مکيه صفحو / مضمون / دنيا جا 10 وڏا ٻيٽ

دنيا جا 10 وڏا ٻيٽ

دنيا جا ڏھ وڏا ٻيٽ

الطاف شيخ

1.      گرين لئنڊ (ڊئنمارڪ)
2.     نيو گني (پاپئا نيو گني ۽ ايريان جايا)
3.     بورنيو (ملائيشيا، انڊونيشيا ۽  برونائي)
4.     مئڊا گاسڪر (آفريڪا)
5.     بئفن (ڪئناڊا)
6.     سماترا (انڊونيشيا)
7.     ھونشو (جپان)
8.     برطانيھ  (U.K)
9.     ايلسميئر (ڪئناڊا) ۽
10. وڪٽوريا (ڪئناڊا).
ٻيٽ سونهن ۽ سڃ جي علامت
منهنجي جھاز تي گھمڻ لاءِ جيڪي منهنجا سڃاڻا اچن ٿا اھي ٻين سوالن سان گڏ دنيا جي ٻيٽن جو پڻ پڇن ٿا. اسانجي (ھندي سنڌي توڙي چيني ۽ عربي) ديومالائي ڪھاڻين يا ٻارن جي آکاڻين ۾ اسان ننڍپڻ کان ٻيٽن جو ذڪر ٻڌون ٿا.
حسين ۽ خوبصورت پري ڪوھ قاف جبل تي نه ته ڪنهن ٻيٽ تي ضرور رھي ٿي. راھ وڃايل ٻيڙيءَ وارا جنهن ٻيٽ تي پھتا اھو خبر پيئي ته ٻيٽ نه پر ھڪ وڏي وھيل مڇي ھئي. جھاز ٻڏڻ بعدجھاز جا ڪجھ خوش نصيب مسافر غوطا کائي کائي جنهن ٻيٽ تي پھتا اھو ھڪ خوبصورت ڌرتي جو ٽڪرو ھو جنهن تي دنيا جي ھر ميوي جا وڻ ھئا. جتي جون انگ اگھاڙيون خوبصورت ڇوڪريون گلن جا ھار کڻي انهن بکايل اڃايل جھازي مسافرن کي ککر وانگر چھٽي ويون. ملڪ جي بادشاھ سلامت چورن جا يا پنهنجي Over ambitious وزير جا ترا ڪڍڻ لاءِ ھن کي ھڪ اھڙي ويران ٻيٽ تي موڪلي ڇڏيو جتي سڃ پئي واڪا ڪيا. جتي کائڻ لاءِ ڪجھ نه ھو، جنن ڀوتن کان علاوھ ڪنهن بني بشر جو نالو نه ھو. ڪنهن ناکئي، خلاصي، مھاڻي ماڇيءَ جو ھن ٻيٽ تي اچڻ ته ڇا پر پري پري کان لنگھ به نٿي ٿيو.
انگريز به خونين، چورن ۽ ٻين ڏوھارين کي سزا ڏيڻ خاطر ٻيٽن تي موڪليندا ھئا. (پنهنجن انگريز گورن کي آسٽريليا ڏي ۽ ھندستاين کي ڪاري پاڻي يعني انڊمان ۽ نڪوبار ٻيٽن تي). اھا ٻي ڳالھ آھي ته اھي مڙيئي جڳھيون اڄ خوبصورت ٿي پيون آھن ۽ دنيا جا ٽوئرسٽ ڏوڪڙ خرچ ڪري انهن ھنڌن تي گھمڻ لاءِ وڃن ٿا. پر ان زماني ۾ – اڄ کان سئو ڏيڍ سئو سال اڳ اھي ٻيٽ ويران ۽ تباھ حال ھئا يعني اڄ جا پڊعيدن، ڏيپار جا ۽ بدين تلھار ھئا. بهرحال دنيا جا ٻيٽ جتي سونهن، سوڀيا ۽ رومانيت جي علامت پئي رھيا آھن اتي سڃ، ڀينگ، خوف ۽ خطري جي پڻ نشاني رھيا آھن.
جپان ٻيٽن جو جھڳٽو آھي
ٻيٽ ڇا آھي؟ زمين جو اھو ٽڪرو جنهن جي چوڌاري پاڻي ھجي. يعني ڍنڍ جي ابتڙ ٿيو. ڇو جو ڍنڍ پاڻيءَ جو اھو ٽڪرو آھي جنهن جي چوڌاري زمين ھجي. اسان جي دنيا جي گولي تي پاڻي ايڏو آھي (تقريبا ٽي حصا ڌرتي پنج حصا سمنڊ) جو خلا، چنڊ، مريخ يا ٻئي ڪنهن تاري يا سياري تان اسان جي دنيا ھڪ ٻيٽ ٿي لڳي. ايشيا، يورپ ۽ آفريڪا کنڊ ڏسو يا آمريڪا ڪئناڊا- ان جي چوڌاري پاڻي ئي پاڻي (سمنڊ) آھي ۽ اھڙي صورت ۾ سڄو سارو آفريڪا کنڊ به ٻيٽ آھي ته ڪئناڊا، USA کان وٺي وچ آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا به ٻيٽ آھي. آسٽريليا کنڊ ته صاف صاف ٻيٽ آھي. جاگرافي جي قانون موجب سڄي ساري کنڊ کي ڇڏي باقي زمين جا حصا جن جي چوڌاري پاڻي آھي (سمنڊ جو کارو يا درياھ جو مٺو) اھو ٻيٽ آھي. ڪيترن دريائن جي وچ ۾ به ننڍا وڏا ٻيٽ ٿين ٿا. جيئن ندي چائو فرايا تي بئنڪاڪ شھر آھي ان جي ڇوڙ وٽ ھڪ ٻيٽ بئنگ لين (Bang Len) تي ٿائيلينڊ جي بادشاھ جو محلات آھي. ھونءَ دنيا جو وڏي ۾ وڏو دريائي ٻيٽ الحادو (20 ھزار چورس ڪلوميٽر پکيڙ جو) برازيل ۾ آھي جيڪو اتي جي ھڪ ندي Araguaia جي ٻن شاخن جي وچ ۾ آھي.
دنيا جا ڪي ملڪ اھڙا آھن جن کي ھڪ نه ٻه- ھزارين ٻيٽ آھن. بلڪ اھي ملڪ انهن ٻيٽن جا جھڳٽا آھن جيئن انڊونيشيا، فلپين، وغيره. آئون پنهنجن شاگردن کي انهن ٻيٽن لاءِ ھميشھ شيشي جي ٿانو جو مثال ڏيئي ٻڌائيندو آھيان ته ھٿ مان ڪرڻ تي ان جا ٽڪرا ٽڪرا سڄي ڪمري ۾ پکڙجيو وڃن ۽ پوءِ انهن ٽڪرن ۾ ڪي وڏا ھوندا آھن تي ڪي ننڍا ته ڪي بنهھ ننڍڙا ڇيتون ڇيتون. انڊونيشيا ۽ فلپين جھڙن ملڪن جا ھزارين ٻيٽ به ائين سمنڊ ۾ پکڙيل آھن. جن مان ڪي جاوا، سماترا، بورنيو، لوزان ۽ مندانائو جھڙا وڏا آھن ته ڪي تمام ننڍا ننڍا. ڪي ته وري ايڏو ننڍا آھن جن تي ٻه کٽون مس پون. ڪن تي آدم زاد آھي ته ڪي ويران جنگل يا رڻ پٽ آھن. ڪي سمنڊ جي سطح کان ايترو ته معمولي مٿي آھن جو وير چڙھڻ تي ڏينهن ۾ ٻه دفعا ٻڏيو وڃن. چانڊوڪي راتين ۾ سڄي رات گم رھن ٿا. (چوويھ ڪلاڪن ۾ ٻه دفعا سمنڊ اڀامي ٿو يعني High Tide ٿئي ٿي ۽ ٻه دفعا سـُـسي ٿو يعني Low Tide ٿئي ٿي. جڏھن سڄو چنڊ ڌرتيءَ جي مٿان اچي ٿي ته چنڊ جي ڪشش ڪري سمنڊ اڃان به گھڻو  اڀامي ٿو يعني منجھس وڏيون ڇوليون پئدا ٿين ٿيون) جپان پڻ ڏٺو وڃي ته ٻيٽن جو جھڳٽو آھي جنهن جا چار ٻيٽ؛ ھڪيدو، ھونشو، شڪاڪو ۽ ڪيوشو وڏا آھن. ھونشو ٻيٽ تي ٽوڪيو، ڪوبي، اوساڪا ۽ نگويا جھڙا مشھور شھر آھن. انهن ٻيٽن کان علاوه اوڪيناوا جھڙا سوين جپاني ٻيٽ جيڪي سائيز ۽ اھميت ۾ گھٽ آھن پئسفڪ سمنڊ جي اتر ۽ ڏکڻ ۾ ھزارين ميلن تائين پکيڙيا پيا آھن. اتر ۾ جپان ۽ روس جا ڪجھ ٻيٽ ائين گڏ مڏ ٿي ويا آھن جو اڃان تائين فيصلو نه پيو ٿي سگھي ته ڪھڙي ملڪ جا آھن. دنيا جي مختلف سمنڊن تي يتيم ٻارن وانگر ھزارين لاوارث ٻيٽ آھن جن جو ڪو سنئون سبتو ڌڻي سائين نظر نٿو اچي.اتي رھندڙ غريب عوام زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن لاءِ واجھائيندو رھي ٿو. پيئڻ جي پاڻي، بجلي ۽ دوا درمل جھڙين معمولي سھوليتن لاءِ اھڙن ٻيٽن جا رھاڪو ڀروارن ملڪن جي حڪومتن کي ٻاڏائيندا رھن ٿا پر ھو ڪن لاٽار ئي ڪندا رھن ٿا. جنهن وقت انهن ٻيٽن مان ڪنهن قيمتي ڌاتو يا تيل نڪرڻ جي خبر پوي ٿي ته پوءِ ھر ملڪ ان جو مالڪ بنجيو وڃي. جيئن ويجھڙائي ۾ ڏکڻ چيني سمنڊ جي ھڪ ٻيٽ اسپرئٽلي (Spratlay I) تي ڀروارن ملڪن جو ڦڏو ٿي پيو آھي. ھن ٻيٽ جي مليٽري اھميت ۽ تيل نڪرڻ ڪري ھاڻ چين، ملائيشيا، فلپين، ويٽنام ۽ انڊونيشيا ان تي پنهنجي مالڪيءَ جو حق ڏيکارڻ لڳا آھن.
