مکيه صفحو / انٽرويوز / جياپو رسالي لاءِ انٽرويو

جياپو رسالي لاءِ انٽرويو

”جياپو“ رسالي لاءِ الطاف شيخ جو انٽرويو

جياپو: سائين سڀ کان اول اوهان پنهنجي جنم ڀومي، جنم هنڌ ۽ پنهنجي ننڍپڻ جي باري ۾ جياپي جي پڙهندڙن کي ٻڌايو.
الطاف: منهنجو جنم مٽياري ضلعي جي شهر هالا ۾ 14 نومبر 1944 تي ٿيو. تن ڏينهن ۾ هالا ننڍڙو ڳوٺ هو. پرائمري جا چار درجا ۽ ان بعد انگريزي جا ٽي درجا هالا ۾ پڙهيس. تن ڏينهن ۾ ڪلاس نه پر درجا هوندا هئا. پرائمري تعليم بعد ست درجا انگريزي جا هوندا هئا جنهن کي مئٽرڪ سڏبو هو. يعني مئٽرڪ يارهن سالن جي پڙهائيءِ بعد ٿي ٿي. جيڪا هاڻ ڏهن ڪلاسن يعني ڏهن سالن بعد ٿئي ٿي. مون مئٽرڪ ۽ انٽرسائنس ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان ڪئي ۽ مئرين انجنيئرنگ چٽگانگ (بنگلاديش) مان ڪئي.

جياپو: توهان پنهنجي دؤر جي ان تدريسي دؤر جي ڀيٽ، اڄ جي جديد دؤر سان ڪيئن ڪندا؟
الطاف: اسان جي دؤر ۾ فلمون، ٽي وي، ڪمپيوٽر، وڊيو گيمس جهڙيون شيون نه هيون جيڪي ٻارن کي پڙهائيءَ جهڙين شين تان ڌيان هٽائين. پڙهائي به ايتري نه هئي. اڄ جي ٻارن جي پڙهائي ۽ ڪتاب ٿا ڏسجن ته ان جو مقدار تمام گهڻو آهي. اڄُ جو ٻار جيڪو اٺين ڪلاس ۾ (فزڪس، ڪيمسٽري، بايولاجي وغيره) پڙهي ٿو ان کان اسين مئٽرڪ ۾ به اڻواقف هئاسين. ساڳي وقت اڄُ جو ٻار ذهين به آهي.

جياپو: تنهن هوندي به اهو ڇو آهي ته هو ڪاپيءَ بنا پاس نه ٿو ٿئي؟
الطاف: اها ڳالهه غلط آهي. سڀئي ٻار ڪاپي نٿا ڪن. ڪيترائي اسڪول آهين جتي ڪاپي نٿي ٿئي. ڪيترائي اسڪول آهن جتي ٻار هڪ هڪ سبجيڪٽ جو هڪ هڪ چئپٽر چڱيءَ طرح اسڪول ۾ پڙهن ٿا ۽ هو ڪاپيءَ بنا A-I ڊويزن حاصل ڪن ٿا. ڪيترائي اسڪول آهن جتي پڙهائيءَ جو معيار کڻي ايترو مٿانهون ناهي، سياسي هنگامن ڪري اسڪول بند رهن ٿا تڏهن به ٻار گھر ۾ پڙهي سٺي گريڊ ۾ پاس ٿين ٿا. ڳالهه اها آهي ته اڳ ۾ والدين کي اونو هوندو هو هاڻ والدين کي ٻارن جي تعليم ڏي ڌيان ڏيڻ لاءِ فرصت ناهي. اڳ ۾ والدين خاص ڪري مائرون، جيڪي جيتوڻيڪ اڻپڙهيل هيون پر ته به ٻارن کي پنهنجي اڳيان وهاري، کين ڪجهه پيار سان ڪجهه دڙڪي سان پڙهڻ ڏي راغب ڪنديون هيون. هينئر جون مائرون پڙهيل هجڻ جي باوجود اولاد جي پڙهائي ۽ Progress جو خيال نٿيون ڪن، ۽ جتي جتي ۽ جنهن جنهن ٻار کي والدين نظر ۾ رکي ٿو اهو اڄُ به ڏسو ته پڙهائي توڙي اخلاق ۾ اعلى آهي.

جياپو: توهان الهڙ جوانيءَ جي يادن کي هڪ دفعو اسان سان شيئر ڪرڻ فرمائيندا.
الطاف: خبر ناهي ته منهنجي ڪهڙي الهڙ جوانيءَ جي ڳالهه ٿا ڪريو؟ اها ئي تعليم ختم ڪري جهاز هلائڻ واري دور جي؟ ان جا سمورا قصا منهنجي شروع جي سفرنامن ۾ آهن جهڙوڪ: منهنجو ساگر منهنجو ساحل، وايون وڻجارن جون، سي ئي جوڀن ڏينهن، بندربازارون، جاني ته جهاز ۾ …… وغيره وغيره.

جياپو: اهي ڪتاب ڪٿان ملي سگھندا؟
الطاف: اها مون کي خبر ناهي جو منهنجو ڪتاب ڇپيندڙن سان ڪو واسطو يا حساب ڪتاب ناهي. نيوفيلڊس وارن انهن جا ٽي چار ڇاپا پرنٽ ڪيا آهن. هينئر شايد روشني پبليڪيشن وارن به انهن شروعاتي سفرنامن جا ڪتاب ڇپيا آهن. ولايت ۾ رهندڙ منهنجا پڙهندڙ اڪثر سانا لسٽ (www.sanalist.org)، وائس آف سنڌ(www.voiceofsindh.hnet) ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر (www.sascitysukkur.com)جي ويب سائيٽن تي اهي پڙهندا آهن جيڪي اسانجي دوست آمريڪا ۾ رهندڙ سني پنهور، قمبر جي عباس ڪوريجي ۽ سکر جي ليڪچرار عبداللطيف انصاري صاحب نهايت خوبصورتيءَ سان انٽرنيٽ تي آندا آهن. جن جو آسانيءَ سان پرنٽ آئوٽ به ڪڍي سگھجي ٿو.

