مکيه صفحو / ترجما / ذهين ترين

ذهين ترين

ذهين ترين
فرعون مصر رعميسس ٽيون پنهنجي دور ۾ دنيا جو سڀ کان گهڻو دولتمند حاڪم هو. هن جو خزانو ايڏو ته هو جو ان جي ماليت جو اندازو ڪو لڳائي نٿي سگهيو. بس ائين سمجهو ته ان جي دولت جو حساب ڪندي ڪندي انگ کٽي ٿي پيا. نوبت ايستائين اچي پهتي جو هن جي خزاني لاءِ جيڪي ڪمرا مقرر ٿيل هئا، سي ننڍا ٿي پيا. اهو ڏسي هن پنهنجي شاهي محل لڳ پٿرن جي هڪ اهڙيءَ خوبصورت عمارت ٺهرائڻ جو حڪم ڏنو، جنهن ۾ هو پنهنجو خزانو رکائي سگهي ۽ جڏهن به هن جي خزاني ۾ واڌ اچي ته جاءِ جي کوٽ نه ٿئي، جنهن ڪاريگر کي ان عمارت ٺاهڻ جو ڪم سونپيو ويو، اهو پنهنجي هنر ۾ ماهر هو ۽ عمر جي حساب سان به هو جهرو پوڙهو ٿي چڪو هو، پر جيئن ته فراخدلي ۾ شاهه خرچ هو ان ڪري هو پنهنجن پٽن لاءِ ڪجهه به ڪري نه سگهيو.
هن کي جڏهن هن عمارت ٺاهڻ لاءِ حڪم ڏنو ويو ته هن جي ذهن ۾ هڪ منصوبو اڀريو، جنهن هيٺ هو پنهنجن پٽن جو مستقبل محفوظ ڪري سگهيو ٿي. هن پنهنجي فني هوشياريءَ ۾ کيڏ جو مظاهرو ڪندي عمارت ٺاهڻ وقت ان ۾ هڪ اهڙو نظام رکيو جو خزاني جي عمارت جي ٻاهرين ڀت ۾ هڪ خاص سر تي دٻاءُ وجهڻ سان ڀت جو اهو حصو زمين ۾ اندر دٻجي ويو ٿي ۽ ڪوبه شخص ان رستي کان عمارت ۾ داخل ٿي سگهيو ٿي.
عمارت ٺهي راس ٿي ته شهنشاهه پنهنجو سمورو خزانو ان عمارت ۾ رکرايو ۽ اڃا ٿورا ئي ڏينهن مس گذريا ته پوڙهو رازو سخت بيمار ٿي پيو. جڏهن پوڙهي کي ان ڳالهه جي پڪ ٿي ويئي ته سندس عمر جون آخري گهڙيون اچي ويجهيون ٿيون آهن ته هن پنهنجي ٻنهي پٽن کي سڏايو ۽ هنن کي ان سر جو سربستو راز ٻڌايو. راز ٻڌائڻ کان چند ڪلاڪ پوءِ پوڙهو رازو هن دنيا مان وفات ڪري ويو ۽ هن جي پويان فقط ٻه پٽ رهجي ويا.
پيءُ جي موت کان ڪجهه ڏينهن پوءِ ٻنهي ڀائرن کي جڏهن پئسن جي ضرورت پئي ته هڪ رات هو ٻئي خزاني واري عمارت جي پوئين پاسي واري حصي ۾ پهتا ۽ پنهنجي مرحوم پيءَ جي فني مهارت مان فائدو وٺندي، عمارت اندر داخل ٿي ويا ۽ رات اندر ئي هنن خزاني جو هڪ حصو ٻيءُ باحفاظت جاءِ تي منتقل ڪري ڇڏيو. صبح جو جڏهن شهنشاهه ٻاهرين دروازي کان عمارت اندر داخل ٿيو ته هن جي پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي. پهرينءَ نظر ۾ ئي هن کي احساس ٿي ويو ته هن جي ملڪيت جو هڪ حصو غائب ٿي چڪو آهي. اڳئين گيٽ وٽ جن چوڪيدارن پهرو ڏنو ٿي، اهي ئي سڀئي ديانتدار ۽ فرض شناس هئا. ۽ هنن تي ڪنهن طرح به شڪ ڪرڻ اجايو هو، ۽ ويتر اهم ڳالهه اها هئي ته مين گيٽ تي جيڪا مهر لڳائي وئي هئي، اها پڻ ائين جو ائين هئي. جڏهن ته دروازي ٽپڻ يا ڀڃڻ جي ڪابه ڪا نشاني موجود نه هئي. شهنشاهه ۽ وزيرن کي خزاني جي ائين گم ٿي وڃڻ جو راز بلڪل سمجهه ۾ نه آيو. پر ان هوندي به وڌيڪ خبردار ۽ سجاڳ رهڻ ڪارڻ چوڪيدارن جو تعداد وڌايو ويو، جيئن ان قسم جي واردات جو ڪو امڪان نه رهي. پر ان سان ڪو فائدو ۽ بچاءُ نه ٿيو. رازي جا پٽ وقت بوقت خزاني مان مال چورائيندا رهيا ۽ شهنشاهه حيران ۽ پريشان ٿيندو رهيو.
لڳاتار ٽن وارداتن کان پوءِ شهنشاهه چورن کي جهلڻ لاءِ اهڙو منصوبو تيار ڪيو، جنهن مان کيس اطمينان ٿي ويو ته هي ڪارگذاري جيڪڏهن انسانن جي آهي ته هو هن جي ڦندي مان بچي نه سگهندا. ان منصوبي هيٺ شهنشاهه خزاني جي چوڌاري ڳجها پڃرا رکرائي ڇڏيا، جيئن ڪير چوريءَ جي ارادي سان اچي ته انهن مان بچي نه سگهي.
شهنشاهه جي ان منصوبي تي عمل ٿيڻ کان ڪجهه ڏهاڙا پوءِ هڪ رات ٻئي ڀائر عادت موجب خزاني واري عمارت جي پٺ کان وڃي نڪتا. وڏي ڀاءُ کي سر کي دٻايو جڏهن ڀت زمين اندر ٿي ته هو عمارت اندر داخل ٿي ويو ۽ ننڍو ڀاءُ ٻاهر بيهي هيڏانهن هوڏانهن نظر رکڻ لڳو. وڏو ڀاءُ جڏهن خزاني جي ويجهو پهتو ته هڪ لڪل پنجوڙ ۾ ڦاسي پيو. هن اوچتي آفت تي هو بيحد گهٻرائجي ويو. هن ان ڦندي مان پاڻ ڪڍڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر اهو ڳجهو پنجوڙ هڪ ٿلهي رسي سان سوگهو ٿيل هو. ۽ هو ڪنهن طرح به پنهنجو پاڻ کي ڇڏائي نه سگهيو. جڏهن هو سمجهي ويو ته هاڻ هنجي نصيب ۾ موت ئي آهي ته هن پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي سڏ ڪيو. ننڍو ڀاءُ اندر آيو ته وڏي ڀاءُ هن کي چيو: ”آئون هاڻ موت جي چنبي مان نه ڪري نٿو سگهان، پر آئون چاهيان ٿو ته تون سدا سلامت هجين. هڪدم منهنجي سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏ. ڇو جو جيڪڏهن منهنجي سڃاڻپ ٿي وئي ته شهنشاهه جا سپاهي تو تائين پهچڻ ۾ دير نه ڪندا. ننڍي ڀاءُ پهرين ته ڦندو کولڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي، پر جڏهن هن کي ڪنهن طرح به ڪاميابي نصيب نه ٿي ته آخرڪار هن دل تي پٿر رکي، وڏي ڀاءُ جي چوڻ موجب سندس سسي ڪپي پاڻ سان گهر کڻي آيو.
صبح ٿيو ته شهنشاهه مين گيٽ جي مهر ٽوڙي خزاني اندر داخل ٿيو. چور جو ڌڙ موجود هو پر سسي غائب، بادشاهه کي ڏاڍي حيرت لڳي. عمارت ۾ داخل ٿيڻ جو ٻيو ڪو گس نه هو. ڀتين ۾ به ڪو سوراخ نه هو، پوءِ چور ڪهڙي رستي کان اندر داخل ٿيو؟ ان ڳجهه کي معلوم ڪرڻ لاءِ هن هڪ منصوبو ٺاهيو. هن حڪم ڏنو ته چور جو ڌڙ ٻاهرين ڀت تي لڙڪايو وڃي ۽ شاهي چوڪيدار ان تي پهرو ڏيندا رهن. ان نظاري کي ڏسي جيڪڏهن ڪو شخص پاڻ کي قابوءَ ۾ نه رکي سگهي ۽ هن جي اکين ۾ ڳوڙها اچي وڃن ته هن کي هڪدم گرفتار ڪيو وڃي.
ماءُ کي خبر پئي ته هن جي پٽ جو ڌڙ شاهي عمارت جي ڀت تي لڙڪايو ويو آهي ته ماءُ جي ته دل ڀڄي پئي. هن پنهنجي ننڍي پٽ کي سڏيو ۽ حڪم ڏنو ته ڪنهن نه ڪنهن طرح پنهنجي ڀاءُ جي لاش کي اتان کسڪائي وٺي.
ماءُ چيو: ”جيڪڏهن تون ائين نه ڪندين ته آئون شهنشاهه کي ٻڌائي ڇڏينديس،ته هن جي خزاني جو چورايل مال تو وٽ آهي.“
ننڍي پٽ پهرين ته ماءُ کي سمجهائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته هي ڪم تمام خطرناڪ ۽ ناممڪن آهي، پر ماءُ تي انهن ڳالهين جو ڪوبه اثر نه ٿيو. آخر هو پريشان ٿي گهر کان ٻاهر نڪتو ۽ هڪ باغ ۾ ويهي سوچڻ لڳو ته ماءُ جي خواهش ڪهڙي طرح پوري ڪئي وڃي. هو جڏهن اتان اٿيو ته هڪ اٽڪل هن جي دماغ ۾ اچي چڪي هئي.
هو ٻه گڏهه خريد ڪري انهن تي شراب سان ڀريل چار پخالون رکي شاهي خزاني واري عمارت ڏي روانو ٿيو. جڏهن هو اتي پهتو ته شاهي چوڪيدارن کان نظر بچائي هن ٻن پخالن جا منهن کولي ڇڏيا ۽ پوءِ جڏهن هنن مان شراب وهڻ لڳو ته هو بچاءَ لاءِ رڙيون ڪوڪون ڪرڻ لڳو: ”هاءِ هاءِ! آئون ته تباهه ٿي ويس. لٽجي ويس. آهي ڪو جو منهنجي مدد ڪري…“ ڪاوڙ مان پنهنجن ٻنهي گڏهن کي مارڻ لڳو- ڄڻ ته انهن گگدامن جو ڏوهه هجي. جڏهن شاهي چوڪيدارن هي حال ڏٺو ته هن جون واڇون ٽڙي ويون ۽ هو پنهنجا ٿانوَ کڻي گڏهن ڏي ڊوڙڻ لڳا ۽ وهندڙ شران مان وٽان ڀري ڀري پيئڻ ۾ مست ٿي ويا. ننڍي ڀاءُ جو انهن کي ائين ڪندي ڏٺو ته منصوبي مطابق هنن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳو ۽ پوءِ جلدي ئي کڻي ماٺ اختيار ڪيائين. شاهي چوڪيدار هن جي حا حالت ڏسي مزووٺڻ لڳا ۽ هن سان چرچا ڀوڳ ڪرڻ لڳا، جيئن هو پنهنجي نقصان جو غم وساري ڇڏي. ننڍو ڀاءُ هنن جي ان جذبي مان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ هن خاش خوشيءَ سان هنن کي ٻي پخال پيئڻ لاءِ ڏني. چوڪيدارن کي اهڙو عمدو شراب مفت ۾ ڪڏهن به نه مليو هو، سو هو چرين وانگر هڪ ٻئي کي ڌڪا ڏيئي پيئڻ لڳا ۽ ويا هڪ ٻئي پويان وٽان خالي ڪندا. هنن پنهنجي ههڙي بهترين ميزبان کي به ان دعوت ۾ شريڪ ڪرڻ چاهيو، پر هن پنهنجي طبيعت جي ناچاڪائيءَ جو بهانو ڪري ڳالهه کي ٽاري ڇڏيو. ڪجهه دير بعد جڏهن رات جي ڪاراڻ ڇانئجڻ لڳي ۽ هيڏانهن سڀ چوڪيدار نشي ۾ ڌت ٿي زمين تي ڪري پيا ۽ گهاٽي ننڊ جا مزا وٺڻ لڳا، تڏهن ننڍو ڀاءُ ماٺ ميٺ ۾ اٿيو ۽ پنهنجي ڀاءُ جو ٽنگيل لاش لاهي گڏهه تي رکي گهر ڏانهن روانو ٿي ويو.

مٿين ڪهاڻي يونان جي عظيم تواريخ نويس هيرو ڊوٽس جي لکيل آهي. پاڻ 485 ق. م ڄائو ۽ 525 ق. م گذاري ويو.

وفا جي پتلي
هن پنهنجو نالو ٻڌايو.
ٿي سگهي ٿو هن سمجهيو هجي ته آئون ڪو ٻوڙو آهيان ۽ وڏي آواز ۾ ٻڌان ٿو. مون کانئس وري سندس نالو پڇيو. هن وري چيو: ”جمي.“
مون چيومانس: ”پر هي ترڪن جو نالو ته نٿو لڳي. تنهنجو اصل نالو ڇا آهي؟“
”منهنجو اصل نالو جميلا آهي، پر توهان مون کي جمي چئي سگهو ٿا. آمريڪن سڀ مون کي ان ئي نالي سان سڏين ٿا.“
هوءَ منهنجي نئين گهر ۾ ڪم ڪرڻ واري نوڪرياڻي هئي. تمام ٿلهي ۽ ڦيڦي جسم واري عورت هئي، جيڪا گوشت جو هڪ جبل ٿي لڳي. وزن ٽي سؤ پائونڊ نه ته اڍائي سؤ پائونڊ ضرور ٿيندس.
هن جي عمر پڪ سٺ سال کن هئي.
مون ترڪئي ۾ رهڻ دوران ڏٺو هو ته ترڪ آمريڪن وانگر مختصر نالا پسند ڪن ٿا. اسماعيل کي سمائيل ڪري ڇڏيندا. بيلانٽ کي بلي سڏيندا، پر هن ٿلهيءَ ۾ سٺ سالن جي پوڙهيءَ کي جميءَ جهڙي رومانوي نالي سان پاڻ کي سڏائڻ ڪجهه ٺهيو ڪونه ٿي.
”چڱو جمي. هاڻ مون کي اهو ٻڌاءِ ته مسز برائون توکي گهڻي پگهار ڏيندي هئي.
”چار سؤ ليرا ماهوار.“
آئون چڱو حيران ٿيس جو هن پنهنجي پگهار بلڪل صحيح ٻڌائي. مون مسز برائون کان سندس پگهار جو پهرين ئي پڇي ڇڏيو هو ته هوءَ جميءَ کي مهيني ۾ ڇا ڏئي ٿي.
”چڱو هاڻ مون سان شروعات ساڍن چار سؤ ليرن سان ڪري سگهين ٿي.“ مون پڇيو.
”ٺيڪ آهي.“ جميءَ چيو ۽ هن ان ئي وقت منهنجي اپارٽمينٽ جي صفائيءَ شروع ڪئي.
منهنجي بدلي انهن ڏينهن ۾ ازمير (ترڪيءَ) ۾ ٿي هئي ۽ مون کي گهر جي ڪم لاءِ ڪنهن مائيءَ جي سخت ضرورت هئي. انهن ڏينهن ۾گهر جي ڪم لاءِ ڪنهن مائيءَ کي رکڻ شان ۽ وڏ ماڻهپي جي علامت نه هو، پر ضرورت ئي سمجهيو ويندو هو. ترڪيءَ ۾ تڏهن سپر مارڪيٽون نه هيون، گهر جي ڪم واريءَ کي روز ڀاڄيون، ميووا، بيضا، گوشت، کير، مرچ مسالا ويندي پيئڻ جو پاڻي خريد ڪرڻ لاءِ بازار وڃڻو پيو ٿي. ۽ اهي سڀ شيون مختلف هنڌن تان مليون ٿي. مون کي ترڪي ڊبل روٽي ڏاڍي وڻي ٿي، جو اها چڱي خاصي وزني ۽ ٿلهي ٿئي ٿي ۽ اڻ ڇڻيل اٽي مان ٺاهي وڃي ٿي. جڏهن ان کي ٽوسٽ ڪري، مکڻ هڻي کائيندو هوس ته ڏاڍو مزو ايندو هو. ان ڊبل روٽي ۾ هڪ خامي به هئي. اها هيءَ ته هڪ ڏينهن کان مٿي تازي نٿي رهي سگهي. ٻئي ڏينهن اها اهڙي ته سخت ٿيو وڃي جو گهر ٺاهڻ ۾ سر طور استعمال ڪري سگهجي ٿي. ان ڪري به مون کي گهر جي ڪم لاءِ عورت جي ضرورت هئي.، جيڪا گهر جي صفائيءَ وغيره کان علاوه مون لاءِ روز تازي ڊبل روٽي خريد ڪري اچي، جيڪا 1961ع ۾ فقط ڏهن سينٽن ۾ ملي ٿي.
