مکيه صفحو / مضمون / تون ڪٿي آهين منهنجي…..

تون ڪٿي آهين منهنجي…..

خيرپور جو ظفر شيخ جيڪو شروع کان فارين سروس ۾ رهيو ۽ گذريل سال رٽائرمينٽ وٺڻ کان اڳ هو ڪيترن ئي ملڪن جرمني، بنگلاديش، چاد، آلجيريا، ٽيونيشيا، زائر وغيره ۾ سفير ٿي رهيو. هن جو گهڻو عرصو جپان ۾ گذريو. اتفاق سان هي اهو وقت هو جڏهن منهنجي به جپان ۾ موجودگي هوندي هئي. جنهن جهاز تي هوندو هوس ان کي جپان جي ئي بندرگاهن ۾ وٺي وڃڻو پوندو هو يا ڪنهن جهاز جي ڊگهي مرمت لاءِ جپان جي ئي ڪنهن بندرگاهه ۾ رهڻو پوندو هو. هڪ دفعي ته ٽوڪيو جي شپ يارڊ ۾ نئون جهاز ٺهرائڻو پيو ۽ ڇهه مهينا کن گنزا ۾ رهڻو پيو، جتان چار پنج لوڪل اسٽيشنن بعد ظفر جو روپنگي ۾ گهر ۽ ٿورو اڳيان اسان جي ملڪ جو سفارتخانو هو. CSS جو امتحان پاس ڪرڻ وارا تعليم ۾ سٺا ۽ ذهين ته ٿين ٿا پر ظفر ۾ اها به خوبي آهي ته هو سخت محنتي به آهي. جپان ۾ نوڪريءَ خاطر هن مڪاني زبان جپاني ”ڪم هلائڻ“ لاءِ نه سکي پر هن وڏي محنت ۽ دل سان ائين سکي ۽ ان تي عبور حاصل ڪيو ڄڻ هن کي سڄي عمر جپان ۾ رهڻو هجي. اهو ئي سبب آهي جو مڪاني ماڻهن هن کي بيحد پسند ڪيو ٿي. جپاني طبيعت ۾ شرميلا ۽ پنهنجو پاڻ ۾ رهڻ وارا هجڻ جي باوجود هُنن ظفر کي پنهنجين غمين ۽ خوشين ۾ شامل ڪيو ٿي. هو چوندا هئا ته ظفر ڪيترن پڙهيل ڳڙهيل جپانين کان به سٺي جپاني ڳالهائي ٿو. تن ڏينهن ۾ صدر ضياءُ الحق جپان ايندو هو ته هو به ترجمي لاءِ ظفر کي پاڻسان کڻندو هو. ظفر کي جپاني ٻوليءَ سان گڏ جپانين جي ڪلچر، ثقافت، رسم رواج، وهمن وسوسن ۽ خوفن خوشين جي به وڏي ڄاڻ رهي ٿي. اڄ به ظفر سان جپان ۽ جپانين بابت ڳالهيون ڪندي مزو اچي ٿو ۽ معلومات ملي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪن ڳالهين ۾ آئون سندس راءِ يا سوچ سان سهمت نه ٿيندو آهيان، پوءِ بحث بعد يا هن کي مون کي قائل ڪرڻو پوي ٿو يا مون کي کيس مڃرائڻو پوندو آهي.
هڪ دفعي ٽوڪيو جي اينو چڙيا گهر وٽان لنگهي رهيا هئاسين ته ان جي اوس پاس ۾، يا شايد چڙيا گهر جي اندر، ڪنهن هنڌ اسان جي هڪ دلپسند جپاني شاعر ماتسو باشو جو شعر ڪنهن ڪاٺ جي تختي (يا شايد ڊگهي ٽائيل تي) اڪريل نظر آيو.
ماتسو باشو سترهين صديءَ جو جپاني شاعر آهي جنهن جي شاعريءَ جي تعريف مون پنهنجن ڪيترن سنڌي شاعرن نصير مرزا، انور ابڙو، قمر شهباز، هدايت بلوچ، تاج بلوچ جهڙن کان به ٻڌي آهي. باشو 1644ع ۾ ڄائو ۽ 1694ع ۾ وفات ڪيائين. جپان جو ٽاپ جو مشهور شاعر آهي، جيئن اسان وٽ سمجهو ته اڄ ڪلهه استاد بخاري، تاجل بيوس ۽ عبدالغفار تبسم آهن. سندس ڪيترائي شعر ڳائڻ ۾، مضمونن ۽ ڪالمن ۾ ۽ مختلف عمارتن ۽ رستن تي نظر اچن ٿا. ان ڏينهن ظفر شيخ ماتسو باشو جي لکيل ان شعر ڏي ڌيان ڇڪائيندي چيو:
”هو ڏس! سامهون ڇا لکيو پيو آهي! يوڪو هارويا….“
”تَوري ناڪِي يو نو،
مي وا نامِيدا….“ مون ان هائيڪو جون باقي ٻه سٽون پڙهي شعر پورو ڪيو. پر مون کي ته ان شعر ۾ ڪوبه کڙ تيل نظر نه آيو جو واهه واهه ڪجي. هڪ ڏينهن اڳ ۾ ظفر جي ئي هڪ نوجوان پاڙيسري عورت شنجوڪو اسٽيشن جي سب وي ۾ ٽرين جو انتظار ڪندي هڪ شعر ٻڌايو هو، جيڪو پسند نه اچي ها ته به سندس خماريل اکين ۽ نخريلي ادائن کي ڪَٿي ضرور واهه واهه ڪريون ها. ڇو ته اهي ڏينهن اسان ٻڌڻ وارن جا ڀرپور جوانيءَ جا هئا…. يعني اها ڳالهه اڄ کان 35 سال اڳ جي آهي. جپاني زبان جو هي شعر توهان لاءِ به لکندو هلان:
Hito ni awan
Tsuki no naki ni wa
