مکيه صفحو / ڪتاب / بندر بازاريون

بندر بازاريون

ڪِتاب: بندر بازاريون، ليکڪ: الطاف شيخ
الطاف شيخ جو هي سفرنامو ملائيشيا، سنگاپور ۽ ٿائلنڊ ملڪن جو آهي. ”بندر بازاريون“ الطاف جي شروعاتي سفرنامن مان هڪ آهي جنهن جا ڪيترائي ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن. تازو ايڊيشن ”ڪاڇو پبليڪيشن“ وارن طرفان ڇپيو آهي جيڪو 2009ع ۾ ڪراچي ۾ ڇپيو. هن ڪِتاب جو پهريون ڇاپو 1975ع ۾ طارق اشرف ”سهڻي پبليڪيشن“ طرفان ڇپيو ۽ ٻيو ايڊيشن فيروز ميمڻ 1979ع ۾ ”نيوفيلڊس پبليڪيشن، طرفان ڇپيو ۽ ٽيون پڻ فيروز ميمڻ 1997ع ۾ ڇپيو.
هن سفرنامي ۾ الطاف شيخ اڄ کان 40 سال اڳ واري ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن جو احوال لکيو آهي. جڏهن پاڻ جهاز جي نوڪري شروع ڪئي هئي ۽ ٽي چار سالَ آمريڪا پاسي جهاز هلائڻ بعد هن کي ڏور اوڀر ڏي ويندڙ جهازن تي رکيو ويو هو۔ ان وقت ملائيشيا اڃان سنڌ جي ٻهراڙيءَ جهڙو هو ۽ سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ”دونمبري“ شين کان مشهور ۽ چورري چڪاري ۽ بدامني ڪري بدنام هئا. ايتريقدر جو سنگاپور جي بسن ۾ سنگاپور جي چئني قومي زبانن ۾ ”جيب ڪترن کان هوشيار“ رهڻ جا نوٽس لڳل هوندا هئا.
”بندر بازاريون“ ڪِتاب ۾ ڏنل مضمونن مان ڪجهه هن ريت آهن:
• سي سڪنيس ۽ نشي وارا بسڪٽ
• ملايا جي رڪشا جڳ کان نرالي
• ولايتي نوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي ڳولا
• سنگاپور ۾ سنگاپوري چانهه نه ٿئي
• سنگاپور ايندڙن لاءِ هڪ نصيحت
• ٿائلنڊ ۾ ايمان لوڏن ۾
• ناريل جي رس جي فئڪٽري.
هن ڪِتابَ جا پيش لفظ امر جليل لکيا آهن. امر جليل لکي ٿو ته….. ”الطاف شيخ ڪولمبس ناهي. پر هن ڪولمبس کان وڌيڪَ سفر ڪيو آهي. الطاف شيخ تبليغ بدران جديد تقاضائن موجب لکيل سفرناما ڏنا آهن. هن سادن جملن ۽ دلفريب ڪهاڻين رستي پرڏيهي تمدن، تهذيبن، ٻولين، تاريخ جاگرافي ۽ عام معلومات جي اپٽار ڪئي آهي. الطاف شيخ جا سفرناما پڙهڻ کان پوءِ ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ ته هيءَ دنيا اوپري نه آهي. الطاف جي سفرنامن، پڙهندڙ جي دل وٺي ڇڏي آهي. هن اڪيلي سر لا تعداد نوجوانن جي دلين ۾ ٻاهرين دنيا ڏسڻ جو جذبو وڌو آهي. اهو سندس تحريرَ جو وڏو ڪارنامو آهي.

Download (PDF, 676KB)

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*