جياپو: اوهان لکڻ جي شُروعات ڪهڙي صنف ۽ ڪهڙي ٻوليءَ ۾ ڪئي؟
الطاف: مون لکڻ جي شُروعات پنهنجي ڪاليج جي مئگزين ۽ ان وقت جي ڪجهه رسالن: ڳوٺ سڌار، بادل ۽ نئين زندگي ۾ سنڌيءَ ۾ ڪهاڻين ۽ مضمونن سان ڪئي. ان بعد جيئن ئي جهاز هلائڻ جي نوڪري شروع ڪيم ته عبرت اخبار ۾ سفرناما مستقل لکڻ شُروع ڪيم ۽ اڄُ تائين لکندو اچان.

جياپو: اهي ڪهڙا ڪارڻ ۽ اسباب هئا، جيڪي اوهان کي سفرنامن ڏانهن ڇڪي آيا؟
الطاف: منهنجو هر سفر مختلف ملڪن ۽ ٻيٽن ڏي ٿيڻ لڳو جتي مون کي ڪيترن ئي مختلف، دلچسپ ۽ حيرت انگيز ڳالهين سان واسطو پيو ٿي. هر اها ڳالهه، تجربو ۽ مشاهدو مون کي عجيب لڳو ٿي ۽ محسوس ڪيم ٿي ته منهنجي پڙهندڙن لاءِ به اهو دلچسپ ۽ معلوماتي ثابت ٿيندو ته مون هنن سان Share ڪرڻ لاءِ قلمبند ڪيو ٿي. منهنجو جهاز جيڪڏهن ساڳين ملڪن ڏي ويندو رهي ها ته پوءِ شايد ايتريون دلچسپ ۽ نيون ڳالهيون گڏ ٿي نه سگھن ها ۽ ساڳئي وقت، جي ويجهن ويجهن ملڪن ۾ ويندو رهان ها ته پوءِ مون کي شايد لکڻ لاءِ وقت نه ملي ها پر هر سفر ۾ نَون ۽ ڏورانهن ملڪن ۾ وڃڻ ڪري لکڻ لاءِ ڳالهيون ۽ وقت ملندو رهيو. بلڪ ڪن Voyages (سامونڊي سفرن) ۾ لکڻ منهنجي لاءِ مجبوري ٿي پيو. هانگ ڪانگ کان هونولولو، جپان کان جرمني، جبرالٽر کان جهانسبرگ يا ڪراچيءَ کان ڪيوبا ۽ ڪوريا کان ڪئناڊا جتي مهينو مهينو راتين جو جهاز هلائڻو پيو ٿي اتي سمنڊ جي اڪيلائي ۽ خاموشي ۾ وقت گذارڻ لاءِ لکڻ پڙهڻ ئي هڪ واحد وسيلو هو. نه ته هڪ ٻئي پٺيان ايڏن ڊگھن سفرن ۾ ماڻهو چريو ٿيو پوي. مون کي ياد آهي ته 1968 ۽ 1969 وارن سالن ۾ اسان کي رومانيا ۽ روس کان جهاز کي سوڊان آڻڻو پوندو هو يا بيروت کان دبئي ۽ دوحا جي بندرگاهن ۾ جيڪو اڄُ جي حساب سان هفتي ڏيڍ جو به سفر ناهي پر تن ڏينهن ۾ سئيز ڪئنال بند هجڻ ڪري اسان کي سڄي آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪري ٽيهارو کن ڏينهن بعد منزل تي پهچڻو پوندو هو. سو اهڙين حالتن ۾ 4 ڪلاڪ ڏينهن جو ۽ 4 ڪلاڪ رات جو جهاز هلائڻ بعد ماڻهو ڇا ڪري؟ شروع جا ٻه ٽي ڏينهن ۽ ٻه ٽي ڪلاڪ ته کڻي سمنڊ جو نظارو وڻي ٿو پر پوءِ ته اک کلڻ سان رڳو پاڻي ۽ پاڻي ڏسي ٿڪجيو پئجي. پوءِ اهڙين گنڀير حالتن ۾ ، ڪناري جا سهڻا ۽ رومانٽڪ ڏينهن ياد ڪري، سفرناما لکڻ ئي وقت پاس ڪرڻ جو واحد طريقو هو.

جياپو: ٻيا ڇا ڪندا هئا؟
الطاف: ٻين مان ڪجھه برج (پتي راند) کيڏندا هئا ۽ ڪجهه چُڪو پي وري سمهي رهندا هئا يا گراموفون ٻڌندا هئا. تن ڏينهن ۾ اڃا ٽيپ رڪارڊر، وڊيو ۽ ڪمپيوٽر ايجاد نه ٿيا هئا. پهريون ڪئسيٽ ريڪارڊر مون 1973 ۾ ممباسا مان ورتو جيڪو جپان جي Sony ڪمپنيءَ جو ٺهيل هو.

جياپو: اهو ڀلا ڪيئن ٿيو جو جهازن جهڙي نوڪري ۽ ولايتن ۾ رهي توهان ڊرنڪ ته نه ڪئي پر سگريٽ به نه واپرايو؟
الطاف: جهاز تي وڃڻ کان اڳ منهنجو سگريٽ يا گھٽ ۾ گھٽ بيئر نه پيئڻ جو ارادو قطعي نه هو. ۽ هي اهي ڏينهن هئا جڏهن اسانجي پاڪستاني جهازن تي به بار ٺهيل هو، ڪوڪاڪولا کان بيئر جو دٻو سستو هو، جهازران ڪمپني جي طرف کان پيئڻ تي ڪابه بندش نه هئي، ويتر انهن ڏينهن ۾ جهازن جا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر جيڪي انگريز ۽ يورپي هئا اسان کي پيئڻ لاءِ زور ڀريندا هئا پر منهنجي جنهن پهرين جهاز تي پوسٽنگ ٿي ان تي گوهر رحمان ۽ متين ظفر جهڙا انجنيئر هئا جن اهو ئي سمجھايو ته اهي غلط شيون آهن ۽ اسان جا يورپي باس کڻي ڇا به ڪن اسان نه پيئنداسين. اڄُ اهو ئي سوچيان ٿو ته ان سنگت بچائي ورتو. ۽ جيتوڻيڪ پوءِ ته محسوس ڪيم ته يورپ توڙي آمريڪا ۾ رهندڙ سلجھيل عيسائي ۽ يهودي به انهن شين کان پاسو ٿا ڪن، پر اسان جهڙا جاهل ماڻهو مڙيئي فلمن ۾ هيرو صاحب کي يا ديسي اديب ۽ شاعر کي شراب يا سگريٽ پيئندو ڏسي Impress ٿيو وڃن. بهرحال اڄ ڪلهه جي دؤر ۾ سگريٽ پيئندڙ کان هينڪاندي نفرت ڪئي وڃي ٿي، جو سائنس اهو ثابت ڪيو آهي ته سگريٽ نه فقط پيئندڙ لاءِ پر ان جي ڀر ۾ ويٺل لاءِ به نقصان ڪار آهي. اهو ئي حال شراب جو آهي جنهن ڪري يورپ توڙي جپان جي ملڪن ۾ روز بروز وڃي ان تي سختي ٿيندي. اها ٻي ڳالهه آهي ته پنهنجي ملڪ ۾ شراب ۽ نشو ڪرڻ وڃي فئشن ٿيندو!

