مکيه صفحو / مضمون / اوسر جو انوکو دور

اوسر جو انوکو دور

اها ڪهڙي شيءِ آهي، جيڪا جپان نه ٺاهي آهي. ايجاد کڻي آمريڪا، فرانس يا انگلينڊ جي هجي، پر جپان ان ۾ اهڙيون تبديليون ۽ سٺايون آنديون هونديون جو اها شيءِ پهرين کان وڌيڪ جٽادار، کڻڻ ۾ هلڪي ۽ خريد ڪرڻ ۾ سستي ثابت ٿي هوندي. مثال طور ڪئلڪيوليٽر يا ٽي وي کڻي آمريڪا ايجاد ڪئي هجي، واشنگ مشين انگلينڊ، يا موٽرڪار فرانس ۽ جرمنيءَ، پر ان کي هڪ ئي وقت قيمت ۽ وزن ۾ گهٽ ۽ سونهن سوڀيا ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ اتم، جپان بڻايو آهي. ٻي وڏي لڙائيءَ کان پوءِ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سڀ کان گهڻيون شيون جپان جون هلي رهيون آهن. خاص ڪري اليڪٽرڪ، اليڪٽرانڪ، ڪمپيوٽرائيزڊ نموني جون، جن کي High-Tech يعني اتم ٽيڪنالاجيءَ واريون شيون پڻ چئي سگهجي ٿو.
وي سي آر ڏسو. معمولي وي سي آر ۾ اڄڪلهه انيڪ فنڪشن آهن. هڪ ئي وقت، آڱر جي معمولي ڇهاءَ سان ٽي وي جو هڪ چئنل ڏسي سگهجي ٿي ته ٻيو ٽيپ ٿي سگهي ٿو. ٽي وي ڀلي بند ٿي پئي هجي، پر توهان جي غير موجودگيءَ ۾ سڄي هفتي جا گهربل پروگرام پاڻهي ٽيپ ٿي سگهن ٿا. پروگرام ۾ ٽرئڪنگ آهي ته اها به ختم ٿي سگهي ٿي. هڪ طرف اهڙيون ڪيتريون ئي سٺايون شامل ڪيون ويون آهن ته ٻئي طرف ان جي تور گهٽ، سائيز گهٽ ۽ قيمت ۾ پڻ گهٽ ڪئي وئي آهي.
جپاني عام هنڌ بسترن تي سمهندا هئا، پر پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي هنن اهڙا ته کڻي پلنگ ۽ سوڙهون ايجاد ڪيون، جن ۾ ڪيتريون ئي اليڪٽرڪ/ اليڪٽرانڪ جون شيون وجهي ڇڏيائون. ريڊيو، ٽيپ، بتي، نوڪر کي سڏڻ لاءِ بيل، وقت ٻڌائڻ لاءِ گهڙيال ۽ گهربل وقت تي اٿارڻ لاءِ الارم- نه فقط ايترو پر وهاڻي کي ٿلهو ڪرڻ لاءِ هوا ڀرڻ جو بندوبست ۽ بلاڪيٽ کي ڪوسو ڪرڻ لاءِ اليڪٽرڪ سپلاءِ گهٽجڻ ۽ وڌڻ لاءِ سوئچ رکيائون. جيئن سُتي سُتي آڱر جي اشاري سان جيئن وڻي تيئن ڪري سگهجي. مطلب ته هنن هر شيءِ ۾ اليڪٽرانڪ ۽ انٽيگريٽيڊ سرڪٽس (I.C) جو استعمال ايترو ته ڪيو آهي جو هر شيءِ وڌيڪ خوبصورت، سهوليت واري ۽ انسان جي خذمت ۽ سک لاءِ هر وقت تيار ٿي پيئي آهي.
