مکيه صفحو / مضمون / حال ساڳيا رهيا فقيرن جا…….!

حال ساڳيا رهيا فقيرن جا…….!

ه اسلام آباد جي سخت ٿڌ ۾ ڪٽڪ ماڻهن جا کلئي آسمانَ هيٺان ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. سرڪار ٽيهه هزار ماڻهو چوي ٿي، پاڻ ڏهه لک چوي ٿو، پر اسان جي دوست لاهور واري دانشور ۽ اديب حسن نثار جي چوڻ مطابق اڍائي لک ئي سمجھو. پر يارو هڪ ڳالهه سوچڻ جي آهي، ماڻهو کڻي ڏهه هزار هجن ته به سخت سيءَ ۾ سڄي سڄي رات رستي تي وهڻ، سو به رڳو مرد نه پر عورتون ۽ ٻار به، ڇا وڏي ڳالهه ناهي؟ ملائيشيا جو هڪ مفڪر، جيڪو مون سان گڏ BBC تان اسلام آباد وارو هي ڌرڻو ڏسي رهيو هو، تنهن ٿڌو ساهه کڻي چيو: ”ههڙي ٿڌ ۾ رستي تي رات گذارڻ وارن جا ڏک ضرور ان ٿڌ کان به وڌيڪ چُڀندڙ هوندا. هو هن شخص کي مسيحا سمجھي، هن جي پويان هلي رهيا آهن. ڪيڏي ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته جمهوري حڪومت ۾ عوام جو پنهنجن نمائندن مان وشواس وڃائي وهڻ …!
ٻه هفتا کن اڳ آئون لاڙڪاڻي جي ڪئڊٽ ڪاليج ۾ ليڪچر ڏيڻ لاءِ ويو هوس. موڪل واري ڏينهن (آچر تي) صبح جو ڳڙهي خدا بخش هليو ويس. رستي تي ڊرائيور چيو ته هي پاڪستان جو اهو ڳوٺ آهي، جتي سڄي ملڪَ جا اهم ماڻهو اچن ٿا.
”آدم شماري ڇا هوندي؟“ مون پڇيو.
”سائين ڏهه پندرهن هزار،“ ڊرائيور جواب ڏنو.
مون دل ۾ سوچيو ته هن ڳوٺ جو هڪ هڪ ماڻهو سکيو هوندو. شهيد ڀٽو جي مزار ٻاهران ڳوٺ جي ٻارن کي ڏسي فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ آئون ڪار مان ٻاهر نڪتس. سئيٽر ۽ ڪوٽ ۾ به سخت سردي محسوس ٿي رهي هئي. اٺ ڏهه سالن جي عمر جي ڏهاڪو کن ڇوڪرين سان گڏ بيهي جلدي جلدي ٻه چار فوٽو ڪڍرائي روانو ٿيس. گهر پهچي جڏهن اهي فوٽو فيس بوڪ تي لوڊ ڪيم ته اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. نياڻيون ٻار ههڙي سيءَ ۾ بنا گرم ڪپڙن جي هيون ۽ تقريباً سڀ پيرين اگهاڙيون هيون! اڄ جي دؤر ۾ دنيا جو ڪهڙو ملڪ آهي، جتي جو هي حال هجي، خاص ڪري اهو ملڪ جيڪو نيوڪليئر پاور هجي. اسان جو ملڪ ائٽم بم ٺاهڻ جي طاقت رکي ٿو، پر ماڻهن جي حال بابت حبيب جالب خوب چيو آهي:
هين وهي حال هم فقيرون ڪي،
دن پهري هين فقط وزيرون ڪي،
هر بلاول هي ديس ڪا مقروض،
پاؤن ننگي هين بي نظيرون ڪي.
