مکيه صفحو / مضمون / خوف خيال خطرا، ٽنهي ترڪ ڏيج

خوف خيال خطرا، ٽنهي ترڪ ڏيج

الطاف شيخ

(واشنگٽن ۾ رهندڙ منور جيڪو مون کي ۽ ڪئناڊا کان آيل حميرا رحمان کي ورجينيا رياست جون مشهور غارون Luray Caverns ۽ شينن دوح نئشنل پارڪ ڏيکارڻ لاءِ پاڻ سان وٺيو پئي هليو، تنهن جي ڪار نيٺ ڪنهن پل تان پوٽومئڪ درياه ٽپي ۽ اسان جي واشنگٽن ڊي سي جي ٽرئفڪ ۽ سگنلن سان ڀريل گهٽين ۽ شاهراهن مان جان ڇٽي، حميرا چيو ته هاڻ پاڻ ورجينيا رياست ۾ آهيون. اسڪاٽ هوٽل کان پوءِ منور پنهنجي آثار قديمه واري ڪار کي Glebb Road تي موڙيو.

“اسين پاڪستاني هن روڊ کي جليبي روڊ سڏيندا آهيون.” منور ٻڌايو.

اتي ئي جليبي روڊ تي ڪنهن سرڪاري کاتي طرفان اشتهاري بورڊ لڳل هو.

“We salute to our brave soldiers”

اهو پڙهي حميرا ٽهڪ ڏنو. “اها آهي ٽرڙپائي جي به حد! صاف complex ٿو ظاهر ٿئي. معنيٰ اسان جا سولجر بهادر نه آهن.”

“ڪيئن ڀلا!؟” مون پڇيو.

“جيئن اسان وٽ لکها روپيا خرچ ڪري سرڪار وزيراعظم يا گورنر ۽ وزيراعليٰ جون اخبارن ۾ تصويرون ڏيندي آهي ۽ انهن جي هيٺان هوندو آهي ته هنن جي دور ۾ هي هي ترقياتي ڪم ٿيڻا آهن.” ۽ عوام سمجهي ويندو آهي ته ڪم آڱوٺو ٿيندو رڳو خوش ڪرڻ ۽ پنهنجي تعريف ڪرائڻ سان مقصد آهي.

منور کان پڇيم ته سندس ڳوٺ ڪهڙو آهي “ڪٿي دادو يا لاڙڪاڻي پاسي جو ته نه آهين؟”

“نه.”

“ڇا ٽنڊو آدم، اڏيرو لعل يا شهدادپور جو؟” مون پڇيو.

“حيدرآباد پاسي هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو آهي، نالو اٿس ڳوٺ بخشو لغاري.”

“واه جو نالو ٻڌايئي”، مون کلندي منور کي چيو “گذريل هفتي آئون بالٽيمور اعجاز ابڙو، ڊاڪٽر منور عباسي ۽ غلام مصطفيٰ پلهه جن وٽ هوس. مون هنن کي چيو هو ته آئون پنهنجي آمريڪا جي سفرنامي جي هڪ ڪتاب جي نالي ۾ سندن ياد تازي ڪرڻ لاءِ بالٽيمور جو نالو ضرور ڏيندس. هاڻ تنهنجي ڳوٺ جو نالو ٻڌي ڌيان ۾ آيو آهي ته ان ڪتاب جو نالو “ڳوٺ بخشو لغاري کان بالٽيمور” رکجي جيئن KTN تان هڪ پروگرام ايندو آهي جنهن جو نالو “واهي پانڌي کان واشنگٽن” آهي.

“لڳي ٿو ڳوٺ بخشو لغاري جو نالو توهان اڄ پهريون دفعو ٻڌو آهي.” حميرا پڇيو.

“نه نه، هرگز نه”، وراڻي ڏنيمانس، “بخشو لغاري نه فقط منور جو ڳوٺ آهي پر اسان جي پيٽارو جي هڪ ڪلاس ميٽ ڊاڪٽر خالد لغاري جو به ڳوٺ آهي ۽ اسان اٺين ڪلاس ۾ (1958ع) ۾ هن ڳوٺ جو نالو خالد لغاريءَ واتان ٻڌو. ان بعد اسان جي هڪ ڪزن انجنيئر عرض محمد شيخ جي 1967ع ڌاري شادي ٿي ته هن جي زال ڊاڪٽر مهرالنساءَ لغاري پڻ هن ڳوٺ جو ذڪر ڪرڻ لڳي. هـُن جي وڏن جو هن ڳوٺ سان واسطو هو.”