جڏهن جپان وڃبو آهي ته جپان جي هر شيءِ مان سائنس ۽ اتم ٽيڪنالاجيءَ جو ساءُ ايندو آهي. جيڪڏهن ڪا شيءِ ساڳي حالت ۾ نظر آئِي ٿي ته اهي فقط جپاني ڪاڪوس هئا. سوڙها، بدبودار، سياري ۾ ويهه ته ڄڻ ماڻهو برف جي سر تي ويٺو. پر هاڻ اهي به ڏسندي ئي ڏسندي اتم ٽيڪنالاجي High-Tech جو انوکو مثال بنجي ويا آهن. اڄ جي جپاني ٽئاليٽ ۾ گهڙ ته ڄڻ هوائي جهاز جي ڪاڪ پِٽِ هجي ۽ ڪموڊ (Commode) پائلٽ جي ڪرسيءَ وانگر نظر اچي ٿو، جنهن جي ڀر ۾ ڪيترائي سوئچ ۽ بٽڻ نظر ايندا. سڄو ٽئاليٽ ٽپ ٽاپ ۽ صاف سٿرو نظر ايندو. نه ته جپان جا عام ڪاڪوس سنڌ جي سنداسن کان بدتر هئا. (ساڳيو حال ڪوريا جو هو.) جپان گهمي ايندڙ اڄ جا ماڻهو، جيڪي فقط ڪجهه ڏينهن لاءِ اتي جي وڏين هوٽلن ۾ رهي اچن ٿا، انهن کي ان ڳالهه تي يقين هرگز نه ايندو ته جپان جا پبلڪ ڪاڪوس گندگيءَ کان اهڙا مشهور هئا جو انهن کي چئن ڪافن سان سڏيو ويو ٿي. ڪِيتانائي (گدلا)، ڪُوسائي (ڌپ وارا)، ڪُورائي (ڊٺل) ۽ ڪُوائي (ڊپ وارا).
بهرحال هاڻ، دير سان ئي سهي، جپانين کي پنهنجن ڪاڪوسن (Toilets) جو خيال ٿيو آهي ته ان کي به ماڊرن ٽچ ڏني وڃي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بي افعالن ڪاڪوسن مان اهي هاڻ فيشني ٿيندا وڃن. هاڻ جپان جي جنهن به ٽئاليٽ ۾ گهڙ ته اوچي پلاسٽڪ جا رنگين ڪموڊ نظر اچن ٿا، جيڪي سياري ۾ گرم به رهن ٿا. بٽڻ دٻائڻ سان پاڻيءَ جو وسڪارو سڄي ڪموڊ کي صاف ڪريو ڇڏي. اهي ڪموڊ Bidet جو ڪم پڻ ڏين ٿا جنهن لاءِ ٻئي بٽڻ دٻائڻ سان، ڪموڊ ۾ اندر لڳل نلڪي مان پاڻي جي سنهي ڦوهاري جهڙي لار مٿي اڀري ٿي، جيڪا ڪنهن به طرف موڙي سگهجي ٿي ۽ هٿ خراب ڪرڻ بنا جسم جي صفائي ٿي سگهي ٿي. ان بعد ٽئين بٽڻ کي دٻائڻ سان گرم هوا، هر شيءِ کي خشڪ ڪريو ڇڏي ۽ ٽئاليٽ مان نڪرڻ وقت توهان جي شلوار يا پتلون اڌ ڏينهن تائين آلي نٿي رهي. (جنهن مان ٻي صورت ۾ هر هڪ کي خبر پئجيو وڃي ته توهان ٽئاليٽ ۾ هٿ ڌوئڻ لاءِ نه پر وڏو معرڪو سرانجام ڏيڻ ويا هئائو.)
