مکيه صفحو / مضمون / جل پريون

جل پريون

جل پريون

شايد ئي ڪو ماڻهو هجي جنهن ٻاروتڻ ۾ ڀوتن، راڪاسن ۽ جل پرين جون ڪهاڻيون نه ٻڌيون هجن. جنن، ڀوتن ۽ راڪاسن جي آستان لاءِ ڪوهه قاف جبل ڌيان ۾ اچي ٿو ۽ جل پرين کي وري سمنڊ جي مخلوق سڏيو وڃي ٿو. منهنجو سمنڊ سان واسطو هجڻ ڪري، ڪيترائي ماڻهو، مون کان جل پرين بابت پڇندا آهن- نه فقط اسان جي ملڪ جا، پر ڌارين ملڪن جا پڻ. خاص ڪري ننڍي ٽهيءَ جا شاگرد ۽ ٻار.
”توهان ڏينهن رات سمنڊ تي رهو ٿا. توهان کي ڪڏهن ڪا جل پري نظر آئي؟“ اهو هڪ عام سوال هوندو آهي.
”بيروت کان رومانيا يا هيڏانهن رائيڪا ايندي وقت توهان کي ڪا جل پري نظر آئي؟“ يوگو سلاويا جي بندرگاهه رائيڪا ۾ جهاز پهچڻ تي هڪ دفعي اتي جي هڪ اسڪول ٽيچر پڇيو.
”ڇو ڀلا-؟“ مون پڇيومانس.
”ان ڪري جو اسان جون مائرون ۽ ڏاڏيون ٻڌائين ٿيون ته سڀ کان  گهڻا جِن ڪوهه قاف تي آهن ۽ سڀ کان گهڻيون جل پريون ايجين ۽ اڊرياٽڪ سمنڊ ۾ آهن.“
جل پريءَ کي انگريزيءَ ۾ Mermaid (مرميڊ) سڏجي ٿو. سندس مٿيون ڌڙ عورت جو ۽ هيٺيون ڌڙ مڇيءَ جو چيو وڃي ٿو. هڪ دفعي ڪئناڊا جي هڪ ميلي (Festival) ۾ اتي جي ڳوٺاڻن ماڻهن اسان کان جل پرين جو پڇيو. جڏهن کين خبر پئي ته اسان جو جهاز چٽگانگ کان چاليهه ڏينهن جو سفر ڪري، سڌو سندن ڳوٺاڻي بندرگاهه باءِ- ڪامو (Bai- Cammeau) پهتو آهي ته هنن لاءِ سڀ کان اهم اهوئي سوال ٿي پيو. ’باءِ ڪامو‘ ڪئناڊا جو هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو ۽ بندرگاهه آهي، جتي اوسي پاسي جي بندرگاهن کان فقط ننڍا ٻيڙا اچن ٿا. اسان جنهن ماڊرن جهاز ’سندربن‘ ۾ ايترو پري کان باءِ ڪامو پهتا هئاسين، اها اتي جي ڳوٺاڻن لاءِ وڏي ڳالهه هئي ۽ هنن سمجهيو ته اسان، جو هيترا سمنڊ لتاڙي آيا آهيون، سو رستي تي پڪ اسان جي ملاقات ڪجهه جل پرين سان ٿي هوندي. اها 1969ع جي ڳالهه آهي. هاڻ ته باءِ ڪامو اهو ڳوٺ نه رهيو هوندو. دنيا جي ٻين شهرن وانگر آدم شماريءَ کان ڦاٽندو هوندو. (۽ سندربن جهاز پنهنجي ڄمار پوري ڪري گڊاني جهڙي ڪنهن قبرستان ۾ ڪڏهوڪو ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو هوندو) اهي جهاز ايجاد ٿي چڪا آهن جو سندربن جهاز ڪنهن به ڪنڊ پاسي کان سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو اهم نمونو نٿو چئي سگهجي. بهرحال ڳوٺڙن (ننڍن بندرگاهن) جي ماڻهن ۾ جهازين سان ملڻ ۽ ان قسم جون ڳالهيون پڇڻ هڪ عام ڳالهه آهي. پوءِ اهي بندرگاهه کڻي ڪئناڊا، آفريڪا، ڏکڻ آمريڪا جا هجن يا جپان، چين، آسٽريليا جا.