انجنيئر منور لغاري 25 آڪٽوبر 1964ع تي ڳوٺ بخشو لغاري ۾ محمد علي لغاري صاحب جي گهر ۾ جنم ورتو. منور جي والد صاحب جي اها وڏي ڳالهه آهي ته هو هڪ پورهيت ۽ هاري ٿي ڪري، شاهه جو سڄو رسالو برزبان ياد اٿس ۽ هن پنهنجي ننڍي پٽ منور کي پڻ ننڍي عمر ۾ ئي ياد ڪرائي ڇڏيو. منور پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪئي، ان بعد هو حيدرآباد ۾ حسين بخش لغاري جي گهر

۾ اچي رهيو ۽ 1981ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ۽ مسلم ڪاليج مان 1983ع ۾ انٽر ڪئي. ان بعد هن مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج ڄامشورو ۾ داخلا ورتي جتي هو 1984ع کان 1989ع تائين رهي. BE جي ڊگري حاصل ڪئي. آمريڪا ۾ سندس اچڻ 1993ع ۾ ٿيو جتي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪيائين.

منور ٻڌايو ته ٽنڊي قيصر جو شوڪت نظاماڻي، سن جو زين شاهه، نوابشاهه جو جمال مصطفيٰ شاهه، سانگهڙ جو ڪليم وساڻ ۽ ڪراچي آغا خان اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر اسماعيل ميمڻ سندس سٺن دوستن مان آهن، جن کي هو اڪثر ياد ڪندو رهي ٿو.

“۽ ٽيچرن مان ڪن خاص جا نالا؟” مون منور کان پڇيو.

“نور محمد هاءِ اسڪول جو هڪ ٽيچر مرحوم غلام حسين بالادي ڏاڍو ياد ايندو اٿم” منور ٻڌايو، “اهڙي طرح مسلم ڪاليج ۾ مئٿس پڙهائڻ وارو مسٽر قيصر رضا، مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج جو مولوي علي اڪبر ميمڻ (چيف انجنيئر محمد هاشم ميمڻ جو ڀاڻيجو) ۽ وائيس چانسلر عبدالرحمان ميمڻ صاحب منهنجي نظرن ۾ تمام گهڻو dedicated استاد هئا.”

منور ٻڌايو ته آمريڪا مان IT ۾ ماسٽرس ڪرڻ بعد کيس آمريڪا ۾ تمام سٺي پگهار واري نوڪري به ملي سگهي ٿي ۽ هو پئسو ڪمائي موجود حالتن کان بهتر حالتن ۾ رهي سگهيو ٿي. “پر منهنجن دوستن ۽ منهنجو پڻ، اهو فيصلو رهيو ته آئون پنهنجن ماڻهن جي ڏک دردن لاءِ ڪجهه ڪريان. جيڪو دوستن طرفان اڀرو سڀرو مليم ان ۾ راضي رهي خوش گذاريان ۽ ڪو Creative ڪم ڪندو رهان. آئون ان راءِ جو آهيان ته Creativity ۾ غربت نه هجي. پئسي ڏوڪڙ ۾ غربت هجي ته ڀلي هجي.”

حميرا کي مخاطب ٿي چيم “ڪالهه واشنگٽن جي نيشنل ميوزيم ۾ ويندي ڏسان ته ان جي ٻاهران پارڪ ۾ هڪ وڻ هيٺان هڪ همراهه ڪڪڙين جا وڏا پوسٽر ٽنگي ايندڙ ويندڙ کي ڪجهه بروشر ڏئي رهيو هو جن ۾ ڪڪڙين کي نه کائڻ لاءِ عوام کي التجا ڪيل هئي ته هنن غريب پکين تي ڪجهه ڪـَهل ڪيو، انهن کي ڇو ٿا کائو، انهن بدران ڀاڄيون کائو. ان سان گڏ پاڻ مائيڪ ذريعي تقرير به ڪري رهيو هو ته ڪڪڙين کان جيئڻ جو حق نه کسيو وغيره… اتي هڪ اسان جي شڪل جو ايشين اچي لنگهيو، تنهن کان پڇيم ته هيءَ فلم ڪير آهي؟

“ههڙا Lone Soldier توکي آمريڪا ۾ ڪيترائي ملندا جيڪي اڪيلي سر ڪنهن ساهه واري جي جان بچائڻ جي حق ۾ جدوجهد ڪندا رهن ٿا.” هن ٻڌايو.

“پوءِ هنن جي ڪو ڳالهه ٻڌي ٿو يا نه؟” مون پڇيومانس.