جپان جي ڪموڊ ٺاهيندڙ مشهور ڪمپني Toto جو چوڻ آهي ته ڪاڪوس بعد جسم جي صفائيءَ لاءِ پاڻيءَ جي ڦوهاري کي، هنن پنهنجن ڪموڊن ۾ بلڪل صحيح ڪنڊ تي رکيو آهي، جيئن ان کي يا پاڻ کي هيڏانهن هوڏانهن موڙڻ بنا، جسم جي چڱي طرح صفائي ٿي وڃي ٿي. ان ڪاميابيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ هنن جي سائنسدانن، جپاني ماڻهن جي هيٺين ڌڙ جي ائناٽاميءَ جي ٻه سال ريسرچ ڪئي هئي. شايد اهوئي سبب آهي جو سڀ کان گهڻا ڪموڊ ٺاهيندڙ هن ڪمپنيءَ جو سلوگن آهي:
“Your Bottom will like it after three times”
۽ اهو سلوگن هن ڪمپنيءَ جي ڪموڊن جي اشتهارن سان گڏ لکيل هوندو آهي.
ٽوٽو ڪمپنيءَ هينئر جيڪو تازو ڪموڊ ڪڍيو آهي. ان کي Wash-let-Queen صفائيءَ جي راڻي سڏجي ٿو. ان ۾ آخر ۾ خوشبوءِ واري اسپري جو پڻ بندوبست آهي. جيئن ڪاڪوس جو در کُلي ۽ همراهه ٻاهر نڪري ته چوڌاري آفيس يا گهر ۾ خوشبوءِ جي ٻهه ٻهه ٿي وڃي ۽ ڪنهن کي به نڪ جهلڻ جي تڪليف نه ٿئي.
هر روز ڪموڊن ۾ ترقي اچڻ ڪري جپاني ماڻهن جي نفسيات تي وڏو اثر پيو آهي. اڄ جو جپاني ماڻهو، بيڊ روم کان وڌيڪ ڪاڪوس(Toilet) تي ڌيان ڏئي ٿو. تخت تي ويهڻ لاءِ ته فقط هيرو هٽو جو اولاد ئي بادشاهه ٿي سگهي ٿو. پر ٽئآليٽ جي تخت تي ويهڻ جو فيض ته هرڪو جپاني ماڻي سگهي ٿو.
ڪموڊ ٺاهيندڙ، جپان جي هن ٽوٽو ڪمپنيءَ هڪ ٻي ريسرچ پڻ ڪئي آهي ته جيئن ته جپاني گهرن ۽ آفيسن وغيره جون ڀتيون سنهيون هجڻ ڪري، ڪاڪوس جي اندر پيدا ٿيندڙ آواز ٻاهر ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. نتيجي ۾ اهي زالون جيڪي طبيعت ۾ شرميليون آهن، هر وقت زنجير ڇڪينديون رهن ٿيون، جيئن پاڻيءَ جي بئڪ گرائونڊ واري شپڪي ۾ باقي آواز دٻجي وڃن. هڪ جائزي مطابق هر جپاني عورت ٻه يا ٽي دفعا پاڻي ضايع ڪري ٿي. جيڪو وڏو قومي نقصان آهي. خاص ڪري جپان جهڙي ملڪ لاء،ِ جنهن جي چوڌاري سمنڊ جو کارو پاڻي ته جام آهي پر تازو پاڻي تمام مهانگو آهي.
ان ڳالهه کي منهن ڏيڻ لاءِ جپان جون ڪيتريون ئي ڪمپنيون ڪموڊن ۾ ٻين شين سان گڏ ميوزڪ جو بٽڻ پڻ ڏئي رهيون آهن. جيئن اهي ماڻهو جيڪي دستن يا باديءَ جا پراڻا مريض هجن ته اهي ضرورت وقت بٽڻ دٻائي ٽئاليٽ روم ۾ مار ڌاڙ واري ميوزڪ جو رڪارڊ هلائي سگهن ۽ سندن پيدا ڪيل گوڙ گڙڪا ان ميوزڪ ۾ جذب ٿي وڃن. اهڙيءَ ريت ٻاهر ويٺل همراهه انهن بمن بارودن ۽ خودڪش حملن کان بيخبر ئي رهن.
