مکيه صفحو / ٻين جا ليک / سمونڊ، سامونڊي، ۽ سامونڊيَڪو سڱ

سمونڊ، سامونڊي، ۽ سامونڊيَڪو سڱ

سمونڊ، سامونڊي، ۽ سامونڊيَڪو سڱ
سحر گل
مُنڍ:
ڪو به ماڻهو جيڪڏهن سنڌ جي سُڄاڻ ۽ نالي واري ”سامونڊي ليکڪ“ الطاف شيخجي ڪتابن جو انگ ڏسندو (هن ڪتاب سوڌو ڪل 81 ڪتاب) ته اچرج ۾ اچي ضرور پڇندو تههيءُ صاحَبُ نوڪريءَ جو فرضُ نڀائي رهيو هو يا رڳو ڪتابَ لکي رهيو هو؟ ڇو ته ٻئي ڪمَمڪمل ارپنا جا گُهرجائو آهن، جن ۾ چوکو وقت گُهرجي ٿو. ان ۾ ته ڪو به شڪُ نه آهي ته پاڻ سفرنامن جي شعبي ۾ ته انت ڪيو اٿن، پر سندن آفيس مان بهپڇا ڪجي ته نوڪري به چڱي طريقي سان ڪيائون يا نه؟ ڀاسي ته ائين ٿو تهپاڻصاحب هرڪم ڪار ڇڏي پنهنجي سموري عمر رڳو لکي رهيا هئا.! ابَو…! هيڏا سارا ڪتاب…! جي ٽيهن سالن جي عمر کان ڪتاب لکڻ شروع ڪيائون ته سندن هينئر جي عمر 69 جي حساب سان طئه اهو ٿيو ته هر سال ۾ لڳ ڀڳ ٻه ڪتاب لکيا اٿن!سال ۾ ٻه ڪتاب، سامونڊي سفرن واري نوڪري، ۽ پوءِ گهر ٻار سنڀالڻ، اهو پاڻ ڪيئن پئي ڪيائون، اِن راز جي ڳالهه جي پروڙ ته پوي! منهنجي خيال ۾ سندن گهر واريءَ سان به ٻه لفظ ڳالهائي ڏسجن ته هوءَ ويچاري ڇا ٿي چوي ته هي همراه کيس ۽ ٻارن کي ڪيترو وقت ڏيندو هو؟ ڇو ته سندس لکڻيون ته ٻڌائين ٿيون ته هي وڻجارو رڳو پئي دنيا ۾ ڦِريو ۽ پئي ڪتاب لکيائين.. سندن ڪامياب شخصي ۽ ادبي قد بُت ان جي ثابتي آهي ته پاڻ واقعي به ملهايو اٿن، پر اهو ڪيئن ڪيو اٿن، ان تي مان ته اچرج ۾ آهيان، پر ان سوال جي جواب حاصل ڪرڻ لاءِ مونکي ٿوري تحقيق ڪرڻي پوندي!

مون هن سامونڊيءَ جا ڪتاب پنهنجي اسڪول ۽ ڪاليج واري عمر کان پڙهڻ شروع ڪيا هئا، مونکي اڄ به ياد آهي ته سندس ڪتاب پڙهي ان جي ٻولي، مواد ۽موضوعن مان اُتساهه ملندو هو، مون کي رشڪ ٿيندو هو ته ڪاش ائين گُهمي ڦِري، دنيا پَسي ۽ ان تي لکي سگهجي، پر مونکي اها سُرت نه هئي ته لڳ ڀڳ پندرهن سالن کا پوءِ به سندن لکڻيون مونکي تمام گهڻو موهينديون، سِکيا ۽ اتساهه ڏينديون!