دنيا جو سڀ کان وڏو ٻيٽ
دنيا جي کنڊن (آفريڪا، آسٽريليا وغيره) کي ڇڏي دنيا جا ڏھ وڏا ٻيٽ ڳڻيا وڃن ته سڀ ۾ وڏو ٻيٽ گرين لئنڊ (Green land) آھي. گرين لئنڊ فقط نالي ۾ Green يعني سائو آھي پر برف جي ڪري کير جھڙو اڇو آھي. ھن ٻيٽ جو  85فيصد سال جا ٻارھن ئي مھينا برف سان ڍڪيل رھي ٿو ۽ سياري جا اٺ نو مھينا ته سڄو برف ۾ پوريو پيو آھي ۽ ڪٿي ڪٿي ته ان برف جا تهھ ٽي ٽي ميل اونها آھن. گرين لئنڊ اتر قطب جي ويجھو، اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ آھي. ھي ٻيٽ ڊئنمارڪ جي قبضي ۾ آھي. سندس پکيڙ ٻاويھ لک چورس ڪلوميٽر آھي. ان حساب سان گرين لئنڊ پنهنجي اصلي ملڪ ڊئنمارڪ کان 44 دفعا وڏو آھي ڇو جو ڊئنمارڪ جي پکيڙ اڌ لک چورس ڪلوميٽرن کان به گھٽ آھي. ٻارھو ئي برفباري ٿيڻ ڪري گرين لئنڊ ۾ تمام گھٽ عوام رھي ٿو- اٽڪل ستر اسي ھزار کن ماڻھو. انهن مان وڏو تعداد ھتي جا مڪاني ماڻھو آھن جيڪي ايسڪيموز سڏجن ٿا ۽ رھڻ لاءِ ھو جيڪي برف جا گول گھر ٺاھين ٿا انهن جو نالو اگلو (Igloo) آھي جنهن نالي سان اسان جي ملڪ جي آئس ڪريم مشھور آھي.
گرين لئنڊ جيتوڻيڪ ڊئنمارڪ جو ٻيٽ آھي پر اھو ڊئنمارڪ يا يورپ کنڊ کان وڌيڪ ڪئناڊا جي ويجھو آھي. سندس گاديءَ جو ھنڌ گوڊٿاب (Godthaab) آھي جيڪو ڪئناڊا جي سينٽ جان جھڙن بندرگاھن کي ويجھو آھي جتي اسان کي اونهاري جي موسم ۾ ڪيترائي دفعا جھاز وٺي وڃڻو پيو ٿي. خاص ڪري نيويارڪ پھچي پوءِ اتر ڏي ڪئناڊا وڃڻو پوندو ھو جتان پوءِ ڊئنمارڪ، ناروي يا انگلينڊ پھچڻ سولو ٿيندو ھو. جن ماڻھن يا گھٽ ۾ گھٽ جھازين ان روٽ route وارو سفر ڪيو ھوندو يا ھڪ عام ماڻھو دنيا جي نقشي کي سامھون رکندو ته ھن کي ناروي وارن جي اھا ڳالھ مڃڻ ۾ دير نه لڳندي ته (آمريڪا) اسپين جي رھاڪو ڪولمبس جي ڳولڻ کان 500 سال اڳ ناروي پاسي جي جھازين (Vikings) ڳولي لڌي ھئي جن کي- يعني وائيڪنگ کي يورپ جا ماڻھو کڻي ڦورو ۽ ڌاڙيل سمجھن پر ھو پنهنجن ماڻھن (نارويجن) لاءِ بهترين جھازران  (Navigators)ھئا. نقشي ۾ ڏسڻ سان صاف ظاھر ٿئي ٿو ته ناروي، آئسلينڊ، گرين لئنڊ ۽ ڪئناڊا ھڪ ٻئي جي ويجھو ويجھو آھن ۽ ناروي جي جھازين لاءِ پنهنجين ٻيڙين ذريعي ڪئناڊا ۽ آمريڪا پھچڻ ائين ھو جيئن ڪچي جي ماڻھن لاءِ درياھ ٽپڻ. پر ناروي جي جھازين انهن مسافرين جي (جيڪي ھنن لاءِ ھڪ عام ڳالھ ھئي) ڪولمبس وانگر اشتهار بازي نٿي ڪئي ۽ نه علي الاعلان ڍنڍورو پٽيو ٿي. ان ڪري اڄ جو نارويجن باشندو حق بجانب آھي جڏھن ھو ڪاوڙ مان چوي ٿو ته آمريڪا ۾ پھرين اسپين جو ڄٽ ڪئيپٽن ڪولمبس نه پر اسان جو نارويجن ليف ارڪسن پھتو ھو. ھا اھا ٻي ڳالھ آھي ته ڪولمبس پھريون شخص ھو جنهن ان بابت پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ ماڻھو اڄ ڏينهن تائين ان غلط فھميءَ ۾ آھن ته ڪولمبس ڪو وڏو ڄاڻو مڙس ھو.
ھو ڪولمبس کي ڄٽ ڪئپٽن يا جاھل Navigator چوڻ ۾ به غلط نه آھن جو ڪولمبس اسپين جي بادشاھ کي خرچ ڪرائي وڏو جھاز ۽ مدد لاءِ ماڻھو وٺي چڱو مڙس ٿي ايسٽ انڊيز- يعني انڊونيشيا، ملايا جھڙن ملڪن لاءِ نڪتو ھو ته اجھو ٿو جھاز کي لونگن، ڦوٽن ۽ ڪارين مرين سان ڀرائي موٽان پر رستو نه ملڻ ڪري ڀلجي وڃي آمريڪا جي بهاما، ڪيوبا، ھائتي ۽ ٽرنيڊاڊ ٻيٽن کان نڪتو (جنهن کي پوءِ ويسٽ انڊيز جو نالو ڏنو ويو.) ھاڻ ڪيڏانهن ايسٽ انڊيز ۽ ڪيڏانهن ويسٽ انڊيز. اھو ته چڱو جو دنيا بال وانگر گول آھي پر جيڪڏھن واقعي رومال وانگر چورس ۽ سڌي سنواٽي لسي ھجي ھا (جيئن سائنس جي ترقي کان اڳ ماڻھن سمجھيو ٿي) ته ھي نڀاڳو ڪولمبس پاڻ سان گڏ جھاز ۽ خلاصين کي به ڌڪو کارائي ھا- يعني جھاز رومال جي آخري ڇيڙي تائين پھچي خلا ۾ ڪري پوي ھا.
پاپئا معنيٰ گھنڊي وار
گرين لئنڊ کانپوءِ ٻئي نمبر تي وڏو ٻيٽ نيو گني (New Guinea) آھي جيڪو آسٽريليا جي ويجھو پئسفڪ سمنڊ ۾ آھي. نيو گني ٻيٽ جي پکيڙ اٺ لک کن چورس ڪلوميٽر آھي يعني اسانجي پاڪستان جيڏو آھي. نيوگني ٻيٽ ٻن حصن ۾ ورھايل آھي. ساڄي پاسي وارو اڌ پاپئا نيوگني سڏجي ٿو ۽ ھڪ آزاد ملڪ آھي. کاٻي پاسي وارو ايريان جايا ھيستائين ته انڊونيشيا جي ھٿ ۾ ھو پر ھن سال  (2000-01)، اتي رھندڙ عيسائين ۽ مسلمانن جي خونريز جھڳڙن بعد آسٽريليا ۽ ٻين طاقتور ملڪن جي اکين ڏيکارڻ تي انڊونيشيا حڪومت کي ھن کي خودمختياري ڏيڻي پئي. نئين دنيا جي ڳولھا ۾ ھي ٻيٽ پھرين پورچوگالين ۽ اسپيني جھازين کي نظر آيو. اسپين ۽ پورچوگال ٻئي پاڙيسري يورپي ملڪ آھن. ڊچ ۽ انگريزن وانگر ھنن ملڪن جا ماڻھو به سٺا جھازي ھئا ۽ ويا ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن تي قبضو ڪندا. ان کان اڳ ۾ سمنڊن تي مسلمانن جو راڄ ھو ۽ ڪنهن يورپيءَ کي خواب خيال ۾ به نه ھو ته مسلمان سمنڊ لتاڙي آفريڪا کان يورپ ھلي ايندا ۽ اسپين، پورچوگال ۽ فرانس جي ڪجھ حصن تي بنو اميھ خاندان جو ست سؤ سال کن قبضو رھندو. ان بعد يورپين اھو ئي نتيجو ڪڍيو ته دنيا تي ان جي حڪومت رھندي جن جي حڪومت سمنڊن تي رھندي ۽ سمنڊن تي انهن جو راڄ ھوندو جيڪي جھاز رانيءَ ۾ ڀڙ ھوندا. ويھين صديءَ جي اڌ تائين سڄي ايشيا، آفريڪا ۽ آمريڪا تي يورپي ملڪن جو قبضو ٿي ويو- ڪو ھڪ ٻه ملڪ سيام (ٿائلنڊ) جھڙو يورپين يا انگريزن جي ڪالوني ٿيڻ کان بچي ويو. بهرحال انڊونيشيا جي ٻيٽن جي ھن قطار ۾ سڀ کان ھن وڏي ٻيٽ نيوگني تي جڏھن پورچوگالي ۽ اسپيني پھتا ته ھن ٻيٽ جي مڪاني ماڻھن جا گـُـھنڊي وار ڏسي پورچوگالين ان جو نالو پاپئا (Papua)رکيو معنيٰ گھـنڊي وار ۽ اسپيني ماڻھن نيو گني رکيو. ھن ٻيٽ جي کاٻي پاسي (يعني الھندي پاسي) واري اڌ تي  1828ع ۾ ڊچن قبضو ڪيو ۽ ساڄي پاسي (يعني اڀرندي پاسي) وارو باقي اڌ جيڪو آسٽريليا پاسي آھي اھو جرمني ۽ انگلينڊ ورھائي کنيو. ڪجھ عرصي کانپوءِ انگلينڊ پنهنجي حصي جو ٻيٽ آسٽريليا حوالي ڪيو جن پھرين وڏي لڙائيءَ بعد جرمنن کي ڀڄائي انهن جو حصو به پنهنجي قبضي ۾ ڪيو ۽ اڌ جنهن جو نالو ايريان جايا ھو اھو 1963۾ انڊونيشيا حوالي ٿيو. ان کان اڳ نه فقط ايريان جايا تي پر انڊونيشيا جي سڀني ٻيٽن (جاوا، سماترا، بالي وغيره وغيره) تي ڊچن (يعني ھالنڊ وارن) جو قبضو ھو جيئن 1947کان اڳ سڄي انڊو پاڪ تي انگريزن جي حڪومت ھئي. آسٽريليا وارن پنهنجي حصي واري اڌ ٻيٽ (پاپئا نيو گني) کي 1975 ۾ آزاد رياست جو درجو ڏنو ۽ باقي اڌ يعني اريان جايا کي به انڊونيشيا کان کسرائي خودمختيار بنايو جنهن جو ذڪر شروع ۾ لکي آيو آھيان.