هينئر ويجهڙائيءَ ۾ جپان وڃڻ تي ڪيترن ئي آفيسن توڙي گهرن ۾ انهن ماڊرن ٽئاليٽن ۾ ڪجهه وڌيڪ تبديليون نظر آيون. ميوزڪ جو بٽڻ دٻائڻ سان اها مار ڌاڙ وارا آواز نٿي شروع ٿيا پر سافٽ ميوزڪ وڳي ٿي، جنهن جو آواز فقط ٽئاليٽ جي تَخِتي (ڪموڊ) تي ويٺل همراهه جي ٻڌڻ تائين محدود هو. پنهنجن آوازن کي ڪئموفليج ڪرڻ لاءِ هاڻ هڪ ٻيو بٽڻ لڳل هو جنهن کي دٻائڻ سان شئنڪ جو آواز (يعني ڪموڊ مان پاڻي وهڻ جو آواز) آيو ٿي جيڪو ٻاهر ويٺل ٻڌي سگهيا ٿي. هتي جي جپاني همراهن ٻڌايو ته مار ڌاڙ واري ميوزڪ جي اوچتي وڄڻ سان ٻاهر ويٺل ويتر شڪيا ٿي. ان ڪري ان جي جاءِ تي، هي پاڻي وهڻ جي آواز جي رڪارڊنگ رکي وئي آهي. ڇو جو هر ماڻهو پيشاب بعد به Shank هلائي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته فارغ ٿيڻ بعد ڪموڊ کي صاف ڪرڻ لاءِ پاڻي وهڻ جا ٻه بٽڻ رکيا ويا آهن. هڪ ۾ ڪموڊ جي سڄي ٽانڪي خالي ٿئي ٿي ۽ ٻيو بٽڻ دٻائڻ سان فقط گلاس ٻه پاڻيءَ جو وهي ٿو، جيڪو پيشاب ڪرڻ وارن لاءِ آهي. اهو ان ڪري جو جپان ۾ پاڻي تمام مهانگو آهي ۽ جنهن ڪم لاءِ جيتري پاڻيءَ جي ضرورت آهي اوترو هاريو وڃي.
هن ڀيري جپان ۾ اها به ڳالهه نوٽ ڪيم ته هي ماڊرن ٽئاليٽ جپان جي ڏورانهن ڳوٺن ۾ به پهچي ويا آهن. شمونو سيڪي جي هڪ ڏورانهين ڳوٺ جي هڪ پراڻي سڃاڻپ واري مسافر خاني ۾ رات گذارڻي پيئي، جنهن جي عمارت اها ئي سٺ سال پراڻي هئي، سندس ڪِچن ۽ ڪمرا اهي ئي پراڻا ٻهراڙي نموني جا هئا پر ان جو غيباتي سوراخ وارو اونڌاهو ٽئاليٽ، جنهن تي اوڪڻو ٿي وهبو هو، اهو سڄو غائب ٿي چڪو هو. ان جي جاءِ تي زبردست قسم جي چلڪندڙ ٽائلين جو ڪمرو هو، جنهن ۾ Toto ڪمپنيءَ جو ماڊرن ڪموڊ رکيل هو جنهن ۾ خوشبو جو اسپري به لڳل هو. ڪموڊ سان لڳل مختلف سئچن جي پئنل کان علاوه ريموٽ ڪنٽرولر به هو جنهن کي ماڻهو هٿ ۾ جهلي مختلف بٽڻ دٻائي سگهي ٿو، جيئن اڄڪلهه ٽي وي ۽ ايئرڪنڊيشنر هلائڻ جا ننڍڙا Remote ٿين ٿا.