“بس اهو تون پاڻ ڏسين پيو ته هرڪو ڪن لاٽار ڪري گذريو وڃي. اڄ گرمي آهي سو کانئس اهي ٿلهي پني وارا بروشر پڙهڻ لاءِ نه پر پاڻ کي وڃڻو هڻڻ لاءِ وٺيو پيا وڃن.” هن ٻڌايو.

حميرا کي چيم ته هي منور درويش به مون کي هڪ اهڙو “اڪيلو سپاهي” لڳي ٿو جيڪو پنهنجي منهن اڪيلو ئي اڪيلو وائيٽ هائوس اڳيان دنيا ۾ ظلم بند ڪرڻ لاءِ رڙيون ڪندو رهي ٿو.”

“سائين ڳالهه هيءَ آهي”. منور وراڻيو، “ڪو منهنجي يا منهنجي ڪاز جي مدد ڪري ٿو ته ٺيڪ آهي نه ته بقول ٽئگور جي “ڪوئي چلي نا چلي، اڪيلا چلي”… ضروري ناهي ته هر هڪ منهنجي هر قدم کي ساراهي يا مون کي مدد ڪري. اهو تڏهن ٿي سگهندو جڏهن اڳلو به ان Process مان نڪتو هجي، جنهن مان منهنجو وجود گذريو آهي. هن به اها تڙپ، سڪ، ڏک، بي وطني، ڪوڙن الزامن جي چپيٽ محسوس ڪئي هجي جنهن مان مون کي بنا ڏوهه جي ڀوڳڻو پيو يا اڃا ڀوڳي رهيو آهيان. پري کان بيهي ماڻهو هر قسم جو رايو رکي سگهي ٿو پر صحيح جي خبر تڏهن پوي ٿي جڏهن ڪنهن جو ڪنهن سان ويجهو واسطو پوي ٿو. شاهه لطيف جو بيت آهي:

جي هيان هوت پنهون سين مون جيان ملاقات،

ته هوند ٻانهن وجهي وات ريهون ڪيو رڃ ۾.

ان ڏينهن سفر دوران منور سان ڪيل ڳالهيون يا منور جي ڏنل ڪجهه جوابن جو تت هن ريت آهي:

–  اهو سڏائڻ اهم نه آهي ته اسين سنڌي آهيون. اهو اهم آهي ته اسين بهترين انسان آهيون. اسين دنيا کي بهترين انسان ٿي ڏيکاريون.

–   انساني حقن کي برقرار رکڻ ۾ مدد ڪرڻ جا ڪيترائي طاقتور ادارا ۽ حڪومتون آهن، انهن کي اسان پنهنجن ظلمن کان آگاهه ڪريون.

–  اسين اهو نٿا چاهيون ته مهاجرن، پنجابين ۽ ٻين جا حق غضب ڪري اسان کي سهولتون ۽ سک

ڏيو. بلڪه انهن جي حقن کي به بچايو. انهن ۾ به مظلوم ۽ ڏکويل آهن ۽ هنن جا ۽ اسان جا ڏک جدا نوعيت ۽ رنگ جا نه آهن. ظلم بس ظلم آهي جنهن مان هنن کي به نجات ڏياري وڃي پر ساڳئي وقت اسان سنڌين کي به ڌيان ۾ رکيو وڃي جيڪي هر دور ۾ ظلم جي گهاڻي ۾ نپوڙبا رهيا آهن. ظالمن سان مقابلو نٿا ڪري سگهو ته انهن جي خلاف گهٽ ۾ گهٽ آواز ته اٿاريو پوءِ اهي ظالم جيڪي اسان جو رت ست چوسين ٿا کڻي اسان جا پنهنجا هجن يا پراوا! توهان ٻين مظلوم قومن کي حق ڏيارڻ لاءِ وڙهو ٿا پر ساڳئي وقت اسان جو به خيال ڪريو. جن کي نه نوڪريون آهن ۽ نه پاڻي آهي. جن جي ٻچن کي نه تعليم لاءِ سنوان سبتا اسڪول آهن ۽ نه بيمارين جي علاج لاءِ دوائن ۽ ڊاڪٽرن سان ڀرپور اسپتالون.

–  هڪ نيڪ انسان کي پنهنجن پراون ڏنڊا هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو. هن جي بچڻ جي ڪا اميد نه رهي. اڳتي وڌي هن جي مدد ڪرڻ بدران سڀ تماشو ڏسندا رهيا. ان وقت هڪ جهرڪي چهنب ۾ پاڻيءَ جو ڦڙو کڻي اچي هن جي وات تي رکيو. زخمن کان چـُور انسان جهرڪيءَ جي ان ادا تي هن کي نماڻين نگاهن سان ڏسي چيو: “تنهنجي ان ڦڙي ڦڙي پاڻي مان آئون بچي ته نه سگهندس.”