ڪنهن پڇيو: ”جل پري ڇا آهي-؟ مڇي يا عورت“
اهو سوال سڀ ۾ اهم آهي پر ان کان به اهم ۽ پهريون سوال اهو هئڻ کپي ته جل پريءَ جو وجود واقعي آهي به يا نه.
ڪنهن نيول اڪيڊميءَ جي سالياني مخزن ۾ جل پريءَ جي بيحد دلچسپ سمجهاڻي ڏنل هئي:
Mermaid: not enough fish to fry; not enough woman to love.
يعني جل پري مڇيءَ جو اهو قسم آهي، جنهن کي تري نٿو سگهجي ۽ اها عورت آهي جنهن سان چڱيءَ طرح پيار به نٿو ڪري سگهجي.
انسائيڪلو پيڊيا مطابق جل پري (Mermaid) پاڻيءَ جو هڪ خيالي (Mythical) جانور آهي، جنهن جو مٿيون اڌ حصو عورت آهي ته هيٺيون اڌ حصو مڇي. جل پري، سمنڊ کان علاوه ڪن ڪن دريائن تي پڻ رهي ٿي. ساڳي وقت هوءَ ڪناري تي به رهي سگهي ٿي.
جل پري هڪ خيال جانور آهي يا حقيقت- اهو خاطريءَ سان چئي نٿو سگهجي. پر ايترو ضرور آهي ته اهو هڪ عام ساهه وارو ناهي جو جتي ڪٿي نظر اچي يا هر وقت نظر اچي يا سڀني کي نظر اچي. صدين کان اهڙا ڪيترائي مثال ملندا، جن ۾ ماڻهن کي جل پريون نظر آيون. ڪيترن اهڙن اهم ماڻهن کي نظر آيون جن کي ڪوڙو چئي نٿو سگهجي ۽ ان جو رڪارڊ اخبارن ۽ ڪتابن ۾ پڻ آهي. پر ساڳي وقت اهو گمان آهي ته انهن ماڻهن واقعي جل پريءَ کي ڏٺو يا پري کان ڪنهن ڊالفن، سيل مڇي يا لڌڙي جهڙي ڪا ٻي سامونڊي مخلوق ڏسي هنن کي جل پري (Mermaid) جو گمان ٿيو! بهرحال ان ۾ ته به ڪو شڪ ناهي ته ڪيترن ئي ماڻهن کي جل پرين جي وجود جو يقين آهي، خاص ڪري يورپ جي اتراهن ملڪن جي ماڻهن کي جنهن ۾ ناروي، سئيڊن، ڊئنمارڪ، آئسلنڊ، اسڪاٽلنڊ جهڙا ملڪ اچي وڃن ٿا. ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته انهن ملڪن ۾ جل پريءَ جي مورت اسڪولن ۽ ڪاليجن جي مونو گرام ۽ لوگو (نشانيءَ) تي ته عام آهي، پر ويندي ڪيترن ڪليسا گهرن جي دروازن تي پڻ اڪريل نظر اچي ٿي.
هڪ دفعي آمريڪا هئاسين ته اتي ٽي ويءَ تي مسٽر مارون نالي، نيويارڪ جي هڪ ڪمپني سيڪريٽريءَ جو انٽرويو آيو هو. هن ويجهڙائيءَ ۾ ڪا جل پري ڏٺي هئي ان بابت هو پنهنجا تاثر ٻڌائي رهيو هو ته هو هڪ ڏينهن سمنڊ جي ڪناري تي جاگنگ ڪري رهيو هو ته کيس هڪ ڳاڙهن وارن واري هڪ سهڻي ڇوڪري، پاڻيءَ ۾ زور زور سان ٿاڦوڙا هڻي ترندي نظر آئي.