بورنيو جي باھ، مينهن ئي وسائي
گرين لئنڊ ۽ نيو گني بعد ٽئي نمبر تي وڏو ٻيٽ بورنيو آھي. بورنيو ٻيٽ فلپين جي ٻيٽن کان بلڪل ھيٺ ڏکڻ ۾ پئسفڪ سمنڊ ۾ آھي. بورنيو ٻيٽ سان وابسته قصا ڪھاڻيون انگريزن توڙي چيني، انڊين ٻين ماڻھن تمام گھڻا لکيا آھن. ھن ٻيٽ جي بئڪ گرائونڊ ۾ ڪيترائي افسانا ۽ ناول آھن. ملائيشيا کان جڏھن واپس آيو ھوس ته  مون وٽ به ڊزن کن اھڙا ڪتاب ھئا جيڪي نيوز لائين رسالي ۾ ان وقت ڪم ڪندڙ حسن مجتبيٰ ۽ نفيسھ شاھ کي ڏئي آيس جيڪي ان ٻيٽ تي ڪنهن اخباري assignment جي سلسلي ۾ وڃي رھيا ھئا.
بورنيو ٻيٽ جي پکيڙ سوا ست لک چورس ڪلوميٽر آھي. بورنيو ٻيٽ تي ڪـَـئين مڪاني حاڪمن ۽ راجائن جي حڪومت رھي جن مان ھڪ انگريز به ھو جيڪو سفيد راجا(White Raja) سڏبو ھو. ٻيٽ جو وڏو اڌ انڊونيشيا جو حصو آھي ۽ ڪالمينتان(Kalimantan) سڏجي ٿو. اتر ۾ رياستون سباح ۽ سراواڪ ملائيشيا جي تيرھن رياستن مان ٻه آھن ۽ اھي ٻه رياستون مشرقي (East) ملائيشيا سڏجي ٿو باقي مغربي ملائيشيا ٿائيلينڊ ۽ سنگاپور جي وچ ۾ آھي. جنهن ۾ باقي يارھن رياستون: پينانگ، ملاڪا، جوھور، پيراق، ترنگانو وغيره آھن. ملاڪا جي مئرين اڪيڊمي ۾ مونکي اٺ نو سال پڙھائڻ جو موقعو مليو ھو ۽ پينانگ ۽ پورٽ ڪلانگ (سيلنگور رياست) ۾ سامونڊي زندگي وارن ڏينهن ۾ جھاز وٺي اچڻو پوندو ھو.
بورنيو ٻيٽ تي مشرقي ملائيشيا جي ٻن رياستن: سباح ۽ سراواڪ جي وچ ۾ ھڪ ٻي آزاد رياست برونائي آھي جيڪو ملڪ پيٽرول ۽ گئس جي ڪري دنيا جو امير ترين ملڪ مڃيو وڃي ٿو. برونائي تي سڌي يا اڻ سڌي طرح انگريزن جي حڪومت ھئي. سال ۱۹۸۴ع ڌاري برونائيءَ کي خودمختياري ملي.
ھن پاسي مينهن تمام گھڻو پوي ٿو. سڄو بورنيو ٻيٽ جنگل ۽ گھاٽن ٻيلن سان ڀريو پيو آھي ۽ وڻ، گاھ ۽ وليون ايڏيون پراڻيون، وڏيون ۽ گھاٽيون آھن جو ماڻھوءَ جو ڪن ڪن ھنڌن تان لنگھڻ ناممڪن آھي. وڻن جون چوٽيون ھڪ ٻئي سان ائين مليون پيون آھن جو منجھند مھل به ھنن ٻيلن مان لنگھندي اونداھ رھي ٿي. ٽنڊو قيصر ۾ ته فقط ھڪ وڻ (نم جو) سؤ سال پراڻو آھي پر بورنيو ٻيٽ تي ته لکين وڻ پراڻا آھن جيڪي لڳاتار مينهن ڪري وڌندا وڃن ٿا. ھتي جا ٻيلا (بارشي ٻيلا) Rain Forests سڏجن ٿا. اھڙي گھاٽي ساوڪ ۾ ڪيترن ئي قسمن جا جيت جڙا، جـَـڙيون ٻوٽيون، پکي پکڻ ۽ مرون جانور رھن ٿا. مختلف شين جو علم حاصل ڪرڻ يا ھتي جي ٻوٽن مان دوائن لاءِ تت ڪڍڻ لاءِ يورپ ۽ آمريڪا جي يونيورسٽين جا شاگرد Ph.D لاءِ کوجنائون ڪرڻ اچن ٿا. پکين ۾ ھڪ پکي جيڪو تمام وڏي قدبت جو ۽ سھڻو ٿئي ٿو جنتي پکي (Brid of Paradise) سڏجي ٿو. ان کان علاوه ھارن بل (Horn Bills) وڏا واڏ طوطا جن کي ملئي زبان ۾ ڪاڪا توئا ۽ انگريزي ۾ ڪاڪئٽو سڏجي ٿو ڌارين ماڻھن لاءِ ڪشش جو باعث آھن. جانورن ۾ ھڪ خاص قسم جو ڀولڙو اورانگ اتان (Orang Utan) جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته انسان ذات سان تمام گھڻو ملي ٿو، ھن ٻيٽ بورنيو تي ئي نظر اچي ٿو.
ڪڏھن ڪڏھن بارش نه پوڻ ۽ سخت گرمي ڪري ھتي جي ٻيلن ۾ باھ به لڳيو وڃي ۽ پوءِ اھا باھ وسائڻ انسان ۽ ھيليڪاپٽر جي وس جي ڳالھ نه آھي. ان باھ کي قدرت ئي مينهن وسائي ختم ڪري سگھي ٿي. ملائيشيا ۾ جن ڏينهن ۾ آئون ھوس ته مشرقي ملائيشيا جي بورنيو واري رياست سراواڪ جي جنگل کي ھڪ دفعي اچي باھ لڳي. يارھن ڏينهن ٻيلا سڙندا رھيا پوءِ ٻارھين ڏينهن مينهن وسڻ تي باھ وسامي. ان بعد اندازو ڪيو ويو ته سنگاپور ٻيٽ جيڏو علائقو سڙي رک ٿي ويو. پر اھو آھي ته مينهن جي لڳاتار وسڻ ڪري اھي علائقا وري سر سبز ٿيو وڃن.
ليمور مئڊاگاسڪر جو خاص جانور آھي
دنيا جي وڏن ٻيٽن ۾ چوٿين نمبر تي مئڊا گاسڪر ٻيٽ آھي جيڪو ڪجھ عرصو اڳ ملاگاسيءَ جي نالي سان پڻ سڏيو ويو پئي. ھن ٻيٽ جي پکيڙ ڇھ لک کن چورس ڪلوميٽر آھي. ھي ٻيٽ ھندي وڏي سمنڊ ۾ آفريڪا جي ويجھو آھي بلڪ آفريڪا جي ملڪ موزمبق جي سامھون آھي. موزمبق ۽ ھن ٻيٽ جي وچ ۾ جيڪو سمنڊ جو حصو آھي اھو موزمبق چئنل سڏجي ٿو. ممباسا يا دارلسلام بندرگاھن مان نڪرڻ وقت جھاز کي ھن چئنل مان وٺي ڪيپ ٽائون يا ڪيپ آف گڊ ھوپ پار ڪرڻي پوندي ھئي. ڪراچيءَ مان سڌو نڪرڻ وارا جھازي به ھي چئنل ڏئي اڳتي وڃن ٿا. ھونءَ ته ھن پاسي سمنڊ ايڏو خراب رھي ٿو جو ڪڏھن ڪڏھن ھن چئنل مان جھاز اڪارڻ وارن جي به حالت خراب ٿي ويندي آھي. پر تڏھن به ٻاھرين پاسي يعني ھندي وڏو سمنڊ ڏئي ھلڻ کان وري به ھي موزمبق چئنل غنيمت سمجھيو وڃي ٿو. ھي ٻيٽ ڊيگھ ۾ ڏيڍ ھزار ڪلوميٽر کن ٿيندو ۽ ٽيھ ڪلوميٽر رفتار واري جھاز کي ھي چئنل پار ڪرڻ ۾ ٻه ڏينهن لڳيو وڃن. موزمبق جي منهن وٽ  “ڪرمورو”نالي ننڍا ٻيٽ آھن ۽ ساڄي پاسي يعني اڀرندي طرف دنيا جا مشھور ۽ مختصر ٻيٽ موريشس آھن.