جهرڪيءَ وراڻيو: “آئون سمجهان ٿي پر گهٽ ۾ گهٽ آئون اهو ته احساس ڏياري سگهان ٿي ته توسان ظلم ٿيو آهي ۽ ان ظلم ۾ آئون هنن ظالمن سان گڏ نه آهيان.”

–  اسان ملڪ کان ٻاهر جيڪي سنڌي رهون ٿا، هندو توڙي مسلمان، شيعا توڙي سني، غريب توڙي امير اسان لاءِ ڪلچرل unity پڻ ضروري آهي. سياسي طرح هڪ ٿيڻ ضروري ناهي پر ،

Our Cultural Unity is important

–  آئون چاهيان ٿو ته UNO جهڙي اداري ۾ اسان جي نمائندگي هجي ۽ اسان سان ٿيندڙ ظلمن کان دنيا واقف ٿئي.

–  “How can you do that” مون پڇيومانس.

ڪئناڊا جي وزيراعظم کان سندس ملڪ ۾ فرينچن ۽ انگريزن جي مسئلن حل ڪرڻ جي حام ڀرڻ تي جڏهن پڇيو ويو ته How will you solve this problem ته هن وراڻيو هو ته Just watch me سو آئون به هن وقت توهان کي ساڳيو جواب ڏيڻ چاهيندس ته جسٽ واچ مي.

–  خيرپور جي ڊاڪٽر تنوير عباسي جو پٽ سرمد ۽ هن جي ڪنوار انڊين بنگال جي هندو ڇوڪري رنڪودت (جيڪا انگريزي ۽ بنگالي جي شاعره پڻ آهي ۽ هاڻ سنڌي به Fluently ڳالهائي ٿي.) جڏهن هتي آمريڪا ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيا هئا ته هڪ ڏينهن هنن سان گڏ نيويارڪ جي گهٽين ۾ ڦرندي، UNO جي عمارت وٽ بيهي مون کين چيو هو ته هڪ ڏينهن آئون هن بلڊنگ ۾ هوندس ۽ پنهنجي وطن جو نالو روشن ڪندس.

“How come?” سرمد پڇيو هو.

جواب ۾ مون هن کي به اهوئي چيو هو ته Just wait & watch

“مون کي لڳي ٿو ته تون سياستدان ٿيڻ چاهين ٿو؟” مون چيو.

“نه هرگز نه I don’t want to be a politician سياستدان جي اک اقتدار تي هوندي آهي. جيڪڏهن ڪجهه ٿيڻ به چاهيان ٿو ته Statesman ٿيڻ چاهيان ٿو، اسڪالر ٿيڻ چاهيان ٿو…”

“ڪيترن سماجي، سياسي ۽ مذهبي اڳواڻن ۽ تحريڪن موجب ڇا توهان به مسئلن جو حل هنگاما، هڙتالون ۽ بائيڪاٽ چاهيو ٿا؟” مون پڇيو.

“هرگز نه”، منور وراڻيو، “آئون ان جي خلاف آهيان ته اسان جو نوجوان نسل پڙهائيون ڇڏي، بائڪاٽ ڪري ۽ سياستدانن جي ور چڙهي هنن جو هٿيو (tool) بڻجي. مون هڪ مضمون لکيو هو “بائڪاٽ جو بائڪاٽ ڪريو”، يعني هنگاما ۽ اسٽرائيڪون ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نقصان نه ڪريو. مون نوجوان جي سوچ ۾ تبديلي آڻڻ چاهي ٿي ته تعليم حاصل ڪريو. تعليم کان منهن هرگز نه موڙيو. مائوزي تنگ جو هڪ قول آهي ته دشمن اسان تي ان وقت حاوي ٿئي ٿو جڏهن هن کي اسان کان وڌيڪ ڄاڻ آهي.

“ٽي ڳالهيون ضروري آهن”، منور چيو، “هڪ ڪردار، ٻيو عمل ۽ ٽيون نظريو.”