جڏهن آئون ترڪيءَ جي شهر ديار بڪير ۾ رهيل هوس ته ٻن سالن جي عرصي م مون وٽ گهر جي ڪم ڪار لاءِ هڪ ڇوڪر به هو ۽ ٽي نوڪرياڻيون به. انهن ڏينهن ۾ پنهنجي امير هجڻ جو ڏيک ڏيندي مون کي خوشي ٿي ٿي. پر ترڪيءَ ۾ پنج سال گذارڻ بعد آئون ترڪن جي رنگ ۾ ڪافي رنگجي ويو هوس.
منهنجي جڏهن ازمير ۾ بدلي ٿي ته مون کي اها ڳڻتي وٺي وئي ته نئين نوڪرياڻيءَ جي ڳولا مون لاءِ مسئلو نه بڻجي پوي. هتي مون کي هڪ تمام اتاهين بلڊنگ جي ستينءَ ماڙ تي اپارٽمينٽ مليو، جيڪو سمنڊ جي ڪناري تي ٺهيل هو. بالڪنيءَ مان سمنڊ جو نظاروو بلڪل چٽو ۽ سهڻو لڳو ٿي. بتين جي روشنيءَ ۾ جبل تي سڪندر اعظم جو پراڻو قلعو تمام سٺو لڳو ٿي. هن اتاهينءَ عمارت ۾ڏاڪڻيون به هيون ته لفٽ به. لفٽ ۾ بلڪل شفاف شيشا لڳل هئا. پوءِ مون کي خبر پئي ته مينهوڳي ۾ هي لفٽ خراب ٿيو پوي. ائين ڪيترائي ڀيرا ٿيو جو هلندي هلندي لفٽ خراب ٿي بيهي رهي ٿي. ان وقت بالڪنين ۾ بيٺل ترڪ عورتون مون کي لفٽ اندر ڦاٿل ڏسي ٽهڪ ڏينديون هيون ۽ پوءِ انهن ئي عورتن مان ڪا نيڪدل عورت لفٽ جي مستريءَ کي اطلاع ڪندي هئي، جيڪو پوءِ پراسرار انداز ۾ لفٽ کي وري چالو ڪري ڇڏيندوهو.
جنهن ڏينهن آئون ازمير، ان اپارٽمينٽ ۾ سامان کڻي اچي رهيو هوس، ان بلڊنگ جي چوڪيدار مون کان پڇيو: ”ڇا توهان کي گهر جي ڪم لاءِ ڪنهن مائيءَ جي ضرورت آهي؟ آئون هڪ تمام سٺيءَ نوڪرياڻي جو بندوبست ڪري سگهان ٿو.“ هن جي راز سان ڳالهه ڪرڻ واري نموني مون کي گهڻو ڪجهه سوچڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو.
ترڪيءَ ۾ رهڻ دوران مون ترڪ نوڪرياڻين ۽ غيرملڪي غير شادي شده ماڻهن بابت آئون تمام گهڻيون دلچسپ پر ڏکويل ڪهاڻيون ٻڌي چڪو هوس. هڪ واقعو ته اهڙو آهي جنهن کي وسارڻ سان به آئون وساري نٿو سگهان. اسان جي ڪمپنيءَ ۾ هڪ جرمن نوجوان ڪم ڪيو ٿي. هو سنهو سيپڪڙو ۽ ڊگهو هو. شراب بدران پاڻي ٿي پيتائين. هن جي گهر جيڪا ڪم واري مائي آئي ٿي اها پنجاهه کن ورهين جي ٿيندي. هڪ ڏينهن هن چيو، سڀاڻي مون کي ڪم آهي، آئون اچي نه سگهنديس ڪم ڪار لاءِ پنهنجي بدران ڌيءَ کي موڪليندس.
ٻئي ڏينهن ڪم تي هن جي ڌيءَ شيرين آئي. هو بيحد خوبصورت ۽ صحتمند هئي، جرمن نوجوان اڊولف کي هوءَ بيحد پسند اچي وئي. هن ڇوڪريءَ کي اها رات پاڻ وٽ ئي ترسائي ڇڏيو. صبح جو ڇهين وڳي شيرين جي ماءُ، هن جو پيءَ ۽ ڀائر هٿن ۾ رائفلون ۽ بندوقون کڻي فليٽ ۾ داخل ٿيا ۽ هن اڊولف کي شيرين سان شادي ڪرڻ لاءِ مجبورڪيو.
منهنجي خيال ۾ هو وڏا احمق هئا. اڊولف سان ڏاڍ زبردستي ڪرڻ جي ڪا ضرورت نه هئي. هو ته پهرين ئي شيرين کي پسند ڪري چڪو هو. ٻنهي جي شادي ڌوم ڌام سان ٿي. آئون به ان ۾ شريڪ ٿيو هوس. شاديءَ کانپوءِ هي جوڙو خوش خوش زندگي گهارڻ لڳو.
مون عمارت جي چوڪيدارکي چيو ته جنهن نوڪرياڻي جي هو ڳالهه ڪري رهيو آهي ان سان منهنجي ملاقات ڪراءِ. ٻئي ڏينهن هو هڪ عورت کي پاڻ سان وٺي آيو. هو بندري قد جي جوان عورت هئي. چوڪيدار هن کي ڪمري اندر ٿيلهو ڏيئي مون طرف ڏنو ۽ پاڻ هليو ويو.
هن عورت کي انگريزي نٿي آئي. پر مون کي هن سان ڳالهائڻ ۾ ڪابه رنڊڪ نه ٿي، ڇو ته هاڻ آئون چڱي خاصي ترڪي ڳالهائي سگهيس ٿي. مون هن کي پنهنجي اپارٽمينٽ جو معائنو ڪرائيندي چيو. ”آئون چاهيان ٿو جڏهن آئون ڪم تان واپس اچان ته مون کي پنهنجو اپارٽمينٽ صاف سٿرو ملي. ڪم جا وقت تون پاڻ ئي طئه ڪر ته تون ڪهڙي ڪهڙي وقت اچي سگهين ٿي. ڪم ختم ڪرڻ تي تون گهر وڃي سگهين ٿي.“
”ان کان علاوه مون کي ڇا ڪرڻو آهي.“ هن پچيو.
”ڪجهه نه، چوڪيدار کي مون ٻڌائي ڇڏيو آهي ته تنهنجو پگهار چار سؤ ليا آهي. هيءَ اٿئي گهر جي ڪُنجي.“
”اوڪي!“ هن انگريزيءَ ۾ مرڪندي چيو.
ٻئي ڏينهن آئون جڏهن گهر پهتس ته هوءَ موجود هئي.ا ندر داخل ٿيس ته هوءَ ڊوڙندي آئي. مون اپارٽمينٽ جو جائزو ورتو. هن دل لڳائي صفائي ڪئي هئي. هر شيءِ پنهنجي جاءِ تي صحيح سلامت ۽ صاف سٿري رکي هئي.
”وڏي مهرباني!“ چڱو هاڻ شب بخير!“ مون چيو.
”بس. ٻيو ڪو ڪم؟“ هن پڇيو.
”نه. مهرباني، شب بخير!“
ٻيو ڏينهن ڇنڇر جو هو. ڏهين وڳي آئون اڃا هنڌ تي ستو پيو هوس ته هو سڌو مون واري بيڊروم ۾ داخل ٿي. زور زور سان تاڙيون وڄائي چوڻ لڳي:
”اٿو. اٿو. ڏهه ٿي ويا آهن. اٿو اٿو.“
مون کيس هٿ جي اشاري سان چيو ته هوءَ تيسين ٻئي ڪمري جي صفائي شروع ڪري. منهنجي ڪالهه واري رات ڪلب ۾ صحيح طرح نه گذري هئي. پنجين وڳي صبح جو موٽيوهوس ۽ ڇنڇر جو ڏينهن ئي هڪ اهڙو هوندو آهي، جنهن ڏينهن آئون دل ڀري ننڊ ڪري وٺندو آهيان. مونکي ننڊ ۽ آرام جي سخت ضرورت هئي هن منهنجي اشاري جي ڪا پرواهه نه ڪئي. تاڙيون وڄائي وڄائي وري زور سان چوڻ لڳي: ”اٿو! اٿو! صاحب ڏهه وڄي چڪا آهن.“
مون کي باهه وٺي ويئي. خبر ناهي مون کي ڇو ايڏي چڙ اچي وئي. رڙ ڪري چيومانس هلي وڃ ڇوري هتان- هن فليٽ مان، هن بلڊنگ مان، هلي وڃ، ٽري وڃ.“
هوءَ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي. هن مون ڏي هڪ نگاهه وڌي ۽ پوءِ ڪمري کان ٻاهر وٺي ڊوڙ پاتائين. مون کي پنهنجي ان برتاءَ تي شرم آيو. ننڊ به اکين مان اُڏامي چڪي هئي. آئون هنڌ تان اُٿيس. وهنجي سهنجي ڪپڙا بدلائي ٻئي ڪمري ۾ آيس ته ڏسان هيءَ اتي اوڇنگارون ڏئي روئي رهي هئي. مون هن کي ٻن هفتن جو پگهار اڳواٽ ڏيندي چيو ته ’آئون پنهنجي ڪئي تي سخت پشيمان آهيان ۽ هاڻ مون کي تنهنجي ضرورت ناهي. ڇو ته ڇنڇر جي ڏينهن مون کي پنهنجي ننڊ ۽ آرام وڌيڪ پيارو آهي.‘ هوءَ روئندي ٻن هفتن جو پگهار وٺي رواني ٿي وئي. بعد ۾ مون کي احساس ٿيو ته آئون هن کي سمجهائي به سگهيس ٿي، پر هاڻ ڇا ٿو ٿي سگهي. آئون هن کي نوڪريءَ مان ڪڍي چڪو هوس.
ٻئي ڏينهن آفيس ۾ هڪ سيڪريٽري عورت مسز برائون مون کان پڇيو: ”ڇا توکي گهر جي ڪم لاءِ سٺيءَ نوڪرياڻيءَ جي ضرورت آهي؟“
”هن جي عمر ڇا ٿيندي؟“ مون جواب بدران سوال ڪيو مانس، جنهن جي مسز برائون کان ٿورو ڇرڪ نڪري ويو.
”جمي سٺ سالن جي ٿيندي. هوءَ تمام محنتي، سٺي ۽ ايماندار مائي آهي. ايندڙ هفتي اسان ترڪيءَ جو هي شهر ازمير ڇڏي رهيا آهيون. هوءَ اسان جي گهر ۾ ڪم ڪري ٿي. آئون چاهيان ٿي ته اسان جي لڏڻ کان اڳ هن کي ڪنهن سٺي گهر ۾ پورهيو ملي وڃي.“
جمي جنهن جو اصل نالو جميلا هو، منهنجي اپارٽمينٽ ۾ آئي. هن کي ڏسي آئون اچرج ۾ پئجي ويس. هو تمام ٿلهي ۽ ڦيڦي هئي. هن جو قد ڪو پنج فوٽ هوندو ۽ ويڪرائي به ڪجهه ايتري ئي کڻي چئجي. هوءَ دروازي وٽ بيٺي هئي ۽ سڄو دروازو انساني گوشت سان ڀريل لڳي رهيو هو. مون هن کي وهڻ لاءِ چيو پر هو اندر اچي، بيٺي رهي. شايد ان جو سبب اهو به هجي ته ڪمري ۾ وهڻ لاءِ ڪا به اهڙي مناسب جاءِ نه هئي جنهن تي هو ويهي سگهي. ڪيترن ڏينهن کان صفائي نه ٿي هئي. چئني طرف رسالا، اخبارون، ٻوڙهاڻيون پليٽون، گلاس ۽ ٻيون شيون پکڙيون پيون هيون. ٿي سگهي ٿو سندس ٿولهه ڪري کيس اهو به ڊپ هجي ته جنهن ڪرسيءَ تي هوءَ وهڻ جي ڪندي اها ان ئي وقت چيڪاٽ ڪري ٻه اڌ ٿي پوندي.
پگهار سان گڏ جڏهن ٻين جو به فيصلو ٿي ويو ته هن پنهنجو ڪوٽ لاٿو ۽ ان ئي وقت ڪم ۾ جنبي وئي. هن آهستي آهستي ڪم ڪيو ٿي، پر ڪلاڪ سوا اندر سبني ڪمرن جي صفائي ڪري هر شيءِ ڇنڊي ٺاهي صحيح جاءِ تي ڪري رکي. مون رڌڻي ۾ ڏسڻ نٿي چاهيو ڇو جو مون ٻاهر وڃي کائڻ چاهيو ٿي. هن جي محنت کي ڏسي مون چيو؛
”اڄ جي لاءِ ايتروڪم ڪافي آهي. باقي سڀاڻي اچي پورو ڪجانءِ.“
”پر رڌڻو، ٿانوَ ٿپا….“
”نه اڄ اهو سب ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت ناهي.. ڪم تي اچڻ ۽ وڃڻ جو وقت تون ئي مقرر ڪري ڇڏجانءِ. آئون فقط ايترو چاهيان ٿو ته گهر صاف سٿرو ڏسڻ ۾ اچي.
”صحيح آهي مسٽر جان! ائين ئي ٿيندو، شب بخير.“
”شب بخير، جمي.“
جميءَ کي ڪم ڪندي هڪ هفتو گذري ويو. منهنجو گهر صاف سٿرو رهڻ لڳو. ريفريجريٽر ۾ ڏهاڙي تازي ڊبل روٽي نظر اچڻ لڳي. منهنجون قميصون ڌوتل ۽ استري ٿيل نظر اچڻ لڳيون. شام جو جڏهن آئون گهر موٽندو هوس ته ٻئي ڏينهن جي رڌ پچاءَ يا ڪم ڪار معلوم ڪرڻ لاءِ هوءِ منهنجي انتظار ۾ ويٺي هوندي هئي.
جڏهن هن کي ڪم ڪندي پندرهن ڏينهن ٿي ويا ته مون کي مسز برائون جي ڳالهه تي سؤ سيڪڙو يقين ٿي ويو ته جمي بيحد محنتي، ايماندار ۽ سگهڙ نوڪرياڻي آهي.
هن ۾ ڪجهه خاميون به هيون، پر اسان ۾ اهو ڪير آهي جنهن ۾ ڪا خامي نه هجي. هڪ شام جو جڏهن آئون دير سان گهر پهتس ته مون کي هٿن ڌوئڻ واري گينڊيءَ ۾ هڪ ڀڳل گلاس نظر آيو. هن جي بيپرواهيءَ تي مون کي تعجب لڳو، پر پوءِ جلد ئي،مون کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ته هن ڀڳل گلاس اڇلي ڇو نه ڇڏيو. هن مون کي ٻڌائڻ چاهيو ٿي گلاس ڀڳو آهي، چوري نه ٿيو آهي. ٻيون ڪم واريون جن جو مون کي تجربو آهي. اهي ائين نه ڪنديون هيون. جيڪڏهن ڪا شيءِ ڀڄي پوندي هئي ته ٻڌائڻ بدران ان کي لڪائي ڇڏينديون هيون.
مون اهو گلاس اتي ئي رهڻ ڏنو. ٻئي ڏينهن آيس ته اهو گلاس ڳنڍيو پيو هو. منهنجي پڇڻ تي جميءَ ٻڌايو: ”مسز برائون مون کي هڪ سالوشڻ سان ڀڳل شيشي کي ڳنڍڻ سيکاريو هو.“
هوءَ تمام گهڻين خوبين جي مالڪ هئي. هن منهنجي هر ڳالهه جو خيال رکيو ٿي. گهر جي هر شيءِ هن جي نگاهه هيٺ رهي ٿي. آئون آفيس توڙي ڪلب ۾ جميءَ جي ڪم، محنت ۽ ايمانداريءَ جي واکاڻ ڪندو رهيس ٿي. اهو ٻڌي ٻين کي مون تي رشڪ آيو ٿي.
”سگريٽن جو هڪ وڏو دٻو نظر نه پيو اچي.“ هوءَ اوچتو مون کان سوال ڪندي هئي.
”ڪنهن نه کنيو آهي. اڄ آئون ئي ان کي آفيس کڻي ويو هوس.“
”۽ هو ڳاڙهي رنگ وارو ڪتاب به ٽيل تان غائب آهي.“ هن پچيو ٿي.