ھي ٻيٽ (مئڊا گاسڪر) ڪنهن ملڪ جو حصو نه پر سنگاپور وانگر الڳ ٿلڳ ملڪ آھي. آدمشماري ھڪ ڪروڙ کن اٿس ۽ ڪيتريون ئي مڪس قومون رھن ٿيون. ھي ٻيٽ جيتوڻيڪ آفريڪا جي ويجھو آھي (اٽڪل 400 ڪلوميٽرن جي فاصلي ٿي ٿيندو پر ڏکڻ آفريڪا توڙي اوڀر آفريڪا جي ملڪن کان بلڪل نرالو آھي. تواريخدانن مطابق ھن ٻيٽ تي سڀ کان پھريان ماڻھو اڄ کان ٻه ھزار سال کن اڳ يعني حضرت عيسيٰ عليه السلام جي ڏينهن ۾ آيا ۽ اھي آفريڪا جي ڪنهن ملڪ بدران ملايا (اڄ جي ملائيشيا) ۽ انڊونيشيا جا ھئا جن ھتي پھچي ميرينا نالي سلطنت قائم ڪئي جن جي زبان مالاگاسي (جنهن جو بنياد ملئي ۽ پئسفڪ ٻيٽن جي زبانن مان آھي) اڄ به سڄي ٻيٽ تي ھلي ٿي. آفريڪا جا ماڻھو پنهنجي مرضيءَ سان ھن ٻيٽ تي نه آيا پر ھي ملئي ۽ انڊونيشي ماڻھو آفريڪا کنڊ تان زالون ۽ غلام وٺي آيا. بعد ۾ ڪجھ عرب، چيني ۽ ننڍي کنڊ جا ماڻھو به واپار خاطر ھتي اچي رھي پيا. ۱۵۰۰ع سن کانپوءِ انگريزن ۽ فرينچن آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن تي قبضو ڪرڻ شروع ڪيو پر مئڊا گاسڪر جي Merina سلطنت ايترو ته منظم ھئي جو ھو وڏي عرصي تائين يورپين جا ڏند کٽا ڪندا رھيا. بهر حال آخر ۾ ڪجھ عرصي لاءِ ھي ٻيٽ فرينچ حڪومت جو حصو ٿي رھيو ۽ اڄ به ھن ٻيٽ جا امير ۽ وڏا ماڻھو پاڻ ۾ فرينچ ڳالھائيندي فخر محسوس ڪن ٿا.
مئڊا گاسڪر ٻيٽ نما ملڪ جي گاديءَ وارو ھنڌ انتاناناري وو (Antananarivo) آھي جيڪو حيدرآباد جيڏو وڏو شھر آھي ۽ 15 لک آدمشماري اٿس. ٻئي نمبر تي وڏا شھر توماسينا ۽ مھاجنگا آھن جيڪي ٻئي بندرگاھ آھن. ملڪ جي قومي زبان ملاگاسي ۽ فرينچ آھي پر انگريزي به ڳالھائي وڃي ٿي. فرانس کان کيس آزادي 1960۾ ملي. گھڻي آدمشماري ۽ بيڪار قسم جي سياسي نظام ۽ حڪومت ڪري ملڪ جي معاشي حالت تباھ ٿي وئي آھي. ملڪ جو رڳو زور امداد ۽ قرض حاصل ڪرڻ تي ٿي پيو آھي. ملڪ کي پنهنجي ھوائي ڪمپني Air Madagascar آھي پر ان جا حال به پورا سارا آھن. ايئرفرانس، ايئرو فلوٽ ۽ ايئرموريشس جا ھوائي جھاز به ھفتي ۾ ھڪ دفعو ھن ٻيٽ تي مسافر کڻي اچن ٿا.
مئڊا گاسڪر  جي خاص ايڪسپورٽ لؤنگ ۽ ڪافي آھي جنهن مان ھو غير ملڪي ناڻو ڪمائين ٿا. جيئن ڪئنگرو جانور آسٽريليا جو خاص جانور آھي ۽ ڪيوي پکي نيوزيلئنڊ جو تيئن ھتي جو خاص جانور ليمور (Lemur) آھي جنهن جون ھتي 33 جنسون آھن ۽ اھو جانور ھن ٻيٽ جي ئي خصوصيت آھي. مئڊاگاسڪر جو ٻيٽ پاڪستان وانگر دنيا جي اتر اڌ گول ۾ ھجڻ بدران ڏکڻ اڌ گول ۾ آھي يعني جڏھن اسان وٽ سيارو آھي ته ھن ٻيٽ تي اونهارو ۽ جون جولاءِ جھڙن مھنن ۾ جڏھن اسان وٽ ۽ اتر اڌ گول Northern Hemisphere جي ٻين ملڪن ۾ گرمي ٿئي ٿي ته مئڊاگاسڪر ۾ سخت سيءَ.
ڪئناڊا ڪتريل پني وانگر آھي
گرين لئنڊ، نيو گني، بورنيو ۽ مئڊاگاسڪر بعد پنجين نمبر تي وڏو ٻيٽ بئفن (Baffin) آھي. بئفن ٻيٽ ڪئناڊا جو اتراھون حصو آھي ۽ اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ آھي. دنيا جي نقشي ۾ ڏسبو ته آمريڪا (USA) ھڪ يڪو ٽڪرو  (Piece)آھي. ان مٿان اتر ۾ ڪئناڊا آھي. ڪئناڊا ان پني وانگر لڳي ٿو جيڪو ڪو ڪوئو يا اڏوھي ڪـُـتري وئي ھجي ۽ ان ڪتريل پني جا ٽڪرا کائڻ بدران اتي ئي ڇڏيل ھجن ۽ اھي ڪتريل پني جا ننڍا وڏا سوين ذرڙا ڪئناڊا جا ٻيٽ آھن. انهن ٻيٽن ۾ سڀ کان وڏو ٻيٽ بئفن آھي جيڪو دنيا جو پنجين نمبر تي وڏي ۾ وڏو ٻيٽ آھي. سندس پکيڙ پنج لک چورس ڪلوميٽر آھي. تمام گھڻو اتر ۾ ھجڻ ڪري ٻارھوئي سخت برف باري ۽ ٿڌ رھي ٿي. ڪئناڊا ۾ ھونءَ ئي ماڻھو گھٽ آھن پر ھنن اتراھن ٻيٽن ۾ ته اڃان به گھٽ آھن. پوءِ اتي جي ڪارخانن ۽ بندرگاھن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ماڻھن جي ضرورت پوي ٿي ۽ جڏھن اھڙي ٿڌ ۾ ڏکيا ۽ ھيٺائين درجي جا ڪم ھنن جا پنهنجا مڪاني ماڻھو به نٿا ڪن ته ڪئناڊا جي حڪومت آفريڪا ۽ ايشيا جي غريب ملڪن مان ماڻھن کي اميگريشن جي لالچ ڏئي گھرائي ٿي ۽ دنيا کي اھو ئي ٻڌائين ٿا ته ھو انسانيت خاطر سريلنڪا جي دربدر تاملن کي، صدام جي ظلم ھيٺ آيل عراقين کي، سوماليا جي ڏڪارين کي اجھو، اٽو ۽ لـَـٽو ڏئي رھيا آھن. جيڪو اصل ۾ ان نيڪيءَ پيٺيان ھنن جو پنهنجو مقصد، سستا مزور ھٿ ڪرڻ، آھي. جيئن اسان وڏيرو ڦٽيءَ جي چونڊي، ڀاڄي ڀتي پوکرائڻ ۽ ٻيا ھيٺاھين درجي جا سستي اگھ تي ڪم وٺڻ لاءِ پنهنجي زمين تي، ضرورت مطابق، ھڪ مقرر تعداد باگڙي ڀيلن جو رکي ٿو. ھن جي ڪا باگڙي ڀيلن سان  مائٽي يا ھمدردي ناھي پر ھنن کي گھر ٺاھي رھڻ جي اجازت ڏيڻ پويان سـَـستي مزوري حاصل ڪرڻ آھي. اھو ئي حال ھنن ملڪن جو آھي. بئفن ۽ ڪئناڊا جي ٻين ڀروارن ٻيٽن وڪٽوريا، ڊيوان (Devon) ۽ بئنڪ جي پاري جھڙي ٿڌ ۽ اونداھن ڏينهن ۾ اسان جي ٽي دنيا جا ماڻھو مڪاني ماڻھن کان وڌيڪ نظر اچن ٿا.
ڪئناڊا جي بئفن ٻيٽ ۽ ڊئنمارڪ جي گرين لئنڊ ٻيٽ جي وچ ۾ ايترو فاصلو آھي جيترو ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ ۽ ان وچ واري سمنڊ جو اڌ حصو ڪافي ويڪرو ۽ اونهو آھي ۽ ھڪ قسم جو خليج ٺاھي ٿو جيڪو “خليج بئفن” سڏجي ٿو جيئن بنگلاديش ۽ ڪلڪتي وارو سمنڊ خليج ٺاھي ٿو ۽ خليج بنگال سڏجي ٿو. ڪئناڊا پاسي ھڪ ٻيٽ کان ٻئي ٻيٽ تي پھچڻ لاءِ آسان سواري فيري آھي. ٻيٽن جي وچ ۾ (سمنڊ ۾) سوين فيريون ھلن ٿيون. انهن فيرين تي اسان جي ملڪ جا ڪيترائي مئرين انجنير ۽ نيويگيٽر (Navigators) ڪم ڪن ٿا. ھونءَ به سمنڊ ۾ جھاز ھلائڻ صحرا ۾ ڀٽڪڻ آھي ۽ ھنن چئنلن ۾ فيري ھلائڻ ائين آھي جئين حيدرآباد کان سنڌ يونيورسٽي تائين ٽئڪسي ھلائڻ- يعني رستو به صاف ۽ لسو، مسافر به پڙھيل ڳڙھيل ۽ سلجھيل- رستي تي خرابي ٿي پوي ته مدد ڪرڻ ۽ ٽئڪسي ٺاھي ڏيڻ لاءِ ڪيتريون ئي سواريون ھر وقت لنگھندي نظر اچن ٿيون. سڀ کان وڏي ڳالھ ته کلئي سمنڊ وارا نه لوڏا ۽ لھرون آھن ۽ نه وري طوفان ۽ Sea Sickess جي مصيبت.