انهن مان ڪنهن به هڪ ڳالهه جي کوٽ آهي ته قصو اڳتي هلي نه سگهندو. Equation پوري ٿي نه سگهندي. ڪير کڻي پاڻ کي ڪيترو به لڪائي هن جي اوڻائي ظاهر ٿيو پوي. آئون جيڪي ڪجهه ڪريان پيو اهو ڪنهن کان لڪل ناهي. آئون هر شيءِ سوچي سمجهي ايمانداري ۽ محنت سان ڪري رهيو آهيان. هو ڇا

چوندا آهن ته “هٿ ڪنگڻ کي آرسيءَ جي ڪهڙي ضرورت”. منهنجو پورهيو سڀني جي نگاهن اڳيان آهي. اسان جي ڪنهن سان دشمني يا نفرت ناهي. پرويز مشرف به ڪو چڱو ڪم ڪري ٿو ته اسان يڪدم هن کي ساراهيون ٿا. اسان ڪنهن ماڻهو يا ملڪ کي نقصان نٿا رسائڻ چاهيون. اسان لاءِ مهاجر توڙي پنجابي به انسان آهن، هنن مان ڪو اسان جي ماڻهن سان سٺو هلي ٿو ته اسين هن جي واکاڻ ڪريون ٿا.

اسين پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن کي مضبوط، خوشحال ۽ مانَ وارو ڏسڻ چاهيون ٿا. اسان وٽ ڪو مال ۽ ملڪيت ناهي. اسين پنهنجي سوچ ذريعي پنهنجي ملڪ جي فريم ورڪ ۾ رهي ڏتڙيل ماڻهن جي حقن جي گهر ڪرڻ چاهيون ٿا. شاهه لطيف جو بيت آهي ته:

“بک وڌائون بگري، جوڳي ڪندا جڃ

طلب نه رکن طعام جي اوتيو پين اڃ،

سامي جهاڳي سڃ وڃي وسنديءَ کي ويجهو ٿيا…”

انسانن جي حقن کان علاوه توهان جو ڪو ٻيو به object آهي؟

اسان ماحوليات جا حق پڻ گهرون ٿا. اسان جي ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌ صوبي ۾ Environment جي وڃي ٻيڙي ٻڏندي، ڪنهن کي ڪو احساس ئي ناهي. پاڻي ۽ هوا جي گدلائپ کان علاوه ماڻهو وتن رستن جا وڻ به ڪپيندا، ڪنهن کي ڪو احساس ناهي.

“ان سلسلي ۾ ماڻهن ۾ شعور ڪيئن پئدا ڪجي؟” مون پڇيو.

“منهنجي نظر ۾ ماڻهن ۾ ان جو احساس ۽ شعور پيد اڪرڻ جا ڪجهه اپاءَ هن ريت وٺي سگهجن ٿا.” منور ٻڌايو، “اهي آهن…

Advocacy

Education

Activism

ان کي ٿري اي فارمولا سڏين ٿا. ائڊووڪرئسي ۾ سيمينار، ورڪشاپ، ڪانفرنسون وغيره اچي وڃن ٿيون جن ذريعي اسان عوام کي سجاڳ ڪري سگهون ٿا. ٻيو طريقو تعليم آهي ۽ ٽيون ۽ آخري Activism آهي جنهن ۾ مظاهرا Vigilance, Rallies, Protest وغيره اچي وڃن ٿا.

“ڀلا توهان جي ڪم کي، جيڪو توهان کڻي نيڪ نيتيءَ سان ڪري رهيا آهيو، پنهنجا ۽ پراوا شڪ جي نگاهه سان به ڏسندا هوندا؟”

“اها ڪهڙي تنظيم آهي جنهن کي شڪ جي نگاهه سان نٿو ڏٺو وڃي، خاص ڪري اوائلي دور ۾ جڏهن اڃا نتيجا ظاهر نه ٿيا آهن يا ٿي به رهيا هجن پر ان رفتار سان نه جنهن جي اميد عوام رکي ويٺو هجي. ڪيترائي پنهنجا پڻ منهنجي نيت تي شڪ ڪندا هوندا يا هنن کي منهنجين صلاحيتن تي ڀروسو نه هجي.

ڪنهن کي ائين چوان

ته مون کي ماريو سڄڻين

بهرحال اُکرين ۾ جن مٿا وڌا اُهي مهرين کان ڇا ڊڄندا، اهڙين ڳالهين ۾ ته چوڌاري تڪليفون، ڊپ، خوف، وهم ۽ وسوسا ته رهن ئي رهن ٿا، جن جي پرواهه نه ڪندي اڳتي وڌڻو پوي ٿو.

خوف خيال خطرا ٽنهي ترڪ ڏيج

ماڻهو کڻي ڇا به چون پر آئون هڪ نيڪيءَ جو ڪم ڪري رهيو آهيان ۽ My objects are very clear.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*