۽ گوورڌن شرما گهايل پڙهيو ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ جو پيپر. دادا سامهون اسان کي ٻڌي رهيو هو. چوڌاري ’واهه واهه‘ پئجي ويئي. جڏهن اسٽيج تي الطاف شيخ جو تعارف ڪرائيندي مون دادا کي ٻڌايو ته هي صاحب 69 ڪتابن جو مصنف آهي. ته دادا کيس واڌايون ۽ آسيسون ڏيندي چيو:
”ٻئي دفعي جڏهن ايندين ته چوندين 96 ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن.“
الطاف شيخ ته بس خوش ٿي ويو!
مون کي ٻڌايو ويو ته هر روز صبوح جو هو ڪئميرا گلي ۾ لٽڪائي، آٽو رڪشا ۾ چڙهي الائي ڪٿي گم ٿي ويندو هو. الائي ڪهڙين گهٽين جي خاڪ ڇاڻيندو هو ۽ پنهنجي جُتي خاڪ آلود ڪري موٽندو هو. ٽِپ ٽِپ تي هوندي هئي سندس ڪئميرا جي ڪِلڪ ڪِلڪ. مان سمجهان ٿي ته هڪ هفتي جي دوران هن هزارين فوٽا ڪڍي ورتا هئا، جن مان ڪي سنڌ وڃي مون کي انٽرنيٽ ذريعي موڪليا هئا.
آخري ڏينهن تي هن مون کي جهوني، اصلي پوني ڏيکارڻ جي فرمائش ڪئي ۽ مان کيس پونا سٽي، لڪشمي روڊ، مَنڊئي (ڀاڄين ۽ ميون جي بازار) ۾ وٺي ويس. اهي سڀ ڳُتيل پاڙا هئا. رستي تي جيڪڏهن ڪا پُراڻي عمارت، ڪو اسٽئچو يا دلچسپ جڳهه ٿي ڏٺائين ته جهٽ ڊرائيور کان وچ رستي تي ئي موٽر ٿئي بيهاريائين. پاڻ هيٺ لهي ڪئميرا ڪڍي ان جڳهه جا فوٽا ٿي ڪڍڻ شروع ڪيائين. مان ته صرف موٽر جي اندران هن کي ڏسندي رهيس.
شام جو مان هن کي پونا ڪلب جي لانس تي وٺي ويس. اها جڳهه هن کي خوب پسند آئي. وري نڪتي ڪئميرا ٻاهر ۽ ڪلڪ ڪِلڪ، ڪلڪ ڪِلڪ!
هن نه رڳو منهنجا فوٽا ڪڍيا، ڪلب جي عمارت جا فوٽا ڪڍيا پر اُتي جي ويٽرس (Waiters) جا به ڪڍندو ويو. منهنجي ڊرائيور جو به فوٽو ڪڍي ورتائين. هو سفرنامن لکڻ ۾ ته ماهر آهي ئي مگر هو ته هاڻي بهترين فوٽوگرافر به بڻجي پيو آهي.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*