”آئون وائڙن وانگر بيهي، ان کي ڏسڻ لڳس ته اها بنا ڪپڙن جي ڪهڙي ڇوڪري ٿي سگهي ٿي. ايتري ۾ هوءَ اٿي بيٺي. منهنجيون تعجب مان اکيون ڦاٽل ئي رهجي ويون، جڏهن مون ڏٺو ته ڌن (دُنَ) کان هيٺ، سندس جسم، انسانن وانگر نه، پر مڇيءَ جي هيٺين ڌڙ جهڙو هو. پاڻيءَ ۾ ٽٻي ڏيڻ وقت سندس هيٺيون ڌڙ مٿي اُڀو کڄي ويو ۽ مون چٽيءَ طرح ڏٺو ته اهو مڇيءَ جهڙو هو. مون کي پڪ آهي ته آئون ڪنهن به وهم جو شڪار نه آهيان ۽ مون هوبهو اهو ئي ڪجهه ڏٺو جيڪو بيان ڪري رهيو آهيان.“
مسٽر مارون انٽرويوءَ ۾ ٻڌايو ته جل پريءَ جي غائب ٿي وڃڻ بعد هو ڪلاڪ کن، ان جاءِ کي غور سان ڏسندو رهيو. ان بعد وري جاگنگ ڪندو، اچي گهران نڪتو.
”ڇا توهان کي پڪ آهي ته اها جل پري هئي؟“ ٽي ويءَ تي انٽرويو وٺندڙ همراهه مسٽر مارون کان پڇيو.
”ها. بنا ڪنهن شڪ شبهي جي. سمنڊ ۾ غائب ٿي وڃڻ کان اڳ، هُن جون، هڪ کن پل لاءِ مون سان اکيون به مليون ۽ آئون پڪ سان چئي سگهان ٿو ته اها جل پري هئي. ايترو ضرور آهي ته هن مون ڏي نهاري ڪا مرڪ نه ڏني جيتوڻيڪ جل پرين (Mermaids) لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو مردن کي ڏسي مرڪنديون آهن.“
جل پري هڪ حقيقت آهي يا ڏند ڪٿا (Myth)، پر اها ضرور مِٿ آهي ته جل پريون مرد ڏسي مرڪن ٿيون ۽ هُنن کي هر وقت هڪ هٿ ۾ آرسي هوندي آهي ته ٻئي هٿ ۾ وارن کي ڦڻي ڏيڻ جو برش.
سورهين صديءَ جي هڪ ملڪ ڳوليندڙ (Explorer) مسٽر هينري هڊسن پنهنجي ڪتاب ۾، جل پري ڏسڻ جو احوال لکيو آهي، جيڪا 1608ع ۾ سندس ٽولي کي نووا- زيمبلا (Nova- zembla) ٻيٽن وٽ نظر آئي هئي. اُهي ٻيٽ آرڪٽڪ سمنڊ ۾ آهن. ان جل پريءَ لاءِ هن لکيو آهي:
”هوءَ اسان جي قدبت جيڏي ٿيندي. سندس چمڙيءَ جو رنگ صاف ۽ کير جهڙو اڇو هو ۽ ڊگها ڪارا وار سندس ڇاتيءَ تي لڙڪي رهيا هئا. سمنڊ ۾ ٽٻي هڻڻ وقت اسان سندس هيٺيون ڌڙ پڻ چڱيءَ طرح ڏسي ورتو، جيڪو Mackerel مڇيءَ جهڙو هو….“

جل پري ڏسڻ جي خبر، انگلينڊ جي The Time اخبار ۾ 1809ع ۾ پڻ ڇپي هئي ته اها هڪ اسڪاٽ اسڪول ماستر وليم منرو کي نظر آئي هئي. ان بابت ان اسڪول ماستر جو بيان ڇپيل آهي ته هن کي هڪ اگهاڙي جل پري وارن کي ڦڻي ڏيندي نظر آئي.