تخليق ڪنهن جي دل جي ديوي؟
چوندا آهن ته سفر شروع ڪرڻ ته سڀ ڪو ڄاڻي، منزل پر هر ڪو نه ماڻي، پيار ته سڀ ڪو ڪري پر، نڀائي ڪو ڪو ڏيکاري.. ائين ئي ڪِرتُ ڪار ته سڀ ڪو ڪري پر ان کي تخليق سان سلهاڙڻ ڪو ڪو ڄاڻي. الطاف شيخ سنڌ توڙي دنيا ۾ انهن چند يگانن ماڻهن مان آهي جيڪي زندگيءَ کي سنوار ۽ سينگار سان گذاريندا آهن، جيتوڻيڪ ڪيترائي ماڻهو زندگيءَ کي سنواري گذارڻ چاهيندا آهن، پر منجهائن ڪو وِرلي ئي اهڙو هوندو جيڪو پنهنجي زندگيءَ جي وَکرَ کي اهڙو سهڻي انداز ۾ سنواري ۽ سليقي سان پيش ڪندو جو ان منجهان ٻيا انسان نه رڳو اُتساهه وٺن پر ان مان لاڀ به پرائين. ان ڪري ئي چئبو آهي ته تخليق فقط سچن عاشقن جي باندي هوندي آهي، جيڪي لقائن، واقعن منجهان سرمستي ماڻي ان کي عجب رنگن ۾ پيش ڪري ڄاڻن.
سينٽ آگسٽِين ڪيڏو نه صحيح چيو آهي ته دنيا هڪَ ڪتابَ جيان آهي، جيڪي سفر نٿا ڪن سي ان دنيا جو ڄڻ هڪ صفحو به نٿا پڙهن، لڳ ڀڳ ستر کن ملڪ گهمڻ وارو هي سامونڊي نه رڳو هن ‘دنيا-ڪتاب’ جا ڳچ صفحا پڙهي چڪو آهي، پر انيڪ ڪتاب لکي ان حسناڪ دنيا جو ماڻهن کي خيالي ۽ شعوري دورو به ڪرائي چڪو آهي.کيس پڙهي لڳي ٿو ته واقعي به مسافري ڇڙو سفرَ جو بارُ نه آهي، جي سفرَ جو ڏانءُ هجي ته اهو روح جي رچندي به ٿي سگهي ٿو.سموري دنيا ڪهاڻين سان ٽُٻ ٽار آهي، جڏهن هر ماڻهو ئي هڪ ڪهاڻي آهي ته هن ڌرتيءَ تي ڪهاڻين جا ست ارب انبار ڀريا پيا آهن، هيءُ هالن سان لاڳاپيل سامونڊي ان انبار ۾ ائين گِهڙي پيو آهي جيئن سهڻيميهار جي سڱ ۾ پاڻيءَ ۾ گِهڙي پئي هئي، فرق رڳو ايترو ته هوءَ وڃي ٻُڏي هئي، ۽ هيءُ سامونڊي ويرُن ۾ پيو ترندو، گهراين مان ماڻِڪَ ڪڍيو اچي پنهنجي تخليق جي سڳي ۾ پوئي پيو دنيا کي ماڻِڪ ڀريل وٽيون آڇي.

مسافري ۽ مختلف سماجي موضوعن تي ٻڌل الطاف شيخ جو هي ڪتاب سفر نامي کان وڌيڪ سندس يادگيريون آهي، هر يادگيري ڀاسي ٿو ڄڻ هڪ وجودَ جيان آهي، جنهن جا انيڪ پاسا ۽ روپ آهن، جن جو ماضي، حال ۽ مستقبل آهي، جن ۾ (وقت جي نه کٽندڙ وهڪري جيان وهندو رهندي به) هميشه زندگي نئين نويلي آهي، جنهن ۾رت روانيءَ سان گردش ڪري ٿو، ان جسم جهڙي زنده ۽ جاودان يادگيريءَ جو خاص ۽ اهم ڪردار پس و پيش سنڌ ٿيو پوي.شايد اهو ئي سبب آهي انهن متحرڪ يادگيرين جي اُڻ تُڻ (ناسٽيلجيا) هن تخليقڪار کي ياسيت ۽ اُٻاڻڪائيءَ ۾ نٿي وجهي، ان جي ابتڙ، يادگيرين جي اُڻ تُڻ ۽ هورا کورا جي نتيجي ۾ سندس اندر مختلف ديسن جي انيڪ پهلوئن جي اُوناهين مان تري وڃي الف ليلوي ڪهاڻيون، داستان، ۽ قصا ڪڍيو اچي، ۽ ويٺو دنيا کي اچرج ۾ وجهي. يادگيرين جا ايڪاسي جسم جن ۾ وقت وهامڻ کان پوءِ به زندگي ائينئي پساهَه پئي کڻي جيئن ڪالهه کڻي رهي هئي.