ٽئاليٽ مان جيئن ئي ٻاهر نڪتس ته مسافر خاني جي جهور پوڙهي مالڪڻ، چيلهه تي هٿ رکي سامهون بيٺي نظر آئي. هُن جپان جي هن سائنسي ۽ آرٽ ورڪ جي تعريف ۾ منهنجي واتان ڪجهه ٻُڌڻ ٿي چاهيو، يا شايد رات جي جهيڙي جي جواب ۾ هن ٻُڌائڻ ٿي چاهيو ته هن ڏهه لک يين (اٽڪل ست لک رپيا) خرچ ڪري هي ٽئاليٽ ٺهرايو آهي، جنهن ڪري هن مسافرخاني جي مسواڙ وڌائي آهي. دل ۾ مون چيو ته هاڻ توهان جپاني به اسان سنڌين وانگر انگريز ٿي پيا آهيو. سڄي عمر اونداهن ۽ غار جي چُرن جهڙن گدلن سنداسن تي اوڪڙون ٿي فارغ ٿيائو، جن لاءِ جپان توڙي ملائيشيا ۾ ايندڙ ڌاريان چوندا هئا ته” اسان دورين (بيحد ڌپ وارو ميوو) کائينداسين، پر توهان جي ڪاڪوسن ۾ نه گهڙنداسين.“
مون کي ستر وارو ڏهو ٿو ياد اچي جڏهن منهنجو جهاز ذريعي جپان اچڻ شروع ٿيو هو. جپاني بندرگاهن ۾ جهاز تي سامان لهندي چڙهندي يا جهاز جي مرمت دوران ڪيترا جپاني، جهاز ۾ موجود ڪموڊن واري ٽئاليٽ ۾ ويندي ڊڄندا هئا جو هنن کي ڪرسي وانگر ڪموڊ تي ويهي فارغ ٿيڻ جي عادت نه هئي. شپ يارڊ جو هڪ جپاني انجنيئر چوندو هو ته هن قسم جي ڪموڊ تي وهڻ جي عادت پوڻ سان ڪٿي هو آفيس ۾، ڪرسيءَ تي ويٺي ويٺي فارغ نه ٿي وڃي.

هونءَ هڪ ڳالهه ضرور آهي ۽ دنيا مڃي ٿي ته سڀ کان پهرين گٽر سسٽم وارا ماڊرن ٽئاليٽ سنڌ ۾ ٺهيا، جنهن جا ثبوت موهن جي دڙي مان ملن ٿا. وهڻ وارا ٽئاليٽ جيڪي اڄ مغرب جي ايجاد سمجهيا وڃن ٿا اهي 2800 ق.م موهن جي دڙي ۾ کوري جي سرن ۽ ڪاٺ جي صندلين مان ٺاهيا ويا ٿي. موهن جي دڙو جي هنن ڪموڊن ۽ هيٺان وهندڙ نالي (Sewer) سسٽم ڪري ان صدي (يعني 3rd Millennium B.C) کي صفائي وارو دور “Age of Cleanliness” سڏجي ٿو. 1944ع کان 1948ع تائين سر مورٽيمر ويلر نالي هڪ انگريز انڊيا جي آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ جو ڊائريڪٽر جنرل ٿي گذريو آهي. بقول هن انگريز جي:
“The high quality of the sanitary arrangements of Mohenjo-Daro could well be envied in many parts of the world today.”
اهڙا ٽئاليٽ پورن هڪ هزار سالن بعد 1800 ق.م ۾ مصر ۾ فرعون جي ڏينهن ۾ ۽ پرشيا (ايران) ۽ روم ۾ نظر آيا ۽ باقي مغربي دنيا ۾ ته عيسوي سن 1850 کان به پوءِ شروع ٿيا.
جپان ۾ ڪاڪوسن کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ جو مقابلو ايڏو وڌي ويو آهي جو هڪ ڪمپنيءَ، ڪاڪوسن ۾ ڪموڊ سان گڏ ننڍڙو ڪمپيوٽر هڻڻ جو پڻ ارادو رکي ٿي، جيڪو ان ئي وقت پيشاب ۽ ڪاڪوس کي ٽيسٽ ڪري ان جي رپورٽ ٻڌائي سگهندو. ان کان علاوه ڪاڪوس جي ان ڪرسي- ڪموڊ تي ويٺي ويٺي پنهنجي دل جو ڌڙڪو ۽ بلڊ پريشر پڻ تپاس ڪري سگهبو.
