مکيه صفحو / ڪتاب / جت جر وهي ٿو جال

جت جر وهي ٿو جال

ڪِتاب: جت جر وهي ٿو جال: مصنف: الطاف شيخ
موضوع: ملائيشيا جي ڪوالالمپور، پينانگ، ڪئلا ڪنگسار
۽ ٻين شهرن جو سفرنامو

ملائيشيا بابت لکيل هي سفرنامو انهن ڏينهن جو آهي جڏهن الطاف شيخ سماونڊي نوڪريءَ کي خدا حافظ چئي ملائيشيا جي تاريخي شهر ملاڪا ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي ۽ اتي جي نيول اڪيڊمي ۾ جهاز جي ڪئڊٽن ۽ انجنيئرن کي مئرين انجنيرنگ، نيول آرڪيٽيڪچر ۽ شِپ ڪنسٽرڪشن جهڙا سبجيڪٽ پڙهائڻ لڳو. ان ڪناري جي نوڪري دوران موڪلن ۾ يا آفيس طرفان وزٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ هو ملائيشيا جي مختلف شهرن ۾ ويندو رهيو ٿي. هن ڪِتابَ جو مهاڳ عبدالقادر جوڻيجو لکيو آهي.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌيءَ ۾ الطاف شيخ جي سفرنامن کان اڳ به ۽ پوءِ به سٺا سٺا سفرناما لکيا ويا آهن پر سفرنامي جي صنف کي عوامي سطح تي مقبول بنائڻ ۾ الطاف جو ووڏو هٿ رهيو آهي ۽ امر جليل جي افسانن وانگر انگريزي چوڻيءَ موجب تارن ۽ گرم ڪيڪن وانگر وڪاڻا آهن، يا ائين کڻي چئجي ته هٿو هٿ کڄاڻان آهن. ۽ عام ماڻهوءَ اڳيان پرديس جا ڪيئي معاملا ۽ مامرا سامهون آيا آهن.
هوم سڪنيس جي مريض سنڌين کي ملڪ مان ڇڪي ٻاهر ڪڍڻ ۾ الطاف جي اکرن جو به وڏو هٿ رهيو آهي.
”جت جر وهي ٿو جال“ الطاف شيخ جي 14 مضمونن تي مشتمل آهي جن مان ڪجهه هن ريت آهن.
ڪوالالمپور اندر ۽ ڪوالالمپور کان ٻاهر
پينانگ ٻيٽ ۽ پينانگ واري پل
پينانگ کان ڪئلا ڪنگسار ۽ لمت
پينانگ جي بنگالي مسجد
چيپ جان ۽ ڪئٿي…… وغيره.

Download (PDF, 1010KB)

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*