دنيا جو نائون ۽ ڏھون ٻيٽ پڻ ڪئناڊا ۾ آھي
ڪئناڊا جي ھن ٻيٽ بئفن ڀرسان ٻيا به ڪيترائي اھم ٻيٽ آھن. دنيا جي ڏھن وڏن ٻيٽن ۾ ڪئناڊا جو ھي ٻيٽ ته پنجين نمبر تي اچي ٿو ان کان علاوھ نائين نمبر وارو ٻيٽ ايلسميئرEllesmere ۽ ڏھين نمبر تي وڪٽوريا پڻ ڪئناڊا جا ٻيٽ آھن. ايلسميئر  بئفن ٻيٽ کان به گھڻو اتر ۾ آھي جتي ٻارھوئي برف رھي ٿي جنهن تي اڇا برفاني رڇ آھن يا اسڪيموز ۽ سندن ٿلھي بج وارا ڪتا. ھن ٻيٽ جي پکيڙ ٻه لک سترھن ھزار چورس ڪـلوميٽر آھي اھڙي طرف وڪٽوريا ٻه لک چورس ڪلو ميٽر آھي. جيڪو ايلسميئر جيترو کڻي گھڻو اتر قطب ۾ نه آھي پر تڏھن به الاسڪا کان گھڻو مٿي اتر ۾ آھي. يعني سائبيريا جي ختم ٿيڻ بعد آھي. ھن سال سائبيريا جي ڏاکڻن علائقن ۾ به ڪاٽو چاليھ (-40) ڊگريون ٿڌ رھي. سال جو وڏو حصو خبر ئي نه پوندي آھي ته ھي ٻيٽ ڪٿي ختم ٿئي ٿو ۽ سمنڊ ڪٿان شروع ٿئي ٿو ڇو جو سمنڊ جو پاڻي به برف ٿيو ھوندو آھي. ماڻھو ۽ جانور جيئن ٻيٽ مٿان پيا ھلندا آھن تيئن سمنڊ مٿان. مڇين ڦاسائڻ لاءِ به سمنڊ جي مٿان کڏ کوٽي ڳڙکو ٺاھي پوءِ ھيٺ پاڻيءَ ۾ مڇي ڦاسائڻ جو ڪانٽو ڦٽو ڪن يا لنگھندڙ مڇيءَ کي ڀالي سان مارين. ٿڌ ٿيڻ ڪري سمنڊ جو مٿيون حصو برف ٿيو وڃي پر ھيٺ سمنڊ رھي ٿو ۽ سمنڊ جي مخلوق ھڙي ٿڌ ۾ به ھيٺ صحيح سلامت ھلندي رھي ٿي. دنيا جي ھر شيءَ ٿڌي ٿيڻ ڪري ڄمي ٿي، سـُـسي ٿي ۽ ڳري ٿئي ٿي. ھڪ پاڻي اھڙي شيءَ آھي جيڪو ٿڌ ۾ ڄمي ضرور ٿو پر سسڻ ۽ ڳري ٿيڻ بدران ڦونڊي ٿو ۽ ھلڪو ٿئي ٿو. ان ۾ ڏٺو وڃي ته قدرت طرفان انسان ذات لاءِ ڀلائي آھي. جيڪڏھن پاڻي به برف ٿيڻ تي سسي ھا ۽ برف ڳري ٿئي ھا ته پوءِ سمنڊ جي مٿاھن تهن جو پاڻي برف جون ڇپون بنجڻ بعد ترڻ بدران ھيٺ تر وڃي وٺن ھا ۽ انهن ميلن جا ميل سمنڊ جي حصي جون مڇيون برف جي ڇپن ھيٺان چپجي مري وڃن ھا.
دنيا جي ڏھن وڏن ٻيٽن مان ست ٿي ويا باقي ٽي ھن ريت آھن ڇھين نمبر تي سماترا ٻيٽ آھي، ستين تي ھونشو (Honshu) ۽ اٺين تي برطانيا.
انڊونيشيا جو جاوا، سماترا ۽ بالي ٻيٽ
سماترا ٻيٽ جي پکيڙ سوا چار لک چورس ڪلو ميٽر آھي. سماترا بورنيو وانگر انڊونيشيا جو ٻيٽ آھي. دراصل ڪي ملڪ ٻيٽن جا جھڳٽا آھن جيئن ته انڊونيشيا، فلپين ۽ جپان وغيره. بنگلاديش جي ھيٺان اندامان ۽ نڪوبار ٻيٽن کان وٺي انڊونيشيا جا ٻيٽ شروع ٿين ٿا ۽ آسٽريليا تائين ھليا وڃن ٿا. شيشي جي ڀڳل جڳ جي ٽڪرن وانگر ننڍا وڏا ھندي ۽ پيسفڪ سمنڊ ۾ پکڙيا پيا آھن. سماترا ٻيٽ جي شروع واري ڪنڊ آچيح وارو علائقو سڏجي ٿو جتي ڪنهن زماني ۾ آچيح سلطنت وڏي طاقتور حڪومت ھئي. انگريزن ۽ ڊچن به ملايا ۽ انڊونيشيا تي قبضو ڪرڻ لاءِ پھرين ھن علائقي ۾ ديرو ڄمايو. ملاڪا، پينانگ ۽ سنگاپور ته گھڻو پوءِ نقشي تي ظاھر ٿيا. سو سماترا ٻيٽ جي ھن شروع واري علائقي کان وٺي انڊونيشيا جي آخري ٻيٽن مالوڪو (Maluku) ۽ ايريان جايا تائين ڊگھائيءَ جو حساب لڳايو وڃي ته مفاصلو ڇھ ھزار ڪلوميٽر ٿئي ٿو. ھڪ ھنڌ ويھي انهن سڀني ٻيٽن تي حڪومت ڪرڻ ۽ انتظاميھ کي سنڀالڻ ڪو سولو ڪم ناھي- يعني ڪراچيءَ کان اسلام آباد تائين چار چڪر ٿيا. تپيدارن جو ته ماپون ڪندي ۽ ڍلون اوڳاڙيندي سر ويندو ھوندو. سرڪاري آفيسرن کي ٽيپ ڏيڻي ھجي ته کين ڪئپيٽل جڪارتا مان مالوڪو يا ايران جايا موڪلي ڇڏجي جيڪي جايون ڪاري پاڻيءَ کان گھٽ ناھن.
انڊونيشيا جي گاديءَ وارو ھنڌ جڪارتا جنهن ٻيٽ تي آھي ان جو نالو جاوا آھن، سماترا ٻيٽ بعد جاوا ٻيٽ آھي. جاوا سماترا جي اڌ کان به ننڍو آھي پر آدمشماريءَ جي حساب سان تمام گھڻو ڳتيل آھي. دنيا ۾ مسلمانن جو سڀ کان وڏو تعداد انڊونيشيا ۾ آھي ۽ ھن ٻيٽ (جاوا) تي رھي ٿو. جاوا جي اڀرندي پڇ وٽ انڊونيشيا جو ھڪ بيحد رومانوي ۽ خوبصورت ٻيٽ سورابايا (Surabaya) آھي. رومانوي ان خيال کان ته ھن ٻيٽ جي پس منظر ۾ ڪيترائي قصا، ڪھاڻيون ۽ ناول لکيل آھن. ان ٻيٽ جي ڀرسان ھڪ ٻيو ننڍڙو ۽ اوتروئي رومانٽڪ ٻيٽ بالي آھي جنهن تي سڄو سال دنيا جا ماڻھو گھمڻ لاءِ ايندا رھن ٿا. بالي واحد ٻيٽ يا ھنڌ آھي جتي جي ماڻھن جو ھندو ڌرم سان واسطو آھي. جنرل ناليج جي سوالن ۾ اڪثر اھو پڇيو ويندو آھي ته ھندستان کان علاوھ اھو ڪھڙو ملڪ آھي جتي جو سرڪاري مذھب ھندو ڌرم آھي. ۽ اھو انڊونيشيا جو ھي ٻيٽ بالي آھي. بهر حال ھتي دنيا جي ڇھين نمبر وڏي ٻيٽ سماترا جي ڳالھ ھلي رھي ھئي جنهن جي پھاڙي سلسلي کي صاف موسم ۾ روزانو پنهنجي گھر جي بالڪني ۽ آفيس جي ڏاکڻي دريءَ مان ڏسندو ھوس. ملاڪا ۾ جتي آئون اٺ سال کن رھيس اتي منهنجو گھر سمنڊ (ملاڪا ڳچي سمنڊ) جي ڪناري تي ھو ۽ سمنڊ جي ان سوڙھي پٽي (Malacca Stait) جنهن جو نالو ملائيشيا جي شھر ملاڪا تان پيو، جي پرئين ڀر ھن ٻيٽ جو ڪنارو ھو. ھي ٻيٽ ايڏو وڏو آھي جو سڄو ملائيشيا (ويسٽ ملائيشيا) ٿائلنڊ جي پکيٽ، سونگڪلا ۽ ھاديائي شھرن کان سنگاپور تائين ھن جو اڌ جيترو ٿو ٿئي.
ملائيشيا ۽ سماترا ٻيٽ جي وچ ۾ پيدا ٿيل ھن سامونڊي پٽيءَ ۾ ھندي وڏي سمنڊ ۽ چيني سمنڊ جي ڇتين لھرن ۽ طوفانن جو اثر نٿو ٿئي. ھن کي اڪرڻ وارا ٻه ڏينهن کن دنيا جا جھازي ۽ سامونڊي مسافر سڪون سان گذاريندا آھن، البته ڪجھ حصا تانگھا ۽ بيحد سوڙھا ھجڻ ڪري ڪجھ پريشانيءَ جو باعث رھن ٿا ته ڪٿي معمولي بي خياليءَ ڪري جھاز خشڪيءَ تي نه چڙھي وڃي يا سامھون ايندڙ جھاز کي ڪراس ڪندي به ٽينشن رھي ٿي ته ڪٿي پنهنجي يا پرائي غلطي ڪري ٻئي جھاز ڌڪجي نه پون.
سماترا ٻيٽ خط استوا تي ھجڻ ڪري سج جا ڪرڻا سڌا پون ٿا ۽ سخت گرمي ٿئي ٿي پر ڏينهن جو وڏو حصو جھڙ ھجڻ ڪري ٿڌڪار لڳو رھي ٿو. گھڻي مينهن وسڻ ڪري ھن پاسي ساوڪ ئي ساوڪ لڳي پيئي آھي ۽ ناريل، انناس، ليچي، رمبوتان، دورين ۽ پپئي جھڙو ميوو جام ٿئي ٿو.