”هوءَ پاڻيءَ کان ٻاهر هڪ پٿر تي چڙهي ويٺي هئي. سندس هيٺيون ڌڙ مڇيءَ جهڙو هو.“
اهڙا اکين ڏٺا احوال گذريل ڪيترين صدين کان، نه فقط آمريڪن ۽ يورپين جا ملندا، پر جپاني ۽ چينين جا پڻ ڪيترائي ٻڌبا. اهي پڻ صدين کان هن ساهواري جي موجودگيءَ ۾ يقين رکن ٿا. 1801ع ۾ هڪ مشهور چيني همراهه لي- ٽنگ (Li- Tung) جو اکين ڏٺو احوال اڄ تائين چيني ماڻهو صداقت سان ٻڌائين ٿا ته هن هڪ جل پريءَ کي چين جي ڪنهن ڳوٺ جي کوهه ۾ وهنجندي ۽ وڻ تي ڪپڙ سڪائيندي ڏٺو.
ان وقت مون کي به ڌيان ۾ نه آيو پر هاڻ هي مضمون لکڻ وقت سوچي رهيو آهيان ته انهن چيني همراهن کان جن لي- ٽنگ جي مٿين وڻ تي ڪپڙا سڪائڻ واري ڳالهه، بار بار ٻڌائي، پڇان ها ته اهي ڪپڙا ڪهڙا هئا: بلائوز، اسڪرٽ، شلوار قميص يا ڪڙتو پجامو ۽ سڪائڻ کان اڳ سرف ۾ ڌوتا هئائين يا اُٺ مارڪه صابڻ ۾.
بهرحال جتي هڪ طرف جل پرين جي وجود جي پڪ ناهي، اتي سندن موجودگيءَ بابت پڻ ڪيترائي بيان آهن. هڪ ته بلڪل ويجهڙائيءَ جو آهي جيڪو اخبارن ۽ ريڊيو ٽي وي ڪيترائي ڏينهن ايندو رهيو. اهو واقعو 1979ع ۾ انڊونيشيا جي بالي ٻيٽ تي رونما ٿيو هو. هڪ انڊونيشي عورت، مڇيون ڦاسائي رهي هئي ته هن کي سامهون، پاڻيءَ مٿان سنهي گاهه جا ڇڳا نظر آيا، جيڪي جل پريءَ جي ٻاهر نڪرڻ تي معلوم ٿيو ته هن جا سونهري وار هئا. ان جل پريءَ جو چنڊ جهڙو سهڻو چهرو ۽ آسماني رنگ جون وڏيون اکيون هيون. سندس مٿئين جسم جي کل، تمام نازڪ ۽ لسي هئي ۽ دُن کان هيٺ مڇيءَ جو پڇ هوس جيڪو ڇلرن سان ڀريو پيو هو.
انڊونيشي عورت پنهنجين ٻين ساهيڙين کي اها جل پري ڏيکارڻ لاءِ سڏ ڪيو، پر تيسين هوءَ سمنڊ ۾ غائب ٿي وئي.
يورپ پاسي جا پراڻا سامونڊي جل پريءَ کي نڀاڳ جي نشاني سمجهن ٿا. سمنڊ تي جهازن کي اوچتا ٿيندڙ نقصان، جل پرين پاران سمجهيا وڃن ٿا. اڄ به دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾، اوچتو ٻڏي ويل جهازن بابت، سرڪاري طرح اهو لکيو ويندو آهي ته:
Shipwreck Caused by Mermaid
يعني جهاز کي جل پريءَ ٻوڙيو. جيتوڻيڪ ان جو ڪو ظاهر ظهور ثبوت ناهي. ٻيو ته ٺهيو پر شيڪسپيئر جي ڊرامي ’هينري چوٿين‘ جو هڪ ڪردار رچرڊ، هڪ هنڌ چوي ٿو:
”آئون ايترا جهازي ٻوڙيندس جو ڪل جل پري به ٻوڙي نه سگهي.“
“I will drown more sailors than the Mermaid can.”
۽ ويهين صديءَ جي شاعر وليم بٽلر پيٽس جو پڻ جل پريءَ لاءِ ايترو ئي ڪجهه خراب رايو آهي جنهن جو اظهار هن پنهنجي مشهور شعر The Mermaid ۾ هن ريت ڪيو آهي:
A Mermaid found a swimming lad
Picked him for her own
Pressed her body to his body
Laughed; and Plunging down
Forgot in Cruel Happiness
That even lovers Drown.