”ڪهڙي ڳاڙهي رنگ وارو ڪتاب؟“
”ڪالهه ته هتي ميز تي پيو هو.“ هن اشارو ڪري ٻڌايو ٿي.
”اهو ڳاڙهي رنگ وارو ڪتاب. هاڻ مون سمجهيو. اهو منهنجو نه هو. ان کي پڙهي واپس ڪري ڇڏيم.“
هڪ ڏينهن شام جو مون کي هڪ ترڪ ڪاريگر کي پنهنجي اپارٽمينٽ ۾ سڏرايو، جنهن اسان جي ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪيو ٿي. ٿانوَن ڌوئڻ واري گينڊي مان پاڻي ٽمي رهيو هو. هن ان جي مرمت ڪري ڇڏي. مون هن کي ڪجهه اجورو ڏيڻ چاهيو ته هن وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڪجهه سال اڳ مون کي ڪنهن هڪ سائي رنگ جو سئيٽر سوکڙيءَ طور ڏنو. آئون سئيٽر پائڻ پسند نٿو ڪريان. ڪٻٽ جي هيٺين خاني ۾ اهو پيو هو. اتان ڪڍي مون اهو سئيٽر هن ترڪ ڪاريگر کي تحفي طور ڏئي ڇڏيو. ان وقت جمي پنهنجو ڪم ختم ڪري وڃي چڪي هئي.
ٻئي ڏينهن هن مون کان پڇيوِ: ”سائين هو سائي رنگ جو سئيٽر ڪيڏانهن ويو؟“
آئون حيران به ٿيس ته خوش به. هن منهنجي هر شيءِ جي حفاظت ڪئي ٿي.
”ڪيڏانهن نه ويو آهي. مون ڪنهن کي تحفي ۾ ڏئي ڇڏيو آهي.“
هوءَ محنتي ۽ ايماندار ته هئي، ڪم به تمام گهڻو ڪندي هئي. هيڏانهن آئون جيڪا قميص لاهيندوهوس ته هو ان ئي وقت ڌوئي ڇڏيندي هئي.
”جمي! تون اهو ڪم سڀاڻ به ڪري سگهين ٿي. چڱي دير ٿي چڪي آهي. گهر وڃي آرام ڪر.“ هڪ ڏينهن مون هن کي چيو ته هن وراڻيو:
”آئون گهر ۾ ڪٿي ٿي رهان مسٽر جان! هڪ ننڍڙو ڪمرو آهي، جنهن جي مسواڙ اڍائي سؤ ليرا آهي ۽ گهر جي مالڪ کي مسواڙ وڌائڻ جي لڳي رهي ٿي.“
اهو ٻڌي مون کي ڏک ٿيو.
ڪڏهن ڪڏهن هوءَ پنهنجي منهن ڳائيندي رهندي هئي. هڪ ٻه ڀيرا مون کيس پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندي به ٻڌو.
”ڇا چئي جمي.“ مون پڇيو ٿي.
”ڪجهه نه. آئون پنهنجو پاڻ سان ڳالهائي رهي هيس.“ هن جو جواب هوندو هو.
هڪ ڏينهن گهر موٽيس ته جميءَ کي ڪمري جي فرش تي اڌ مئي حالت ۾ ليٽيل ڏٺم. آئون منجهي پيس. ههڙي صورت ۾ ڇا ڪريا. پوليس کي اطلاع ڪريان، ايمبولينس گهرايان؟ جمي کي هيٺ تائين ڪيئن لاهي سگهندس؟ ننڍڙي لفٽ ۾ هن جو ڳرو وجود ته پورو نٿي پيو. هوءَ ڏاڪڻين رستي مٿي ايندي هئي.
پوءِ مون ڏٺوته گوشت جي ان ڍڳ ۾ ڪجهه ڪجهه چرپر آئي. آءٌ تڪڙو ٿي هن جي ڀرسان ويهي هن جو هٿ مهٽڻ لڳس. هن جي ٻئي هٿ ۾ هڪ پيچڪش مضبوطي سان جهليل هو.
”جمي جمي هوش ۾ اچ. مونکي ٻڌاءِ ته توکي ڇا ٿيو آهي؟“
”اوهه! مسٽر جان!“ هن آهستي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي. مون ڪنهن طرح سان زور لڳائي هن کي اٿاري وهارڻ ۾ڪاميابي حاصل ڪئي پوءِ ڊوڙ پائي پاڻيءَ جو گلاس کڻي آيس. هو ڪنجهي رهي هئي.
”ٿوري وسڪي پي ڏس، طاقت اچي ويندءِ.“ مون هن کي صلاح ڏني.
”نه مسٽر جان! آئون شراب نه پيئندي آهيان.“ هن ڪڇيو.
”جمي ڀلا اهو ٻڌاءِ ته توکي ڇا ٿيو آهي؟“ مون پڇيو.
هن پنهنجون اکيون گهمايون ۽ هٿ ۾ جهليل پيچڪش سان ڀت تي موجود هڪ سئچ بورڊ ڏي اشارو ڪيو. آئون يڪدم سمجهي ويس ته هن کي اليڪٽرسٽي جو شاڪ لڳو آهي. جنهن جي جهٽڪي ڪري هن جا. هي حال ٿيا آهن.
غلطي منهنجي هئي. آئون جڏهن کان هن اپارٽمينٽ ۾ آيو هوس ته بجلي جي ٻن اگهاڙين تارن کي سئچ بورڊ اندر ڍڪرائي نه سگهيو هوس. بجليءَ جون هي تارون اسان کان اڳ هن گهر ۾ رهڻ وارا، ڀت واري لئمپ لاءِ استعمال ڪندا هئا. ويندي وقت هو لئمپ ڪڍي تارون کليل ڇڏي ويا. هڪ ڏينهن مون ارادوبه ڪيو ته انهن اگهاڙين ۽ کليل تارن کي ڪٽي ڇڏيان، پر پوءِ ڳالهه دل تان لهي ويم. مون کي ته اها به خبر نه هئي ته انهن ۾ اليڪٽرڪ ڪرنٽ موجود آهي يا نه. ويچاري جميءَ کي ان ڏينهن ڪوخيال اچي ويو ته انهن اگهاڙين تارن کي سئچ ۾ لڳائي ڇڏڻ کپي. تارن ۾ ڪرنٽ موجود هو. هن کي شاڪ لڳي ۽ فرش تي ڪِري پئي.
مون کي جتي پنهنجي غلطيءَ جو سخت احساس ٿيو، اتي جميءَ جي فرض شناسي ۽ جان بچڻ تي تمام گهڻي خوشي به ٿي. ڪجهه منٽن بعد هن جي طبيعت سڌرڻ لڳي. هن کي اٿارڻ لاءِ مون هن جي مدد ڪئي ٿي ته مون کي منع ڪري پاڻهي زور لڳائي اٿي بيٺي.
اهڙي طرح ڪيترائي مهينا گذري ويا. جمي منهنجي لازمي ضرورت ٿي پئي. آئون پارٽين ۽ آفيس ۾ اڪثر هن جي فرض شناسي جو ذڪر ڪرڻ لڳس. هڪ ڏينهن جڏهن هو پنهنجو ڪم ختم ڪري بس ڪيو ته هوءَ منهنجي ڪمري ۾ آئي.
”چئه جمي! ڇا ڳالهه آهي؟“
مون اندازو لڳائي ورتو ته هوءَ ڪجهه چوڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر هن کان ڪڇيو نٿو ٿئي.
”چئه چئه جمي! ڇا ڳالهه آهي؟“ مون وري پڇيو مانس.
”آئون مرڻ واري آهيان- قبر ۾ وڃڻ چاهيان ٿي.“
”ڇا چئي؟“ هن جي ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نه پئي آهي.
”آئون پنهنجي وطن ۾ مرڻ چاهيان ٿي، مسٽر جان! توکي شايد خبر نه هجي ته آئون ترڪيءَ جي ترڪ نه پر قبرصي ترڪ آهيان.منهنجو وطن قبرص (Cyprus) آهي، جنهن تي ڌارين جو قبضو آهي. منهنجي ماءُ، ڀاءُ، ڀيڻن- سڀني کي يونانين قتل ڪري ڇڏيو هو. آئون ڪنهن طرح پنهنجي جان بچائي ڪجهه ساٿين سڃاڻن سان گڏ ترڪي اچڻ ۾ڪامياب ٿي وئي هيس. هاڻ آئون پوڙهي ٿي چڪي آهيان. مرڻ واري آهيان. آئون پنهنجي وطن ورڻ ٿي چاهيان. منهنجي هڪ ويڳي ڀيڻ اوڏانهن رهي ٿي. آئون هن وٽ وڃي سگهان ٿي.“
جميءَ جي ڳالهه ٻڌي آئون غمگين ٿي ويس. اڄ تائين هن مون کي اهو ٻڌايوئي نه هو ته هو پنهنجي وطن کان پري آهي ۽ هن جي وطن تي يونانين جو قبضو آهي. هن کي مون وٽ ڪم ڪندي لڳ ڀڳ ٻه سال ٿي چڪا هئا. آئون هن کي وڃڻ کان جهلي نٿي سگهيس.
”جمي! ٻڌاءِ ته تولاءِ آئون ڇا ٿو ڪري سگهان؟“
”مون وٽ پئسن جي کوٽ آهي.“ هن ڏڪندي ٻڌايو.
”ڪيترا پئسا گهٽ آهن؟“ مون کانئس پڇيو.
هن جيڪا رقم ٻڌائي اها تمام معمولي هئي، هن جي پگهار جا پئسا پڻ مون کي ڏيڻا هئا. پگهار سميت مون کيس سندن ضرورت جا پئسا وڌائي ڏنا ۽ هوءَ هر هر منهنجو ٿورو مڃيندي رهي.
”جمي تو مون کان ڪا خاص رقم نه گهري آهي. ٻڌاءِ ته قبرص ڪڏهن وڃي رهي آهين؟“
”سڀاڻي“
”سڀاڻي؟“ مون حيرت مان پڇيو.
”ها، سڀاڻي هڪ ٻيڙيءَ رستي رواني ٿي رهي آهيان.ا ها هتان قبرض وڃي رهي آهي.“
جميءَ منهنجي منهن ڏي ڏٺو. هن منهنجي ذهن ۾ ايندڙ خيالن جو اندازو لڳائي ورتو.
”نئين نوڪرياڻيءَ لاءِ توهان فڪرمند نه ٿيو. مسٽر جان! مون ان جو انتظام ڪري ڇڏيو آهي. منهنجي هڪ ساهيڙي آهي جا منهنجي پاران تنهنجو ڪم ڪندي. توهان کي مون وانگر هن سان به ڪڏهن شڪايت پيدا نه ٿيندي.“
آئون هن کي ڏسندو رهيس. هن جي اکين ۾ ڳوڙها هئا. هوءَ پنهنجيون ڪجهه هلڪيون ڦلڪيون شيون منهنجي اپارٽمينٽ ۾ ئي رکي ڇڏيندي هئي. اهي شيون هن منهنجي سامهون هڪ وڏي ڪاغذي بئگ ۾ وڌيون. آئون سمجهي ويس ته هو ائين ڇو ڪري رهي آهي. هن مون کي ڏيکارڻ چاهيون ٿي ته هو فقط پنهنجيون ئي شيون کڻي وڃي رهي آهي.
وڃڻ جي گهڙي اچي وئي. هن پهريون دفعو مون سان هٿ ملايو ۽ هلڻ لڳي. ڪجهه قدم وڌڻ کانپوءِ هوءَ مڙي ۽ مون وٽ آئي. مامتا جهڙي شفقت سان هن منهنجي ڪلهن تي ٿڦڪي ڏني ۽ تکو تکو هلي وئي. آئون دير تائين ماٺ ۾ بيٺو رهيس.
ٻئي ڏينهن اها نوڪرياڻي ڪم تي اچي وئي، جنهن کي جميءَ پنهنجي جاءِ تي ڪم ڪرڻ لاءِ چئي وئي هئي. هن جي عمر به سٺ ورهيه کن ٿيندي. پر هوءَ سنهي سڪل ۽ ڊگهي هئي.
”تنهنجو نالو؟“ مون پڇيومانس.
”خَدي.“ هن وراڻيو.
”سڄو ۽ اصلي نالو ٻڌاءِ.“
”خديجه….“ هن جواب ڏنو.
پگهار ۽ گهر ۾ ڪهڙو ڪم ڪار هن کي ڪرڻو آهي. اهو طئه ڪري هوءَ ڪم ڪرڻ لڳي. بس نالي جو ڪم ٿي ڪيائين ڪپڙا به ڪي خاص استري نٿي ڪيائين. گلاس تي به داغ رهجي ويا ٿي. مون کي هوءَ ڪا چڱي نه لڳي. ان جو سبب سندس ڪم ۾ ڪوتاهيون نه هيون، پر هن ۾ اها مامتا ۽ شفقت بنهه نه هئي، جنهن جو شديد احساس مون کي هاڻ جميءَ جي وڃڻ بعد ٿي رهيو هو.
مون هن کي ٻئي هفتي ئي موڪل ڪرائي ڇڏي. ان ڏينهن مون کي جمي ڏاڍو ياد آئي. منهنجو گهر بي ترتيبيءَ جو شڪار ٿي ويو. ميرن ڪپڙن ۽ ٿانوَن جا ڍير لڳي ويا. گهر جي ابتڙ حالت ڏسي مون کي جمي ياد اچي وئي. ڪيتريون ئي راتيون اهڙيون به آيون جو آئون ڪنهن دوست جي گهر ۾ رهي ٿي پيس ۽ پنهنجي فليٽ نٿي آيس.
۽ پوءِ هڪ ڏينهن آئون پنهنجي گهر پهتس ته مون جميءَ کي ڏٺو. هوءَ منهنجي اپارٽمينٽ جي دروازي سان چيلهه لڳائي سهڪي رهي هئي.
جمي! تون هتي؟“ بي اختيار منهنجي زبان مان نڪتو.
”اوهه مسٽر جان! اوه مسٽر جان!“ هن ڀڻڪيو- جيئن هن عادت موجب پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو ٿي.
مون دروازو کوليو. هو اندر داخل ٿي.
”جمي! ڇا ٿيو؟ تون واپس ڪيئن اچي وئين؟“ مون بي صبري مان پڇيو.
”آئون پنهنجي اباڻي وطن پهتيس ته منهنجي ويڳي ڀيڻ نه هئي. خبر پئي ته هوءَ مري چڪي آهي. هاڻ آئون اتي ڪنهن وٽ رهي سگهيس ٿي. ڪير سهارو ڏئيم ها. سو آئون موٽي آئي آهيان.“ هن نهايت سادگيءَ سان پنهنجي روئداد ٻڌائي.. ڳالهه ختم ڪرڻ سان هن پنهنجو ڪوٽ لاهي هڪ طرف رکيو ۽ وري صفائي ۾ لڳي وئي. ان ڏينهن کان جيستائين منهنجي بدلي انقره نه ٿي جمي منهنجي گهر ۾ ڪم ڪندي رهي. جڏهن آئون انقره وڃڻ لڳس ته هن کي ڪئرنگٽن جي گهراڻي ۾ نوڪري وٺرائي ڏنم. مون کي اهو دلي اطمينان هو ته جمي سٺي گهراڻي ۾ڪم ڪندي. جمي مون کي ڍير دعائن سان گڏ انقره روانو ڪيو.
مونکي انقره آئي هڪ سال ٿي چڪو هو ته مون کي ڪئرنگٽن وارن طرفان خط مليو.
ڊيئرجان!
جمي مري وئي، هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ ستي پئي هئي ته ستي ستي هن جو ساهه نڪري ويو. هن جي ساهيڙين اسان کي هن جي موت جي خبر ٻڌائي. مون کي بيحد افسوس ٿيو. آئون هن جو آخري ديدار ڪرڻ ويس. هوءَ بيحد سڪون ۾ نظر اچي رهي هئي. هو تمام سٺي ۽ تمام نيڪ روح هئي. اسان هن جي دفن ڪفن ۾ چڱي مدد ڪئي. هن جي قبر تي ڪتبو به لڳرايو. مون هن کان ڪيترائي دفعا پڇيو به هو ته هوءَ مون کي پاڻ بابت تفصيل سان ٻڌائي. بساهن فقط ايترو ٻڌايو هو ته هن جو پورو ۽ اصلي نالو جميلا آهن. اسان هن جي قبر تي لکرايو آهي:
”جميلا
وفات 1965ع.“
موت سڀني لاءِ آهي، پر اسين هن کي تمام گهڻو ياد ڪنداسين.“
مسٽر ڪئرنگٽن.
خط پڙهي آئون جهڙو ساڻو ٿي پيس. ها هن کي مرڻو ئي هو، پر ڪاش هوءَ جيڪر پنهنجي اباڻي وطن قبرص ۾ مري ها جنهن تي ڌارين جو قبضو آهي.ا ها عورت جيڪا ڌارين ۾ مامتا ۽ شفقت ورهائيندي هئي، ان کي پنهنجي وطن ۾ مرڻ لاءِ ٻه گز زمين به نه ملي.