جپان ٻيٽن جو گلدستو آھي
دنيا جي ڏھن وڏن ٻيٽن ۾ باقي ٻه رھجي ويا آھن جن مان ستين نمبر تي ھونشو آھي. ھونشوءَ جو نالو ٻڌي توھان کي به ھوشو ياد ايندو ھوندو ۽ توھان به سوچيندا ھوندا ته ھن ٻيٽ جو واسطو شايد سنڌ ھند سان ھجي پر ھن ٻيٽ  جو واسطو جپان سان آھي بلڪ جنهن کي اسان جپان چئون ٿا ۽ جپان جي جن اھم شھرن سان اسانجو گھڻو واسطو پوي ٿو جھڙوڪ: ٽوڪيو، يوڪوھاما، اوساڪا، ڪوبي، ڪواساڪي، نگويا، ڪيوٽو، تويوھاشي، ھيميجي ويندي ھيروشيما وغيره، اھي سڀ ھن ٻيٽ تي آھن. جپان دراصل چئن وڏن ٻيٽن ۽ سوين ننڍن ٻيٽن جو گلدستو آھي. اھي چار وڏا ٻيٽا ھي آھن: اتر ۾ ھڪيدو، ان بعد ھي ھونشو جيڪو سڀ ۾ وڏو آھي، ان بعد شڪاڪو ۽ پوءِ ڪيوشو. ھي ٻيٽ پئسفڪ سمنڊ ۾ آھن. ھونشو ٻيٽ جي پکيڙ سوا ٻه لک کن چورس ڪلوميٽر آھي.
اٺين نمبر تي وڏو ٻيٽ برطانيھ آھي جنهن ۾ انگلنڊ ۽ اسڪاٽلئنڊ اچيو وڃن ٿا. ھن ٻيٽ جي پکيڙ 2 لک 18 ھزار چورس ڪلوميٽر آھي. برطانيھ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ آھي. کاٻي پاسي واري ٻيٽ جو اتراھون ننڍو حصو بيلفاسٽ آھي ۽ باقي آئرلئنڊ. برطانيھ جي ساڄي پاسي وارو سمنڊ اتر سمنڊ (North Sea) سڏجي ٿو. يورپ کنڊ جا ملڪ: ھالنڊ، بيلجم ۽ فرانس ھن ٻيٽ کي سڀ کان ويجھو آھن ۽ انهن ملڪن ۽ انگلنڊ جي وچ ۾ جيڪو سمنڊ جو سوڙھو حصو آھي اھو انگلش چئنل سڏجي ٿو. انگلنڊ کان انهن ملڪن ڏي يا يورپ جي ٻين ملڪن ڏي وڃڻ لاءِ روزانو ڪيتريون فيريون (ننڍا مسافر جھاز) ھلن ٿا. ھاڻ ته فرانس ۽ انگلنڊ جي وچ۾ سمنڊ اندران سرنگھ به ٺاھي وئي آھي جنهن ذريعي گاڏيون انگلش چئنل ڪراس ڪندويون رھن ٿيون.
ڀؤنچ سمنڊ (Mediterranean) کان انگلنڊ ويندي رستي تي ھڪ ڏيڊ ڏينهن جي سفر جيترو خيلج بسڪي (Bay of Biscay) اچي ٿو. سمنڊ جو ھي حصو اڪثر خراب رھي ٿو ۽ ڪڏھن ڪڏھن ان حصي تان جھاز ھلائڻ ۾ اھو ڏينهن ڏيڊ ڪافي منهن مٿو پٽڻو پوي ٿو ۽ شروع جا سال بي آف بسڪي وٽان لنگھندي مون جھڙا ڪيترائي جھازي الٽيون ڪرڻ کان جيڪو وقت فرصت ملندي ھوندي ان ۾ سامونڊي نوڪري ڇڏڻ جو  “پڪو”  پھ ڪندا ھوندا.
برطانيھ دنيا جي ڏھن وڏن ٻيٽن مان ضرور آھي پر ڪو اھڙو وڏو ملڪ به نه آھي. ٻه اڍائي لک چورس ڪلوميٽر ڇا آھي جتي فقط پاڪستان ان کان چئوڻو وڏو (8 لک چورس ڪلوميٽر) آھي ۽ ھندستان پاڪستان (سڄي ننڍي کنڊ) جي پکيڙ چاليھ لک چورس ڪلوميٽر آھي پر انگلنڊ وارن عقل ۽ سامونڊي طاقت ذريعي اسان جھڙن ڪئين ڏورانهن ملڪن تي قبضو ڪري ورتو. ۽ انگريزن جو اھو چوڻ حق بجانب ھو ته ھنن جي حڪومت تان سج لھي ئي نٿو. ھانگ ڪانگ، سنگاپور، ملائيشيا ۾ غروب ٿئي ٿو ته انڊيا، سلون ۾ ته آھي. اتي لھي ٿو ته آسٽريليا، نيوزيلئنڊ، ڪينيا يوگنڊا ۾ ته آھي يا نائيجيريا، سوڊان ۽ گھانا ۾ ته آھي ۽ اتي لھي ٿو ته ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ٻي پار ڪئناڊا ۾ ته آھي. ھٽلر ٻائيتال نه مچائي ھا ته انگريزن جي حڪومت تان سج ته ڇا چنڊ تارا به نه لھن ھا.
وطن ورڻ جي وائي ڪريو
دنيا ۾ ننڍا وڏا ٻيٽ کوڙ، انهن جون سچيون ۽ ڪوڙيون ڳالھيون ۽ قصا به کوڙ، گھڻو ڪري ڪيترن ٻيٽن جون حقيقتون ۽ خيالي ڳالھيون ٻڌائڻ وارا سامونڊي جھازي ٿين. جن ۾ ننڍين ٻيڙين ۽ بتيلن وارن ناکئن، مھاڻن کان سڙھ تي ھلندڙ ڪاٺ جي ۽ انجڻين تي ھلندڙ آفت جيڏن لوھي جھازن جا جھاز ران ۽ مسافر اچي وڃن ٿا. اڄ جا جھاز ھلائيندڙ ھڪڙا آھن، انهن جھازن جو روٽ مقرر ڪرڻ ۽ مختلف بندرگاھن ۾ وڃڻ ۽ نه وڃڻ جو فيصلو ڪندڙ ٻيا آھن جيڪي ڪناري تي آفيسن ۾ ويھي نفعي نقصان جو سوچي فيصلو ڪن ٿا ۽ جھاز وارن ڏي (Communication) جي مختلف ذريعن معرفت نياپا ڪن ٿا جيڪي حڪم جي حيثيت رکن ٿا ۽ وڏا صاحب وچئين ٽيا آھن جيڪي جھازن جا مالڪ آھن يا حڪومت پاڻ آھي. جھاز طاقتور انجڻين ڪري تکو ھلن ٿا. مٿن سامونڊي لھرون ۽ ھوائون اثر نٿيون ڪن. مقرر وقت تي بندرگاھن ۾ پھچيو وڃن. بندرگاھ ماڊرن ھجڻ ڪري سامان لاھڻ چاڙھڻ جو ڪم جلدي اڪليو وڃي پورٽ قاسم جھڙن بندرگاھن ۾ به چانورن سان ڀريل جھاز ٻن ڏينهن ۾ خالي ٿيو وڃي. جھاز جي مالڪن جي به اھائي خواھش رھي ٿي ته جھاز بندرگاھ ۾ بيٺو نه رھي ان کان ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ سامان ڍوئي ھلندو ئي رھي، ھلندو ئي رھي.
اڳئين زماني ۾ ائين نه ھو. ٻيڙيون يا ٻيڙا يا ڪاٺ جا ننڍا جھاز سڙھن تي ھلندا ھئا ۽ ھوائن جي رحم وڪرم تي ھئا. ھوا لڳي ٿي ته ھليا ٿي، نٿي لڳي ته وچ سمنڊ ۾ بيھي رھيا ٿي ۽ ھوا جي رخ مطابق جھاز مقرر بندرگاھن ڏي ويا ٿي. سياري ۾ اتر جون ھوائون لڳنديون ھيون ته گلف ۽ عربستان کان جھاز ديبل، مانڊوي، ڀاءُنگر، صورت، بمبئي، گوا، ڪاليڪٽ، ٽرائي ويندرم (سنڌ ھند) جي بندرگاھن مان ٿيندا لنڪا(سلون /سري لنڪا) پھچندا ھئا. ھو وچ سمنڊ مان ھلڻ بدران ڪنارو ڏئي ھلندا ھئا ۽ منزل تي پھچڻ بعد موٽڻ ھنن جو ھٿ ۾ نه ھوندو ھو. ھنن کي ھوائن جي رخ بدلجڻ جو انتظار ڪرڻو پوندو ھو ۽ پوءِ ھنن کي موسم بدلجڻ جي انتظار ۾ ٻه ٽي مھنا به لڳي ويندا ھئا. اھو وقت ھو پنهنجن ٻيڙن /جھازن جي ٺاھ جوڙ ۾ لڳائيندا ھئا. ڀڳي ٽٽي صحيح ڪندا ھئا. ڪاٺ جون چپڙيون ھڻي ڪليون ٺوڪي پاڻيءَ جي سيمي کي روڪيندا ھئا. جھاز جي ٻاھرين جسم تي چنبڙيل سپون ۽ سامونڊي ڪينئان صاف ڪري ڪاٺ کي لسو ڪندا ھئا ۽ تيل جا مک ڏئي پنهنجن ٻيڙن کي چلڪائيندا ھئا. پکين (خاص ڪري Sea Gulls ) جون وٺيون لڳل ۽ ڦاٽل سڙھن کي ڌوئندا ھئا ۽ چتيون ھڻي سيبو ڪندا ھئا. ڪيترا ته اھو عرصو مڪاني زميندارن وٽ ھارپو ڪندا ھئا. يعني ھوائن جو رخ صحيح ٿيڻ تي سامونڊي سفر ڪندا ھئا باقي وقت ٻني ٻارو. موافق ھوائون لڳڻ تي جھاز جي ڪئپٽن (ناکئي) جي رڙ پئي پوندي ھئي ته بابا پرايو ملڪ ڇڏي، وطن ورڻ جي وائي ڪريو. پوءِ ڪي ڏينهن ڏينهن ڳڻڻ وارا پھرين سڏ تي پھچي ويندا ھئا. ڪي پنهنجي ٻني ٻاري ۽ ھارپي جو زميندار کان حساب چڪائڻ ۾ ڪجھ ڏينهن لڳائي ڇڏيندا ھئا ۽ ڪي عاشق مزاج پنهنجي وطن جي زالن کي وساري مڪاني عورتن سان شادي ڪري ان بندرگاھ جا ٿي ويندا ھئا. رستي جي مسافري ۽ ڪم ڪار لاءِ جھاز جي ناکئي کي مجبورن انهن پاران ٻيا وطني ڳولڻا پوندا ھئا يا اتي جا مڪاني مزور ڀاڙي تي کڻي لنگر کڻڻو پوندو ھو.
