مکيه صفحو / ڪتاب / اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا

اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا

ڪِتاب: اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا: ليکڪ: الطاف شيخ
موضوع: سئيدن ۽ اوسي پاسي جو سفرنامو

تعليم جي سلسلي ۾ الطاف شيخ جو جڏهن ٻه سال سئيڊن ۾ رهڻ ٿيو ته اتان جي ملڪن (ڊئنمارڪ، ناروي پڻ)، ماڻهن، سندس يونيورسٽي ۽ ان ۾ ساڻس گڏ تعليم وٺندڙ آفريڪن، ايشين، ۽ آمريڪا جي مختلف ملڪن (ميڪسيڪو، برازيل، چلي، نڪراگئا، وينزوئلا وغيره) جي جهازران ساٿين جو احوال ڪالمن ذريعي اخبارن ۾ ڏيندو رهيو. هي ڪِتاب ”اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا“ انهن ڪالمن جو پهريون مجموعو آهي جنهن جي پهرين ايڊيشن 1998ع ۾ ”نيوفيلڊس پبليڪيشن“ وارن ڇپي ۽ ٻي ايڊيشن ڪجهه سالن بعد ”روشني پبليڪيشن“ وارن ڇپي. ڪِتاب جا پيش لفظ مخدوم جميل الزمان ۽ انگريزي رسالي انڊس جي ايڊيٽر ۽ ناولنِگار امير ابڙي لکيا آهن.
الطاف شيخ، انهيءَ وقت سفرناما لکڻ شروع ڪيا جڏهن اندرونِ سنڌ، ماڻهن ۾ ٻاهرين ملڪن ۾ سفر ڪرڻ جو شعور ئي ڪونه هو ۽ نه ئي جهازن جي نوڪريءَ جي مڪمل ڄاڻَ هئي. الطاف، آڱر کان وٺي هڪ پڙهندڙ کي مُلڪ گهمائي ٿو. هو ريل، بس کان وٺي رڪشا ۽ گهوڙي گاڏيءَ تائين، ڪيئي مزاحيه، معلوماتي ۽ افسانوي خبرون ٻڌائيندو ٿو هلي. سندس سفرناما پڙهڻ کان پوءِ ڪنهن به ماڻهوءَ کي انهيءَ ملڪ جو جاري ڪيل ٽوئرسٽن لاءِ ڪِتاب پڙهڻ لازمي ناهي. هن ڪِتاب جو روح يا مرڪزي خيال هن طرح آهي ته يورپ ۾ ايشيا ۽ آفريڪا جي ماڻهن لاءِ ڏاڍا تنگ نظر رويا محسوس ٿين ٿا ۽ پوري ڪِتاب ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي انهيءَ ڳالهه جو ذڪر ٿيندو رهي ٿو. الطاف شيخ تعليم جي سلسلي ۾ سئيڊن ۾ رهڻ دوران تيرهن سؤ کن صفحا لکيا ۽ هي ڪِتاب سندس اوئلي ڇهن مهينن دوران لکيل آهي. ڪيئي ڳالهيون جيڪي هن ڪِتاب ۾ پڙهندڙ کي کوٽ محسوس ڪرائينديون يقيناً سندس ايندڙ ڪيتابن ”ملير کان مالمو“، ”ڪراچي کان ڪوپن هيگن“، وغيره ۾ پورائو ڪري وينديون. هِنَ ڪِتاب ۾ ڏنل 71 بابن مان ڪجهه هن ريت آهن:
هُور ڪرافٽ جهاز خچر وانگر وچ جي شيءِآهي.
ڪهڙي بچاءَ لاءِ ڪُتا آهن؟
ڊڪار (سينيگال) جي مائي ائمي
گهانا جي ائلس هڪ حسين حبشڻ
ٻار ٻالجي يا ڪُتو؟

Download (PDF, 2.41MB)

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*