”وفا جي پتلي“ ڪهاڻي دراصل هڪ انگريزي ڪتاب ‘Scotch and water’ جو هڪ باب آهي. هن ڪتاب (اسڪاچ ۽ وسڪي) جو مصنف جان ڊي ٽمپين آهي. پاڻ ڏهه سال کن ترڪيءَ ۾ رهيو ۽ جيڪي ڪجهه هن ڏٺو يا تجربو ٿيس ان جو احوال هن ڪتاب ۾ڏنو اٿس. ترڪيءَ جي ماڻهن جي نفسيات ۽ شخصيت، تهذيب ۽ قدر (Values) ٽمپين پنهنجي ڪتاب ۾ جنهن سهڻي ۽ فنڪارانه نموني سان ڏنا آهن، ان جو اندازو هن هڪڙي باب پڙهڻ سان لڳائي سگهجي ٿو، جيڪو پنهنجي جاءِ تي هڪ ڪهاڻي پڻ آهي.. 

حقيقتن جي ڄاڻ
بوٽ ٺاهيندڙ موچي سائمن کي نه پنهنجو گهر هو ۽ نه زمين. هو هڪ هاريءَ جي جهوپڙيءَ ۾ رهيو ٿي. گذر سفر انهن چند ٽڪن مان ٿيندو هوس. جيڪو پورهئي بدران کيس اجورو مليو ٿي. انهن ڏينهن ۾ انسان جي پگهر ۽ پورهئي جي قيمت گهٽ، ڪڻڪ جو اگهه وڌيڪ، هو. جيڪي ڪجهه ڪمائيندو هو، پيٽ حوالي ٿي ويندو هوس. زال ۽ مڙس وٽ سيءَ کان بچڻ لاءِ فقط هڪڙو گرم ڪوٽ هو، جنهن کي هنن ٻنهي واري وٽيءَ تي پائي وقت ٿي پاس ڪيو. ڪوٽ ڪيترن هنڌان ڦاٽي چڪو هو ۽ نئون ڪوٽ ٺهرائڻ لاءِ هو گذريل سال کان رڍن جون کلون خريد ڪرڻ جو ارادو ڪري رهيو هو. هن دفعي سياري جي موسم شروع ٿيڻ کان اڳ هن ڪجهه رقم پاڇي ڪري رکي هئي. ٽي روبل زال جي پيتيءَ ۾ ٽاري رکيا هئا، ۽ اهڙا پنج روبل ۽ ويهه ڪوپڪ (سؤ ڪوپڪ هڪ روبل برابر ٿين ٿا) ڪجهه گراهڪن وٽ رهت هئس.
هڪ ڏينهن صبح ساڻ هو کلون وٺڻ جي ارادي سان گهر کان ٻاهر نڪتو. قميص مٿان هن پنهنجي زال جي جئڪيٽ پاتي ۽ ان مٿان اهو اڊڙيل گرم ڪوٽ، کيسي ۾ ٽي روبل وڌائين. وڻ مان هڪ لڪڻ پٽي هٿ ۾ جهلي ۽ پوءِ نيرن ڪري هو پنهنجي مقصد پويان نڪتو. هن سوچيو….. گراهڪن کان جيڪڏهن هن کي پنج روبل ملي ويا ته ان ۾ هي ٽي روبل ملائڻ سان ڪم ٿي ويندو. آخر هو ان علائقي ۾ پهتو جتان اوڌر وصول ڪري هن کي کلون وٺڻيون هيون. هڪ هاري ته گهر ۾ ئي نه هو. ان جي زال وعدو ڪيو ته سندس اوڌر ٻئي هفتي ضرور موٽائي ڏيندا. البت ان جي ادائگي سندس مڙس ئي ڪندو. سائمن ٻئي قرضيءَ وٽ پهتو. هن قسم کڻي چيو ته مون وٽ ته هڪ پائي به نه آهي. ها ايترو آهي ته توکي جوتن جي مرمت جا ويهه ڪوپڪ ڏئي سگهان ٿو.
هاڻ هن وقت کلون اوڌر تي وڍڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه هو. پر وڪڻڻ واري هن تي اعتبار نه پئي ڪيو. هن چيس، ”ميان ڏوڪڙ هٿ ڪري آءُ، پوءِ جيڪا کل وڻئي اها کڻي وڃ. اهو اسين ٿا سمجهون ته قرضين کان اوڌر واپس وٺڻ ڪيڏو مٿي جو سور آهي.“
پئسن جي اوڳڙ واري هن چڪر ۾ سائمن کي هڪ ته اهي ويهه ڪوپڪ مليا ۽ ٻيو اڌ ڇنل بوٽ جيڪو هڪ هاري کيس ترو لڳائڻ لاءِ ڏنو.
سائمن جي دل ئي ڀڄي پئي. هو سوچي نڪتو هو ته هنکي هٿن جي ڪيل پورهئي جو اجورو ملندو، پر هيڏي قرض مان کيس چوٿون حصو به نه ملي سگهيو. ويهن ڪوپن جو وودڪا (روسي شراب) پي گهر ڏي روانو ٿيو. ٿڌڪار ڪري هن تي شراب جي نشي چڱو اثر ڪيو ۽ هو سرور جي حالت ۾ هڪ هٿ ۾ ڇنل بوٽ ۽ ٻئي هٿ م جهليل لڪڻ پٽ تي ڄميل برف کي هڻندو جهونگاريندو ويو. رکي رکي پنهنجو پاڻ سان ڳالهايائين ٿي.
”مون وٽ ڪنهن جانور جي کل جو ڪوٽ ناهي ته ڇا ٿيو. جسم ۾ ته گرمي آهي. وودڪا ( روسي شراب) منهنجي جسم جي رڳ رڳ ۾ ڊوڙي رهي آهي. هاڻ مون کي ڪنهن به گرم ڪوٽ جي ضرورت ناهي. ان بنا به منهنجو گذر ٿي سگهي ٿو. البت زال ضرور وائڙي ٿي ويندي ۽ هن کي وائڙو ٿي وڃڻ به کپي. ڪيڏي ڏک جي ڳالهه آهي ته هڪ ماڻهو سڄو سڄو ڏينهن پورهيو ڪري ۽ موٽ ۾ هن کي اجورو نه ملي! اها به ڪا ڳالهه. جيڪڏهن تو هن ڀيري پئسا نه آندا ته تنهنجي کل ڇڪي وٺندس. ٻڌئي! ۽ منهنجي هٿان تون بچي وئين ته سمجهه ته تون وڏو خوش نصيب آهين. ڏس ته سهي، هو مون کي فقط ويهه ڪوپڪ ڏئي ٿو. انهن ويهن ڪوپڪن مان ماڻهو ڇا ٿو ڪري سگهي؟ شراب پي پنهنجي اندر جو غم هلڪو ڪري سگهي ٿو. چئي رهيو هو ته اڄڪلهه پئسي جي سوڙهه اٿم. هوندس مون کي ڇاهي؟ تو وٽ رهڻ لاءِ گهر آهي، ڍور ڍڳا آهن، الله جو ڏنو سڀ ڪجهه آهي. مون وٽ فقط اهو ڪجهه آهي، جيڪي ڪجهه منهنجي جسم تي آهي. توکي ته تنهنجي ٻنيءَ تان ڪڻڪ به ملي ويندي. پر مون کي اتي جي ڪڻي ڪڻي جو ملهه ڏيڻو ٿو پوي. آئون کڻي ڇا به سوچيان، فقط رکيءَ سکيءَ مانيءَ پويان هر هفتي منهنجي کيسي مان ٽي روبل نڪريو وڃن. ان کان علاوه ٻيون به ته گهرجون آهن. ڏيڍ ٻه روبل کائڻ لاءِ کپي. ان ڪري جيڪي ڪجهه تو وٽ منهنجي رهت آهي. اهاجلدي واپس ڪر ۽ وڌيڪ بڪ بڪ نه ڪر!“
پنهنجي ئي خيالن ۽ سوچن جي وهڪ ۾ هو ان خانقاهه (گرجا گهر) تائين پهچي ويو هو جيڪو رستي جي ڪنڊ تي آهي. هن ڪنڌ مٿي کڻي ڏٺو ته خانقاه جي پٺيان کيس اڇي رنگ جي ڪا شيءِ نظر آئي. شام جي اونداهي ڌنڌ ۾ هن کي خبر نه پئجي سگهي ته اهو ڇا آهي. هن دل ئي دل ۾ چيو: ”شايد ڍڳو آهي، پر نه هن جو مٿو ماڻهوءَ جهڙو ٿو لڳي. بلڪل اڇو کير جهڙو. پر هي ماڻهو هتي ڇا پيو ڪري؟“
هو ان جي شيءِ جي ايترو ته پهچي ويو جو اها ھاڻ کيس بلڪل چٽيءَ طرح نظر اچي رهي هئي. هو ان کي ڏسي اچرج ۾ پئجي ويو. اهو واقعي انسان هو. خبر ناهي جيئرو يا مئل، پر هو بلڪل اگهاڙو هو. خانقاه وٽ اونڌو منهن ڪريو پيو هو. غريب موچي ڊڄي ويو.
هن کي ضرور ڪنهن قتل ڪيو آهي ۽ هن جا ڪپڙا لاهي هن کي هتي اگهاڙو اڇلي ويو آهي. جيڪڏهن آئون هن جي ويجهو ويندس ته پوليس ٿاڻي تي مون ئي وٺي هلندا.“ هن پنهنجي منهن چيو ۽ پوءِ ڪجهه دير بيهي سوچيندو رهيو ۽ پوءِ هلڻ لڳو. هو ان خانقاه وٽان نظر بچائي هلڻ لڳو. جيئن اهو ماڻهو هن کي ڏسي نه وٺي. ٿورو اڳيان هلي هن مڙي ڏٺو. هو ماڻهو هاڻ اونڌي منهن زمين تي ليٽڻ بدران پلٿي ماري ويٺل هو. شايد هن ڏي ڏسي رهيو هو. موچي ويتر ڊڄي ويو. ”آئون هن وٽ وڃان يا نه؟“ هن سوچيو، ”ويجهو وڃي ڪٿي ڪنهن مصيبت ۾ نه ڦاسي پوان! خبر ناهي ڪير آهي! هو هتي ڪنهن سٺي نيت سان ٿورو ئي آيو هوندو. ٿي سگهي ٿو ٽپ ڏيئي مونکي چهٽي وڃي ۽ گهٽو ڏئي منهنجو ساهه ڪڍي ۽ مون لاءِ ڀڄڻ ڏکيو ٿي پوي. ائين نه ٿئي ته هو مون لاءِ بار ٿي پوي. آئون ههڙي اگهاڙي ماڻهوکي ڇا ٿو ڪري سگهان؟ مو وٽ ته هن کي ڏيڻ لاءِ ڪپڙا ئي منهنجي ڪل ڪائنات آهن. خدائي آهي جيڪو مونکي هتان بچائي سگهي ٿو.
موچي وڏيون وڏيون ٻرانگهو ڀري هلڻ لڳو ۽ خانقاه کان ڪافي پري نڪري ويو. امالڪ هن کي پنهنجي ضمير ٽوڪيو ۽ هو بيهي رهيو.
”سائمن! ڇا پيو ڪرين؟“ هن پنهنجو پاڻ چيو.
”ٿي سگهي ٿو هو ويچارو سورن جو ستايل هجي ۽ هن کي ڪنهن مدد جي ضرورت هجي. تون هن وٽان کسڪي نڪتو آهين. ڇا تون ايڏو امير ٿي ويو آهين جو توکي چورن ڌاڙيلن جو ڊپ ٿو لڳي. سائمن! افسوس آهي توتي.“
هو اهو سوچي موٽيو ۽ سڌو ان ماڻهوءَ وٽ آيو. سائمن، هن ڌارئين ماڻهوءَ کي غور سان ڏسڻ لڳو. هي هڪ صحتمند نوجوان هو. هن جي جسم تي ڪنهن به رهنڊ يا رانڀوٽي جو نشان هو. البت هو سيءَ کان ڏڪي رهيو هو ۽ بيحد گهڻي ڊپ ۾ هو. هن نگاهون مٿي کڻي سائمن ڏي نهاريو پر پاڻ ائين ڪنڌ جهڪائي ويٺو رهيو. سائمن ٻه چار وکون ٻيون کڻي هن جي ويجهو آيو. اجنبي ڄڻ ننڊ مان سجاڳ ٿيو. هن هڪ دفعو اکيون ڇنڀي پوءِ سائمن ڏي نماڻين اکين سان نهاريو. سندس ان ادا سائمن جي ڄڻ دل جيتي ڇڏي. هن هٿ ۾ جهليل بوٽ هن اڳيان رکيو ۽ پوءِ پنهنجو ڪوٽ لاهي هن کي پائڻ لاءِ ڏنو.“ وڌيڪ ڪڇڻ جو وقت ناهي. اچي، جلدي جلدي هي پاءِ.“
سائمن هن کي هٿن کان جهلي اُٿاري بيهاريو. هن ڏٺو ته نوجوان جو جسم صاف سٿرو ۽ صحيح سلامت هو. هن ڪوٽ نوجوان جي ڪلهي تي رکيو، پر هو ڪجهه اهڙو ته بدحواس لڳي رهيو هو جو هن کي ڪوٽ جون ٻانهون ئي نه پئي مليون. سائمن هن جا هٿ جهلي ڪوٽ جي ٻانهن ۾ وڏا ۽ بٽڻ لڳائي اڳٽ جهڙي رسي سان ڪوٽ کي سوگهو ڪيو، پوءِ پنهنجي ڦاٽل ٽوپي لاهي، نوجوان جي حوالي ڪرڻ ٿي چاهي ته سخت سيءَجي لهر ۾ سندس اگهاڙو مٿو برف ٿي ويو. هن سوچيو: ”آئون ته بلڪل گنجو آهيان ۽ هن جا ڊگها ۽ گهنڊيدار وار آهن.“ هن پنهنجي ٽوپي واپس پنهنجي مٿي تي کڻي رکي. پوءِ وري خيال آيس ته گهٽ ۾ گهٽ هن جا اگهاڙا پير ڍڪڻ کپن…. هن کيس پيرن ۾ مرمت لاءِ کنيل بوٽ پارايو ۽ چيو؛ ”ڏس دوست! هاڻ تون سرديءَ کان ڪجهه نه ڪجهه بچي وئين ۽ سولائيءَ سان هلي چلي سگهين ٿو. صحيح ٿو چوان نه؟“
نوجوان بنا ڪجهه ڪڇڻ جي بيٺو رهيو ۽ پنهنجين معصوم نگاهن سان سائمن موچي کي ڏسندورهيو……
”تون ڳالهائين ڇو نٿو؟“ ”سائمن چيو، ”هتي بيٺي بيٺي ته سڪي سوڪ ٿي ويندين. ڪمزور آهين ته هي وٺ لڪڻ، سهاري جو ڪم ڏيندءِ. هاڻ هل جلدي ڪر. سيءَ تمام گهڻو آهي.“
نوجوان سائمن جي قدم سان قدم ملائي هلڻ لڳو. هلندي هلندي سائمن پڇيس:
”ميان، ڪٿي جو رهاڪو آهين؟“
”آئون هن پَٽَ جو نه آهيان!“ هن جواب ڏنو.
”منهنجو خيال به اهوئي آهي. آئون هن علائقي جي ماڻهن کي چڱيءَ طرح سڃاڻان، پر تون هتي خانقاه ۾ڪيئن پهتين؟“
”آئون نٿو ٻڌائي سگهان.“
”ڪنهن توتي ظلم ڪيو آهي؟“ سائمن پڇيس.
”نه، مون تي ظلم ڪنهن نه ڪيو آهي. مون کي خدا سزا ڏني آهي.“
”ها اهو سچ آهي ته خدا ئي اسان جو حاڪم آهي، پر توکي ته مانيءَ جي به ضرورت آهي ۽ مٿو لڪائڻ جي جاءِ جي به. ڪيڏانهن وڃڻ جو ارادو اٿئي؟“
”مون لاءِ سڀ جڳهيون هڪ جهڙيون آهن!“ نوجوان چيو.