جنهن جي ھٿ ۾ قطب نما اھو جھاز جو ناکئو
ھي لفظ ناکئو به خوب آھي جيڪو اسان وٽ سنڌ ۽ ڪڇ ڀوڄ ۾ عام استعمال ٿئي ٿو جيڪو فارسيءَ جي لفظ ناخدا تان ٺھيل آھي. نائو معني ٻيڙي ۽ ناخدا (نائو +خدا) معنا ٻيڙي کي سنئين راھ تي ھلائيندڙ- يعني ڪئپٽن. انهن ڏينهن ۾ اھي ٻيڙا فقط ڪئپٽن (Navigators) ئي ھلائيندا ھئا. انجڻيون ته اڃان ايجاد ئي نه ٿيون ھيون جو جھازن تي اسانجھڙا انجنيئر  (Marine Engineers)رکيا وڃن. ۽ ان دور ۾ ناکئو (ڪئپٽن) نه فقط Navigator ھو پر  ان جھاز/ ٻيڙي جو مالڪ (Ship Owner) ۽ جھاز ۾ چڙھيل سامان جو واپاري (Consignee) به پاڻ ھوندو ھو. يعني ھو ھڪ قسم جي ٿري-ان-ون (Three in One) نموني جي شيءَ ھو. شاھ لطيف جي بيتن ۾ استعمال ٿيل لفظ  “وڻجارو”  ان جي ڪافي ويجھو آھي ۽ اھو لفظ ان قسم جيThree in one شخصيت لاءِ آھي.
بهرحال اڄ جي مشغول جھازيءَ کي بندرگاھ ۾ ايترو وقت نٿو ملي جو کڻي ٽٿ پيسٽ وٺي يا خط پوسٽ ڪري. ٽيھ سال اڳ جڏھن اسان جھازن تي چڙھياسين جھاز کڻي ماڊرن ۽ تيز ھئا پر بندرگاھن ۾ ڪم ايڏو سـُـست ھليو ٿي (جنهن جي اسانکي خوشي آھي ۽ ھر جھازيءَ جو اھو خواب ھوندو آھي ته سندس جھاز جڏھن بندرگاھ ۾ پھچي ته بندرگاھ ۾ ڪم ڪندڙ مزورن جي ھڙتال ھجي جيئن ھن کي بندرگاھ ۾ گھڻي کان گھڻو وقت گھمڻ ۽ آرام لاءِ ملي) جو جدي، دمام ۽ لنڊن لورپول جھڙن بندرگاھن ۾ به جھاز مھينا ترسيو ٿي. ۽ جڏھن جھاز سڙھ تي ھوا جي لڳڻ تي ھلندا ھئا تڏھن ته جھاز وارن کي بندرگاھن ۾ مھنن جا مھنا ترسڻ لاءِ ملي ويندا ھئا ۽ پوءِ وقت گذارڻ لاءِ مڪاني ۽ ٻين ملڪن کان آيل جھازين سان ملي خبرون چارون ۽ قصا ڪھاڻيون ڪندا ھئا. ان دور ۾ جھاز ڪاٺ جا ۽ ننڍا ھوندا ھئا ۽ ھر بندرگاھ ۽ ھر ٻيٽ تي پھچي ويندا ھئا. اڄ جا جھاز ته فقط مقرر بندرگاھن ۾ وڃن ٿا. اڳ جي زماني ۾ سواءِ قطب نما (اتر ڏيکاريندڙ سئيءَ واري) دٻليءَ جي سمنڊ تي رستو ڳولڻ لاءِ نه نقشا (Charts) ھئا نه ريڊيو (Path Finder) نه رڊار. تڏھن Sattelite جھڙين شين جو ته ڪو سوچي به  نٿي سگھيو. واسڪو ڊيگاما  وٽ ڪو انڌو منڊو نقشو ھو ۽ ھن ڪيپ آف گڊ ھوپ ان نقشي ذريعي سلامتيءَ سان اڪري ته ھو خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيو. ساڻس ڪم ڪندڙ خلاصي جيڪي سمنڊ جي ڇتين لھرن کان بيزار ٿي پنهنجي وطن (پورچوگال) ورڻ جو پھ ڪري رھيا ھئا تن جي ھر وقت اھا ڪوشش ھئي ته ڪو بل لڳي ته ان واسڪوما جو اھو نقشو چوري ڪجي ۽ ان ذريعي واپس موٽجي. يعني انهن ڏينهن ۾ جنهن جي ھٿ ۾ قطب نما يا نقشو ھوندو ھو اھو جھاز جو ناکئو سمجھيو ويندو ھو. ھوڏانهن واسڪو ڊيگاما کي به کڙڪ پئجي وئي ته ھي نڀاڳا مون کي انڊيا تائين سفر پورو ڪرڻ نه ڏيندا ۽ نقشو ڦرڻ لاءِ ماڳھين منهنجو خون ڪندا. ان ڊپ کان ھن سڀني اڳيان نقشي جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري سمنڊ ۾ اڇلي ڇڏيو ۽ سڀ سڌا ٿي ھن جي چوڻ مطابق ھلڻ لڳا.
ان زماني ۾ سامونڊي رستو ڀلجڻ ته ڪا ڳالھ ئي نه ھئي. ھڪ بندرگاھ بدران ٻئي مان نڪرڻ عام ڳالھ ھوندي ھئي يا اصلي بندرگاھ ۾ پھچڻ کان اڳ پنهنجي ٻيڙي کي ڏھن بندرگاھن مان گھمائيندا ويندا ھئا ۽ بندرگاھ به ڪي اڄ جا بندرگاھ نه ھوندا ھئا جن تي ڌڪا ۽ ڪرينون ھجن، لائيٽ ھائوس ۽ بيڪن وارا  buoyھجن، ڪسٽم ۽ اميگريشن پوليس ھجي. بس پيٽارو ۽ ٻڍاپور، ھالا پراڻا ۽ ڊڀري جھڙا دريائي قسم جا بندرگاھ ھئا ۽ ڪئپٽن (ناکئا) به اھڙا ئي ڪولمبس جھڙا ھئا جنهن کي آخر تائين خبر نه پيئي ته چڱو مڙس اوڀر ڏي (انڊيا، انڊونيشيا) ڏي پيو وڃي يا اولھ ڏي (بهاما، ڪيوبا ڏي)! ڪي ته وري ناکئا ۽ خلاصي ڄاڻي واڻي ڪنهن رومانٽڪ ٻيٽ تي ترسي پوندا ھئا ۽ ويندا ھئا شاديون ڪندا ۽ ٻار ڄڻيندا ۽ پوءِ دل ڀرجڻ تي وطن واپس موٽي اچي پنهنجي اصلي زال ۽ جھاز جي مالڪ کي اھو ٻڌائيندا ھئا ته طوفان لڳڻ تي ھنن کان رستو خطا ٿي ويو. جھاز ڀڄي پيو ۽ ھو ھڪ ويران ٻيٽ تي  وڃي نڪتا. اھڙن جھازين جي رومانوي ڪھاڻين ۽ زندگين کان ڪئين دور دراز جا ٻيٽ مشھور آھن.
ڪاري پاڻي (عمر قيد) وارا ٻيٽ
ھتي اسان ننڍي کنڊ جي  ويجھڙائي وارن ٻيٽن جو ذڪر ڪنداسين. سڀ کان پھرين انڊامان ۽ نڪوبار  ٻيٽن جو جن اسانجي ننڍي کنڊ جي ماڻھن لاءِ ڪا رومانيت ته نٿي رکي پر ھنن لاءِ اھي ٻيٽ خوف ۽ خطري، ڏوھ ۽ ڏھڪاءَ جي علامت ھئا. اھي ٻيٽ تاريخ ۾ ڪاري پاڻيءَ جي نالي سان مشھور آھن. انگريز پنهنجي حڪومت ۾ وڏن ڌاڙيلن ۽ قاتلن کي سزا طور ھنن ڏورانهن ٻيٽن تي موڪلي ڇڏيندا ھئا جتان سندن ورڻ جي ڪا اميد نه ھوندي ھئي. ان کان علاوھ اھي وطن جي آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙڻ وارا پروانا جن مان انگريز حاڪمن کي سندن حڪومت لـُـڏڻ جو ڊپ ھوندو ھو، انهن آزادي جي جدوجھد ڪندڙن ۽ باغي سياستدانن کي پڻ انگريز سزا خاطر ڪاري پاڻي (يعني انڊامان ۽ نڪوبار ٻيٽن تي) موڪليندا ھئا. ھنن ٻيٽن تان ڀڄڻ مشڪل ڪم ھو. پوليس جو سخت پھرو ھو. ٻيٽن جي اوس پاس وارو سمنڊ (تڏھن به ۽ اڄ به) شارڪ مڇين کان بدنام ھو. شارڪ مڇي سڀ ۾ خطرناڪ آھي ۽ بکايل حالت ۾ ماڻھن تي به حملو ڪري ٿي. ھي ٻيٽ چوڌاري گھاٽن ٻيلن ۽ جھنگلن (Rain Forest) سان ڇانئيل ھئا جتي جا اصل جنگلي باشندا- خاص ڪري جاراوا قبيلي جا ماڻھو (تڏھن به ۽ اڄ به) آدمخور قسم جا ھئا. اڄ جي دور ۾ به ھنن ٻيٽن تي گھمڻ لاءِ ايندڙ سياحن کي جنگلن مان اڪيلو لنگھڻ جي سختيءَ سان منع آھي. ھنن ماڻھن جي علائقن مان ھلندڙ بس ۾ ھر وقت پوليس جو گارڊ وھي ٿو جيئن شھري ۽ ڌاريان ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ تائين حفاظت سان سفر ڪري سگھن ۽ ھنن جنگلي ماڻھن (جاراوائن) جي ور نه چڙھن جيڪي ھر وقت جانورن سان گڏ ماڻھن کي پڻ مارڻ جي تاڙ ۾ رھن ٿا.