Omoiokite
Mune hashiribi ni
Kokoro yakeori.
هي شعر جپان جي مشهور وَڪا (Waka) شاعره ”اونو نو ڪوماچي“ جو آهي، جيڪا پيار، محبت ۽ شهوت انگيز (erotic) قسم جي شاعريءَ کان اڄ به مشهور آهي، جيتوڻيڪ کيس وفات ڪئي يارهن سؤ سال گذري چڪا آهن. وَڪا جپاني شعر جو قسم آهي، جنهن ۾ پنج سٽون به ٿين ته ست به، جيئن هائڪو ۾ ٽي ٿين ٿيون. اونو نو ڪوماچي پنهنجي زماني جي بيحد خوبصورت عورت مڃي وڃي ٿي. هن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هوءَ انهن ڏينهن جي شهنشاهه جي هيٺين درجي جي ڪنيز ۽ خدمتگار پڻ رهي هئي. هن شاعره (ڪو ماچيءَ) بابت ڪيترائي سچا ۽ هٿ گهڙيل پيار، محبت ۽ عشق جا داستان آهن. انهن ۾ هڪ قصو ’فوڪا ڪوسا‘ نالي هڪ اعليٰ آفيسر جو تمام مشهور آهي، جنهن سان ڪوماچيءَ وعدو ڪيو ته جيڪڏهن هو هڪ سؤ راتين تائين لڳاتار هن سان همبستري ڪندو ته هوءَ ٻين سڀني عاشقن کي ڇڏي، هميشه لاءِ فقط هن جي محبوبا ٿي رهندي. فوڪا ڪوسا صاحب هر رات ڪوماچي وٽ حاضري ڀريندو رهيو پر اچي اچي آخري راتين ۾ هڪ دفعو هو همٿ ساري نه سگهيو. ان ڏک ۽ صدمي ۾ هو بيمار ٿي پيو ۽ بستر تان وري اٿي نه سگهيو. بيماريءَ هن کي موت تائين پهچائي ڇڏيو. چون ٿا ته ڪوماچيءَ کي پنهنجي ههڙي عاشق جي موت تي ڏاڍو ڏک ٿيو. يعني فقط ڏک ٿيس باقي ٻيو مڙيئي خير. ٻيا ڪم نه ڇڏيائين.
جپان جا ماڻهو ڳالهه ٿا ڪن ته ڪوماچيءَ جي پيريءَ وارا ڏينهن ڏاڍا ڏکيا گذريا، جڏهن هن جي سونهن سوڀيا ختم ٿي وئي ۽ کيس پاڻي ڀري پيارڻ وارو به نه رهيو. هن جي سمورن سابق عاشقن کيس نڌڻڪو ڪري ڇڏيو . پئسو ڏوڪڙ سڀ ختم ٿي ويو هوس ۽ هن پنهنجي ماضي جي زندگيءَ تي سخت احساس جرم ۽ افسوس محسوس ڪيو هو. هوءَ هڪ بي گهر فقيرياڻيءَ وانگر گهٽين ۾ ڀٽڪندي رهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته جوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هن جي شاعريءَ کي بيحد پسند ڪندا رهيا. بهرحال ڪوماچيءَ جي مرڻ بعد هن جي شاعريءَ کي اڄ تائين قومي ليول تان مڃتا ڏني وڃي ٿي. مٿس جپانيءَ ۾ ڪيترائي اسٽيج ڊراما ۽ فلمون ٺهي چڪيون آهن. پاڻ اڪيٽا ضلعي (پريفيڪچر) ۾ ڄائي جنهن جي بليٽ ٽرين ”اڪيٽا شنڪانسين“ کي جپان جا ماڻهو اونو نو ڪوماچيءَ جي ياد ۾ ”ڪوماچي ريل“ به سڏين ٿا. ان کان علاوه جپان جي چانورن جي هڪ جنس ’ڪوماچي‘ جو نالو پڻ هن سان منسوب ڪيو ويو آهي. سندس زندگي تي ويجهڙائيءَ ۾ هڪ انگريزي ٽيلي فلم ”ڪال مي ڪوماچي“ ٺهي آهي، جنهن ۾ ڪوماچيءَ جو پارٽ جپان جي مشهور ائڪٽريس ’ڪائوري هاماموتو‘ ادا ڪيو آهي.
بهرحال پاڻ ڪاموچيءَ جي مٿين شعر جي ڳالهه ڪريون جيڪو اسان جي دوست ظفر شيخ جي پاڙيسري نوجوان عورت (جنهن جا بقول هڪ ٻئي پاڙيسريءَ جي ”حقوق غير محفوظ“ هئا،) اسان کي سب وي ۾ ٻڌايو. ٻڌڻ وقت آئون نه فقط ڪنن سان پر اکين سان به سندس وات مان چيل ڪوماچي شاعره جا ٻول ٻڌي رهيو هوس. منهنجو نڪ سندس جسم ۾ لڳل ڪولون يا پائوڊر جي خوشبوءِ سونگهي رهيو هو. يعني هن شعر تي اسان جا، (گهٽ ۾ گهٽ منهنجا،جو گاڏيءَ جي انتظار ۾ وڌندڙ پيهه پيهان ۾ هن سان بلڪل لڳو لڳ بيٺو هوس)، سڀ حواس مشغول هئا– سواءِ هڪ حواس چکڻ جي.
هِتو ني اوان، (تون اچين نٿو)
تسڪي نو ناڪي ني وا، (ههڙي بنا چنڊ واري رات جو )
اوموئي ڪيٽي، (انتظار پئي ڪريان، تولاءِ)
مُوني ها شِيري بِي نِي، (منهنجيون ڇاتيون اُڌما پيون کائين)
ڪوڪورو ياڪي اوري. (دل منهنجي ٻري پئي).