سائمن حيران هو ته نوجوان نه ته غنڊو يا داداگير ٿي لڳو ۽ نه وري سندس ڳالهائڻ جو طريقو ڪميني قسم جو هو. تنهن هوندي به هن پنهنجو اتو پتو نٿي ڏنو. ”ڪهڙي خبر ويچاري سان ڪهڙو حادثو پيش آيو آهي!“ هن دل ئي دل ۾ سوچيو ۽ وڏي آواز ۾چيو:
”اچ پوءِ منهنجي گهر هليو آءُ. گهٽ ۾ گهٽ سيءَ کان ته بچي پوندين.“
سائمن هن کي وٺي پنهنجي گهر جي راهه اختيار ڪئي. اجنبي هن سان گڏ وک وک کڻندو هليو. هوا تيز ٿي وئي هئي. سائمن جي جسم تي فقط هڪ قميض رهجي وئي هئي. سيءَ ڪري هن جا ڏند وڄڻ لڳا. هن تان وودڪا شراب جو نشو به هاڻ لهي چڪو هو ۽ جسم ڄڻ ته چيلهه وٽان ڪپجي ٻه اڌ ٿي رهيو هوس. هو سيسڙاٽ ڀريندي سوچڻ لڳو: ”آئون ته رڍن جون کلون خريد ڪرڻ ويو هوس. اهي ته خريد نه ڪيم، ماڳهين پنهنجو ڪوٽ به لاهي ٻئي کي ڏئي ڇڏيم ۽ گهر ۾مفت جو هڪ بيڪار ۽ نڪمو ماڻهو وٺيو پيو اچان. ميٽرينا ڏسندي ئي ڦاٽڻ شروع ڪندي.“ زال جو خيال ايندي ئي هن جي جسم ۾ غم جي لهر ڊوڙي وئي. پر جيئن ئي اجنبي تي نظر پيس ته هن کي هن جون اهي معصوم نگاهون ياد اچي ويون، جن سان هن خانقاه ۾ ويٺي ويٺي هن ڏي نهاريو هو. بيوسي ۽ لاچارگيءَ واريون نگاهون. لطف ۽ ڪرم جون طلبگار نگاهون ان ياد سان هن جي اندر ۾ ڄڻ گل ٽڙي پيا.
سائمن جي زال ان ڏينهن هر شيءِ پهرين ئي تيار ڪري رکي هئي. هن ڪاٺيون چيري ڇڏيون هيون. پاڻي ڀري ڇڏيو هو. هن ٻارن کي کارائي پياري ۽ پاڻ به کائي پي ڇڏيو هو- بس مانيءَ جي ڪي ڀور بچيل هئا ۽ ميٽرينا اهو ويٺي سوچيو ته سائمن پڪ ڳوٺ مان کائي نڪرندو ۽ هي مانيءَ بور سڀاڻي ڪم اچي ويندا.“ هن مانيءَ جو هڪ هڪ ٽڪرو هٿ ۾ کڻي هن جي ڳرائي محسوس ڪئي ۽ پوءِ پنهنجي منهن ڀڻڪڻ لڳي؛ ”هڪ هڪ ٽڪر ڪافي رهندو. پٺيان ڪي ٻه چار لپون اٽي جون وڃي بچيون آهن. جمعي تائين هنن ٽڪرن تي گذارو ٿي سگهي ٿو.“
هن ماني دٻڪين ۾ ڍڪي کاري هيٺ رکي ۽ پوءِ مڙس جي ڦاٽل قميص کڻي هن کي چتيون هڻڻ لڳي. سُئيءَ جا کڻ هڻندي هڻندي هن کي مڙس جو خيال آيو.
”ڪٿي ڪنهن جي ڳالهين ۾ اچي ڦاسي نه پيو هجي، آهي صفا موڳو. هڪ ٻار به کيس بيوقوف ٺاهي سگهي ٿو. اٺ روبل چڱي وڏي رقم آهي. ڪوٽ خريد ڪري وٺي ته سٺو آهي. رنڱيل کلون وٺڻ کان به سنئون سڌو هڪڙو عمدو ڪوٽ وٺي ڇڏي! گذريل سال سياري ۾بناڪوٽ جي ڏاڍي تڪليف ٿي هئي. آئون نه ته درياهه تي وڃي سگهيس ٿي نه ڪنهن ٻئي هنڌ. هن کي ٻاهر وڃڻو هوندو هو سو سڀ ڪجهه هوئي پائي ويندو هو ۽ منهنجي پائڻ لاءِ ڪجهه به نه بچندو هو. چڱي دير ٿي وئي آهي. هن کي هيستائين گهر ۾ اچي وڃڻ کپي.ا هو ڊپ اٿم ته ڪٿي هو پيئڻ نه ويهي رهيو هجي.“ ڇڙواڳ خيال هن جي دماغ ۾ اڳيان پٺيان ڊوڙي رهيا هئا. اوچتو در وٽ هن جي قدمن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ۽ ڪو اوپرو ماڻهو اندر داخل ٿيو. ميٽرينا سبڻ بند ڪري سئي قميص ۾ ٽنبي اٿي غور سان ڏسڻ لڳي ته ڪير آهي. هاڻي ٻيو به اندر گهڙيو جيڪو سندس مڙس سائمن هو. ڌارئين ماڻهوءَ جو مٿو اگهاڙو هو ۽ پير ۾ ڇنل جوتا هئس. ميٽرينا هڪ ئي نظر سان سمجهي وئي ته سندس مڙس شراب جي ڌپ ۾ ڇانيو پيو آهي.
”اهائي ڳالهه ٿي نه، شراب ۾ ڌت ٿيو پيو اچي!“ هن دل ئي دل ۾ چيو ۽ پوءِ جڏهن هن ڏٺو ته هو بنا ڪوٽ جي آهي ۽ فقط جئڪيٽ جسم تي اٿس ۽ ڪڇ ۾ به ڪا هڙٻڙ نه اٿس ته هوءَ ٽٻيءَ ۾ پئجي وئي. هن جو مٿو افسوس کان جهڪي ويو ۽ دل نااميدي جي عالم ۾ ڀُرڻ لڳي.
”سڀ پئسا شراب ۾ ٻوڙي آيو آهين.“ هن ڀڻڪڻ شروع ڪيو، ”۽ پاڻ سان گڏ هڪ لچي کي گهر ۾ وٺي آيو آهين.“
ميٽرينا هڪ طرف ٿي هنن کي رستو ڏنو. هو جهوپڙيءَ ۾ گهڙيا. پوءِ هوءَ هنن جي پٺيان پٺيان اندر آئي. هن ڏٺو ته اجنبي جي جسم تي هن جي مڙس جو ڪوٽ هو. ڪوٽ جي هيٺان ڪا قميص نه هئي. اجنبي جهوپڙيءَ ۾ گهڙي، هڪ هنڌ خاموش اکيون جهڪائي بيهي رهيو.
”ضرور ڪو بدمعاش آهي!“ ميٽرينا دل ۾ چيو، ”شايد ڊڄي ويو آهي!“ هن اجنبيءَ ڏي گهوري ڏٺو ۽ پوءِ چلهه جي ويجهو وڃي بيٺي.
”ميٽرينا چپن ۾ ئي بڙ بڙ ڪئي ۽ ائين ئي پٿر وانگر چلهه وٽ بيٺي رهي. بس هنن ٻنهي ڏي واري وٽيءَ تي ڏسي پوءِ انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيائين.
سائمن سمجهي ويو ته زال سخت ڪاوڙ ۾ آهي، پر اهو ظاهر ڪرڻ لاءِ ته هن ڪجهه نه ڏٺو، اجنبيءَ کي ٻانهن کان جهلي چيو: ”ويهو ڀائو، ڪجهه کائي وٺون.“
اجنبي به کٽ تي ويهي رهيو.
”ڪجهه وڌيڪ اٿئي يا نه؟“ سائمن وري پڇيو.
ميٽرينا ڪاوڙ ۾ باهه ٿي وئي:
”ها رڌيو اٿم پر تولاءِ نه. شايد تنهنجو عقل شراب سان گڏ وهي ويو آهي! تون ته ڪوٽ لاءِ کلون وٺڻ ويو هئين ۽ آيو اهڙي حالت ۾ آهين جو تنهنجي بدن تي پراڻو پاتل ڪوٽ به ڪونهي ۽ پاڻ سان گڏ ٻيو به هٽو ڪٽو وٺي آيو آهين. تو جهڙن آلين موالين لاءِ مون وٽ ڪا کائڻ پائڻ جي شيءِ ڪانهي!“
”بس ميٽرينا بس، زبان اجائي نه هلاءِ. گهٽ ۾ گهٽ اهو ته پڇ ته هي آهي ڪير؟“
”هي ماڻهو ڪير آهي؟“
سائمن کيسي ۾هٿ وجهي، ٽن روبلن جا نوٽ ڪڍي زال جي هٿ تي رکيا: ”هي وٺ پئسا! ٽريفونوف اڃا ڪجهه نه ڏنو. البت وعدو ڪيو اٿائين ته هو اوڌر واري رقم جلد ادا ڪندو.“
ميٽرينا جي ڪاوڙ جو پارو اڃا مٿي چڙهي ويو. هڪ ته بيوقوف کلون نه آنديون ۽ ٻيو ڪوٽ هڪ اگهاڙي کي پارائي گهر وٺي آيو آهي ۽ هاڻ مانيءَ جو ٿو پڇي. هن جهپ هڻي ميز تان نوٽ کڻي ورتا ۽چيو:
”مون وٽ توهان لاءِ ڪا ماني ٽڪي ڪانهي. اسان دنيا جهان جي شرابين ۽ اگهاڙن جي پيٽ پالڻ جو ڪو ٺيڪو ڪونه کنيو آهي….“
”ميٽرينا پنهنجي زبان کي لغام ڏي! پهرين ٻڌي ته وٺ هي ڪير آهي؟“
”آئون صحيح چوندي هيس ته تو جهڙي شرابيءَ سان شادي نه ڪنديس. ريشمي ڪمپڙي جو تاڪيو جيڪو منهنجي ماءُ مون کي ڏيج ۾ڏنو هو،اهو به تو شراب ۾ ضايع ڪري ڇڏيو ۽ هاڻ ڪوٽ خريد ڪرڻ وئين ته سڀ پئسا شراب پٺيان اڏائي آئين.“
”مون ته فقط ويهه ڪوپڪ خرچ ڪيا آهن،“ سائمن پنهنجي زال کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ”۽ هي ويچارو اجنبي…..“
پر ميٽرينا هن جي هڪ به نه ٻڌي. هن جي زبان ڪئنچيءَ وانگي هلندي رهي ۽ پوءِ هن ڏهه سال پراڻا دفنايل مڙدا ڪڍي ٻاهر ڪيا.
ڳالهائيندي ڳالهائيندي ميٽرينا سائمن تي وار ڪيو ۽ هن کي قميص جي ٻانهن کان جهلي پڇيو:
”منهنجي جئڪيٽ هينئر جو هينئر مون کي لاهي ڏي. اها ئي ته منهنجي سڄي ملڪيت آهي. تون هميشه ان کي پائيندو وتين. واپس ڏي مون کي لالچي ڪتا، توتي ته ڪا الله جي مار پوي!“
سائمن جئڪٽ کي ڇڪي لاهڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا ميٽرينا کانئس وٺي دروازي ڏي وڌي…. پر پوءِ وڌندي وڌندي ترسي پئي. هن کي پنهنجي ڪئي جوافسوس ٿيو ۽ هن غصو پي وڃڻ ٿي چاهيو. پر …. پر هي اجنبي ڪير آهي، آخر ڪا ته خبر پوي! هوءَ سوچڻ لڳي ۽ پوءِ هڪدم چيو: ”جيڪڏهن هي ڪو شريف انسان هجي ها ته ائين اگهاڙو نه هجي ها!ٰ هن جي بدن تي ته قميص به ڪانهي. هي ماڻهو جيڪر چڱو آهي ته ٻڌاءِ توکي ڪٿي مليو؟“
سائمن جواب ڏنو: ”اهوئي ته آئون توکي ٻڌائڻ چاهيان ٿو. هي مونکي واپس ايندي وقت خانقاه ۾ مليو. غريب الف اگهاڙو سيءَ ۾ ڏڪي رهيو هو. خدا کڻي مون کي هن ڏي موڪليو نه ته هي وڃي ٻئي جهان کان نڪري ها. مان ڪپڙا ڍڪائي هيڏي وٺي آيو آهيانس. ميٽرينا، اجايو خفي نه ٿي. خفو ڪرڻ گناهه آهي. اهو نه وسار ته اسان سڀني کي هڪ ڏينهن مرڻو آهي.“
چڙ وارا لفظ ميٽرينا جي زبان تي ايندي ايندي ترسي پيا. هن جي نظر اجنبيءَ تي وڃي پئي، جيڪو کٽ تي ماٺ ڪريو هڪ هنڌ نماڻين اکين سان ڏسي رهيو هو. ”ميٽرينا تنهنجي دل ۾ خدا جي محبت ناهي؟“ سائمن چيو. ميٽرينا تي هن جي انهن لفظن عجيب اثر ڪيو. هن جي نظر اجنبي تي پئي ۽ دل پاڻي ٿي ويس. هوءَ دروازي وٽ وري موٽي آئي، هن چلهه تان ماني کنئي. ميز تي رکيل هڪ گلاس ۾ شربت ٺاهيو ۽ مانين جا ٽڪر ڪڍي ڪانٽن ڇرين سان گڏ رکيا ۽ چيو: ”اچوماني کائو.“
”ڀاءُ اچ، تون به ويهه.“ سائمن اجنبيءَ کي دعوت ڏني. سائمن ماني جا ٽڪرا وڌيڪ ننڍا ڪري پاڻيءَ جهڙي ڇڊيءَ رس ۾ پُسايا ۽کائڻ شروع ڪيو. ميٽرينا ڪنڊ ۾ مٿي تي هٿ ڏيئي اجنبي کي ويٺي ڏٺو. هن جي دل ۾ هر وقت رحم جا جذبا پيدا ٿي رهيا هئا. هاڻ هن کي هي اجنبي سٺو ماڻهو لڳي رهيو هو. اتي اوچتو ئي اوچتو اجنبيءَ جو منهن چمڪڻ لڳو ۽ هن اکيون مٿي کڻي ميٽرينا ڏي ڏٺو ۽ پنهنجي منهن مرڪيو. هنن ماني کائي بس ڪئي ته ميٽرينا سندن اڳيان ٿانوَ کنيا ۽ پوءِ اجنبيءَ سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي:
”ڪٿي جو رهڻ وارو آهين؟“ هن چيو.
”آئون هن علائقي جو نه آهيان.“
”پر هتي ڪئين پهتي؟“
”معاف ڪجو محترمه، آئون ڪجهه ٻڌائڻ کان لاچار آهيان.“
”ڪنهن توکي ڦريو لٽيو آهي؟“ ميٽرينا پڇيو.
”خدا مون کي سزا ڏني آهي!“ اجنبيءَ وراڻيو.
”۽ تون هتي اگهاڙو پيو هئين؟“
”ها اگهاڙو ۽ سيءَ ۾ ڏڪي رهيو هوس. سائمن مون تي ترس کائي مون کي پنهنجو ڪوٽ پارايو ۽ پاڻ سان وٺي آيو. تو مون کي ماني کارائي آهي ۽ مون تي رحم ڪيو آهي. ان جي جزا توهان کي خدا ڏيندو.“
ميٽرينا اٿي ۽ سائمن جي اها قميص کڻي اجنبيءَ کي ڏني جنهن کي ٿوري دير اڳ چتيون لڳائي رهي هئي. هوءَ هڪ پتلون به کڻي آئي.
”هي وٺ قميص ۽ پتلون. انهن کي پائي ڇڏ ۽ جتي وڻئي آرام ڪر- چلهه وٽ يا ڀر واريءَ ڪوٺيء ۾.“
اجنبيءَ ڪپڙا پاتا ۽ پوءِ ڪوٺي ۾ ليٽي پيو. ميٽرينا ڏيو گل ڪري ڇڏيو ۽ ڪوٽ کڻي پنهنجي مڙس وٽ چلهه جي ويجهو وڃي ليٽي. سيءَ کان بچڻ لاءِ هن پنهنجي مٿان ڪوٽ ورائي ڇڏيو. پر ننڊ سندس اکين کان ڄڻ ڪي ڪوهه پري هلي وئي هئي. هوءَ هر هر اجنبيءَ جو خيال اچڻ تي سوچڻ ۾ غرق ٿي وئي ٿي.ا وچتو هن کي ياد آيو ته مانيءَ جو آخري ڀور به ختم ٿي چڪو آهي. هاڻي هوءَ سڀاڻي ڇا ڪندي! ۽ هن کي ان جو به ڏک ٿي رهيو هو ته قميص ۽ پتلون به هن کي ڏئي ڇڏيم. پر پوءِ اجنبي جي مرڪ ڄڻ کنوڻ وانگر هن جي دماغ تي واسو ڪري وئي ۽ ميٽرينا باغ بهار ٿي وئي. هوءَ دير تائين جاڳندي رهي. هن ڏٺو ته هن جو مڙس به جاڳي پيو.
”سائمن.“ هن ڌيرج سان سڏ ڪيو.
”جي! سائي،من وراڻيو.
