مکيه صفحو / مضمون / جئه موتياڻيءَ سان ملاقات

جئه موتياڻيءَ سان ملاقات

اسان ممبئي جي سيان (Sion) ريلوي اسٽيشن وٽ ٺهيل پل تي، ڪجهه دير انتظار ڪيو ته ايتري ۾ جئه موتياڻيءَ جي ڪار پهچي وئي. هن سان گڏ مون کي پوني وڃڻو هو. پوني ۾ دادا جشن واسواڻي جي 90 جنم ڏينهن تي جشن ملهائي رهيا هئا. ان جشن ۾ راڳ روپ جي محفلن کان علاوه”صوفيزم“ تي هڪ سيمينار به ڪري رهيا ها. هن جشن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ساڌو واسواڻي مشن وارن دنيا ۾ رهندڙ ڪيترن ئي اديبن، شاعرن، آرٽسٽن ۽ ساڌو واسواڻي جي مشن کي چاهڻ وارن کي دعوت ڏني هئي. مون کي ممبئي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ ۽ ممبئي جي مئرين اڪيڊمي جي انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ طرفان وزٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ اڳهين دعوت پهتل هئي. هاڻ جو پوني اچڻ لاءِ جڏهن چيو ويو ته مون کي ممبئي کان وڌيڪ پوني وڃڻ جو شوق ٿيو. مون جيئن ئي هوش سنڀاليو ته پنهنجي ڏاڏيءَ ۽ پڦين کان پوني جون ڳالهيون ٻڌيون ته ڪيئن منهنجو والد ننڍو هو ته اسان جو ڏاڏو گذاري ويو. زمين سرڪار حوالي ٿي وئي، جيسين هو وڏو ٿئي ۽ جيڪي ٿورو ڪجهه زمينن مان ملندو هو ان مان ايتري پورت نه ٿيندي هئي، پر پوءِ هُنن ڀرت جو ڪم ڪري والد کي پوني جي ائگريڪلچر ڪاليج مان پڙهائڻ لاءِ فين جو بندوبست ڪيو. پوني جي موسم، ماڻهو ۽ ماحول حيدرآباد ۽ ڪراچي کان مختلف هو، سو اتي جون ڳالهيون منهنجو والد موڪلن ۾ اچي وڏي دلچسپي سان پنهنجين ڀيڻن ۽ ماءُ سان ڪندو هوندو، جيڪي ساڳي دلچسپي سان ٻڌنديون هونديون تڏهن ته هنن کي چٽي طرح ياد ٿي ويون هيون.
۽ هاڻ مون کان جڏهن ساڌو واسواڻي مشن جي ائڊمن آفيسر رجني آهوجا پوني مان فون ڪري پڇيو ته آيا منهنجي پوني اچڻ جي پڪ آهي يا نه ته مون يڪدم وڏي خاطري سان هائوڪار ڪئي.
”پڪ؟“ هن هڪ دفعو وري ڪنفرم ڪرڻ ٿي چاهيو ”مئڊم رجني پڪ سمجهه. بلڪ آئون ٻه ٽي ڏينهن پوني ۾ وڌيڪ رهي ان شهر جي گهٽي گهٽي گهمڻ ٿو چاهيان“. ۽ پوءِ يڪدم منهنجي وات مان اهو به نڪري ويو ته ”خبر اٿانوَ منهنجو پيءُ پوني جي ائگريڪلچر ڪاليج (هاڻ يونيورسٽي) مان پڙهيو آهي. مونکي ان ڪاليج ۽ شهر ڏسڻ جو ڏاڍو شوق آهي.“ اهو چوڻ بعد مون کي پاڻ ئي سٺو نه لڳو ته مون کي اهو چوڻ نٿي جڳايو. مون کي جنهن سيمينار ۽ فنڪشن لاءِ گهرايو پيو وڃي، فقط ان ۾ دلچسپي وٺڻ ۽ واکاڻ ڪرڻ کتي ٿي. پر اها به حقيقت آهي ته پوني جو هي ڪاليج منهنجي ڌيان ۾ نه هجي ها ته ممبئي ۾ ليڪچر ڏيڻ وارو پروگرام به ڪئنسل ڪريان ها، ڇو جو پوني وڃڻ جي پڪ بعد ئي ممبئي يونيورسٽي جي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ ڊاڪٽر پروفيسر ٻلديو متلاڻي ۽ مئرين اڪيڊمي ممبئي جي هيڊ ۽ مون سان گڏ سئيڊن جي يونيورسٽي مان پوسٽ گرئجوئيشن ڪرڻ واري ڪئپٽن برجيندرا ڪمار سئڪسنا کي مون ممبئي اچڻ لاءِ هائوڪار جو خط لکيو هو.