جياپو: ڇا اوهان کي اهو اندازو هو ته اوهان کي ۽ اوهانجي سفرنامي کي سنڌي سماج اهڙي موٽ ڏيندو، جنهن سان اوهانجي الڳ ٿلڳ سڃاڻپ ٺهي پوندي؟
الطاف: نه بنهه نه. هونءَ به نئين ماڻهوءَ جي لکڻي جيسين مشهور ٿئي، ان ۾ وقت لڳي ٿو. ڪي لَڪي هوندا جي پهرين لکڻيءَ سان ئي مشهور ٿي ويندا هجن. ڪجهه سال لکڻ بعد جڏهن مون پهريون سفرنامو طارق اشرف کان ”سهڻي پرنٽنگ پريس“ مان ڇپرايو ته پروفن جي چڪاس دوران هن کي منهنجون لکڻيون پسند آيون ۽ هن سهڻيءَ ۾، ۽ ساڳئي وقت حميد سنڌيءَ روح رهاڻ رسالن ۾ ڇچيون. وري اتفاق اهڙو ٿيو جو م نهنجي ان پهرين ڪتاب، ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ تي مون کي رائيٽرس گلڊ طرفان بيسٽ بڪ آف دي ييئر ايوارڊ مليو. ان ئي سال وري 1969ع ۾ امر جليل کي به سندس ڪهاڻين جي ڪتاب تي ساڳيو ايوارڊ مليو هو. مون کي ياد آهي ته اهو ايوارڊ 850 روپيا هئا جن مان اڌ مون کي ۽ اڌ امرجليل کي مليو هو. امرجليل ته اڳهين اسان جو مشهور ۽ عظيم ليکڪ هو ان سان گڏ منهنجو نالو پڙهي هر هڪ کي تجسس ٿيو ته هن Unpopular ليکڪ جو سفرنامو پڙهي ڏسجي ته آخر هن لکيو ڇا آهي. اهڙي طرح سمجھو ته مون کي ادبي دنيا ۾ داخلا ملي وئي ۽ ان ادبي سفر کي هاڻ اچي اٽڪل اڌ صدي ٿي آهي. پڙهندڙ، جي اڃا تائين منهنجيون لکڻيون پسند ڪن ٿا، ته اها مون لاءِ وڏي همت افزائي آهي ۽ مون کي ائين محسوس ٿئي ٿو ته منهنجو وقت اجايو نه پر سجايو گذريو.

جياپو: توهان جو ڪڏهن شاعري، ڪهاڻي يا ناول سان تعلق رهيو؟
الطاف: پڙهڻ جي حد تائين شاعري ۽ ناول پسند ڪريان ٿو. ڪيترائي پڙهندڙ مون کي ناول يا ٽي وي لاءِ ڊراما لکڻ لاءِ چوندا آهن پر آئون هڪ ئي سبجيڪٽ تي Concentrate ڪرڻ چاهيان ٿو. هيڏانهن هوڏانهن لوڻو ڦيرڻ بدران ان ئي هڪ فيلڊ ۾ Specialization ڪرڻ چاهيان ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته سفرناما لکڻ ۾ ڪجھه تجربا ضرور ڪيا اٿم. ڪٿي ڊائري نموني جو لکيو هوندم ته ڪٿي افساني (شارٽ اسٽوري) طرز تي. ڪٿي ڪالم ڪهاڻي نموني سان ته ڪٿي جرنلزم جي نقطي نگاهه سان…….. پر هڪ ئي ميدان ــــ يعني سفرنامي ۾ رهڻ کي ترجيح ڏيڻ چاهيان ٿو.

جياپو: اوهان جا سنڌي ادب ۽ اڙدو ادب ۾ سفرناما ڪهڙا هئا. اهي ڪنهن ۽ ڪڏهن ڇپرايا؟
الطاف: منهنجو پهريون سنڌي سفرنامو ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ آهي جيڪو سهڻي پبليڪيشن حيدرآباد وارن 1969 ۾ ڇپيو ۽ ”سمندر کي دن“ پهريون اڙدو سفرنامو آهي جيڪو ڪراچيءَ ۾ 2002ع ۾ ڇپيو.

جياپو: سنڌي سماج توڙي اڙدو ڳالهائيندڙن مان ڪهڙِي موٽ ملي؟
الطاف: توهان هڪ سٺو سوال پڇيو آهي جنهن جي جواب ذريعي آئون نَون لکندڙن کي هڪ اهم ميسيج ڏئي سگھان ٿو. ڪو سوچي ته منهنجي ٻن ٽن لکڻين مان مون کي پڙهندڙن جي خطن جا ڍير اچي ويندا ته اها وڏي غلطفهمي آهي. اسان روزانو ڪيترن وڏن ۽ دلپسند اديبن ۽ شاعرن جا مضمون، ڪالم، ڪهاڻيون ۽ شعر پڙهون ٿا. اسان ڪهڙو انهن کي خط لکونٿا يا فون ڪريون ٿا؟ اهڙي طرح ڪوبه لکندڙ اهڙي Expectation نه رکي ته سٺو. هو لکڻ تي ئي ڌيان ڏئي ۽ لکندو رهي. هڪ وڏي عرصي کان پوءِ خبر ٿي پوي ته هن جي لکڻين کي ڪيترائي پڙهندا رهيا. هونءَ اڙدو پڙهڻ وارا گھڻا آهن سو ظاهر آهي ته اڙدو ۾ ڪو ڪالم ڇپجي ٿو ته سنڌي جي مقابلي ۾ وڌيڪ E-mails اچن ٿا. پر آئون اهو ئي چوندس ته لکندڙ کي، خاص ڪري نئين لکندڙ کي تعريفي خطن جو انتظار ڪرڻ بدران لکندو رهڻ کپي.