”مانيءَ جو آخري ٽڪرو به ختم ٿي ويو آهي ۽ گهر ۾ اٽي لپ به نه آهي. سڀاڻي جو ڇا ٿيندو! شايد ٿورو اٽو مارٿا کان اوڌر تي ملي وڃي.“
”حياتي رهي ته کائڻ لاءِ به ڪجهه نه ڪجهه ملي ويندو.“
عورت ٿوري دير ماٺ ڪري، ليٽي رهي، پوءِ چيائين:
”ماڻهو ته ڀلو ٿو لڳي، پر هو ٻڌائي ڇو نٿو ته ڪير آهي؟“
”شايد ڪو ڪارڻ هوندو.“ سائمن چيو.
”سائمن! ڪجهه دير بعد ميٽرينا وري پنهنجي مڙس کي سڏ ڪيو.
”جي!“
”اسين ته ماڻهن کي ڏيندا رهون ٿا. پر هو اسان کي ڇو نٿا ڏين؟“ ميٽرينا چيو.
سائمن هاڻ ان جو ڪهڙو جواب ڏئي! ”هاڻ ماٺ به کڻي ڪر!“ هن چئي پاسو ورايو ۽ ٻيءَ گهڙي کونگهرا هڻڻ لڳو.
سائمن صبح جو سوير اٿي ويٺو. ٻار اڃا ستا پيا هئا. هن جي زال پنهنجي پاڙيسرياڻيءَ کان اٽو وٺڻ هلي وئي هئي. اجنبي اڪيلو کٽ تي ويٺو هو. هو پراڻي قميص ۽ پتلون ۾ هو ۽ نظرون مٿي کپائي ڏسي رهيو هو. هن جو چهرو ڪالهه جي مقابلي ۾ زياده روشن ۽ کُليل هو.
”ڏس دوست!“ سائمن هن کي چيو، ”پيٽ لاءِ ڪاٺين ڇوڏن جي ضرورت آهي ۽ اگهاڙي بدن لاءِ ڪپڙي جي. ماڻهوءَ کي زندگي گذارڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوي ٿو. تون ڪو ڪم ڪري سگهين ٿو؟“
”نه، مون کي ڪو ڪم نٿو اچي.“
سائمن اچرج ۾ پئجي ويو. پر چيو:
”جيڪڏهن ڪو سکڻ چاهي ته هن لاءِ هر ڪم سولو آهي.“
”جيڪڏهن ماڻهو ڪم ڪن ٿا ته آئون به ڪندس.“
”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“
”مائيڪل.“
”چڱو ته مائيڪل! جيڪڏهن تون پاڻ بابت ڪجهه ٻڌائڻ نٿو چاهين ته نه سهي، پر توکي پنهنجي لاءِ روزي ضرور ڪمائڻي پوندي. منهنجي چوڻ مطابق ڪم ڪندين، ته آئون توکي رهڻ لاءِ جاءِ به ڏيندس ته کائڻ لاءِ ماني به.“
”الله توکي جزا ڏيندو! تون جيڪي ڪجهه مون کي سيکاريندين اهو سکي وٺندس. مون کي ڪم ٻڌاءِ.“
سائمن جوتا ٽانڪڻ جي ڏور کنئي ۽ پنهنجي آڱوٺي جي چوڌاري ويڙهي ٻٽي ڪرڻ لڳو. ”هي ڪم تمام سولو آهي…. ڏس!“ هن چيو.
مائيڪل غور سان ڏور ٺهندي ڏسندو رهيو ۽ پوءِ پاڻ به ائين ڪرڻ لڳو. سائمن هن کي پوءِ ٽانڪو هڻڻ سيکاريو ۽ مائيڪل بنا ڪنهن تڪليف جي اهو ڪم به جلدي سکي ويو. هاڻ هن کيس کل کي چيرڻ ۽ ان جا وار اندر ڪري سبڻ سيکاريو ۽ مائيڪل اهو به سکي ويو. سائمن جيڪو ڪم ڏسيو ٿي، مائڪل جهٽ پٽ اهو ڪري ڏيکاريو ٿي. ٽن ڏينهن اندر هو جوتن ٺاهڻ جو اهڙو ته سٺو ڪاريگر ٿي ويو، ڄڻ سالن کان هو اهو ڪم ڪندو رهيو هجي. هو بنا ڪنهن آرام جي هر وقت ڪم ۾ رڌل رهيو ٿي. ماني به گهٽ ٿي کاڌائين. ڪم ختم ٿيڻ تي چپ چاپ پٺيءَ ڀر سڌو ليٽي آسمان ڏي نهاريندو رهيو ٿي. هو ٻاهر تمام گهٽ نڪتو ٿي. ڪنهن شيءَ جي ضرورت پيس ٿي ته گهرايائين ٿي. هڪ ڳالهه ضرور هئي ته هو نه کليو ٿي نه ڪنهن سان چرچو ڀوڳ ڪيائين ٿي. ان پهرين ڏينهن واري مرڪ کانپوءِ ڪنهن به هن کي مرڪندي نه ڏٺو.
ڏينهن پويان ڏينهن گذرندا ويا. اهڙي طرح اچي سال پورو ٿيو. مائيڪل هڪ تمام سٺو موچي ٿي ويو ۽ سندس نانءُ ڏيهان ڏيهه پکڙجي ويو. هڪ هڪ جي وات تي اهوئي هو ته سائمن جي ڪاريگر جهڙا عمدا ۽ مضبوط بوٽ ڪوبه نٿو ٺاهي. ماڻهو پري پري کان هلي اچي سائمن کان بوٽ ٺهرائڻ لڳا. نه فقط بوٽ پر سليپر، چمپل، گهيتلا، چاکڙيون وغيره پڻ. اهڙي طرح سائمن جي قسمت ئي بدلجي وئي.
سياري جا ڏينهن هئا. هڪ ڏينهن سائمن ۽ مائيڪل سگريءَ جي ڀر ۾ ويٺي بوٽ ٺاهيان. ايتري ۾ هڪ گاڏي جنهن ۾ ٽي گهوڙا جوٽيل هئا، ٽن ٽن ڪندي اچي هن جي جهوپڙيءَ ٻاهر بيٺي. هن دري مان ليئو پائي ڏٺو ته هڪ صاف سٿرا ڪپڙا پهريل نوڪر جلدي لهي گاڏيءَ جو دروازو کوليو ۽ پوءِ هڪ معزز ماڻهو ڪنهن اوچي جانور جي کل جي ڪوٽ ۾ گاڏيءَ مان ٻاهر نڪتو ۽ سائمن جي جهوپڙيءَ ڏي وڌيو. ميٽرينا اڳيان وڌي جهوپڙيءَ جو دروازو کوليو. معزز ماڻهو تمام ڊگهو، ويڪرو ۽ ڳري جسم جو هو. هو جهڪي پوءِ جهوپڙيءَ ۾ داخل ٿيو ۽ جڏهن سڌو ٿي بيٺو، ته هن جو مٿو ڇت سان وڃي لڳو. جهوپڙي هن جي پکڙيل جسم سان ڄڻ ته ڀرجي وئي.
سائمن اٿي هن کي ادب سان کيڪاريو ۽ حيرت مان هن کي ڏسندو رهيو. سائمن پاڻ به سنهو سڪل هو ۽ مائيڪل به، ميٽرينا ته بس رڳو…. هڏين جي مٺ هئي. پر هي شخص ڄڻ ته ڪنهن ٻي دنيا جو باشندو لڳو ٿي ڳاڙهو آلو بخاري جهڙو منهن، بلڪل گول گول، ڳچي مينهن جهڙي ٿلهي ۽ مضبوط هڏ ڪاٺ وارو جسم.
معزز ماڻهوءَ زور سان کنگهڪار ڪئي، پوءِ پنهنجو ڪوٽ لاهي بينچ تي ٿي ويٺو ۽ چيو:
”توهان ٻنهي ۾ سٺو ڪاريگر ڪير آهي؟“
”مون کي ئي سمجهو سائين!“ سائمن ڪي قدر جهڪي ورندي ڏني.
معزز ماڻهوءَ نوڪر کي سڏ ڪندي چيو: ”چمڙو کڻي اچ.“ هڪ ڇوڪرو ڀڄندو ڀڄندو اندر آيو ۽ بنڊل آڻي سامهون رکيو.
”هن کي کول.“ معزز ماڻهوءَ حڪم ڏنو.
نوڪر حڪم جي پوئواري ڪئي ۽ معزز ماڻهوءَ چمڙي ڏي اشارو ڪري چيو: ”موچي! سڃاڻي سگهين ٿو ته هي ڪهڙو چمڙو آهي؟“
”تمام عمدو سائين منهنجا!“ سائمن چمڙي تي هٿ لاهيندي چيو.
”بيشڪ تمام عمدو آهي، پر احمق، تو اهڙو چمڙو ڪڏهن به نه ڏٺو هوندو. هي جرمنيءَ کان آيل چمڙو آهي ۽ هن جي قيمت ويهه روبل آهي.“
”سرڪار! آئون ڀلا هن کي ڪٿي ڏسي سگهيس ٿي.“ سائمن هيسيل آواز ۾ وراڻيو.
”صحيح آهي! هاڻ ٻڌاءِ منهنجا بوٽ ٺاهي سگهندين؟“
”حاضر سائين! ڇونه!“ سائمن چيو.
”واقعي!“ معزز ماڻهو زور سان چيو، ڄڻ هن کي يقين نه پئي آيو، ”پر هڪ ڳالهه ڌيان سان ٻڌ! بوٽ اهڙا ٺاهجانءِ، جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال ته ضرور هلن. نه هنن جي شڪل بدلجي ۽ نه ئي ڪو ٽوپو اڊڙي. اهڙا بوٽ ٺاهي سگهين ته مون لاءِ ٺاهه، جي نٿو ٺاهي سگهين ته مونکي هينئر ئي جواب ڏي. ياد رک ته جيڪڏهن سال اندر بوٽ خراب ٿي پيا ته جيل ڏياري ڇڏيندوسانءِ. مزدوري ڏهه روبل ڏيندو سانءِ پر پوري سال کانپوءِ!“
سائمن ويچارو ڊڄي ويو. جواب ڏئي ته ڪهڙو ڏئي. هن مائيڪل ڏي ڏٺو. هن کي ٺونٺ هڻي آهستي چيائين، ”هي ڪم هٿ ۾ کڻان؟“
مائيڪل هائوڪار ۾ ڪنڌ کي هيٺ مٿي ڪيو.
۽ سائمن بوٽ ٺاهڻ جو ذمو پنهنجي مٿان کنيو.
معزز ماڻهوءَ پنهنجي نوڪر کي سڏايو ۽ حڪم ڏنو ته کاٻي پير جو بوٽ لاهه. بوٽ لهي ويو ته هن چيوِ: ”پير جي ماپ وٺ.“
سائمن سترهن انچ ڊيگهه واروهڪ ڪاغذ کنيو، پهرين هن کي هٿ سان صاف ڪيو ۽ پوءِ پنهنجو هٿ پنهنجي قميض سان صاف ڪيو، جيئن معزز ماڻهوءَ جا جراب ميرا نه ٿين ۽ پوءِ هن جي پير جي ماپ ورتي. کڙي جي ماپ پئي ورتائين ته ڪاغذ کٽي پيو. هن جا مريا ڇا ته ٿلها هئا.
”ڏسجانءِ بوٽ پٻن وٽ يا کڙين وٽ سوڙهو نه ٿئي!“
سائمن پهرين واري ڪاغذ ۾ ٻيو ڪاغذ به ڳنڍيو. معزز ماڻهو جهوپڙيءَ ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو ۽ پوءِ هو مائيڪل ڏي گهوري ڏسڻ لڳو.
”هي شخص ڪير آهي؟“
“منهنجو ڪاريگر آهي، هي ئي توهان جو بوٽ ٺاهيندو.“
”ڏسجانءِ! معزز ماڻهو مائيڪل سان مخاطب ٿيو.“ بوٽ هڪ سال کان گهٽ نه هلي!“
سائمن مائيڪل ڏي ڏٺو. هو معزز ماڻهوءَ کي ڏسڻ بدران جهوپڙي جي پرئينءَ ڪنڊ ڏي نهاريندو رهيو. ڄڻ اتي ڪو ٻيو همراهه هجي. مائيڪل ائين ئي نظرون ڄمائي ڏسندو رهيو، ۽ پوءِ اوچتو هن مرڪيو ۽ هن جو چهرو زور سان چمڪڻ لڳو.
”اڙي ڄٽ! ڇو پيو ڏند ڪڍي کلين؟“ معزز ماڻهوءَ گجندڙ آواز ۾ چيو، ”هيڏانهن ڏس، بوٽ وقت تي تيار ڪري ڏجانءِ!“
”بي فڪر ٿيو، اهو وقت تي تيار ٿي ويندو.“ مائيڪل چيو.
”وري به ڪن کولي ٻڌي ڇڏ. بوٽ وقت تي تيار هجڻ کپي!“ معزز ماڻهوءَ تاڪيد ڪئي. پنهنجو کاٻو بوٽ ۽ ڪوٽ پاتو ۽ دروازي ڏي روانو ٿيو. پر دروازي وٽان لنگهندي هن کان جهڪڻ وسري ويو ۽ هن جو مٿو هڪ ڪڙي سان وڃي لڳو. هن گار ڏئي پنهنجي مٿي کي آڍيو ۽ گاڏي ۾ ويهي روانو ٿي ويو.
هو هليوويو ته سائمن چيو: ”اُف! ماڻهو آهي يا گوشت جو جبل، هي ته جيڪر ڪارائيءَ سان به نه ڪٽي سگهجي. دروازي جي ڪڙي ٽٽي پئي، پر سندس مٿي کي ڪجهه به نه ٿيو.“
”ڪوبه ماڻھو جي ائين نوابن وانگر پلجي تاتجي ته ڪيئن نه مضبوط رهي! اهڙي مضبوط جبل کي ته طوفان به نٿا لوڏي سگهن.“ ميٽرينا چيو.
سائمن مائيڪل کي چيو:
”پاڻ بوٽ ٺاهڻ جي ذميواري ته کڻي ورتي آهي. هاڻ پاڻ کي خيال رکڻ کپي. تمام گهڻو قيمتي چمڙو آهي ۽ مالڪ بيحد گرم طبيعت جو. ڪٿي مصيبت ۾ نه پئجي وڃون. منهنجي خيال ۾ تنهنجي نظر به تيز آهي ۽ هٿ به. تون ئي هي ماپ وٺ ۽ ٺاهه، آئون مٿان جي سلائي ۽ شڪل کڻي درست ڪندس…“
مائيڪل چمڙو کنيو ۽ ميز تي وڇايو. پوءِ ان کي ٻيڻو ڪيو ۽ ڪئنچيءَ سان ڪتريو. ميٽرينا ڏسي رهي هئي. هن بوٽ ٺهندي ڏٺا هئا. پر مائيڪل ته چمڙي مان ڪا عجيب شيءِ ڪتري رهيو هو. گول گول. هن ڳالهائڻ چاهيو، پر وري سوچيو:
”شايد مون کي سمجهه ۾ نه پيو اچي. امير ماڻهوءَ خبر ناهي ڪهڙي قسم جي بوٽ جو آرڊر ڏنو آهي. مائيڪل ئي بهتر سمجهي ٿو. مون کي دخل اندازي نه ڪرڻ کپي.“
مائيڪل چمڙو ڪٽي ورتو ته بوٽن وانگر ٻنهي جا اڳ سبڻ بدران هن فقط هڪ هڪ طرف سبيو جيئن نرم سپاٽا سببا آهن. ميٽريناکي وري تعجب لڳو، پر اڃا به هن کيس نه ٽوڪيو. مائيڪل ٻن پهرن تائين سبندو رهيو. سائمن ماني کائڻ لاءِ اٿيو، هن جي نظر پيئي ۽ هن ڏٺو ته مائيڪل بوٽ نه پر سپاٽو ٺاهي ڇڏيو آهي.
”ابوه! هي ڇا ڪري ڇڏيئي؟“ سائمن کان رڙ نڪري وئي. پر پوءِ هن دل ئي دل ۾ چيو؛ ”مائيڪل مون وٽ هڪ سال کان ڪم ڪري رهيو آهي. هن اڄ ڏينهن تائين ڪاغلطي نه ڪئي آهي. پوءِ ههڙي خطرناڪ غلطي هو ڪيئن ڪري ويٺو آهي…. معزز ماڻهوءَ اڀي کڙيءَ وارو بوٽ ٺاهڻ لاءِ چيو هو ۽ هن لسي تري وارو نرم سپاٽو ويهي ٺاهيو آهي. قيمتي چمڙي جي ويهي ستياناس.“ ڪئي اٿس ۽ پوءِ وڏي آواز ۾ چيائين: ”دوست! هي تو ڇا ڪري وڌو؟ مون کي ته تو تباهه ڪري رکيو. هن ماڻهو ته اُڀي کڙي وارو بوٽ ٺاهڻ لاءِ چيو هو.“
اتي اوچتو ڪنهن دروازو کڙڪايو. هنن دريءَ مان ليئو پائي ٻاهر نهاريو. هڪ ماڻهو پنهنجو گهوڙو ڪلي سان ٻڌي رهيو هو. سائمن دروازو کوليو. اهوئي نوڪر جيڪو معزز ماڻهوءَ سان گڏ آيو هو. اندر داخل ٿيو.
