مکيه صفحو / ڪتاب / بندر ديسان ديس

بندر ديسان ديس

ڪِتاب بندرديسان ديس: ليکڪ: الطاف شيخ، موضوع: سفرنامو

”بندرديسان ديس“ ڪِتاب ڏُور اوڀر جي ملڪن، خاص ڪري جپان، سنگاپور، ٿائلنڊ ۽ سمنڊ تي گذاريل جهاز جي زندگي جو احوال آهي. هن ڪِتابَ جو پهريون ڇاپو 1978ع ۾ نيوفيلڊس وارن ۽ ٻيو ڇاپو 1980ع ۾ روشني پبليڪيشن وارن ڇپرايو. ان بعد 2011ع ۾ خيرپور جي ”پوپٽ پبليڪيشن“ وارن ٽيون ڇاپو شايع ڪيو آهي پر هي پهرين کان وڌيڪَ سنواريل ۽ وڌايل آهي. هن ڪِتاب (بندر ديسان ديس) جو مهاڳ/پيش لفظ سنڌ جي شاعره مريم مجيدي ۽ جيجل اخبار جي اسلام آباد واري نمائندي ۽ مشهور ڪالم نِگار رزاق کٽيءَ لکيو آهي.
هن ڪِتاب ۾ الطاف شيخ ڪيترا اهڙا مضمونَ لکيا اهن جيڪي اسان ڪناري تي رهندڙ م اڻهن لاءِ نرالا ۽ حيرت انگيز آهن جهڙوڪ: جهاز تي حلال ۽ حرام گوشت جا مسئلا، تيل مان نقلي وار (Wigs)، پلاسٽڪ جون شيون ۽ عطر پڻ ٺهي ٿو، چين جي مارڪيٽن ۾ جيئرن ڀولڙن جا ميڄالا وڪرو ٿين ٿا، جپان ۾ وڏيرڪي سسٽم جي جھلڪ، جپانين جون حيرت انگيز عادتون….. وغيره.
الطاف شيخ جا هن وقت تائني سنڌي ۾ 75 کن ڪِتابَ ڇپجي چڪا اهن. سندس ڪِتاب نه صرف سنڌ جي نوجوانن کي ڪِتابن سان دوستيءَ ڏانهن راغب ڪن ٿا پر اُهي منجھن تعليم توڙي روزگار جي سانگي سان سموري دنيا کي ڏسڻ پسنڻ ۽ دنيا جو سيرُ ڪرڻ لاءِ اتساهه جو سبب رهن ٿا. الطاف شيخ جي لکڻ جو انداز نهايت سلوڻو ۽ دلچسپ آهي. اهوئي سبب آهي جو سندس سفرناما وڌ کان وڌ پڙهيا وڃن ٿا. هي ڪِتابُ ”بندرديسان ديس“ الطاف شيخ جي بنهه شروعاتي سفرنامن مان هڪ آهي جنهن کي پڙهندڙن پاران تمام گهڻي موٽَ ملي آهي. تيزيءَ سان بدلجندڙ هاڻوڪي دنيا جي پيش منظر ۾ الطاف شيخ هن املهه ڪِتابَ کي نئين سري سان سنواري ۽ ان ۾ نوان واڌارا ڪري ان کي ڇپرايو آهي. هن ڪِتابَ ۾ 176 صفحا آهن ۽ ان کان علاوه 16 رنگين تصويرن جا پڻ آهن. هن ڪِتاب جا ڪجهه دلچسپ بابَ آهن:
جپان هڪ نرالو ملڪ
بئنڪاڪ هڪ بدنام بندرگاهه
آهي ڪا رنڙ،م ڪا بيواهه يا مڙس جا موچڙا کاڌل…..
ڪارو، ڳاڙهو ۽ اڇو سمنڊ
پاڪستاني گڏهه پاڻهي جيان پهچيو وڃن.
جپان جون گيشائون ڪير آهن….
آئون رنڊي ضرور آهيان، پر…..

Download (PDF, 502KB)

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*