جياپو: توهان کي ادبي خدمتن ڪري ڌارين ملڪن ۾ ته ڪيترائي ايوارڊ مليا آهن پر پنهنجي ملڪ ۾ نه برابر. توهان سان شامون ۽ ادبي پروگرام به گھٽ ملهايا وڃن ٿا. ان جو توهان کي ڏک ته ضرور ٿيندو هوندو؟
الطاف: مڙيئي خير آهي. ادبي محفلن لاءِ مون کي ڪيترائي پڙهندڙ ۽ ادبي ادارا دعوت ڏيندا رهنٿا پر ان ۾ منهنجو ئي ڏوهه آهي. آئون پاڻ سست آهيان ۽ اٽينڊ ڪرڻ کان ڪترايان ٿو. جيستائين ايوارڊ ملڻ جو سوال آهي سو ظاهر آهي منهنجو ملڪ کان ٻاهر رهڻ ٿئي ٿو سو وسري ويندو هوندس پر تنهن هوندي به سنڌي ادبي سنگت سنڌ، سنڌ ڪلچرل ڊپارٽمينٽ، اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد ۽ سوجھرو پبليڪيشن وارا وقت بوقت ايوارڊ ڏيندا رهن ٿا. هونءَ منهنجي نظر ۾ وڏو اديب اهو ناهي جنهن کي گھڻا ايوارڊ ملن ٿا پر اهو آهي جنهن جا ڪتاب پڙهندڙ پنهنجو پئسو خرچ ڪري خريد ڪن ٿا. مفت ۾ يا تعلقي جي مختيارڪار معرفت زوريءَ لکي توهان ٻه هزار ڪاپيون هلايو ان کان بهتر ۽ وڌيڪ Impact انهن 500 ڪاپين جو ٿئي ٿو جيڪي بڪ اسٽالن تان پڙهندڙ خريد ڪن ٿا. پبلشر ڀلي مون کي هڪ ڪاپي به نه ڏئي ۽ نه هن کان ڪا رايلٽي گھران ٿو، پر منهنجي لاءِ وڏي خوشي ۽ انعام جي ڳالهه اها هوندي آهي جڏهن هو مونکي ٻڌائيندو آهي ته هن سڀ ڪتاب وڪڻي ڇڏيا ۽ هاڻ ٻيو ڇاپو پيو ڪڍي.

جياپو: هيل تائين اوهان جا گھڻا سفرناما شايع ٿي چُڪا آهن؟ ڪهڙا سفرناما بار بار شايع ٿيا آهن؟
الطاف: ڪجهه مهينا اڳ روشنيءَ وارن منهنجو ايران جو سفرنامو ”ايران ڏي اڏام“ ڇپايو ان جو 67 نمبر آهي ۽ هن هفتي منهنجو هڪ نئون ڪتاب ”چنڊ چوانءِ سچُ….“ روشنيءَ وارا مارڪيٽ ۾ آڻي رهيا آهن ۽ محفوظ بڪ ايجنسي (مارٽن روڊ ڪراچيءَ وارا) ايران جي سفرنامي جو اڙدوءَ ۾ ترجمو ”ايران کي دن“ شايع ڪري رهيا آهن. ان کان علاوه انڊيا جو تازو سفرنامو ”ممبئي پوني ايڪسپريس وي“ حيدرآباد جو پبلشر ”ڪويتا پبليڪيشن“ ڇپي رهيو آهي. منهنجو ساگر منهنجو ساحل، جپان جن جي جيءَ سان، ڀلي پار تان ڀيرو، اي روڊ ٽه مدينا، سي ئي جوڀن ڏينهن، بندربازاريون، وايون وڻجارن جون ۽ ملائشيا ۽ Scandinavian ملڪن جي ڪيترن ئي سفرنامن جون ٽي ٽي چار چار ايڊيشن ڇپجي چُڪيون آهن.

جياپو: توهان کي ٻاهرين ادب مان ڪهڙن ليکڪن جي سفرنامن متاثر ڪيو؟
الطاف: اڙدو ۾ ابن انشاء، بيگم اختر رياض دين، اختر ممونڪا، تمام سٺو لکيو آهي. انگريزيءَ ۾ ڪيترن ئي جھونن ۽ نون ليکڪن جا سفرناما پڙهيا ۽ پسند ڪيا اٿم جن ۾ ملئي، جپاني، فارسي ۽ عربي جا ترجما به اچي وڃن ٿا جيئن ته ابن بطوطا ۽ مارڪوپولو جو سفرنامو. ۽ ان کان به آڳاٽو ايراني شاعر، فلاسفر ۽ اسڪالر ناصر خسرو جو آهي. ناصر 1004ع ۾ ايران ۾ ڄائو. هن کي عربي، ترڪي، يوناني زبانن کان علاوه انڊيا جون به ڪجهه زبانو آيون ٿي خاص ڪري سنڌي. هن ان وقت جي ڏهن شهرن جو سير ست سال ڪيو ۽ پنهنجي سفر جو ڪتاب فارسيءَ ۾ لکيو جنهن جو نالو ئي آهي ”سفرنامو“ هي ڪتاب ڪيترين ئي زبانن ۾ ترجمو ٿيل آهي ۽ اڄُ هڪ هزار سال اچي ٿيا آهن ته به ان سفرنامي کي وڏي شوق سان پڙهيو وڃي ٿو. ان کان علاوه ٻين ڪيترن اديبن جا سفرناما پسند اٿم جيئن ته ائنگلو افغان ليکڪ ”طاهر شاهه“ جا انگريزي ۾ لکيل سفرناما: In Search of King Solomon’s mines ۽ دي ڪئلف هائوس ۽ Beyond the Devil’s teeth وغيره. ”وڪرم سيٺ“ انڊين ليکڪ جو هڪ سفرنامو: ”ٽريولس ٿرو سنڪيانگ ائنڊ تبت“ به پڙهڻ جو ڳو آهي. آمريڪن سفرناما لکندڙ پال ٿيروڪس جو هڪ سفرنامو The Great Railway Bazaar به پڙهڻ وٽان آهي جنهن ۾ هن پنهنجي چئن مهينن جي سفر جو احوال لکيو آ هي. يورپ کان تهران پهچي پوءِ هو مشهد ويو آهي جتان پوءِ افغانستان ۽ خيبرپاس مان ٿيندو لاهور آيو آهي جتان پوءِ شملا، ممبئي، دهلي، جيپور مان ٿي سلون، برما، ملائيشيا، ويٽنام ۽ آخر ۾ جپان جي شهر ڪيوٽو ۽ اوساڪا ۾ ويو آهي. ننڍي هوندي يعني جهاز هلائڻ وارن ڏينهن ۾ آمريڪن ليکڪ مچنر (جيمس البرٽ مچنر) جا ڪتاب مون وڏي شوق سان پڙهيا. هن ۾ جاگرافيائي توڙي عام معلومات کان علاوه مختلف ملڪن جا دلچسپ قصا آهن. هو ستر ۽ اسي واري ڏهي ۾ ڏاڍو مشهور ليکڪ هو. هن جا ڪتاب آمريڪا توڙي يورپ ۾ هر هڪ جي هٿ ۾ هوندا هئا. تمام ٿلها سفرناما هجڻ جي باوجود اڄُ به منهنجي دل انهن کي وري پڙهڻ لاءِ چوي ٿي. مچنر جي ڪجهه ڪتابن جا ٽائيٽل جيڪي هن وقت ياد اٿم، هن ريت آهن:
 Tales of South Pacific
 Hawaii
 Caravans
 Chesapeake
 Alaska
وغيره وغيره