هن ڪتاب جو گهرو مُشاهدو ڪرڻ ۽ان جو تنقيدي جائزو وٺڻ جا مون هيماپاطئه ڪيا آهن، مثال طور مون سندن ڪتاب تي ٽيڪا ٽپڻيءَ جا ٻه حصا ڪيا آهن، پهرئين حصي ۾ مان پنهنجو تجزيو موضوعن جي چونڊ ۽ انهن کي کڻڻ جي انداز تي لکندس، ٻئين حصي ۾ مان سندس پرڏيهي موضوعن کي سنڌ سان واڳي ڏسڻ سمجهڻ ۽ ڀيٽڻ تي نظر وجهندس، منهنجو يقين آهي ته موضوعن جي چونڊ ليکڪ جي پسند ۽ شوق کي متعارف ڪرائيندي آهي، انهن موضوعن جي ڪهڙن پاسن تي زور ڏنل آهي اهو سندن ڏاهپ ۽ اڀياس جي نشاندهي ڪندو آهي، انهن موضوعن جي جنهن طريقي سان ٻوليءَ ۾ اڻت ڪيل هوندي آهي اهو ليکڪ جي اسلوب جي تخليقي سگهه جون نشانيون ڏيندو آهي.

1. موضوعن جي نوعيت:
ليکڪ موضوع ڪهڙا ٿو چُونڊي اهو سندس اندر جي شخصيت جي آئينيداري ڪري ٿو، اهو ليکڪ جي داخلي ۽ خارجي لاڙن جو تعارف به هجي ٿو، موضوعن جي چونڊ ته دراصل ظاهري طور تي ڪتاب جو مواد هجي ٿو، پر اهو ليکڪ جي شعوري سطح، شخصيت ۽ وجود جي ترجماني ڪري ٿو. الطاف شيخ جي ڪتاب …. جي موضوعن جي عڪس هيٺ جي سندس شخصيت جي پرک ڪري ڪا مختصر راءِ ڏجي ته منهنجي خيال ۾ اُها هئين هوندي:
‘الطاف شيخ صاحب، هڪ سائنسي سوچ رکندڙ، جديد دنيا جي گُهرجُن کي وسيع دل سان سمجهڻ ۽ قبول ڪرڻ وارا انسان آهن؛ دنيا کي ڄاڻڻ ۽ ان جي جاگرافيائي ۽ خيالي وسعت کي سمجهڻ ۽ پوءِ ان کي سنڌ تائين پهچائڻ سندن حياتيءَ جو مذهب رهيو آهي. کين سنڌ جي پوئتي پئجي رهڻ جو ارمان آهي، جڏهن سنڌ ۽ سنڌين جي ڳالهه اچي ٿي ته پاڻ سنڌي نوجوانن جي چڱي اڪثريت جي سوچ جي پائمالي ۽ بي عملي، محنت جي فقدان، سچائيءَ جي ڪميءَ تي توائي نظر اچن ٿا؛ پاڻ ڏاڍي سهڻي انداز ۾ غير عقلي لاڙن کي وائکو ڪري انهنکي عقلي حوالن کان بيان ڪن ٿا. مذهب جي نالي تي مفروضن قائم ڪرڻ واري سوچ کان بنهه ونئُن وڃن ٿا. سستيءَ تي پاڻ صفا ڪاوڙجيو پون، ڀلا قانون، اصول ۽ انهن جي پوئواريءَ سندن اهي پسنديده موضوع آهن، جن لاءِ سندن وس پڄي ته پنهجي هر مضمون ڇيهُه ان تي ڪن. دنيا ۾ ڪٿي به ڪو چڱو يا عظيم ڪم ٿيندو هجي ۽ جي ان حوالي کان سنڌ غريب ۽ پٺتي پيل هجي، ته اهو سندن لاءِ وڏو الميو آهي، پڙهندڙن کي ڀاسندو ته هن سامونڊيءَ جي ڄڻ هر لکڻيءَ جو سبب ئي اهو هو ته دنيا جا اڻ ڳڻيا لقاءَ۽ جهانَ پسَي ئي ان ڪري جو انهن کي سنڌ سان واڳي. پاڻ سنڌ جا سچا عاشقَ آهن. پاڻ تنقيد کي سهي ان مان مثبت لاڙا ڪڍي انفرادي ۽ اجتماعي جائزو وٺڻ جا قائل آهن. ”هڪ ايجاد جي کُهائي“) ۾ پنهنجي سُوِيڊن جي دوست محمد عليءَ جي بي رحم ۽ سفاڪ تنقيد کي جنهن انداز سان پاڻ کنين، اهو وَڙُ سندس اعلى سهپ، مثبت سوچ ۽ سمجهه جو ثبوت ڏئي ٿو.