”واهه واهه! واهه واهه!“ مون سندس شعر جي هڪ هڪ سٽ تي واهه واهه ڪئي. مون تعريف ۾ جپاني زبان جون جيڪي صفتون آيون ٿي نڇاور ڪري ڇڏيون. سامهون بيٺل ظفر کي منهنجو اهو عاشقاڻو مزاج هرگز نه وڻيو. بلاشڪ اونداهي رات ۾ اچڻ لاءِ، اڄ کان يارهن صديون اڳ، شاعره اونو نو ڪوماچيءَ پنهنجي يار کي چيو هو. پر گنزا اسٽيشن تائين، ڪوماچيءَ جو هي شعر ٻڌائڻ واري هن سهڻي جپاني خاتون سان گڏ ٽرين ۾ ته ويهي سگهجي ٿو.
پر ائين ٿي نه سگهيو. ٽرين اچڻ تي پيهه پيهان ۾ جنهن سيٽ تي هوءَ وڃي ويٺي، ان تي منهنجي پهڌڻ کان اڳ ڪو ٻيو هتي جو مڪاني نر ويهي رهيو ۽ مون کي ظفر ڀرسان ئي سِيٽ ملي.
”تو اجائي پئي واهه واهه ڪئي،“ گاڏي هلي ته ظفر مون کي چيو، ”شعر ۾ ته ڪا ٿوم بصر هوئي ڪونه.“
”نه يار ڳالهه ئي نه پڇ. ڊگهي سامونڊي سفر بعد، جوان توڙي پوڙهين ڇوڪرين جي واتان چيل هر شعر مان مون کي اتساهه ملي ٿو.“
”پر تڏهن به شعر ۾ ڪجهه ته هجي،“ ظفر چيو، ”هڪ ته پليٽ فارم تي ماڻهن جي گوڙ ۽ لائوڊ اسپيڪرن تان هلندڙ اعلان ڪري ٻڌڻ ۾ نه پئي آيو….“
”…. ٻيو تون هن سان مون وانگر لڳي نه بيٺو هئين“ مون سندس ڳالهه کي ڪٽيندي چيو، ”مون ته ان وقت اها دعا پئي گهري ته اڄ اها هبايا لائين جي گاڏي ئي نه اچي.“
”شعر ڇا هو؟“ ظفر پڇيو.
”اهو ته هن جي واتان ٻڌين ها ته مزو اچئي ها. چڱو ڀلا انهي جهڙو ۽ انهي مفهوم جو هڪ سنڌي شعر ٻڌ، جيڪو تاج بلوچ جو آهي.