جياپو: ڪنهن جپاني ليکڪ جا سفرناما جيڪي توهان کي پسند آيا؟
الطاف: ڪيترن ئي ماڻهن کي اها غلطفهمي آهي ته جپان رڳو ريڊيا، ٽي ويون، ڪارون، ڪئميرائون ۽ ڪمپيوٽر ٺاهي سگھن ٿا. پر ائين ناهي. جپان ادب ۾ به مالا مال آهي. اسان وٽ رڳو فرينچ، انگريز، روسين جا ناول پڙهڻ فئشن ٿي ويو آهي. آئون نوجوانن کي اهائي صلاح ڏيندس ته هو جپاني ادب به پڙهن. اڄ ڪلهه ته ڪيترائي جپاني ڪتاب انگريزي ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن، جن کي اسين آسانيءَ سان پڙهي سگھون ٿا. گھڻو اڳ هڪ جپاني ليکڪا ”يوني نوگوچي“ جو هڪ سفرنامو Diary of a Japanese Girl پڙهيو هو. هن ۾ سندس مارننگ گلوري بحري جهاز ۾ ڪيل سفر جو احوال ڏنل آهي. هن جپاني ليکڪا جا ٻيا به ڪيترائي ڪتاب مشهور آهن.
 Japan of Sword & Love
 The Letters of Japanese Parlor Maid
 The Summer Cloud
وغيره وغيره. هڪ ٻيو منهنجو همعصر جپاني ليکڪ مڪيرو ساساڪي آهي جيڪو سفرناما لکڻ کان علاوه شاعري به ڪري ٿو. سندس هڪ سفرنامو جيڪو Travel Journal of Asian Seaboard نالي سان انگريزي ۾ ترجمو ٿي چُڪو آهي ۽ جنهن تي هن کي ايوارڊ به ملي چُڪو آهي، پڙهڻ وٽان آهي.
ماتسوئو منهنجو جپاني دلپسند ليکڪ آهي. 1644 ۾ ڄائو هو. يعني هو 45 سالن جو هو ته ان وقت سنڌ ۾ اسان جو عظيم شاعر شاهه لطيف ڄائو هو. ماتسوئو (سڄو نالو Matsuo Basho) بنيادي طرح شاعر هو پر هن ڪيترائي نثر جا به ڪتاب لکيا جيڪي تقريباً هاڻ انگريزي ترجمي سان ملن ٿا. سندس سفرناما به مون کي پسند آهن، جن مان ڪجهه جا انگريزي نالا هن ريت آهن:
 Visit to Kashima Shrine.
 A visit to Sarashina village.
 Narrow Road to Deep North.

جياپو: توهان هيل تائين ڪهڙن ملڪن جا دؤرا ڪيا آهن؟ انهن جو مختصر احوال ٻڌائيندا.
الطاف: اسان جي نوڪري هڪ ٽرڪ ڊرائيور وانگر آهي جيڪو ڪراچيءَ کان گلگت ۽ سوات تائين هلندو رهي ٿو. ٽرڪ کي آرام ڏيڻ لاءِ هو وري به ڪٿي نه ڪٿي بيهاري ٿو پر پاڻي جي جهازن جون انجڻيون (Marine Engines) اهڙي نموني جون ٺاهيون ويون آهن جو هنن کي گرم ٿيڻ کان بچايو وڃي ٿو. هر شيءِ جو ٽيمپريچر ۽ پريشر ساڳيو رکڻ جي ڪري جهاز ڏينهن رات هلندو ئي رهي ٿو. بيهارڻو فقط تڏهن ئي پوي ٿو جڏهن جهاز کي ڪنهن بندرگاهه ۾ سامان لاهڻو يا چاڙهڻو هجي، جهاز جي ڊراءِ ڊاڪنگ يا مرامت ڪرائڻي هجي. سو ان حساب سان جهاز کي دنيا جا خبر ناهي ڪيترا ڦيرا ڪرايا هوندا سين ۽ ڪهڙن بندرگاهن ۾ وڃڻو پيو هوندو جن جو مختصر احوال هتي توهان کي ڇا ويهي ڏيان. ستر کن ڪتاب لکي چڪو آهيان. پر انهن ملڪن، سمنڊن ۽ بندرگاهن جو مختصر احوال ختم ٿيڻ جو نالو نه پيو و ٺي. هڪ ڳالهه لکان ته ٻيون ٻه ياد اچن ٿيون جيڪي توهان پڙهندڙن سان Share ڪرڻ چاهيان ٿو. تازيون لکيل ڳالهيون ”چنڊ چوانءِ سچُ“ ڪتاب ۾ اچي رهيون آهن.

