مکيه صفحو / مضمون / حبشي ديوَ آدم بوءِ آدم بوءِ ڪندو ايندو……

حبشي ديوَ آدم بوءِ آدم بوءِ ڪندو ايندو……

الطاف شيخ
حبشي ديوَ آدم بوءِ آدم بوءِ ڪندو ايندو……

سئيڊن جي يونيورسٽي ۾ تعليم دوران، آفريڪا جي ملڪن ۽ ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ جي ٻيٽن کان آيل شيدي شاگردن جي رنگ بابت لکيو اٿم ته سندن ڪارو رنگ تئي جي پٺ جهڙي ڪار کان وٺي سليٽي ۽ ڦلهير جهڙو هوندو هو.
سينيگال جي شاگردياڻي ائمي، جيڪا پنهنجي ملڪ جي بندرگاه جي وڏي آفيسراڻي هئي، رنگ ۾ ايڏي ته سخت ڪاري هئي جو بقول جارڊن جي عرب شاگرد (چيف انجنيئر عبدالڪريم) جي ته ائميءَ جو ڪارو رنگ انفنٽي Infinity وارو ڪارو آهي. مئٿس ۾ انفنٽي جي نشاني ‘لامحدود’ انگ لاءِ استعمال ٿيندي آهي. يعني جيڪو سوچي سگهجي ان کان به وڏو انگ. سو عبدالڪريم به ائميءَ جي ڪاري رنگ لاءِ مئٿس واري ‘انفنٽي’ استعمال ڪندو هو. يعني ائمي جو سوچ کان به وڌيڪ ڪارو رنگ هو.
ائمي پورٽس ائنڊ شپنگ ائڊمنسٽريشن ۾ M.Scڪري رهي هئي. هفتي ۾ هڪ اڌ پيرڊ اهڙو ٿيندو هو، جنهن ۾ اسان سڀ هڪ ئي ڪلاس ۾ ويهندا هئاسين. يا ڪنهن بين الاقوامي سيمينار ۾ اچي گڏ ٿيندا هئاسين. هڪ ڏينهن وڏي هال ۾ ائمي اسان جي بلڪل اڳيان ويٺي هئي. منهنجي ڀر ۾ ويٺل بنگلاديش جي شاگرد (ڪئپٽن فرقان) ائميءَ کي ڪا دير چتائي ڏسي مونکي اڙدوءَ ۾ چيو: ”يار ائميءَ جو رنگ ڪوئل جهڙو ڪارو آهي باقي مُنهن جا نقش ڏاڍا موچارا اٿس. اڇي هجي ها ته واٽ ويندن جو سر وڃائي ها. ”
“بس ان رنگ کان ته مار کائي وئي آهي.” مون چيومانس. “اسان جي سنڌي جي هڪ شاعر امداد حسينيءَ جو ڪنهن ڇوڪريءَ جي اڇاڻ ۽ سونهن تي هڪ شعر آهي جنهن جو مفهوم آهي ته هوءَ ويٺي آهي ته ڄڻ چوڏهينءَ جي چانڊاڻ لڳي پئي آهي. هن جي وڃڻ کان پوءَ ڄڻ اوڻٽيهه جي اونداهي………..
“۽ جي تو واري ان شاعر جي هيءَ پاڻ واري ائمي محبوبا هجي ها ته؟” ڪئپٽن فرقان منهنجي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيو.
“اهوئي ته مان توکي ٻڌايان پيو ته پوءِ مجبوراً هن کي ائميءَ جي شان ۾ اهوئي ڪجهه چوڻو پوي ها ته ائميءَ جي موجودگيءَ ۾ چوڏهن چنڊن کي به گرهڻ لڳيو وڃي.”