”چنڊ ناهي ۽ نه آهي زندگي،
تون ڪٿي آهين او منهنجي روشني،
رات ساري مون اکين ۾ آ ڪٽي
منهنجي ڇاتي سمنڊ جيئن ڇلڪي پئي،
هجر ۾ دل کامي ۽ تڙپي پئي.“

ظفر شعر ٻڌي واهه واهه ڪئي. بهرحال اڄ جڏهن ٽوڪيو جي اُئي نو (Ueno) پارڪ وٽ، ظفر شيخ ماتسو باشو جي شعر ڏي ڌيان ڇڪرايو ته ٻه دفعا پڙهڻ بعد به مون کي منجهس ڪا اهڙي خاص ڳالهه نظر نه آئي. شايد مون هن شعر ۾ به ڪوماچيءَ وارو erotic مفهوم پئي ڳولهيو. يا شيخ اياز واري رمز پئي پروڙي….

”ڪنهن ڪاري چڳ تي رات ڪَٽي
ڪنهن ڳاڙهي ڳل تي باک ڦٽي
هي سانگ سجايو آهي پيارا….“

يا وري امداد حسيني جي چواڻي

”پريت جو هڪڙو پل ئي سهي،
چوريءَ جو هڪڙو پل ئي سهي،
کاڌل ئي سهي، پيتل ئي سهي،
مومل نه سهي، سومل ئي سهي

…. وغيره وغيره، پر باشو جي هن شعر ۾ صاف صاف بيان ٿيل هو ته:

يوڪو هَارو نَا، …. بهار جي مند موڪلائي پئي
توري ناڪي يو نو، ….. پکي (هي پَٽَ ڇڏڻ تي) روئي رهيا آهن
مي وا ناميدا. …. مڇين جي اکين ۾ ڳوڙها آهن.

مون ظفر ڏي سوالي نگاهن سان ڏٺو يعني پڇڻ چاهيو ته ان شعر ۾ ڇا آهي؟
”جپاني شاعرن کي پکين جو، خاص ڪري پرديسي پکين جو ڪيڏو خيال آهي،“ ظفر چيو، ”هو پنهنجي شاعريءَ ۾ پکين جو به ذڪر ڪن ٿا.“
”هائو. اها ته مون کي به خبر آهي. ڪوباياشي اِيسا ۽ ماسائوڪا شِڪيءَ به ڪونجن، ڪوئلن ۽ هَنجن جو ذڪر ڪيو آهي.“ مون چيو.
”تڏهن ته هتي جا ماڻهو پکين سان پيار ڪن ٿا،“ ظفر چيو، ”هو پکين مارڻ بدران هنن جي سونهن جي تعريف ڪن ٿا.“
ان تي مون ظفر کي ٻڌايو ته ائين نه آهي. پکين تي جيترا شعر اسان جي سنڌي شاعرن چيا آهن اوترا شايد ئي ڪنهن ٻي ٻوليءَ جي شاعرن چيا هجن. ان حساب سان ته اسان سنڌين کي پکين جو– خاص ڪري مهمان پکين جو وڌيڪ خيال هجڻ کپي. پر اسان جي بدبختي اها آهي جو نه فقط اسان پنهنجن پر ڌارين پکين کي به پنهنجي ڌرتيءَ تي سڏائي، ههڙن سهڻ پکين جي ڀينگ ڪئي اٿئون ۽ هاڻي باقي بچيل پکي پنهنجي پراڻي جُوءِ بدلائي ٻين هنڌن ڏي پيا وڃن، خاص ڪري ڪڇ ۽ گجرات ڏي، جهونا ڳڙهه ۽ جيسلمير ڏي، جتي انڊيا جي حڪومت هنن جي حفاظت ڪري ٿي.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*