جياپو: اهڙو ڪو ملڪ جتي توهان جو جهاز نه ويو هجي پر توهان جي دل اتي وڃڻ تي چوندي هجي. جيئن ان تي هڪ خوبصورت سفرنامو لکي سگھو.
الطاف: اهڙن ملڪن مان ايران هو جتي گذريل سال پنهنجي خرچ تي گھُمي آيس ۽ ان تي لکيل سفرنامو ”ايران ڏي اڏام“ روشني پبليڪيشن وارن ڇپيو آهي. ان کان علاوه ٻه اهڙا ملڪ آهن جن ۾ منهنجو جيتوڻيڪ ڪيترائي دفعا وڃڻ ٿيندو رهيو پر هينئر پنهنجي خرچ تي وڃي اتي جو سفرنامو Back Flashes ۾ لکڻ چاهيان ٿو. هڪڙو انگلنڊ آهي ۽ ٻيو انڊونيشيا.

جياپو: اسان کي خوشي آهي ته اوهان جا ڪتاب ، اسان جي درسي ڪتابن ۾ شامل ٿيل آهن. ڇا اوهان سان شاگرد رابطو ڪندا آهن؟
الطاف: انهن پاران پروفيسر سليم ميمڻ، ڊاڪٽر نواز علي شوق ۽ پروفيسر ڊاڪٽر نور افروز ۽ پروفيسر اسحاق سميجو ڪندو رهي ٿو ۽ مون کي ڪراچي يونيورسٽي ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچر ڏيڻ لاءِ گھرائيندا رهن ٿا. گذريل سال ممبئي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي چيئرمئن ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ به هفتي کن لاءِ ممبئي گھُرايو هو ۽ اتي جي سنڌي، گجراتي، پالي ۽ ڪنهڙ زبانن جي شاگردن کي ليڪچر ڏيڻا پيا هئا. ڪجهه ڪراچي ۽ سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد اي ميل يا فون ذريعي رابطو ڪندا رهن ٿا. هو منهنجن ڪتابن بابت پنهنجي ٿيسز يا Dissertation ۾ لکن ٿا.

جياپو: ممبئي ۽ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن ۾ ڪو فرق توهان محسوس ڪيو؟
الطاف: فرق ته بلڪل آهي. ٻنهي يونيورسٽين ۾ وڃڻ بعد منهنجي دل ۾ اها ئي خواهش پيدا ٿي ته پاڙيسري ملڪن جا تعلقات بهتر هجڻ جي صورت ۾ ٻنهي يونيورسٽين جي شاگردن ۽ استادن کي هڪ ٻئي وٽ گھٽ ۾ گھٽ هفتو ٻه رهي هڪ ٻئي کان سٺيون ڳالهيون سکڻ کپن.

جياپو: ڇا اهو سچ آهي ته سفرنامو مڪمل سچ ناهي هوندو؟ ان کي چٽپٽي ڪرڻ لاءِ، ڪڏهن هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون لکڻيون پون ٿيون؟
الطاف: آئون توهان جي خيال سان سهمت نه آهيان. سفرنامو دراصل هر لکندڙ جي پنهنجي سوچ، ڄاڻ ۽ مشاهدي جي ڪهاڻي آهي. ساڳيو شهر، ساڳيو واقعو ساڳي وقت تي ٻه ڄڻا ڏسن ٿا. ٿي سگھي ٿو هنن جي ان واقعي بابت سوچ، Observation ۽ ڄاڻ مختلف هجي ۽ پڙهندڙ هڪ کي سچ ۽ ٻئي جي ڳالهه کي ڪوڙ سمجھن.

جياپو: توهان جڏهن سفرنامو لکندا آهيو ته ڇا توهان، ان جا نوٽس اڳ ۾ وٺي ڇڏيندا آهيو، يا توهان پنهنجي ياداشت کي Recall ڪري، اهو سڀ ڪجھه لکي وٺندا آهيو؟
الطاف: ڪن ڳالهين جا نوٽيس ان وقت ئي وٺي ڇڏيندو آهيان ڪي وري لکڻ مهل ياد اچڻ تي انهن جا تفصيلRecall ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته انهن ماڻهن کي فون ڪري وري احوال معلوم ڪندو آهيان.

جياپو: مئرين انجنيئرنگ ڏانهن وڃڻ جو توهان جو پنهنجو شوق هو، يا توهان کي توهان جي والدين زوريءَ موڪليو؟
الطاف: منهنجو پنهنجو شوق هو. اسڪول وارن ڏينهن ۾ اسان ڪجهه ڪلاس ميٽن Sea Scouting ۾ حصو ورتو ۽ ڪراچيءَ ۾ پاڻي جا جهاز ڏسي اسان کي انهن هلائڻ جو شوق ٿيو.