اها قوم جنهن صديون زمين ۾ ڳڙکا ڪري، مٿان سرون رکي ڪاڪوس ڪيو سا هاڻ ڀلي High Tech ڪاڪوسن مان لست وٺي.
آمريڪا جي مشهور ليکڪا ايرڪا جونگ- جنهن جا ٻه ڪتاب تمام گهڻو مشهور ٿيا: Fear of Flying ۽ ٻيو How to Save your own Life.
هن پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ڪاڪوسن مان ڪنهن به ملڪ يا قوم جي اٿڻي وهڻي، رهڻي ڪهڻي، ڪردار، ذهني سوچ ۽ صفائي سٺائيءَ بابت اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ايرڪا جونگ، بقول سندس، هڪ دفعي ڪاڪوسن جي بنياد تي، ماڻهن ۽ ملڪن جي Classification ڪئي ٿي ۽ ان ڪتاب جو نالو- “The History of the World Through Toilets” رکيو ٿي. جيئن ته:

انگريزن جا ڪاڪوس
بقول ايريڪا جي، اڄ ڪلهه انگريزن وٽ ڪاڪوس ئي وڃي بچيا آهن! قبضي ۾ آيل آفريڪا ۽ ايشيا جا مڙيئي ملڪ (بيٺڪي راڄ) ته کانئن ڇڏائجي ويا، هاڻ ڪاڪوس ئي سندن آخري بيٺڪون آهن. پاڻي آهي سو وڪٽوريا آبشار وانگر مٿان ڪَٽ لڳل پائيپ مان پيو ٽمي ۽ توهان نوان ملڪ ايجاد ڪندڙ Explorer جي حيثيت ۾ هڪ ڀڳل/ چٿريل ’ميڊ ان گريٽ برٽن‘ ڪموڊ تي ويٺا آهيو. پاڻيءَ جا ڇنڊا توهان جي مٿي، ڪنڌ ۽ جوتن تي پيا پون ڄڻ ته توهان جي جهاز سان سامونڊي ڇوليون ٽڪرائي رهيون آهن. هنگي بس ڪرڻ وقت هڪڙي کن پَل لاءِ (جنهن وقت ڪموڊ جي زنجير ڇڪيو ٿا ۽ پاڻي گڙ گڙ ڪري اچي ٿو) توهان جي دل ۾ ستل احساس جاڳي ٿو ته:
Britannia Rules the World Again!
(برطانيه هڪ دفعو وري سامونڊي لهرن تي راڄ ڪري رهي آهي.)

جرمنن جا ڪاڪوس
سڄي دنيا ۾ هيٺڀرين ٿلهين کان مشهور آهن. ان مان اهو فائدو آهي ته ماڻهو کي پنهنجي لَٿي جا ڇنڊا نٿا لڳن. ان کان علاوه هو ان کي الوداعي نظرن سان چڱيءَ طرح غور سان ڏسي سگهي ٿو، جيئن بيماريءَ جي حالت ۾ ڊاڪٽر يا پئٿالاجسٽ کي ان جو رنگ ۽ بوءِ، پٽڙائي، ڏاڍائي ۽ منجهس موجود ٻين شامل شين بابت ٻڌائي سگهي. جرمن ٽئاليٽ هيرن جي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن لاءِ پڻ سٺا ثابت ٿيا آهن، جيڪي ويٺي ويٺي سمگل ڪيل هيرا پنهنجي ڪاڪوس مان چونڊي ميڙي ڪڍي سگهن ٿا.

اٽليءَ جي ماڻهن جا ڪاڪوس
اٽليءَ جا ڪاڪوس سٺا آهن، پر اُگهڻ لاءِ نرم ۽ چُهندڙ پنو هجڻ بدران اخبارن جا ٽڪرا ملندا، جن تي لکيل پراڻيون خبرون، اگهوتري، وڃايل جو ڏَس وغيره وغيره- گهڻو ڪي ڪجهه پڙهي سگهجي ٿو… جنهن جو مدار قبضيءَ تي آهي. زنجير ڇڪڻ سان پريشر سان پاڻي اچي ٿو ۽ جيسين توهان مڙي پنهنجي لَٿي تي هڪ تعريف جوڳي نظر وجهو تيسين هر شيءِ غائب ٿيو وڃي! اهوئي ته آرٽ جو هڪ نادر نمونو آهي، جنهن کان اٽلي وارا مشهور آهن.