”صبح بخير!“ هن چيو.
”صبح بخير!“ سائمن جواب ڏنس.“ سائين حڪم ڪريو؟“
”منهنجي مالڪڻ مون کي توهان ڏي موڪليو آهي، بوٽن جي سلسلي ۾.“ نوڪر چيو.
”ڇا حڪم هن ڪيو آهي؟“ سائمن پڇيس.
”اهوئي ته منهنجي مالڪ کي هاڻ انهن بوٽن جي ضرورت نه آهي. هو مري ويو آهي.“
”واقعي؟“ سائمن حيرت مان پڪ ڪئي.
”ها، صيحيح ٿو چوان. هو گهر به نه پهچي سگهيو هو ته رستي تي گاڏي اندر ئي ساهه نڪري ويو. اسان گهر پهتاسين ۽ نوڪر هن کي گاڏي مان لاهڻ آيو ته هو مٽ وانگر گهرڪي اچي هيٺ ڪريو. وڏي مشڪل سان کيس ڇڪي ڇڪي گهر تائين آندوسينس. هاڻ مالڪڻ جو نياپو آهي ته بوٽ ٺاهڻ لاءِ جيڪو چمڙو ڏنو اٿئون ان مان هن جي پيرن جي ماپ جو نرم سپاٽو ٺاهجو، جيئن سندس دفن جي رسم ۾ ميت کي پارايو وڃي. مهرباني ڪري اسان کي هينئر جو هينئر ٺاهي ڏيو، جيئن آئون پاڻ سان کڻي وڃان.
مائيڪل تختي تان چمڙي جا سليپر کنيا ۽ هڪ ٻئي تي هڻي، ڪپڙي سان صاف ڪري، باقي بچيل چمڙي جي ٽڪرن سان گڏ نوڪر حوالي ڪيا.
”خدا حافظ ڪاريگرو!“ نوڪر چيو ۽ گهوڙي تي سوار ٿي هليو ويو.
سال مٿان سال گذرندو ويو. مائيڪل کي هاڻ سائمن سان گڏ رهندي ڇهه سال پورا اچي ٿيا هئا. هو تمام گهٽ ٻاهر نڪتو ٿي ۽ بس ضرورت جي ئي ڳالهه ڪئي ٿي. ايتري عرصي ۾ هو فقط ٻه دفعا مرڪيو هو. هڪ ڀيرو تڏهن جڏهن ميٽرينا هن کي ماني ڏني هئي ۽ ٻيو دفعو تڏهن جڏهن معزز ماڻهو بوٽ ٺهرائڻ آيو هو. سائمن پنهنجي ڪاريگر مان بيحد خوش هو. هن کي فقط هڪ خوف هو. ڪٿي مائيڪل هن وٽان هليو نه وڃي!
ھڪ ڏينھن سڀ گھر ۾ ھئا، ميٽرينا چلهه تي چانهه جي ڪٽلي چاڙھي رکي ھئي. ٻارن ھيڏانھن ھوڏانھن ٽپ پئي ڏنا. سائمن ھڪ دريءَ وٽ ويٺي بوٽ سبيا ۽ مائيڪل بوٽ ۾ کڙي لڳائي رھيو ھو. ھڪ ٻار بينچ وٽان ڊوڙندي پنھنجو ڪنڌ جھڪايو ۽ دريءَ مان ليئو پاتو.
”چاچا مائيڪل! ھڪ مائي پنھنجي گھر ڏي پئي اچي. ھن سان گڏ ٻه ڇوڪريون به آھن. ھڪ منڊي ٿي لڳي“
ٻارن جي ڳالهه ٻڌي مائيڪل کڻي بوٽ رکيو ۽ مڙي دريءَ مان ڏسڻ لڳو. سائمن کي به حيرت لڳي. مائيڪل ڪڏھن به ائين گھٽيءَ ڏي گھوري ڏٺو ھو ۽ ھاڻ ھو دريءَ سان لڳاتار ھنن کي ڏسندو رھيو.
سائمن به ٻاھر نظر ڊوڙائي، واقعي ھڪ سٺي لباس ۾ عورت ٻن ننڍين ڇوڪرين کي پاڻ سان وٺي پئي آئي . ڇوڪرين کي اوچا ڪوٽ پھريل ھئا ۽ مٿي تي شالون اوڍيل ھيون. ھڪ ڇوڪريءَ جي کاٻي ٽنگ ۾ ڪو عيب ھو، جنھن ڪري ھوءَ منڊڪائي رھي ھئي. ميٽرينا دروازو کوليو. پھرين ڇوڪريون داخل ٿيون ۽ پوءِ عورت پاڻ.
”صبح بخير، نيڪ انسانو…..! “
”ڀلي ڪري آيائو! “ سائمن کين کيڪاريو.
عورت ميز وٽ ويھي رھي. ٻئي ڇوڪريون ھن جي گوڏن سان لڳي ويٺيون. ڄڻ جھوپڙيءَ وارن کان ڊڄي رھيون ھجن.
”مونکي ھنن ڇوڪرين لاءِ بھار جي موسم جا جوتا کپن. “ عورت چيو.
”جيتوڻيڪ اسان ڪڏھن ننڍي ماپ جا بوٽ نه ٺاھيان آھن، پر منھنجو ڪاريگر مائيڪل ان ڪم جو ماھر آھي. توھان جنھن قسم جا بوٽ چوندائو، اسين اھڙا ٺاھي ڏينداسين. “ سائمن چيو ۽ ھن مائيڪل ڏي ڏٺو. ھو پنھنجو ڪم ڇڏي ننڍڙين ڇوڪرين کي چتائي ڏسي رھيو ھو. سائمن کي ڏاڍو عجب لڳو. بيشڪ ڇوڪريون بيحد پياريون ھيون. ھنن جون اکيون ڀونئر جھڙيون ڪاريون ۽ ڳٽا گلابي ھئا. ھو نفيس رومال ۽ اوني شالن ۾ ويڙھيل ھيون، پوءِ به سائمن حيران ھو. مائيڪل ھنن کي ائين ڏسي رھيو هو ڄڻ ھو پھرين کان ھنن جو وقف ھجي. آخر ھن قيمت ادا ڪئي ۽ پيرن جي ماپ وٺڻ لاءِ چيو. عورت منڊي ڇوڪريءَ کي پنھنجي جھول ۾ ويھاريو ۽ چيو:
”ھن ڇوڪريءَ جون ٻه ماپون وٺ. ھڪ بوٽ ھن جي منڊي پير لاءِ ٺاھجان ۽ ٽي بوٽ ٻئي پير لاءِ. ٻنھي ڇوڪرين جي پيرن جي ماپ ساڳي آھي. ٻئي جاڙيون آھن. “
سا.من ماپ ورتي ۽ چيو: ”ڀيڻ!ڏاڍيون پياريون آھن. ھي، ڇا پير جو ھي عيب کيس ڄائي ڄم کان آھي؟“
”نه ھن جي ماءُ ھن جي اھا ٽنگ چيڀاٽي وڌي ھئي. “
ايتري ۾ ميٽرينا اچي ويجھو ويٺي. ھن وڏي غور سان ڏٺو ۽ عورت ۽ ڇوڪرين کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پوءِ پڇيو: ”ھي تنھنجا ٻار آھن؟ “
”نه ڀيڻ، آئون نه نه ھنن جي ماءُ آھيان، نه ڪا ويجھي مائٽياڻي. مون ھنن کي فقط پاليو آھي. “
”پوءِ به تون ھنن سان ھيڏو پيار ڪرين ٿي؟ “
”ڇو نھ ڪريان؟ مون ھنن کي پنھنجي ٿڃ پياري آھي. منھنجو ھڪ ئي ٻار ھو جيڪو رب پاڪ واپس گھرائي ورتو. مون کي پنھنجي ان ٻار سان ايترو پيار نه ھو، جيترو ھنن ڇوڪرين سان آھي. “
”ڪنھن جون نينگريون آھن، ھي؟ “ ميٽرينا ھن ڏي ڏسي سوال ڪيو.
عورت سڄي ماجرا ٻڌائي:
”اٽڪل ڇھه سال کن اڳ جي ڳالھه آھي. ھنن ڇوڪرين جا ماءُ پيءُ ھڪ ئي ھفتي ۾ ھڪ ٻئي پويان گذاري ويا. پيءُ ڪاٺير ھو، وڻ وڍي رھيو ھو ته وڻ جو ھڪ ڏار ھن مٿان اچي ڪريو، سندس آنڊا ٻاھر نڪري آيا ۽ ھو اڦٽ مري ويو. اھو اڱاري جو ڏينھن ھو. ٽن ڏينھن بعد ھي ڪڪيون پيدا ٿيون. سندن ڪو سار سنڀال لھڻ وارو نه ھو. بس اسان ئي اڪيلا پاڙيسري ھئاسين. ماءُ اڪيلي سر ٻار ڄڻي مري وئي. ٻئي ڏينھن صبح جو آئون ھن جي خبر لھڻ ويس ته خبر پئي ته ھو ڪا دير کان ٿڌي ٿي چڪي ھئي. مرندي وقت ھوءَ پنھنجي ھڪڙي ٻار مٿان اچي وئي ھئي ۽ ان جي ٽنگ چپجي وئي. ڳوٺ جي ماڻھن ھن جي ڪفن دفن جو بندوبست ڪيو. ٻارڙيون بي يار مددگار رھجي ويون ھيون. ڳوٺ جي ماڻھن جي چوڻ تي مون ھنن کي سنڀالڻ جو ذمو کنيو. ان وقت منھنجو ٻار ٻن مھينن جو ھو. آئون پھرين پھرين فقط تندرست نينگريءَ کي کير پيارڻ لڳس ۽ منڊيءَ کي ڇڏي ڏيندي ھيس. منھنجي وھم گمان ۾ به نه ھو ته ڪا ھيءَ بچي ويندي. پوءِ مون کي خيال آيو ته ھن غريب معصوم جو ڪھڙو ڏوھه؟ مون ترس کائي ھن کي به کير پيارڻ شروع ڪيو. اھڙي طرح منھنجي ڇاتين تي ٻار پلجڻ لڳا. ھڪ منھنجو پٽ ۽ ٻه ھي ڇوڪريون. آئون جوان ۽ سگھاري ھيس، اللھ جو ڏنو سڀ ڪجھه ھو. خدا منھنجي ڇاتين ۾ ايڏو ته کير ڀري ڇڏيو جو ڪڏھن ڪڏھن ته اھو ائين ئي وھڻ لڳندو ھو- خدا جي ڪرڻي ائين ٿي جو ھي ڇوڪريون ته پلجي ويون، پر منھنجو پٽ ٻه سال به نه جي سگھيو ۽ اللھ کي پيارو ٿي ويو ۽ پوءِ وري مون کي ڪو ٻار نه ٿيو. منھنجو مڙس اڄڪلھه ان جي واپاريءَ جي چڪيءَ تي ڪم ڪري ٿو. چڱو پگھار اٿس ۽ اسان جو سٺو گذر ٿي رھيو آھي. منھنجو پنھنجو ڪو ٻار ناھي، جيڪڏھن ھي نينگريون نه ھجن ھا ته آئون ڪيڏو اداس رھان ھا. ڪيڏي اڪيلائي محسوس ڪريان ھا. آئون ڇو نه ھنن کي دل جان سان چاھينديس. ھي منھنجي لاءِ سڀ ڪجھه آھن. “
ھن ھڪ ٻانھن جي وڪڙ سان منڊي ڇوڪريءَ کي پنھنجي سيني سان لڳايو ۽ ٻئي ھٿ سان پنھنجي ڳلن تي ڪرندڙ ڳوڙھن کي اگھيو. ميٽرينا ٿڌي آھ ڀري چيو:
”اھو چوڻ بلڪل سچ آھي ته انسان ماءُ پيءُ بنا رھي سگھي ٿو، پر خدا بنا ھرگز نٿو رھي سگھي. “
ھو پاڻ ۾ ڳالھيون ڪري رھيا ھئا ته اوچتو جنھن ڪنڊ ۾ مائيڪل ويٺو هو اھو روشن ٿي ويو ۽ پوءِ اھا روشني سڄي جھوپڙيءَ ۾ پکڙجي ويئي. سڀ ھن طرف ڏسڻ لڳا. مائيڪل چپ چاپ ويٺو ھو. ھن جا ھٿ گوڏن تي رکيل ھئا ۽ ھو پاڻ نظرون کڻي ڪري مرڪي رھيو ھو.
عورت ڇوڪرين کي وٺي رواني ٿئي. مائيڪل پنھنجو ڪم ڪار ڇڏي اٿي کڙو ٿيو. ھن پنھنجو پيشبند (اڳيان ٻڌل ڪپڙو) لاٿو. پوءِ سائمن ۽ سندس زال اڳيان ڪنڌ جھڪائي چيو:
”منھنجا مالڪ، الوداع! خدا مون کي معاف ڪري ڇڏيو آھي. آئون توھان کان معافي ٿو گھران، مون کان ڪا خطا ٿي ھجي ته مھرباني ڪري مون کي معاف ڪري ڇڏجو! “
ھنن ڏٺو ته مائيڪل جي وجود مان روشني نڪري رھي ھئي. سائمن به اٿي بيٺو. ھن ڪنڌ جھڪايو ۽ چيو:
”مائيڪل آئون ڏسي رھيو آھيان ته تون ڪو عام ماڻھو نه آھين.آئون نه ته توکي ترسائي سگھان ٿو ۽ نه ڪو سوال پڇي سگھان ٿو. بس ايترو ٻڌاءِ ته جڏھن تون مون کي خانقاھه وٽ ملئين ۽ مون توکي گھر آندو ان وقت تون ڏکيول ھئين، پر پوءِ جڏھن منھنجي زال توکي ماني کارائي ته تو ڇو مرڪيو ھئو ۽ تنھنجو چھرو ڇو روشن ٿي ويو ھو؟ پوءِ جڏھن ھو امير ماڻھو بوٺ ٺھرائڻ آيو، ته تنھنجي چپن وري مرچ اچي وئي ھئي ۽ تنھنجو چھرو چلڪڻ لڳو ھو ۽ ھاڻ ھيءَ عورت جڏھن ٻه ڇوڪريون وٺي آئي ته تنھنجي چپن تي ٽيون دفعو مرڪ تري آئي ۽ تنھنجو چھرو جرڪڻ لڳو. مائيڪل مون کي بس ايترو ٻڌاءِ، ته تنھنجو چھرو ڇو ايڏو منور آھي ۽ تون ٽي دفعا ڇو مرڪئين؟ “
”ھيءَ روشني منھنجي جسم مان ان ڪري نڪري رھي آھي جو خدا منھنجو ڏوھه معاف ڪري ڇڏيو آھي ۽ آئون ٽي دفعا ان ڪري مرڪيس جو خدا مون کي ٽي سچايون معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو ھو. اھي مون معلوم ڪري ورتيون آهن. ھڪڙي سچائي ته ان وقت معلوم ٿي جڏھن تنھنجي زال مون تي ترس کاڌو، ان ڪري منھنجي چپن تي خوشيءَ کان مرڪ اچي وئي. ٻي سچائيءَ جو مون کي ان وقت علم ٿيو، جڏھن امير ماڻھو بوٽ ٺھرائڻ آيو. ان تي مون وري مرڪي ڏنو ۽ ھاڻ جڏھن انھن معصوم ٻارڙين کي ڏٺم ته مون کي ٽين ۽ آخري سچائيءَ جي ڄاڻ ٿي وئي ۽ مون ٽيون دفعو مرڪيو. “ مائيڪل جواب ڏنو.
”مائيڪل خدا توکي ڪھڙي ڪارڻ سزا ڏني؟ ۽ اھي ٽي سچايون ڪھڙيون آھن، آئون به ڄاڻڻ چاھيان ٿو؟ “ سائمن چيو.