“پرهڪ ڳالهه آهي،” فرقان چيو، “ائميءَ کي کپي ته پاڻ جهڙن ڪارن يا گهٽ ڪارن جي ڀر ۾ ويهي. هاڻ هن يورپي گوري (رومانيا جي ڪئپٽن ڪاستروت) جهڙي اڇي کير جهڙي جي ڀرسان ويهڻ ڪري سندس ڪارَ هيڪاندي تکي ۽ نمايان لڳي ٿي. ”
اسان ائمي ۽ ڪاستروت جا نالا لڳاتار وٺي رهيا هئاسين. پروفيسر جهڙو ئي ليڪچر ختم ڪري ٻاهر نڪتو ته ائميءَ پٺيان مڙي اسان کان پڇيو:
“What’s Matter?” ڇا ڳالهه آهي؟ ڪئپٽن فرقان کلندي چيس:
“تنهنجي حسن جي تعريف ڪري رهيا هئاسين.”
“گشا پيا هڻون.” ائميءَ روايتي نموني سان شرمائيندي چيو.
“ڀلا قسم کڻون ڇا؟ اهوئي چئي رهيا هئاسين ته “Black is Beautiful”. مون چيومانس.
“۽ وائيٽ؟” ائميءَ جي ڀر ۾ ويٺل رومانيا جي ڪئپٽن ڪاستروت مونکان پڇيو. اسان کيس ڪو جواب نه ڏئي سگهياسين.
“ائمي هي ڪوڙ پيا ڳالهائينئي،” ڪاستروت ائميءَ کي چيو ۽ پوءِ اسان کي چيو، “ماڻهو جو رنگ هجي هڪڙو. يا ڪارو يا اڇو. توهان ننڍي کنڊ جي ماڻهن وانگر نه ته نه اڇن ۾ گڏ نه ڪارن ۾ گڏ. نه گهوڙن ۾ گڏ نه گڏهن ۾ گڏ. ”
“ائمي ڪاستروت توکي گڏهه پيو چوي.” فرقان کلندي ائمي کي چيو.
“هاڻ نٽايو نه. جواب ڏيو؟” ڪاستروت چيو.
“ ڳالهه ٻڌ ڪاستروت،” مون کيس ڪنهن سنڌي افساني ۾ پڙهيل هڪ نقطو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو شايد آغا سليم جو لکيل آهي. توهان ٻنهي کان وڌيڪ بهتر اسان ايشيائي آهيون. الله تعالى جڏهن پهريون انسان ٺاهيو ته اهو کوري ۾ گهڻو پچي ڪارو ٿي ويو. ان کي آفريڪا کنڊ تي ڦٽو ڪيائين. ان بعد ٻيو جيڪو انسان ٺاهين اهو ڪچو رهجي ويو ان کي يورپ کنڊ مٿان لاٿائين. ان بعد ٽيون ٺيڪ ٺاڪ ٺهي ويو ان کي ايشيا مٿان لاٿائين.”
“چڱو ٺيڪ ٺاڪ پچندڙ بنگالي ۽ پاڪستاني انسانو! ان خوشيءَ ۾ هلي ڪافي پياريو. ” ڪاستروت چيو.
“الطاف هي حرامي ت ماڳهين پوليس وارو ٿي پيو آهي، چڱو ائمي جي صدقي هلي چانهه پيو. ” ڪئپٽن فرقان چيو ۽ پوءِ ٻٽون کيسي مان ڪڍي چيو،” “ائمي تون ڪافي پيئندينءِ يا کير؟”
“ڇڏ يار ائمي سان چرچا،” مون فرقان کي چتاءُ ڏيندي چيو، “ٻئي مهيني آفريڪا کان سندس ديوَ جهڙو مڙس آدم بوءِ آدم بوءِ ڪندو اچي رهيو آهي. کيس خبر پيئي ته ڳسان جا سرنهن جا داڻا ڪري ڇڏيندءِ.”
“نه يار ائميءَ جي اڃا شادي ڪٿي ٿي آهي. اڃا ته هوءِ ڪمسن آهي، نادان آهي، ڀولي ڀالي آهي.”

