مکيه صفحو / ڪتاب / بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾

بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾

ڪِتاب: بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾: مصنف: الطاف شيخ
موضوع: انڊيا جو سفرنامو

الطاف شيخ جو 415 صفحن تي مشتمل هي سفرنامو سندس انديا جو Latest سفرنامو آهي. هن سفرنامي ۾ ڪِتاب جي نالي ”بمبئي منهنجي ڀاڪر“ مطابق گهنوتڻو ممبئي (اڳوڻو نالي بمبئي) کي ڪور ڪيو آهي ۽ ممبئي بابت ڄاڻ بيحد تفصيلَ سان لکي آهي. هن ڪِتابَ جو مهاڳ ڪراچي يونيورسٽي جي پروفيسر محمد سليم ميمڻ لکيو آهي. ان کان علاوه هن ڪِتاب ۽ الطاف شيخ جي لکڻين بابت سنڌ جي ڪهاڻيڪار ۽ شاعر زيب سنڌيءَ لکيو آهي. هِنَ ڪِتابَ ۾ 60 کن بابَ آهن جن ۾ ممبئي جي مختلف جڳهين، روڊ رستن، اسڪولن ڪاليجن ۽ تاريخ جاگرافيءَ جي دلچسپ ڄاڻَ ڏني آهي. الطاف جي اڀياسي طبيعت کيس هر ملڪ جي هر شيءِ جي اڀياس لاءِ اُتساهي ٿي. مڪاني رهاڪن جي معاشي، معاشرتي، تمدني، ثقافتي، مالي، علمي، ادبي، اخلاقي زندگي کان ويندي انهن جي دين ۽ ڌرم جي اڀياس ۽ ان جي سنڌ جي حالتن ۽ وسيلن سان ڀيٽَ ڪرڻ ڪو سولو ڪم ڪونهي. سليم ميمڻ لکي ٿو ته ”هڪ ڳالهه جيڪا الطاف شيخ جي لکڻين جي وڻندي اٿم، سا آهي سندس فري اسٽائيل اسلوب. پاڻ چاهي ته ٻويلءَ جي ٺاهه ٺوهه ڪري سگهي ٿو، پر هو ان جو خواهشمند نه آهي، ڇاڪاڻ ته سندس زندگيءَ جو اسلوب به فري اسٽائيل آهي ـــ هن سفرنامي ۾ ڪجهه مضمونَ هن ريت آهن.
ممبئي جي روڊن تان هلندي
ممبئي جو نانا چوڪ ۽ حاجي علي درگاهه
ممبئي يونيورسٽي جو ماحول…..
ياد رهي ته الطاف شيخ جي هن سفر جا ميزبان ”ممبئي يونيورسٽي وارا هئا ۽ هو سمورو ٽائيم ممبئي يونيورسٽي جي گيسٽ هائوس ۾ رهيو.
ممبئي ۾ سنڌين جا ڪاليج
ممبئي ۾ يورپي ٽائون
ننڍي کنڊ جي پهرين مسجد ۽ اصحابي
هندستان تي حاوي3 هڪ سنڌي وڪيل
ڪو ڀڳوان ئي چوري ڪري ويو.
ممبئي جا پارسي ۽ مهاراڻي وڪٽوريا
ممبئي جي يهودي فئملي ”ساسون.“
ممبئي جا ڌاٻا والا…. وغيره .

Download (PDF, 2.21MB)

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*