جياپو: سامونڊي سفر، سامونڊي زندگي، جي حوالي سان مون کي ڀٽائيءَ جو سُر سامونڊي ٿو ياد اچي.
”ٻيڙي جي ڀڻن، نينهن نه ڪجي تن سين،
اڀيون ڏنڀ ڏسن، جهُ سڙهه ڏيئي سير ٿيا….“
يا کڻي چئجي
”اونهي ۾ اوهري، جڏهن ويا جي،
موٽي ماڳ نه آئيا، ماء! سامونڊي سي.“
يا
”وڻجاري جي ماءُ، وڻجارو نه پلئين؟
آيو ٻارهين ماه، پڻ ٿو سفر سنبهي!“
الطاف: شاهه لطيف جو مشاهدو ۽ سامونڊي زندگيءَ بابت هن جا شعر اڄُ به گھڻي ڀاڱي صحيح عڪاسي ڪن ٿا. اڄُ کان اڌ صدي کن اڳ تائين ته ”ٻيڙِيءَ جي ڀڻن“ جي لاءِ جيڪي ڳالهيون شاهه لطيف لکيون آهن نه صرف صحيح لکيون آهن پر زبردست حقيقتون لکيون آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته هيترين صدين بعد جڏهن کان انجڻيون ۽ تيل ايجاد ٿيو آهي، جڏهن کان اليڪٽرانڪ جا اوزار ايجاد ٿيا آهن، سامونڊي زندگي ۾ وڏو انقلاب آيو آهي. اڄُ جا جهاز فائيو اسٽار هوٽلون آهن جن ۾ جهازي پنهنجين زالن ۽ ٻارن سان گڏ Sail ڪن ٿا. اڄُ جا جهازي سامونڊي لهرن ۽ هوائن جي رحم و ڪرم تي نه پر طاقتور انجڻين جي زور تي شيڊول مطابق بندرگاهن ۾ پهچن ٿا. اڄُ جون ڇوڪريون اهو ئي چون ٿيون ته ٻيڙي جي ڀڻن، نينهن ڪجي ئي انهن سان! ڇو ته جهاز تي پنهنجي مڙس سان سفر ڪندڙ زالون رڌُ پچاءُ ۽ پوچي ٻُهاريءَ کان به ڇٽيون پيون آهن.
آئون ٽي چار سال اڪيلو سفر ڪندو رهيس. سيڪنڊ انجنيئر ٿيڻ تي 1971ع ۾ مون دادوءَ مان اچي شادي ڪئي ان بعد 1981 تائين فئملي سان Sail ڪندو رهيس. انهيءَ وچ ۾ ٻه ٻار به ٿيا. ۽ پوءِ ٻارن جي وڏو ٿيڻ ۽ سندن تعليم جي مسئلن جي ڪري مون کي جهاز ڇڏڻو پيو ۽ ملائيشيا ۾ اچي ڪناري جي نوڪري ڪيم جتي ٻارن مئٽرڪ ۽ انٽر تائين پڙهائي ڪئي. ٻارن جي تعليم جو مسئلو نه هجي ها ته اڃان جهاز نه ڇڏيان ها.

جياپو: سنڌي ادب جو مستقبل اوهان جي نظر ۾ ڇا آهي؟
الطاف: ان قسم جو سوال، مون اڄ کان 40 سال کن اڳ موزمبيق جي هڪ همراهه کان پڇيو هو. موزمبيق آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري جو هڪ ملڪ آهي جيڪو 1505 ۾ پورچوگالين جا ٺٺ ۽ رعب تاب موزمبيق جي ڪارن مٿان ڏٺاسين. موزمبيق جي پورچوگالين مان 25 جون 1975 تي جان ڇٽي. منهنجو مختلف جهازن تي موزمبيق جي اهم بندرگاهه ۽ گاديءَ واري شهر لارينزو مارڪس ۾ 1969 کان وٺي اچڻ ٿيندو رهيو. موزمبيق کي آزادي ملڻ بعد لارينزو مارڪس جو نالو موپوتو رکيو ويو. 1975 ۾ جڏهن موزمبيق جي آزاديءَ جون ڳالهيون هلي رهيون هيون ته مون، اسان جي مڪاني آفيس جي هڪ شيدي نوجوان ڪلارڪ کان پڇيو هو ته پورچوگالين جي وڃڻ بعد موزمبيق جي شپنگ، تعليم ۽ ٻين کاتن جو مستقبل ڪيئن ٿو لڳئي. هن جو جواب: ”ان جو دارومدار ان تي آهي ته اسان ڪهڙن ماڻهن کي نمائندگي جو ووٽ ٿا ڏيون. سنگاپور وانگر جي ليڊر سٺا ملي وياسين ته هن ملڪ ۾ سڀ ڪجھه آهي اسانجي ملڪ جو هرهڪ ادارو يورپ جي ترقي يافته ملڪن جهڙو ٿي پوندو.“
موزمبيق جي آزادي بعد به م نهنجو ڪيترن سالن تائين هن ملڪ ۾ وڃڻ ٿيندو رهيو. ملڪ کي ڀينگ ٿيندو ڏسي افسوس ٿيندو هو ته ان کان ڌارين جي حڪومت ۾ هي ملڪ بهتر هو. مٿئين ڪلارڪ کي چيم ته هي آزادي ڪهڙي چئبي؟ جواب ۾ وراڻيائين: ”اسان کي ته ڪنهن به زاوئي کان آزادي محسوس نه ٿي ٿئي. بس سمجهه ته گورو پورچوگالي ويو هليو ان جي جاءِ تي پاڻ جهڙو ڪارو شيدي اچي ويو آهي جيڪو گوري کان وڌيڪ ظالم، جاهل ۽ خطرناڪ آهي. ملڪ ترقي ڪري ته ڪيئن؟“
سو منهنجي خيال ۾ توهان جي ان سوال ”سنڌي ادب جي مستقبل“ بابت يا سنڌ ۾ معاشي ترقي، سنڌ ۾ روزگار ۽ خوشحالي جو مدار اسان جي چونڊيل نمائندن تي آهي. اسان کي ان سوال جي جواب لاءِ اهو ئي ڏسڻو پوندو ته اسان جا نمائندا، اسان جا حاڪم ملڪ ۽ ماڻهن جي ڀلي جو اونو رکن ٿا يا هو رڳو پنهنجي لاءِ مال پيا ميڙين. اسان عوام انهن کي بدلائڻ جي سگهه رکون ٿا يا اسان ايترو جاهل ۽ جذباتي آهيون جو رڳو هنن جي اشارن تي پيا نچون. سندن سَکڻن وعدن ۽ تقريرن تي پيا خوش ٿيون. توهان رڳو سنڌي ادب جي مستقبل جو ڇو ٿا پڇو. سنڌ جون ٻيون ڪهڙيون شيون آهن جيڪي توهان کي صحيح ٿيون لڳن؟