”خدا مون کي پنھنجي حڪم عدوليءَ تي سزا ڏني. آئون ملائڪ ھوس ۽ آسمانن تي رھندو ھوس. مون خدا جي نافرماني ڪئي. ھڪ دفعو خدا مون کي ھڪ عورت جو ساھه ڪڍڻ لاءِ موڪليو. آئون اڏامي زمين تي پھتس ته ڏٺم ته ھڪ بيمار عورت اڪيلي ستي پئي آھي. ھن جي پاسي کان ٻه جاڙيون ٻارڙيون آھن، جن کي ھن ان وقت ڄڻيو ھو. مون کي ڏسڻ سان سمجھي وئي ته آئون ھن جي جان ڪڍڻ آيو آھيان. ھن ٻاڏائيندي چيو: ”اي ملائڪ! منھنجي مڙس کي اڃا ھاڻ دفنايو ويو آھي. ھو ھڪ وڻ ھيٺان اچي مري ويو ھو. منھنجي نه ته ڪا ڀيڻ آھي نه ماءُ، ھنن يتيم ٻارڙين کي ڪير نپائيندو؟ خدا جي واسطي منھنجو ساھه نه ڪڍ. ڀلا ٿورو ترسي پئھ. مونکي ھنن معصوم ٻارڙين کي گھٽ ۾ گھٽ کير پيارڻ جيتري مھلت ڏي، پوءِ آئون انھن کي تنھنجي قدمن ۾ رکي مري وينديس. ٻار ڀلا ماءُ پيءَ بغير به پلجي سگھن ٿا؟ “
”مون اڳيان وڌي ھڪ نينگري کي ھن جي ڇاتيءَ سان لڳايو ۽ ٻيءَ کي ھن جي ٻانھن ۾ ڏنو ۽ خدا وٽ آسمان ڏي موٽي ويس. مون خدا تعاليٰ جي خدمت ۾ عرض ڪيو: ”آئون ھن عورت جو ساھه ڪڍي نه سگھيو آھيان. ھن جو مڙس ھڪ وڻ جي ھيٺان اچي مري ويو آھي. ھاڻ ھن کي ٻه جاڙيون ڌيئون ڄايون آھن. ھوءَ التجا ٿي ڪري ته ھن جو ساھه نه ڪڍيو وڃي. ھوءَ چوي ٿي ته ھن کي پنھنجين ٻارڙين کي نپائڻ لاءِ ايتري مھلت ڏني وڃي جيسين ھلڻ چلڻ جي لائق ٿي سگھن. ٻار ماءُ بنا نٿا پلجيو سگھن. مون ھن جو ساھه قبض نه ڪيو. “
ان تي خدا تعاليٰ فرمايو: ”وڃ، وڃي ان عورت جو ساھه ڪڍ ۽ ٽي سچايون معلوم ڪر. ھڪ اھا ته ماڻھوءَ جي اندر ۾ ڪھڙي شيءِ رھي ٿي، ٻي اھا ته ماڻھوءَ کي ڇا نه ڏنو ويو ۽ ٽي اھا ته ماڻھو ڪنھن سان جيئي ٿو؟ تون آسمانن ڏي تيسين نه اچي سگھندين، جيسين انھن ٽين سچائين جي ڄاڻ نه حاصل ڪندين. “
آئون وري زمين تي آيس ۽ ان عورت جو روح قبض ڪري ورتم. ٻارڙيون ھن جي ڇاتيءَ تان ڪري پيون. ھن جو جسم به کٽ تي ڍرڪي پيو ۽ ھڪ نينگريءَ جي ٽنگ ٻيڻي ٿي ھن جي جسم ھيٺان دٻجي وئي. مون ان ڳوٺ مان اڏامي خدا جي حضور ۾ ھن جي جان پيش ڪرڻ چاھي. پر تيز ھوا ۽ طوفان منھنجا پَر روڙي ڇڏيا. عورت جو روح اڪيلو ئي آسمان ڏي اڏامي ويو ۽ آئون ڌرتيءَ تي ان ھنڌ اچي ڪريس.
سائمن ۽ ميٽرينا ھاڻ سمجھيو ته ھنن وٽ ڪير رھيل آھي ۽ ھو ڪنھن کي ماني ڪپڙا ڏيندا رھيا. ھو ھيبت ۽ خوشيءَ وچان روئڻ لڳا.
ملائڪ چيو:
”آئون رستي جي ڪناري اڪيلو ۽ اگھاڙوپيو ھوس. مون کي ڪجھه خبر نه ھئي ته انسان جون ڇا ضرورتون آھن. بک ۽ سيءَ ڇا ٿو ٿئي؟ ان جي خبر ان وقت پيم. جڏھن انسانن جو روپ ڌاريم. مون کي سمجھه ۾ نٿي آيو ته ڇا ڪرڻ کپي. پوءِ جتي آئون اچي ڪريو ھوس ان جي ويجھو ھڪ خانقاھه نظر آيم. اتي پھتس ته من سردي کان بچڻ لاءِ ڪا ڍڪيل جاءِ ملي وڃي. پر خانقاھه تي تالو لڳل ھو. ھوا کان بچڻ لاءِ آئون ان جي اوٽ ۾ ٿي ويٺس. شام ٿي رھي ھئي ۽ مون کي سخت بک ۽ سيءَ لڳي رھيو ھو. ايتريقدر جو منھنجي جسم ۾ سور ٿيڻ لڳو. اوچتو مون ھڪ ماڻھوءَ کي رستوپار ڪري پاڻ ڏي ايندي ڏٺو. ھن جي ھٿن ۾ بوٽن جو جوڙو ھو ۽ ھو پنھنجو پاڻ سان ڳالھيون ڪري رھيو ھو. انسان بنجڻ کانپوءِ مون پھريون دفعو جڏھن ھڪ فاني انسان جي صورت ڏٺي ته مون تي وحشت طاري ٿي وئي. مون ھڪ طرف پري ٿي وڃڻ چاھيو ٿي. مون ٻڌو ته ماڻھو پنھنجو پاڻ کي چئي رھيو ھو. ”سيءَ کان بچڻ لاءِ پنھنجي جسم کي ڪنھن سان ڍڪيان ۽ ٻارن جو پيٽ ڪيئن ڀريان. “ ان تي مون سوچيو، آئون ھتي سردي ۽ بک وگھي مري رھيو آھيان ۽ ھي ماڻھو پاڻ به ان مصيبت ۾ مبتلا آھي. ڀلا ھي منھنجي مدد ڪيئن ڪري سگھي ٿو! ھن ماڻھوءَ مون ڏي ڏٺو ۽ مون ھن ڏي گھوريو ته ھن جي صورت وڌيڪ وحشتناڪ ٿي وئي. ھو منھنجي ڀرسان گذري ويو ۽ آئون مايوس ٿي ويس.
”اوچتو مون ھن جي پيرن جو آواز ٻڌو. ڪنڌ مٿي کڻي ڏٺم پر سڃاڻي نه سگھيس. پھرين ھن جي چھري تي موت کي نچندو ڏٺو ھوم، پر ھاڻ ان ئي چھري تي زندگي ۽ خدا جي وجود جا آثار ڏيکائي ڏئي رھيا ھئا. ھو مون وٽ آيو، پنھنجا ڪپڙا مون کي پارايائين ۽ پنھنجي گھر وٺي آيو.
گھر ۾ ھڪ عورت اسان جو استقبال ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي…. ۽ پوءِ ھن جي زبان ڪئنچي وانگر ھلڻ لڳي. ھوءَ عورت مرد کان به وڌيڪ وحشتناڪ ڏسڻ ۾ آئي ٿي. ھن جي زبان مان موت ظاھر ٿيو ٿي. ھن جي چوڌاري موت جي سڙيل ڌپ ائين پکڙيل ھئي جو مون کي ساھه کڻڻ ۾ دشواري ٿي رھي ھئي. ھن مون کي وري سرديءَ ۾ ڌڪڻ چاھيو ٿي ۽ مون ڄاتو ٿي ته جيڪڏھن ھن ائين ڪيو ته ضرور مري ويندس ۽ اتي ھن جي مڙس ھن کي خدا ياد ڏياريو ۽ ھوءَ بلڪل بدلجي وئي. ھوءَ مانيءَ کڻي آئي ته مون ڏٺو ته ھن جي چھري تان موت جا آثار رخصت ٿي چڪا ھئا. ھوءَ زندھه ٿي چڪي ھئي ۽ ھن جي چھري تي خدا جي قدرت چمڪي رھي ھئي. تڏھن مون کي پھريون سبق ياد اچي ويو. جنھن کي سکڻ لاءِ خدا مون کي موڪليو (معلوم ڪر ته ماڻھو جي اندر ڪھڙي شيءِ رھي ٿي) ۽ آئون سمجھي ويس ته ماڻھوءَ جي اندر محبت رھي ٿي. ان سچائيءَ جي ظاھر ٿيڻ تي آئون پھريون دفعو مرڪيس.
مون اڃا سڄو سبق نه سکيو ھو. اڃا مون کي اھو معلوم نه ٿيو ته ماڻھوءَ کي ڇا نه ڏنو ويو. تو وٽ رھندي مون کي ھڪ سال گذري ويو ته ھڪ ماڻھو بوٽ ٺھرائڻ آيو جيڪي گھٽ ۾ گھٽ ھڪ سال ھلن- خراب ٿيڻ يا ڦاٽڻ بغير…. مون ھن ڏي ڏٺو ته اچانڪ ھن جي ڪنھن پٺيان پنھنجي رفيق اجل جي ملائڪ ڏيکائي ڏني. اھو ملائڪ فقط مون کي ئي نظر آيو ٿي. مون ھن کي سڃاتو ٿي ۽ مون کي اھا به ڄاڻ ھئي ته سج لٿي کان اڳ، ھيءَ امير ماڻھوءَ جو ساھه قبض ڪري وٺندو. مون سوچيو؛ ”ھڪ ماڻھو ھڪ سال جي تياري ڪري رھيو آھي ۽ ڄاڻ اھا به نه اٿس ته ھو شام ٿيڻ کان اڳ مري ويندو. “ تڏھن مون کي خدا جو ٻيو فرمان ياد اچي ويو ۽ مون کي ڄاڻ ٿي ته انسان کي ھن جي پنھنجين ضرورتن جو علم نه ڏنو ويو آھي ۽ آئون ٻيو دفعو مرڪيس. آئون پنھنجي ساٿي ملائڪ کي ڏسي خوش ٿيو ھوس ۽ ان لاءِ به خوش ٿيو ھوس ته خدا مون تي ٻي حقيقت ظاھر ڪري ڇڏي آھي.
اڃا ٽينءَ سچائيءَ جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ باقي ھو ته ماڻھو ڪھڙي شيءَ سان جيئي ٿو. آئون ان انتظار ۾ وقت گذاريندو رھيس ته خدا مون کي آخري سچائي کان آگاھه ڪري. ڇھين سال ٻه جاڙيون نينگريون ان عورت سان گڏ آيو. مون انھن ڇوڪرين کي ھڪدم سڃاڻي ورتو. ھي ڪيئن بچي ويون ۽ اڄ جيئريون جاڳنديون آھن! ان جو احوال ھوءَ عورت ٻڌائي چڪي. مون سوچيو ته انھن ڇوڪرين جي ماءُ مون کي آزيون نيزاريون ھنن جي لاءِ ڪيون ٿي. مون ھن جي ڳالھه درست سمجھي ورتي ته ٻار ماءُ پيءُ بنا نٿا پلجيو سگھن. پر ھاڻ اھا حقيقت آشڪار ٿي. ھڪ ڌارئين عورت- جنھنجي ساڻن نه ڪا مٽي مائٽي ھئي ۽ نه دوستي ياري، تنھن ھنن کي نپائي وڏو ڪيو ۽ جڏھن ان عورت ھنن ٻارڙين لاءِ محبت جو اظھار ڪيو- جيڪي سندن پيٽ ڄايون نه ھيون، ته مون ھن جي اندر خدا جو جلوو ڏٺو. آئون سمجھي ويس ته انسان ڪھڙي شيءِ سان جيئي ٿو. آئون سمجھي ويس ته خدا مون کي آخري سبق به سمجھائي ڇڏيو آھي ۽ منھنجو قصور پڻ معاف ڪري ڇڏيو آھي. تڏھن منھنجي چپن تي ٽيون دفعو مرڪ اچي وئي.“
ملائڪ جي جسم تان زمين جو لباس لھي ويو ۽ ھو نوري لباس ۾ ملبوس ٿي ويو. ھن جو جسم ايترو منور ٿي ويو جو ان تي اک نٿي کڄي سگھي. ھن جو آواز بلند ٿي ويو، ڄڻ آسمان تان ڳالھائي رھيو ھجي. ھو چئي رھيو ھو: ”مون کي ھاڻ ڄاڻ ٿي وئي آھي ته انسان نفس پرستيءَ سان نه، پر محبت سان جيئن ٿا. ماءُ بلڪل بي خبر ھئي ته ھن جي ٻارن کي پنھنجي زندگيءَ جي لاءِ ڪھڙي شيءِ جي ضرورت آھي. نه ھن امير ماڻھوءَ کي علم ھو ته ھن کي پنھنجي لاءِ ڪھڙي شيءِ جو کپ آھي. اھڙي طرح ڪنھن به ماڻھو کي اھو علم نه ڏنو ويو ته جڏھن شام ايندي ته ھن کي پنھنجي لاءِ بوٽ کپندا يا سليپر….!
”آئون انسان جي حيثيت ۾ جيئرو رھيس. پنھنجي حفاظت پاڻ ڪرڻ سان نه، پر ان ڪري جيئرو رھيس ته ھڪ راھگير جي دل ۾ محبت موجود ھئي ۽ ھن جي زال مون تي ترس کاڌو ۽ مون سان سٺو سلوڪ ڪيو. ھو يتيم ٻارڙيون ان ڪري حيات نه رھيون ته ڪو ھنن جي ماءُ ھنن جي حفاظت ۽ نگھداشت ڪئي ٿي، پر اھي ان ڪري زندھ آھن جو ھڪ بلڪل غير عورت جي دل ۾ محبت موجزن ھئي. ھن ھنن ٻارين تي ترس کاڌو ۽ ھنن تي شفقت جو ھٿ رکيو. اھڙيءَ طرح سڀ ماڻھو پنھنجي بھبود جي فڪر سان نٿا جيئن. پر ان لاءِ جيئن ٿا جو ھنن جي دلين ۾ محبت موجود آھي. “
”پھرين مون فقط ايتري ڳالھه سمجھي ٿي ته خدا پنھنجي ٻانھن کي زندگي بخشي ۽ چاھيائين ته ھو بس زندھه رھن. پر ھاڻ آئون ان کان وڌيڪ سمجھڻ لڳو آھيان. آئون سمجھي ويو آھيان ته خدا نٿو چاھي ته ماڻھو فقط پنھنجي زندگي گذارين. ان ڪري ھن اھا ڳالھه ڳجھي رکي آھي ته ھر فرد کي پنھنجي لاءِ ڪھڙي ڪھڙي گھرج آھي. البت ھن ھرھڪ کي اھوضرور ٻڌائي ڇڏيو آھي ته سڀني ماڻھن کي ڪھڙي شيءِ جي ضرورت آھي. آئون اھو به سمجھي ويو آھيان ته حقيقت ۾ اها محبت آھي جنھن جي زور تي ماڻھو زندھه آھن. “
پوءِ ملائڪ خدا جي وڏائيءَ جي واکاڻ ڪئي ۽ سڄي جھوپڙي ان جي آواز سان ڌڏندي رھي. پوءِ ڇت ڦاٽي ۽ نور جي ھڪ لاٽ زمين کان آسمان تائين بلند ٿي ويئي. سائمن ۽ ھن جي زال ۽ ٻار زمين تي سجدي ۾ ڪري پيا. ملائڪ جي ڪلھن وڏا وڏا پَرَ نمودار ٿي ويا ۽ ھو آسمان ڏي اڏامي ويو.
سائمن کي جڏھن ھوش آيو ته ھن ڏٺو ته جھوپڙي جهڙي ھئي اھڙي ئي بيٺي ھئي ان ۾ سواءِ ھن جي زال ۽ ٻارن جي ٻيو ڪوبه نه ھو. “

[روس جو جڳ مشھور ليکڪ ۽ اخلاقي ڏاھو ڪائونٽ ليونڪولائيوچ ٽالسٽاءِ، وورگانديءَ جي ڪناري ڀرسان ھڪڙي ڳوٺ ”بينايا پوليانا“ ۾ ڄائو. ٽالسٽاءِ ڪازان يونيورسٽيءَ ۾ قانون ۽ مشرقي ٻولين جو علم پڙھيو ۽ ڊگري وٺي نه سگھيو. مسلسل ناڪامين بعد فوج ۾ وڃي ڀرتي ٿيو. اتي ئي سندس لکڻ پڙھڻ سان چاھه وڌيو ۽ فوج واري نوڪري دوران ئي ٽن جلدن ۾ پنھنجي جيون ڪٿا لکيائين ۽ ڪجھه عرصي بعد فوجي نوڪري ڇڏي مستقل طور اچي اباڻي ڳوٺ ۾ رھڻ لڳو. سندس ٻه ناول ”وار اينڊ پيس“ ۽ ”اينا ڪرنينا“ سڀ کان وڌيڪ مشھور آھن ۽ دنيا جي شاھڪار ناولن ۾ شمار ٿين ٿا. ھن کانسواءِ به ھن ڪيتريون ئي لکڻيون لکيون.
عمر جي آخري حصي ۾ ھن سڀ ڪجھه تياڳي فقيري پاتي. ]

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*