هن سامونڊيءَ جي هڪ تخليقي سگهه اها به آهي ته پاڻ واقعن جي زنجير ٺاهڻ ڄاڻي، ڪنهن به موضوع جي مالها ۾ خيال پوئڻ جو سندس انداز بيحد ذهانت سان ڀريل آهي، سندس ملائيشيائي ميوي دُرائَين بابت لکڻي هجي يا حجامن جي وار ٺاهڻ مهل ڊيگهه ڪرڻ هجي، لاڙڪاڻي جو ڪئڊٽ ڪاليج هجي يا اتان جي دوستن جي مچ ڪچهري هجي، سنڌي نوجوان جي روزگار جا مسئلا هجن يا پرڏيهه جي ڌرتيءَ جا حسين منظر هجن.. جنهن حسين تخليقي انداز کي هر پڙهندڙ نوٽ ڪندو سا آهي ته ليکڪ ڪيئن نه مهارت سانڳالهه کي ڳالهه مان ڪڍي، هڪ سلسلي جي ڪڙيءَ ۾ پوئي خيالن جي هڪ زنجير جوڙي ٿو. ڪڙيءَ منجهه ڪڙي وڃي ٿو ڳنڍيندو، زنجير وڃي وڌندي، تان جو وڃي ان جو ڇيهُه ٿئي ته چَسَ واري ڳالهه کُٽڻ تي بيچينيءَ بدران ڄڻ ان جي تڪميل جو احساس ٿئي، سلسلو وچ ۾ ڪٿي به ٽُٽندو نظر نه ايندو. ان سلسلي جي موتين جيان پويل ڪڙيءَ ۾ سندس ڪتاب جو ته هر بابُ ئي پويل آهي، پر اها هرڪڙي ڪهڙي نه تخليقي ۽ جمالياتي انداز ۾ سينگاري ٿو ان جي مثال لاءِ مان ڪتاب جي باب ”حجامن سان واسطو“ جو ذڪرڪنديس، ته ان هڪڙي موضوع ۾ انيڪ قصا ۽ داستان پوئي، پڙهندڙن کي حيران ٿو ڪري ڇڏي، مثال، ان مضمون ۾ ليکڪ پنهنجي مزاج بابت پڙهندڙن کي ٻڌائي ٿو ته وار ڪٽائڻ مهل هو حجامن کي گفتگوءَ جي ڊيگهه ۾ پوڻ بدران ان ڪم کي جلدي اُڪلائڻ جي ڳالهه ڪندو آهي، اهو بيان ڪندي ڪندي هو مختلف ملڪن ۾ حجامن سان کيس پيش آيل تجربا به ٻڌائي ٿو، ان دوران ڪو لطيفو ٺهڪي اچي ٿو ته اهو به ان سلسلي جو حصو ٿيو وڃي، ان کان پوءِ هر اهو موضوع جيڪو وارن سان واڳيل آهي اهو پيو سامهون ايندو ويندو، وارن ڪٽائڻ جا مختلف انداز ۽ ڪُنڊون هجن، ماضيءَجي ڪنهن دور يا سندن ننڍپڻ ۾ ڪي وار ڪٽائڻ يا وارن کي خضاب سان رنگڻ جا واقعا سندس ذهن ۾ آيا هجن، يا ڪيڊٽ ڪاليج ۾ وارن جي گهربل ڪَٽائي هجي، يا وري منهن تي ڏاڙهي رکرائڻ هجي ته سي به ان باب جو حصو ٿي ويندا. اها منفرد صلاحيت اهو ثابت ٿي ڪري پاڻ تخليق کي سهڻي اسلوب سان پيش ڪرڻ ڄاڻن ٿا، سهڻو خيال جي سهڻي اندازِ بيان سان نه پيش ڪجي ته ان جو قدر ۽ معيارگهٽجيو وڃي. نه رڳو اهو پر سندس لکڻين ۾ ڀير تي ڏوڪي جيان اهو به واضح آهي ته هن سامونڊيءَ جي حياتي ارادي ۽ مقصد سان ڀريل آهي، هو جتي به ويو جنهن جاءِ به ويو انکي ڇيهَه تائين سمجهڻ جي ڪوشش ڪيائين، غور سان ٻڌڻ جهڙي ڳالهه ٻڌائين، لازمي ڏسڻ جهڙو نظارو ڏٺائين، ۽ ان کي پاسي در پاسي پنهنجي ڀرپور تخليقي صلاحيتن کي استعمال ڪندي پڙهندڙن تائين پهچايائين. اهو ئي سبب آهي ته سندس لکڻين منجهان اهڙي نئين روح جو ساءُ اچي ٿو جيڪو دنيا جي رنگن ۽ رمزن کي پهريون ڀيرو ڏسي پيو حيرانين جي لهرن ۾ تري تڙڳي.. ڪجهه اهڙو ئي خيال جڳ مشهور ليکڪ پائلو ڪوئلهو پنهنجي ڪتاب ”دِي پِلگِرم“ ۾ لکي ٿو:

”جڏهن اوهان سفر ڪندا آهيون، عملي طرح دراصل اوهان ٻيهر جنم وٺڻ جو تجربو ماڻيندا آهيو. اوهين مڪمل طور تي نين صورتحالُن کي منهن ڏيندا آهيون، ڏينهن اوهان جو بيحد آهستگيءَ سان گذرندو آهي، ۽ اڪثر سفرن ۾ اوهين ماڻهن جي ٻولي به نه سمجهندا آهيو. سو اوهين ان ٻار جيان هوندا آهيون جيڪو اڃان تازو ئي پنهنجي ماءُ جي پيٽ مان ٻاهر آيو آهي. اوهين پنهنجو لاڙو ۽ مدار پنهنجي چوڌاريءَ ۾ موجود شين تي رکڻ شروع ڪندا آهيو، ڇاڪاڻ ته اوهان جو جياپو انهن تي مدار رکي ٿو. اوهين ٻين ماڻهن جي پهچ ۾ وڌيڪ ٿي پوندا آهيو ته جيئن هو مختلف صورتحالُن ۾ اوهان جي مدد ڪري سگهن. ساڳئي ئي وقت، جيئن ته سڀ شيون نيون هونديون آهن، اوهين انهن ۾ حسن ڏسي سگهندا آهيو، ۽ پنهنجي زنده هجڻ جي تمام گهڻي خوشي محسوس ڪندا آهيو“.

اهڙيءَ ريت منهنجو پرزور خيال آهي ته هن سامونڊيءَ جو هر ڪتاب سندس ۽ سندس تخليق جو نئون جنم آهي، دنيا کي پهريون ڀيرو ڏسندي ٻار جيڪي حيرانين جا مزا ماڻي ٿو، سي هن سامونڊيءَ بار بار پئي ماڻيا آهن.. الطاف شيخ رابرٽ لُوئي سٽِيوِنسَن جي ان چوڻيءَ جو نمونو آهي ته ڪا به ڌرتي پرڏيهي ڌرتي نه ٿي هجي، ها ڏسندڙ، سو ضرور ٻاهريون هجي ٿو.. اسان کي سندس لکڻيون ٻڌائين ٿيون ته هو جنهن به ديس ۾ ويو جيترو به وقت اتي رهيو، ان مختصر دور ۾ ان کي پنهنجو وطن بڻائي رهيو عالمگير طبيعت جي هن سنڌي وڻجاري جي وائي سنڌ کي نه رڳو دنيا جي وايو منڊل جو اهڃاڻ ڏئي وئي آهي، پر سنڌ کي هڪ نئين صنف به ڏئي وئي آهي، جنهن تي الطاف شيخ اهو واحد ليکڪ آهي جنهن گهڻ رُخي طبع آزمائي ڪئي آهي.