ممبئي کان پوني پهچڻ جي رهنمائي لاءِ ساڌو واسواڻي مشن جي ڪو چيئرپرسن مئڊم ڪرشنا ڪماريءَ، مون کي ممبئي ۾ رهندڙ بزنيس مئن جئه موتياڻيءَ سان لهه وچڙ ۾ اچڻ لاءِ چيو ۽ جئه کي فون تي ڳالهائڻ مان ئي محسوس ڪري ورتم ته هو تمام سٺي طبيعت جو آهي. هن مون کي پوني وڃڻ جو ڪو رستو ٻڌائڻ بدران يڪدم چيو: ”سائين توهان فڪر ئي نه ڪريو. بس رڳو ممبئي ايئرپورٽ تي لهجو. منهنجو ڊرائيور توهان کي رپورٽنگ ۽ رجسٽريشن لاءِ پوليس اسٽيشن به وٺي هلندو ۽ ان بعد آئون پاڻ توهان کي پوني وٺي هلندس ۽ پوءِ واپسي تي توهان جي دل چيو ته ڀلي اڪيلو باءِ ٽرين يا باءِ بس موٽجو.“
اهو ٻڌي مون کي خوشي ٿي ۽ آئون سفر جو سوچڻ بدران سڪون سان پنهنجن ليڪچر ٺاهڻ ۽ صوفيزم تي سيمينار ۾ پيپر پڙهڻ ڏي ڌيان ڌرڻ لڳس.
ممبئي جي سيان پل وٽ جڏهن جئه موتياڻي سان ملاقات ٿي ته ڏٺم ته هو خوب سيرت سان گڏ خوبصورت ۽ خوش مزاج پڻ آهي. سچ ته اهو آهي ته پوني بعد ممبئي آيس ته به آخري ڏينهن تائين هن سان ملندو رهيس. هن جون دلچسپ ڳالهيون ٻڌندو رهيس. هن شخص ۾ صبر ۽ شڪر جو جذبو ۽ سخاوت جو بلند درجو ڏسي مون کي حيرت ٿي ٿي. سڄو ڏينهن غريب غربي جي ڪمن پٺيان لڳو رهيو ٿي. هن کي پنهنجي بزنيس جو به فڪر نٿي ٿيو.
”دادا جو چوڻ آهي ته،“ هو چوندو هو، ”جيترو ٿي سگهي ڏيو، ڏيو، ڏيو….. ضرورتمند جي مدد ڪريو. غريب کي پئسو ڏوڪڙ ڏيو، بيمار جي خدمت ڪريو“. ساڌو واسواڻي ۽ دادا جشن جي سچن پوئلڳن مان جئه موتياڻي به هڪ آهي.