ڪي ڪي جهازي، جتي اڻڄاڻ خطري ۽ نقصان جو باعث جل پريءَ کي سمجهن ٿا، اتي ٻيا، هن کي سونهن سوڀيا ۽ پيار جي علامت پڻ سمجهن ٿا. ان ڪري ڪيترا جهونا جهازي (Sailors) پنهنجين ٽنگن ٻانهن يا ڇاتيءَ تي جل پريءَ جي شڪل (Tattoo) اڪرائي فخر سان هلندا آهن.
بهرحال جل پريءَ کي ڪو خراب سمجهي يا سٺو پر سنڌ جي ادب ۽ ڪلچر ۾ ان کي هڪ مٿاهون ۽ پوتر رتبو حاصل آهي. بقول تاجل بيوس جي جل پري جيئن ته پاڻيءَ ۾ رهي ٿي ۽ پاڻي پاڪائيءَ جو سرچشمو آهي، ان ڪري هن جو رتبو ڪوهه قاف جي پريءَ کان مٿاهون ليکيو وڃي ٿو.
ڪوپن هيگن واري جل پري:
جيئن ’ايفل ٽاور‘ پئرس شهر جي نشاني آهي، آزاديءَ جو مجسمو (Statue of Liberty) نيويارڪ جي نشاني آهي، تيئن پتل جي ٺهيل جل پري ڪوپن هيگن جي نشاني آهي.
ڪوپن هيگن ڊئنمارڪ جي گاديءَ جو هنڌ آهي. ڪوپن هيگن بندرگاهه ۾ گهڙڻ سان سمنڊ ۾ رکيل هڪ پٿر مٿان ويٺل جل پريءَ جو هي مجسمو گذريل نوي سالن کان سياحن لاءِ دلچسپيءَ جو باعث رهندو اچي. هن مجسمي (Statue) جا فوٽو ۽ پڪچر ڪارڊ جتي ڪٿي نظر اچن ٿا. هن جي ٺاهيندڙ ايڊورڊ ارڪسن کي خواب خيال ۾ به نه هو ته پتل مان ٺاهيل جل پريءَ جي هيءَ مورت اڳتي هلي لڳاتار ڪمائيءَ جو ذريعو بنبي. ارڪسن 1876ع ۾ ڄائو هو ۽ 1960ع ۾ گذاري ويو. پاڻ هيءَ مورت 1913ع ڌاري ٺاهي راس ڪيائين ۽ جتي اڄ رکيل آهي اتي رکي ويئي. هر سال هن مجسمي جا ماڊل ۽ ائش ٽري، ڪارڊ، گنجيون، ٽوپيون، ٽي شرٽون ۽ ٻيون هن جل پريءَ جي فوٽوءَ واريون شيون وڪامن ٿيون. ان مان حڪومت کي ٽي ڪروڙ رپين کن جو فائدو ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ جل پريءَ جو هي مجسمو ’سٽي ڪائونسل‘ جي ملڪيت آهي پر ان جي سووينرن جي وڪري مان ڏهه کن سيڪڙو فائدو ارڪسن جي فئملي ٽرسٽ کي ملي ٿو، جنهن مان آرٽسٽ جي چئن پٽن ۽ پوٽن ۽ پڙپوٽن- ڪُل تيرهن ڄڻن جي سٺي ڪمائي ٿيو وڃي.
ڊئنمارڪ جي هن جل پريءَ جي مشهوريءَ بعد دنيا جي ٻين به ڪيترن ئي شهرن پنهنجي شهر جي نشانيءَ کي وڌيڪ اجاگر ۽ نمايان ڪري ٺهرايو آهي، جيئن ته سنگاپور جو مرلائن (Merlion) جنهن جو مٿيون اڌ شينهن جو آهي ۽ هيٺيون ڌڙ مڇيءَ جو آهي. مرلائن سنگاپور جي بندرگاهه جي منهن وٽ اڇي پٿر جو ٺهيل آهي.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*