۽ پوءِ جڏهن ملڪ جو اهو حال هجي، ته ڪو به پنهنجو پرايو عوام کي لوڙهي سگهي ٿو. پنهنجي طلسم ۾ منڊي سگهي ٿو. طاهر القادري ڇا ٿو ڪرڻ چاهي، هن جي پٺيان ڪير آهي، ماڻهو اڃان تائين رڳو ڌڪا پيا هڻن. تقرير ڪرڻ جو ته هو ماهر آهي، خلق خدا اهو ئي سوچڻ تي مجبور ٿيندي رهي ته لانگ مارچ ۽ ڌرڻي بعد اجھو ٿيون هن ملڪ مان کير جون نديون وهن، اجهو ٿو مهانگائيءَ جو ڀوت بوتل ۾ بند ٿئي، اجهو ٿو هر هڪ کي روزگار ملي، پر في الحال ٿيو ڪجهه به ڪونهي.
ٽي وي تي ڏسندا رهياسين، ته ڊاڪٽر طاهر القادري آخر تائين پنهنجي ضد تي قائم رهيو. ڪيترن ته اهو به چيو ته هو ڪڏهن ڪجهه ٿو چوي ته ڪڏهن ڪجهه، لڳي ٿو چريو ٿي پيو آهي. ايتري قدر جو اسان جي دوست شاعر هدايت بلوچ پنهنجو شعر گهڙي اسان کي ايس ايم ايس ڪيو ته:
منهنجي دل به چري ٿي پئي آ
صفا طاهر القادري ٿي پئي آ.
مردن، عورتن ۽ ٻارن کي ٽي ڏينهن ٽي راتيون اسلام آباد جي سرديءَ ۾ وهارڻ تي حڪومت تي سخت دٻاءُ پيو ۽ ساڻس ڳالهيون ڪرڻ لاءِ اهم وزيرموڪليا ويا، ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ جو اعلان ٿيو. ڌرڻي ۾ شامل ماڻهن خوشيءَ مان جھمريون هنيون ۽ هر ڪو پنهنجي گهر روانو ٿيو. ڇا واقعي عوام کي ڪو فائدو ٿيو؟ اڄ هفتو ٿي ويو آهي، ٽي وي جو ڪو به چئنل کڻي کول ته گهڻي ڀاڱي اهو ئي پيو ٻڌجي ته طاهر القادريءَ ڪجهه نه ڪيو، ماڻهن کي چڪر ڏئي ويو. اسان جهڙن غير سياسي ماڻهن کي ته ڪجهه سمجھه ۾ نٿو اچي ته ڳالهه ڇا آهي ۽ ان جي پٺيان حقيقت ڇا آهي؟ هڪ پاڻ جهڙي همراهه کان پڇڻ تي جواب ۾ هن هي لطيفو ايس ايم ايس ڪيو آهي.
’هڪ چيتو چرس ٺاهي رهيو هو. اوچتو هڪ ڪوئو ڀڄندو آيو ۽ چيائينس: ”ڇو ٿو زندگي برباد ڪرين، ڏس ڪيترو ته خوبصورت جهنگ آهي، مون سان گڏ اچ ته جهنگ جو چڪر ڏياري اچانءِ.“ چيتو هن سان گڏ گهمڻ لاءِ هليو، اڳيان هڪ هاٿي شراب پي رهيو هو، ڪوئي هن کي به چيو: ”ڇو ٿو زندگي برباد ڪرين ؟“ هاٿي به هن سان گڏ هلڻ لڳو. اڳيان هڪ شينهن هيروئن پي رهيو هو، ڪوئي وري ساڳي ڳالهه ورجائي. شينهن پهريون جملو ئي ٻڌي باهه ٿي ويو ۽ ڪوئي کي ڀري ٿڦڙ هنئي، چيتي ۽ هاٿيءَ حيرت مان شينهن کان ان جو سبب پڇيو. شينهن ڪوئي کي چيو ته ڪالهه کان ڀنگ پي مونکي ٽي ڪلاڪ گهمائيندو رهيو‘.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*