ساڌو واسواڻي مشن جنهن جو ڪم خير خيرات ڪرڻ، هر غريب غربي لاءِ تعليم عام ڪرڻ ۽ مريضن ۽ ضرورتمندن جو علاج ڪرائڻ جهڙا ڪم آهن، ان مِشن جو جئه موتياڻي ممبئي برانچ جو جنرل سيڪريٽري آهي. سندس اسپتالن ۽ ڊاڪٽرن سان گهڻي ڄاڻ سڃاڻ هجڻ ڪري هو هر وقت غريبن جي دوا درمل جي بندوبست ڪرڻ لاءِ پريشان رهيو ٿي. کيس ان ڪم ۾ سڀ کان گهڻي مدد ”اوم پروڊڪشن“ جي مالڪ مهيش منيال ڪئي ٿي. مهيش جي ڏاڏي ڪشن داس جو شڪارپور ۾ سيڌي جي سامان جو دڪان هو. سندس پيءُ لکميچند منيال سنڌ مان لڏي اچڻ وقت پهرين ممبئي جي علائقي پاريل ۾ اچي رهيو ۽ پوءِ سيان (SION) ۾ Settle ٿيو. پاڻ پهريائين ڪپڙي مارڪيٽ ۾ ڪم ڪيائين، ان بعد پيپر مرچنٽ ٿيو ۽ ممبئي جي فورٽ واري علائقي ۾ آفيس ۽ ڪاغذ جو گدام کوليائين، جتي هاڻ سندس ٻه پٽ مهيش ۽ منوج ساڳيو ڪاغذ جو ڪاروبار هلائين ٿا. هتي اهو به لکندو هلان ته هتي ئي ڏوڏيجا پيپر مارٽ جي آفيس پڻ هئي، جنهن جو مالڪ لوڪرام ڏوڏيجا سنڌي جو اديب ٿي گذريو آهي. سندس هڪ ڪتاب ”وساريو نه وسرن- منهنجو وطن منهنجا ماڻهو“ بيحد مشهور ٿيو، جنهن ۾ هن 1912ع کان 1947ع تائين جو دلچسپ احوال لکيو آهي. حيدرآباد جي انڊس گلاس فئڪٽري جي مالڪ لوڪرام ممبئي اچي ڪاغذ جو ڪاروبار ڪيو، جيڪو سندس وفات بعد پٽ گرڌاري هلائيندو رهيو. مهيش منيال کان خبر پيئي ته اڄ ڪلهه لوڪرام جا پوٽا پنهنجن وڏن جو ڪاروبار هلائين ٿا ۽ ڪجهه سال ٿيا ته هو هتان پنهنجي آفيس شفٽ ڪري پوني وڃي رهيا آهن.
بي پهچ ۽ بي سهارا مريضن جي مدد ڪرڻ اسان واري ميزبان جئه موتياڻي جي اولين ترجيح رهي ٿي. اهي چاهي سنڌي هجن يا مڪاني مرهٺا، هندو هجن يا مسلمان عيسائي، هنن ضرورتمند انسانن جي مدد ڪرڻ پنهنجي ڊيوٽي سمجهي ٿي. جئه موتياڻيءَ ٻڌايو ته ”ٻن سالن کان اسان سنڌ جي ٻارن جي دل جون اهي آپريشنون ڪرائي رهيا آهيون، جيڪي پاڪستان ۾ نٿيون ٿين. ان ڪم لاءِ سنڌ گرئجوئيٽ ائسوسيئيشن وارا اسان سان سهڪار ڪري رهيا آهن ۽ هيستائين اٺ کن ٻارن جون ڪاميابيءَ سان آپريشنون ٿي چڪيون آهن.“
جئه موتياڻيءَ جيتوڻيڪ مون کي سختيءَ سان منع ڪئي ته آئون دادا جشن واسواڻي جي مشن مطابق جئه (۽ ٻيا ڪارڪن جيڪا خدمت ڪن ٿا) انهن جي تعريف ۾ ڪجهه نه لکان، جو هو ان کي پنهنجو فرض ٿا سمجهن، پر ساڳي وقت انڊيا کان موٽڻ بعد ڪجهه ٻارن ۽ انهن جي والدين سان ملاقات ٿي ته ڏٺم ته ساڌو واسواڻي مشن لاءِ دعائون ٿا ڪن ۽ تعريف ٿا ڪن ته هنن کي شاباس