جياپو: اوهان جو ڪو اهڙو خواب جنهن تي اوهان ڪم ڪرڻ چاهيو؟
الطاف: ڪنهن طرح تعليم عام ٿئي. اسان جو پٺتي پوڻ تعليم کان دوري آهي. 1947 ۾ ملائيشيا جا ملئي جيڪي طبيعت ۾ اسان جي سنڌي ڳوٺاڻن جيان آهن، تعليم ۾ اسان سنڌين کان به پٺتي هئا. سنڌين مان منهنجي مراد سنڌي مسلمان آهن (ڇو ته سنڌي هندو ته تمام گھڻو تعليم يافته هئا.) ملائيشيا اسان کان پٺتي پيل ملڪ هو. اتي به اسان وانگر وڏيرا شاهي هئي (جيڪا اڄُ به آهي.) پر پوءِ اهو آهي ته ملائيشيا کي آزادي ملڻ بعد اتي جي چونڊيل نمائندن، وزيرن توڙي وڏيرن تعليم کي عام ڪيو. اڄُ ڏسندي ئي ڏسندي ملائيشيا يورپ جهڙو ٿي ويو آهي. ملائيشيا جو هر شهري ته ڇا هر ملئي ڳوٺاڻو تعليم يافته آهي ۽ اهو ئي راز هنن جي ترقيءَ جو آهي. ملائيشيا جي به هر ڳوٺ جو وڏيرو يا ڀوتار اسان جي وڏيري وانگر چاهي ٿو ته هن جي پنهنجي تر ۾ وڏي لئه هجي ۽ هو پنهنجو پاڻ کي وڏي شيءِ مڃرائڻ خاطر ٻئي جي زمين تي قبضو نٿو ڪري، پاٿاريدار نٿو رکي، اغوائون ۽ ڌاڙا نٿو هڻائي پر هو ڳوٺ جي ماڻهن کي بهتر کان بهتر روزگار مهيا ڪرڻ لاءِ ڳوٺ ۾ ئي ڪارخانا ۽ فئڪٽريون ٿو هڻائي. تعليم عام ڪرڻ لاءِ اسڪولن جي ڪارڪردگي بهتر ٿو بڻائي ۽ ان جي خاطري ٿو ڪري ته سندس ٻار ٻين جي ٻارن کان وڌيڪ محنتي، پورهيت ۽ هنرمند ثابت ٿين ۽ ڊسيپلين ۾ رهن. هو چاهي ٿو ته سندس ڳوٺ ۾ امن امان جي حالت بهتر کان بهتر رهي اهوئي سبب آهي جو ملائيشيا جا اهي ڳوٺ جيڪي گھاٽن جھنگلن ۾ آهن، اتي رات جو به اسڪرٽن ۾ ڇوڪريون، ڪارخانن ۾ ٻي شفٽ ڪري اڪيليون گھرن ڏي پيون وڃن. هنن کي خبر آهي ته ڳوٺ جي ڪنهن خان جو ڇا پر سڄي رياست جي سلطان جو پٽ به سندس نالو نه ٿو وٺي سگھي. غير قانوني حرڪت تي وڏيرو يا سلطان ان ۾ فخر محسوس ٿو ڪڳري ته ڏوهاريءَ کي هر صورت ۾ قانون موجب سزا ملڻ کپي، چاهي ڏوهاري هن جو پٽ هجي. ڪاش اسان جي سنڌ کي به شروع کان اهڙا نمائندا، وڏيرا ۽ ليڊر ملن ها ته اسان جو جيڪب آباد، دادو، گھوٽڪي ۽ سکر خيرپور به اڄُ جو هوربارو، پينانگ، ملاڪا ۽ سريمان ڪوالالمپور کان گھٽ نه هجن ها جيڪي ملائيشيا جا شهر اڄُ کان اڌ صدي اسان جي سنڌ جي شهر کان گھڻو گھڻو پٺتي هئا پر اڄُ جهڙا جنيوا، پئرس، مئڊرڊ ۽ فرئنڪفرٽ راٽرڊم ٿي پيا آهن.

جياپو: خدا جو تصور اوهان وٽ ڪهڙو آهي؟
الطاف: اڄ جڏهن يورپ ۽ آمريڪا جا گورا توڙي جپاني رب پاڪ جي وجود کي قبول ڪري رهيا آهن ۽ هو سمجهڻ لڳا آهن ته هن ڪائنات جو مالڪ ۽ ان کي هلائڻ وارو هڪ طاقتور هستي الله آهي اتي اسان وٽ پاڻ کي دهريو سڏائڻ فيشن ٿيندو وڃي! پر ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪرڻ وارو مون جهڙو ڪوبه جهازي (ناکئو) توهان کي دهريو نظر نه ايندو. علم فلڪيات جو شاگرد توڙي کڻي عيسائي هجي يا هندو يا يهودي، هن کي خبر آهي ته آسمان ۾ موجود لکين ڇا ڪروڙين اربين سج چنڊ ۽ تارا جيڪي اسان جي سج کان به وڏا ۽ گھڻو گرم آهن هزارين ميل في ڪلاڪ جي حساب سان بنا ٽڪرائڻ جي سالن کان ڊوڙي رهيا آهن ان جي پويان ڪا ته هستي آهي! هي سڄو نظام ائين کيل تماشو ته نه آهي….. ڪو ته ان کي هلائيندڙ آهي ۽ ان جي ڄاڻ ۽ پنهنجي هن دنيا ۾ زندگي گهارڻ لاءِ قرآن جو مطالعو ضروي آهي. اسان ڪو ٽيپ ريڪارڊر وٺون ٿا ته ان جو به مئنيوئل پڙهون ٿا ته ان کي بهتر نموني سان هلائڻ لاءِ ڪهڙين ڳالهين تي ڌيان ڏجي. ڪهڙيون ڳالهيون آهن جن جي ڪري اهو ٽيپ ريڪارڊر يا ڪئميرا خراب ٿي پوندي. اهڙي طرح اسان انسانن جي بهتري يا خرابي ڪهڙين ڳالهين ۾ آهي، ان جو مئنيويل بڪ قرآن آهي. اسان زندگي ۾ سوين ڪتاب پڙهون ٿا پر ڪڏهن غور سان معنى ۽ تفسير سان هڪ دفعو به قرآن پڙهيو آهي؟ اهو ئي سبب آهي جو يورپ جا نومسلم ۽ اسلام جا ڄاڻو غير مسلم، اسان جي جاهل مسلمانن جي اسلام بابت لاعلمي تي کلندا رهن ٿا.

جياپو: سنڌ جي نوجوان نسل لاءِ پيغام..
الطاف: وقت جو قدر ڪيو. تعليم علم خاطر حاصل ڪريو ۽ نه فقط ڊگرين خاطر. علم سان گڏ ڪو هنر به سکو. اڄُ جو دؤر مقابلي جو دؤر آهي جنهن ۾ هڪ پست، گھٽ تعليم واري ۽ بي هنر جو Survive ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*