ڪڪڙين جي بيمارين تي تحقيق ۽ تجربا ڪرڻ واسطي ملائيشيا ۾ هڪ تمام وڏو سينٽر آهي، جيڪو Asian Poultry Disease Research & Training سينٽر سڏجي ٿو. جتي برونائي، ٿائلينڊ، سنگاپور، ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ فلپين جا شاگرد- ڇوڪرا ڇوڪريون، ڪڪڙين بابت علم حاصل ڪن ٿا.
دنيا ۾، مردن ۽ عورتن جي Toilets ۾ فرق ڏيکارڻ لاءِ، انهن جي ٻاهران اڪثر عورت ۽ مرد جي تصوير هوندي آهي. يا ڪن هنڌن تي مردانو ۽ ٺهيل زنانو سئنڊل ٺهيل هوندو آهي. يا وري تصوير بدران ’روميو‘، ’جوليٽ‘، يا آدم- حوا لکيل ٿئي ٿو. Gents ۽ Ladies ته جتي ڪٿي عام نظر اچي ٿو. پر هن سينٽر ۾ مٿي ذڪر ڪيل نشانين بدران ڪُڪڙ ۽ ڪڪڙِ جي تصوير هنئي وئي آهي.
هن سينٽر ۾ نوان آيل ڪيترائي مهمان ته اهي نشانيون ڏسي، انهن ٽئاليٽن ۾ اهو سوچي اندر گهڙي پوندا آهن ته شايد اتي به ڪڪڙين بابت ڪجهه تحقيقاتي ڪم هلي رهيو آهي. ڪيترا وري ڄاڻ هوندي به ته اُهي ٽئاليٽ آهن. صحيح جنس جو ڳولي نه سگهندا آهن ته ڪهڙو مردن جو آهي ۽ ڪهڙو عورتن جو ڇو جو ڪڪڙ ۽ ڪڪڙِ جي تصوير ۾ ٿورو ئي فرق آهي.
ان مونجهاري کي منهن ڏيڻ لاءِ واسطيدار عملدارن هاڻ ڪُڪڙ کي وڌيڪ زنانو روپ ڏيڻ لاءِ سندن ڪَنَن ۾ ايرِينگ پارايا آهن ۽ ڪُڪَڙ کي وري ٽاءِ/ بو هنيو آهي. ان کان علاوه انگريزيءَ ۾ انهن مٿان Ladies ۽ Gents پڻ لکيو آهي. هونءَ اهو به لکندو هلان ته ملئي زبان ۾ ٽئاليٽ کي ٽنڊاس سڏين ٿا ۽ چيني ماڻهو “Loo” سڏين.

مارڪس ۽ اينگلز کي خبر هئي ته ’ڪميونسٽ‘ جو مطلب ڇا آهي. ”هر ملڪ ۾، مزور طبقي جو اهو ترقي پسند ڪلاس، جيڪو ٻين کي اڳتي وٺي هلي. ٻين جي رهنمائي ڪري.“
پر پولينڊ ۾ هاڻ ڪميونسٽ جو مطلب اهو نه رهيو آهي. اتي ڪنهن کي ڪميونسٽ چوڻ عزت افزائي نه پر ڄڻ گار ڏيڻ آهي.