مون سُر سامونڊيءَ کي ڳوڙهو پڙهي وڏي سوچ ويچار کان پوءِ هيءُ بيتُ چونڊيو آهي جيڪو هن سامونڊيءَ جي شخصيت، حياتي ۽ تخليقي پورهئي تي ٺهڪي اچي ٿو:
کاري کيڙائُو، مَٿي مِٺي موٽيا؛
سَودو ڪَنِ نه سونَ جو، وَڏا وِهائُو؛
موتِي جي مَهراڻَ جا، تِن جا طاماعُو؛
سامُونڊِي سائُو، لَنڪا لوپي آئِيا.
ڪيترا سامونڊي آفيسر آهن جيڪي جهازن تي ڊگهي سفر دوران پڙهڻ سان گڏ لکڻ جو به ڪم ڪندا آهن؟ الطاف شيخ صاحب به جي چاهين ها ته آرام ۽ ننڊون نه ڇڏين ها، پر هو اهو ڪيئن ڪن ها جو پاڻ هوءَ جُڙيل ئي عجيب مٽيءَ مان هئا! کين مهراڻ جي موتين جي اُڪير هئي، انهن مڻين جي ڳولها جو شوق هئو، پنهنجي شعور ۾ ان سون کان به وڌيڪ قيمتي وکر جون هڙون ٻڌي آيا.. سندن ان دولت جو انت نه ڪو ڇيهُه آهي، مٿان اها سنڌ کي ارپي اٿن! کين سوين سلام هجن!

سنڌ- سامونڊيءَ جي دل
سنڌ هن سامونڊيءَ جو محورِ فڪر آهي، سندس عشق آهي، سندس مقصد آهي، سندس منزل آهي. پاڻ سنڌ کي پنهنجي صورت ۾ نه رڳو هڪ سفرنامن جو ڀلوڙ ليکڪ عطا ڪيو پر پنهنجي لکڻين کي پنهنجي ڌرتيءَ سان واڳي پڙهندڙن کي پنهنجي ۽ ٻاهرئين سماج ۾ فرق ۽ تضاد بابت باخبر ڪيو، نه رڳو اهو پر ان ڄاڻ جي آڌار تي تبديليءَ ۽ نواڻ جي واٽ به ڏَسي آهي، سنڌ سندس روح ۾ رڳن ۾ رت سان گڏ ڊوڙي پئي، سنڌيءَ ۾ لکڻ ۽ سنڌي ادب کي هڪ نئين صنف ڏيڻ سان گڏ سندس لکڻيون ان جو ثبوت آهن ته هو جنهن به ديس جي باري ۾ پنهنجا تجربا لکي ٿو، هو ان ديس جو به اصل واسي ٿو لڳي، اهو فقط هڪڙو عالمگير دل رکندڙ شهري ئي ڪري سگهي ٿو. سندس سوچ کي ان سامونڊائي مسافريءَ جيڪا وسعت ڏني آهي، ان سندس تخليق کي گهرائيءَ جا ڇُهاءَعطا ڪياآهن. سوچ جي وسعت کي جاگرافيائي وسعتون ڪيترو وسيع ڪري سگهن ٿيون، ان جي شاهدي الطاف شيخ جا ڪتاب ڏين ٿا.

گهڻ رُخي دنيا ۾ گهڻ رُخي عقيدن ۽ خيالن سان ملندي جلندي ماڻهو ڪازموپوليٽن ٿي ٿو وڃي، اها ڪازمو پوليٽنزم اوهان کي هن سامونڊيءَ ۾ به نظر ايندي جيڪو هڪ ”ڪازموپوليٽن سنڌيءَ“ جو ڀرپور مثال آهي، جيڪو دنيا جهان مان خبرون کڻي اچي سنڌ تي لنگر ٻڌي ٿو. ان پکيءَ جيان جيڪو اُڏام ڪري پس و پيش چوڳو پنهنجي آکيري ۾ کڻي اچي پنهنجي ٻچي کي کارائي ٿو.