هجي جو هنن نه فقط پئسو خرچ ڪيو، پر پنهنجو وقت به ڏنو. انهن ئي مرِيضن مان نئون جتوئي ڳوٺ جي ستين ڪلاس جي نياڻي اقصيٰ ارم آهي، جنهن کي گهر ۾ سونهن سڏين ٿا. هن جي والد وزير حسين سومري ٻڌايو ته هونءَ ٻين ٻارن جي آپريشن تي ڏيڍ ٻه لک خرچ ٿو ٿئي، پر سندن ڌيءَ سونهن تي واسواڻي وارن جو ٻيڻو ٽيڻو خرچ اچي ويو جو پهرين دفعي وڃڻ تي آپريشن ٿي نه سگهي، جو سونهن کي سائي (Jaundice) هئي. سو پهرين ان جو علاج هلندو رهيو ۽ اسان وطن موٽي آياسين ۽ پوءِ وري ٻيو دفعو اسان کي گهرايو ويو ۽ آپريشن ٿي. ٻئي دفعا سونهن جا ماءُ پيءُ به ويا، پهرين دفعو مهينو ۽ ٻئي دفعي کين ٻه مهينا رهڻا پيا. هنن سڀني جي هوائي جهاز جي ٽڪيٽن، ممبئي ۾ رهائش، کاڌي پيتي ۽ ناناواتي هاسپٽل ۾ آپريشن وغيره جو سڀ خرچو واسواڻي مشن وارن ڏنو. سونهن جي والده ٻڌايو ته پئسو خرچ ڪرڻ کان علاوه جئه موتياڻي، سندس زال نيلو ۽ ڌيءَ خوشبوءِ اسان جي هر وقت سارسنڀال لهنديون رهيون ۽ اسان جو وڏو خيال ڪيائون.
آئون جنهن ڏينهن ممبئي کان ڪراچي موٽي رهيو هوس، ان کان هڪ ڏينهن اڳ به لاڙڪاڻي کان ماهنور نالي هڪ ڇهه ست سالن جي نياڻي پنهنجي پيءُ عبدالقيوم انصاري ۽ ماءُ سان گڏ ممبئي پهتي هئي، جنهن جي پڻ ناناوتي اسپتال ۾ دل جي آپريشن ٿيڻي هئي. مون ڏٺو ته هنن جي آڌرڀاءُ ۽ رهائش جي بندوبست ۽ ڊاڪٽرن سان صلاح مشورو ڪرڻ لاءِ سڄو ڏينهن جئه موتياڻي ۽ سندس دوست مهيش منيال ڊوڙندا رهيا.
جئه موتياڻي جي ممبئي جي کار واري علائقي ۾ The Enterprise نالي پنهنجي ڪمپني آهي، جنهن کي هو ۽ سندس وڏو ڀاءُ موهن موتياڻي هلائين ٿا. سندس باقي ٻه ڀائر سريندر ۽ سنيل موتياڻي دبئي ۾ بزنيس هلائين ٿا.
جئه جي ڏاڏي رامچند موتياڻي جو ميرپورخاص ۾ ڪاروبار هو. ورهاڱي بعد جئه جا والدين وشنداس موتياڻي ۽ پدما آئيداساني پهرين جوڌپور ۾ آيا جتان پوءِ ممبئي ۾ اچي Settle ٿيا. جئه جو والد 1979ع ۾ گذاري ويو، ان کان پوءِ جئه ۽ سندس ڀاءُ فئملي جي بزنيس کي هلائين ٿا. جئه جي زال نيلو هري رام مانجهاڻيءَ جي ڀيڻ ٿئي. هو صاحب ميرپورخاص جو MPA آهي ۽ اڄ ڪلهه ڪراچي ۾ رهي ٿو. جئه جي وڏي ڀاءُ موهن (من) جي زال لليتا نيلو جي ڀيڻ ٿئي. جئه جي ننڍي ڀاءَ سنيل (دبئي واري) جي زال ڀارتي ٽنڊو محمد خان جي ڪشن ڀوڄواڻي جي ڌيءَ آهي.
altafshaikh2004@yahoo.co.uk
altafshaikh2005@gmail.com
 

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*