ڪِن ڪِن ڳالهين ۾ ڪميونسٽ لفظ ڇَسي ۽ بيوقوف ماڻهوءَ لاءِ پڻ استعمال ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪيترن هنڌ ڪميونزم نظام کان پولينڊ جي ماڻهن کي ايڏي نفرت ٿي پيئي آهي جو مشهور ڪتاب- داس ڪئپيٽل- جيڪو ڪنهن زماني ۾ هرهڪ لاءِ پڙهڻ ضروري سمجهيو ويندو هو، اهو هاڻ ٽئاليٽن ۾ پني بدران استعمال ٿئي ٿو.

هونءَ ٽئاليٽ ۾ ڪتاب رکڻ ڪا خراب ڳالهه نٿي سمجهي وڃي. ڪيترن جو اهو خيال آهي ته ٽئاليٽ اهڙي جاءِ آهي جتي ماڻهو سڪون سان صحيح طرح سوچي سگهي ٿو ۽ سوچيل ڳالهه ذهن ۾ چڱيءَ طرح رکي سگهي ٿو ۽ ذهن ۾ رکيل ڳالهه تي عمل به ڪري سگهي ٿو. ان ڪري اڄڪلهه جا Toilet- Papers (اُگهڻ جا پنا)، ڪورا هجڻ بدران ڇپيل ملن ٿا. انهن تي مختلف شين جا اشتهار آهن ۽ اهي Toilet- Papers جن تي مشهورين بابت ڇپائي آهي ٻين کان تمام گهڻو سستا ملن ٿا، جو اُن جو اڌ خرچ اشتهاري شين(Commercial Ads) جا مالڪ ڀرين ٿا.
هونءَ ڪنهن کي سڄو ڏينهن وقت ملي يا نه ملي، پر ٽئاليٽ ۾ هر هڪ، صفائيءَ لاءِ ان ڦاڙيل پني تي سيون او ڪلاڪ يا ٽريٽ بليڊ جي خوبين جو اشتهار پڙهڻ لاءِ ضرور وقت ڪڍي سگهي ٿو ته اهي ملڪ جي ڏهن ناليرن فلم ائڪٽريسين مان نو ڄڻيون پنهنجي صفائيءَ لاءِ استعمال ڪن ٿيون ۽ ڇو نه توهان به؟
دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ هاڻ ٽئاليٽ پيپر نه فقط اشتهارن وارا ملن ٿا، پر ڪن تي چرچا ڀوڳ، يا معما، ڳجهارتون پڻ ڏنل آهن جيئن قبضيءَ جا جهونا مريض پنهنجو وقت وندر ۾ گذاري سگهن.
ان قسم جي پنن جي کپت ۽ مشهوري ڏسي جپان جي حڪومت ڪيترائي انتظامي آرڊر ۽ ٽرئفڪ جا قاعدا قانون پڻ انهن تي ڇپرائڻ شروع ڪيا آهن. جيئن اتي جي عوام کي اخبار پڙهڻ جو موقعو ملي يا نه ملي، پر صبح ساڻ ٽئاليٽ ۾ هڪ ٻه اهڙيون اهم شيون ته سڪون سان پڙهي وٺن.
اهو پڻ جائزو ورتو وويو آهي ته هر ماڻهو صفائيءَ لاءِ مڙيئي ٻه فٽ کن پنو ڦاڙي ٿو. ان ڪري Toilet- Papers تي ساڳي خبر يا نياپو، اشتهار، هر ٻن ٻن فٽن بعد ورجايو ويو آهي ته جيئن ٻيو ايندڙ همراهه ساڳي ڳالهه مٿان کان پڙهي سگهي.
جپان جي هڪ هوٽل ۾ جپانين لاءِ انگريزيءَ جي ڏکين لفظن جون ۽ ڌارين لاءِ جپاني لفظن جون، اسپيلون ۽ معنائون پڻ ٽئاليٽ پيپر (اگهڻ جي پنن) تي اچن ٿيون.
اوهيو گوزائي ماس- گڊ مارننگ
اوگين ڪي ديسڪا- توهان ڪيئن آهيو
اري گاتو- مهرباني
سايو نارا- باءِ باءِ…..
altafshaikh2005@gmail.com
altafshaikh2004@yahoo.co.uk

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*