مکيه صفحو / ڪتاب / اي جرني ٽُ ٿائلينڊ

اي جرني ٽُ ٿائلينڊ

ڪِتاب: اي جرني ٽُ ٿائلند: ليکڪ: الطاف شيخ

الطاف شيخ جو هي ٿائلنڊ جو سفر سامونڊي جهاز رستي نه پر ريل گاڏي ذريعي ٿيو جڏهن هو ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ رهندو هو. ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ انگريزي ريل جو نِظام انهن ڏينهن ۾ ئي وڌو جڏهن هنن ننڍڌي کنڊ ۽ ڪينيا يوگنڊا ۾ رکيو ـــ جِتي پڻ سندن راڄُ رَهيو.
ٿائلنڊ جيتوڻيڪ اهو ملڪ آهي جنهن تي ڪڏهن به انگريزن يا ٻي ڪنهن يورپي ملڪ جو راڄُ نه هو پر اتي جا حاڪم بيحد سياڻا رهيا آهن. هنن يورپ وارن جي هر بهتر شيءِ کي پنهنجي ملڪ ۾ قائم ڪيو جيئن ته ٽپال ۽ تار کاتو، پوليس جو جوڊيشري، اهڙي طرح مغربي تعليمي نظام ۽ ريل گاڏي. ٿائلنڊ جي ڏکڻ واري شهر حاديا (حنائي) کان اتر واري سهر چنگ مائي تائين ريل گاڏي هلي ٿي جنهن کي هنن ملائيشيا جي ريل گاڏيءَ سان ملائي ڇڏيو آهي. يعين ڪو سنگاپرو مان ريل گاڏيءَ ۾ چڙهي ته اها ريل ڪازوي پُل ذريعي سنگاپور ۽ ملائيشيا جي وچ وارو سامونڊي حصو پار ڪري، سڄي ملائيشيا کي لتاڙي ٿائلنڊ جو بارڊر ٽپي، اڌڏ ملڪ ۾ هلي 72 ڪلاڪن بعد بئنڪاڪ پهچي سگهي ٿو. الطاف به ريل ذريعي ٿائلنڊ جي مختلف شهرن مان ٿيندو بئنڪاڪ پهتو آهي جنهن سفر جو احوالُ هُنَ ”اي جرني ٽُ ٿائلنڊ“ سفرنامي ۾ ڏنو آهي. ڪِتاب جا پيش لفظ ان وقت ملائيشيا ۾ پاڪستان جي سفارتخاني جي پريس اٽيچي ارشاد عباسي (پارس عباسي) لکيا آهن. ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ الطاف عباسيءَ جو ڀاءُ ارشاد پاڻ به اديب آهي.
هن ڪِتاب ۾ 66 عنوان هيٺ مضمون آهن جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
ٿائلنڊ ملائيشيا جو بارڊر ٽپي حنائي پهچڻ
سفر لاءِ ويزا ضروري آهي.
ڪجهه پاڪستان ڪجهه قبرستان هليا ويا.
سيڪس ڪو چاڪليٽ ناهي
ٿائي عورتن جي سمگلنگ
آيو تٿايا ـــ ملڪيءَ جو قبرستان
پتايا ـــ رنڊين ۽ کنڊين جو شهرُ
بئنڪاڪ ڪو شريف ماڻهوءَ جي گهمڻ جي جاءِ ناهي
ٿائلنڊ ويندڙن لاءِ ڪجهه ڳالهيون
ڍورن جون بئنڪون.

Download (PDF, 1.06MB)

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*