روزو ۽ شراب……

هڪ ڏينهن يونيورسٽي جي وائيس چانسلر طرفان اسان نون آيلن کي، اسان جي هاسٽل جي ميس ۾ دعوت ڏني وئي. ڪڪڙ جا ڪوفتا (هتي ڪڪڙ سڀني گوشتن کان سستو آهي) مڇي، ڳائو گوشت ۽ لئمب اسٽيڪ (رڍ جي گوشت جي تريل چاپ)، سلاد، ڀاڄيون وغيره هيون. بوفي ٽائيپ ڊنر هئي. هر هڪ پنهنجي پسند جون شيون کڻي پنهنجن واقفڪارن سان ٽولو ٺاهي، ڌار ڌار ٽيبلن تي وڃي ويٺا. هونءَ ماني ته هرڪو پنهنجي پنهنجي وقت تي اچي کائي ويندو آهي. يعني ڊنر جو ٽائيم پنجين کان اٺين تائين آهي. انهن ٽن ڪلاڪن ۾ جنهنکي جنهن وقت وڻي، کائي سگهي ٿو. پر اڄ هڪ ئي وقت سڀ موجود هئا. مون ڏسڻ چاهيو ٿي ته ٻين ملڪن جا مسلمان خاص ڪري عرب ملڪن جا، ڇا ٿا کائين. ڪنڊ واري ٽيبل تي چارئي سعودي عرب جا، ٻه موراڪو جا ۽ ٻه ٽيونيشيا جا گڏ کائي رهيا هئا. سڀني جي پليٽن ۾ ڪڪڙ جا ڪوفتا، ڳائو ۽ ريڍو گوشت هو. ايتري ۾ يمن جو عرب مسٽر مبارڪ پليٽ ۾ ماني کڻي باقي عربن سان گڏ کائڻ لاءِ وڌيو. رستي تي مونکي ڏسي مونسان خيرعافيت ڪيائين:
“So Mubarak! How is Food?” مون پڇيومانس.
“صحيح آهي، پر مرچ مسالا گهٽ اٿس. ” هن وراڻيو.
”هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ مبارڪ! هتي جي رڌل گوشت بابت ڇا خيال اٿئي؟” مون پڇيومانس.
”او مسٽر الطاف! بس خنزير نه هجي، باقي اهي ذرا پرزا ڳالهيون ديس کان ٻاهر، خاص ڪري يورپ ۾ ۽ اهو به هنن اتر قطبي ملڪن ۾، ڪيستائين ڪير پنهنجي مرضيءَ جي ماني ماڻي سگهي ٿو.” هن چيو ۽ وڃي باقي عربن سان ويٺو.
آئون ان ٽيبل تي اچي ويٺس جنهن تي اسانجا پاڪستاني ويٺا هئا. ڳالهين ڪندي وري اهو حلال حرام گوشت جو عنوان نڪتو ته مون چيو:
”يار مونکي ته سمجهه ۾ نٿو اچي، بلڪ تعجب ٿو لڳي ته بنگلاديش، ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جا مسلمان ته ڍڳي، ٻڪري ۽ ڪڪڙ جو گوشت ته کايو ويٺا آهن، باقي اسان پاڪستاني ڪنهن پڙهيل ڳڙهيل عالم کان پڇڻ بدران پنهنجو پاڻ ۾ ويٺا بحث ڪريون. ٻيو ته ٺهيو پر سعودي عرب، يمن ۽ موراڪو جا عرب به ويٺا گوشت کائين.” مون چيو.
”اهي ته شراب به پيئن ٿا.” علويءَ چيو.
”نه يار ائين بنا خاطريءَ جي ڪنهن لاءِ ڪيئن چئجي. اسان ته کين نه ڏٺو آهي. بلڪ پنج وقت نماز ۽ روزا رکندي ڏٺو اٿئون.”
”جهڙا روزا ائمي ٿي رکي،” راحت عزيز کلندي ڀر واري ٽيبل تي سينيگال (اولهه آفريڪا) جي حبشڻ عورت ڏي اشارو ڪيو، جيڪا پنهنجي ملڪ ۾ سي ايس پي ٽائيپ آفيسر آهي ۽ ڊڪار بندرگاهه ۾ وڏي عهدي تي آهي،“ هوءَ مسلمان آهي، روزا رکي، ان بعد شام جو بيئر پيئندي آهي.”
”يار ائمي ڪا ماڻهو آهي جنهن جي مثال ٿاڏيو.” ڪئپٽن سليم چيو.
”ڇو نه. هوءَ ته پاڻ ئي ان گناهه جو اعتراف ڪري ٿي ته سوشل لائيف ۾ شراب جي عادي ٿي وئي”، ڪئپٽن سليم ٻڌايو،“ ۽ ان ڏينهن پڇڻ تي چيائين ته نماز ۽ روزو الڳ شيءِ آهي ۽ شراب الڳ. ڇا شراب پيئان ٿي ان جي معنى نماز روزي کي ڇڏي ڏيان؟ دعا ڪيو ته هڪ ڏينهن شراب پيئڻ ڇڏي ڏيان …۽ انشاءَ الله، ضرور ڇڏي ڏينديس.”

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*