سفر سان چاهه، ۽ نوان ماڳ مڪان ڏسڻ لاءِ اتساهه ۽ شوق جي شدت جو اندازو سندس انهن سِٽُن مان لڳائي سگهجي ٿو، لکن ٿا: ”ڪنهن (ٻئي ملڪ ۾) دوست جي ماني جي دعوت قبول ڪرڻ معنى وقت جو زيان. چانهن جي ڪوپ تي ڪچهري ڪري باقي ٽائيم شهر ۾ چڪر هڻجي، مسجدون، مندر ڏسجن، پُليون، چوراها، ميوزيم ڏسجن، تاريخي جايون ۽ پارڪ ڏسجن. هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ تائين…“.
سندس اهو خيال ته سفر ان لاءِ ڪجي ته نوان لقاءَ پسجن، مختلف معاشرن کي پسي نوان نوان خيال پسجن، اهو ته هڪ مسلسل، اڻ کُٽ ڳولها ۽ تلاش ۾ سرگدان روح جي ڪهاڻي آهي.. هن سامونڊيءَ جي سموري حياتي ڄڻ هڪ سکڻ لاءِ بيچين روح جو داستان آهي، ڄڻ داستان ۾ داستان آهي، هڪ ڪهاڻيءَ ۾ انيڪ ڪهاڻيون آهن جيڪي هي يگانو ماڻهو ساڻ کڻي گُهمي ٿو..

چيني ڏاهي ڪنفيوشس جي هڪ بيحد حسين چوڻي آهي ته، ”جيڏانهن به وڃجي، دل سان وڃجي“،هي سامونڊي ان چوڻيءَ جو هڪ جيئرو ۽ جاڳندو نمونو آهي، سندس تخليق ڏَس ڏئي ٿي ته هي يگانو ماڻهو جيڏانهن به ويو دل سان ويو! سندس نصيب ۾ سفر لکيل هو، سو ڪِرت ڪار هجي يا موڪلون هجن، سندس حياتيءَ جي حسين دور جي شروعات سفر سان ٿي، ۽ تاحيات ان ۾ ئي گذري.. سو ڪنفيوشس جي چوڻيءَ کي ڀٽائيءَ جي هن وائيءَ جي سِٽَ ”وڃجي او وڃجي، اکيون پير ڪري“ سان سلهاڙي ڏسجي… ته هي سامونڊي نه رڳو جيڏانهن به ويو، دل سان ويو، پر ”اکيون پير ڪري ويو“..دل سان وڃڻ ۽ اکيون پير ڪري وڃڻ عشق جي نشاني آهي ۽ ان عشق جي اُهڃاڻن سان سندس تخلقيق ويرئون وير تار آهي. ڇاڪاڻ ته دل سان اهڙن سفرن تي ته لڳ ڀڳ سڀ ڪو ويندو آهي، پر اُن سفر دوران تخليقسِرجي سامهون آڻڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. پنهنجي تخليق جي ذريعي هن سامونڊيءَ سنڌ کي سيکاريو آهي ته دنيا مڻين، ماڻڪن سان ٽُٻٽار هڪ جهان آهي، شعور جو ڪم آهي ته ان کي ڦلهوري…!پاڻ ڀٽائيءَ جي هن بيت کي سچو ڪري ڏيکاريو اٿن ته هن (دنيا) سمونڊ جي انيڪ لقائن ۾ الڀ ماڻڪ موتي پيا ترن، منجهائن جي ذرو به مليو ته مسافر اَمُلهَه خزانا ماڻي موٽندو. سندن لکڻين ۾ اُهي املهه خزانن جا خرار آهن جيڪي انهن مخصوص پهلوئن جي حوالي کان سنڌ کي مختلف دورن تائين پيا امير رکندا.

آخر ۾ مان اهو لازمي چونديس تي مونکي سندن لکڻيون بس ذري گهٽ هڪ داخلي ناول ٿيڻ کان بچندي نظر اچن ٿيون، هڪ اهڙي سامونڊي مسافر جي ڪهاڻي آهن، جنهن جي داخلي لاڙن، ذاتي خواهشن، خوشين، اندروني احساسن جي فقط مٿاڇرائي نظر ايندي، خارجي لقائن ڏانهن سندس بي پناهه اتساهه سندس اندر جي لطيف وهڪرن ۽ لهرن جي هلڪڙي جهلڪ پسائي گم ٿيو وڃن، ڪاش ته هي سامونڊي هڪ طويل لکڻي پنهنجي آتم ڪٿا جي شڪل ۾ لکي، جنهن ۾ خيالن جي اها لطافت ۽ احساسن جون اهي لطيف لهرون پيش ڪري جيڪي هن پنهنجن ڪتابن ۾ لکڻ کان لنوايون آهن.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*