ھندستان جي نقشي کي ڏسبو ته ھن جي کاٻي پاسي به سمنڊ آھي ته ساڄي پاسي (اوڀر ۾) به سمنڊ آھي. کاٻي پاسي يعني اولھ پاسي وارو سمنڊ جيڪو ڪاليڪٽ، گوا، سورت، ڪراچي ۽ ايران، گلف، عمان ۽ يمن جي بندرگاھن کي ڇھي ٿو عربي سمنڊ سڏجي ٿو ۽ ھوڏانهن اوڀر پاسي وارو سمنڊ جيڪو مدراس، ڪلڪتي، بنگلاديش جي بندرگاھن (چالنا ۽ چٽگانگ)، برما جي بندرگاھ ينگون (رنگون) کي ڇھي ٿو اھو خليج بنگال (Bay of Bangal) سڏجي ٿو. ھي ٻئي سمنڊ (عربي سمنڊ ۽ خليج بنگال) ھندي وڏي سمنڊ (Indian Ocean) جا حصا آھن. ھندي وڏو سمنڊ (بحر ھند) ساڄي پاسي ملائيشيا ۽ انڊونيشيا تائين پکڙيل آھي ۽ ھيٺ آسٽريليا تائين ھليو وڃي ٿو ۽ کاٻي پاسي آفريڪا جو اوڀر وارو سڄو ڪنارو ڇھي ڏکڻ آفريڪا جي ڪيپ ٽائون شھر وٽ ائٽلانٽڪ سمنڊ سان وڃيو ملي. ھڪ طرف کان ائٽلانٽڪ سمنڊ ۽ ٻئي پاسي کان ھندي وڏو سمنڊ جڏھن ڏکڻ آفريڪا جي ھيٺئين پوڇڙ وٽ ٽڪرائجن ٿا ته تمام وڏيون لھرون پئدا ٿين ٿيون ۽ صدين کان سمنڊ جو ھي حصو جيڪو Cape of Good Hope سڏجي ٿو جھازين لاءِ خوفناڪ پئي رھيو آھي.
نه وڏيون ويرون نه ڪڙڪيدار ڪـُـن
بهر حال ڪراچيءَ کان چٽگانگ ۽ ڪلڪتي ويندي يا ينگون ۽ ملائيشيا ويندي واٽ تي سري لنڪا (سلون) جي ٻيٽ کي ضرور ڦيرو ڪرڻو پوي ٿو. ڪراچي کان ڪولمبو (سري لنڪا) ويندي عربي سمنڊ ۾ ٻيٽن جا ٻه مشھور جھڳٽا آھن. ھڪ ڪاليڪٽ جي سامھون وارا ٻيٽ جن کي اسين لڪشادويپ (Lakshadweep) ٻيٽ سڏيون ٿا (۽ انگريزي ۾Laccadive  ٻيٽ) جيڪي انڊيا جي ملڪيت آھن. ٻيٽن جو ٻيو جھڳٽو لڪشادويپ ٻيٽن جي بلڪل ھيٺان (اٽڪل پنج سؤ کن ميل ڏکڻ ۾) ۽ ڪولمبو جي کاٻي پاسي (اٽڪل ٽي سؤ کن ميل اولھ ۾) آھي. ھي مالديپ ٻيٽ آھن جن جو انگريزي نالو Maldives وڌيڪ مشھور آھي. مالديپ آزاد ملڪ جي حيثيت ۾ ٻيٽ آھن ۽ گاديءَ جي شھر جو نالو مالي آھي. ھنن غريب پر بيحد خوبصورت ٻيٽن جو احوال اڳتي ھلي ڪنداسين.
ھن وقت انڊامان ۽ نڪوبار ٻيٽن لاءِ اسان کي خليج بنگال واري سمنڊ ڏي اچڻو پوندو. ھي ٻيٽ جيتوڻيڪ انڊيا جي ملڪيت آھن پر نقشي ۾ ڏسڻ سان ئي معلوم ٿئي ٿو ته اھي ننڍي کنڊ جي ڪنهن به حصي کي ايترو يجھو نه آھن جيترو ٿالئنڊ (پکيٽ کان 300 ميل کن ٿيندا) ۽ انڊونيشيا جي سماترا ٻيٽ کي ويجھو آھن. ڪولمبو کان ھندستان يا بنگلاديش (جيڪو پڻ انگريزن جي ڏينهن ۾ ھندستان جو حصو ھو) جي ڪنهن به بندرگاھ ڏي ويندي ھي ٻيٽ نظر نٿا اچن باقي رنگون (برما) ويندي وقت انڊامان ٻيٽ وٽان لنگھڻو پوي ٿو ۽ چين، جپان، ڪوريا ۽ ھانگ ڪانگ وغيره ڏي وڃڻ لاءِ پڻ (توڙي ملائيشيا جي بندرگاھن: پينانگ، پورٽ ڪلانگ ملاڪا لاءِ يا سنگاپور لاءِ) ملاڪا واري ڳچي سمنڊ ۾ گھڙڻو پوي ٿو جيڪو سماترا ٻيٽ جي آچيح واري علائقي کان شروع ٿئي ٿو. ھر جھازي چاھي بنگلاديش ۽ ڪلڪتي کان اچي يا ڪولمبو کان ھو نڪوبار ٻيٽن کي ڌيان ۾ رکي ٿو. ھن کي جي نڪوبار ٻيٽ نظر اچي ويا معنيٰ ھو صحيح رستو وٺيو پيو اچي ۽ پوءِ نڪوبار ٻيٽن جي جھڳٽي جي آخري ٻيٽ وٽ پھچي پنهنجي جھاز جو رخ ملاڪا واري ڳچي سمنڊ (Malacca Strait)ڏي موڙي ٿو. جيڪڏھن ھو خراب موسم ۽ طوفانن ۾ آھي ته اھي فقط نڪوبار ٻيٽن تائين آھن. ملاڪا ڳچي سمنڊ درياھ وانگر سوڙھو سمنڊ آھي جنهن جي ساڄي پاسي سماترا (انڊونيشيا) آھي ته کاٻي پاسي ملائيشيا  جي سر زمين. سوڙھي سامونڊي لنگھ ڪري منجھس کلئي سمنڊ واريون نه وڏيون ويرون آھن ۽ نه ڪڙڪيدار ڪـُـن.
ڪاري پاڻي وارن ٻيٽن وٽان سڀني جھازن جو لنگھ ٿئي ٿو
انڊامان ۽ نڪوبار ٻيٽن جي جملي پکيڙ اٺ ھزار چورس ڪلوميٽر آھي. برما جي اراوادي (Irrawady)ندي جتي سمنڊ ۾ اچيو ڇوڙ ڪري يا کڻي ائين چئجي ته اراوادي نديءَ جي منهن کان انڊامان جو پھريون ٻيٽ ايترو پري آھي جيترو ڪراچيءَ کان حيدرآباد- اٽڪل 200کن ڪلوميٽر. ھي ٻيٽ دراصل سمنڊ ۾ موجود جبلن جا مٿاھان حصا آھن يعني جيڪڏھن ان علائقي جو سمنڊ سڪي وڃي ته ھي ٻيٽن وارو ھنڌ جبلن جي قطار ڏسڻ ۾ اچي پر اٿاھ پاڻيءَ ڪري جبلن جون اھي چوٽيون ٻيٽن جي صورت ۾ نظر اچن ٿيون. ھنن جبلن جو سلسلو برما جي اراڪان يوماس (Arakan Yomas) جبلن جي قطار سان وڃيو ملي.
سڀ کان اتر ۾ جيڪي انڊامان جا ٻيٽ آھن اھي ٻن حصن ۾ ورھايل آھن Greater Andaman ۽ Little  Andaman ۽ پوءِ انهن جي چوڌاري سوين ننڍا ننڍا ٻيٽ آھن. اونهي سمنڊ ۾ جتي ھي ٻيٽ رستو وڃايل سامونڊي مسافرن لاءِ اجھو ۽ آسرو آھن اتي جھاز ھلائيندڙ لاءِ خطرو پڻ. ڇو جو ڪي ڪي ٻيٽ خاص ڪري ننڍا ۽ گھٽ مٿاھينءَ وارا وڏي وير اچڻ تي پاڻيءَ اندر ڍڪجيو وڃن ۽ پراڻن ڏينهن ۾ جڏھن ڏسڻ جو واحد ذريعو دوربين ھئي ناکئا ڀلجي پوندا ھئا ۽ پنهنجي ڪاٺ جي ڪمزور جھاز کي ٻيٽ مٿان چاڙھي ويندا ھئا. ھينئر رڊار ۽ ٻين آلاجات (Navigational Aids)  ڪري ٽيھ چاليھ ميل سمنڊ جي مٿان ۽ اندر ڏورانهين شيءَ اسڪرين تي ڏسي سگھجي ٿي پر گھڻي ڀريل جھاز، وڏي رفتار ۽ طاقتور momentum ڪري جھاز کي اھڙي سنهي ڪاتر وارن ٻيٽن کان پاسو ڪرائي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ وڏي خبرداريءَ کان ڪم وٺڻو پوي ٿو. ھڪ جھاز ھلائيندڙ  کي نه فقط رستي جي انهن مصيبتن (ٻيٽن) کان پاسو ڪرڻو آھي پر ٻيٽن جي اوس پاس سوين بيٺل يا ھلندڙ ٻيڙين کي بچائڻ به جھاز وارن جو ڪم آھي. ان کان علاوه جتي ڪٿي لڳل مڇين ڦاسائڻ جي ڄارين کان به پاسو ڪرڻو پوي ٿو. ڪيترن ھنڌن تي مڇين ڦاسائڻ وارا پاڻ ھليا ويندا آھن ڄاريون (Fishing Nets) سمنڊ ۾ اڇلي ويندا آھن جن جي ڄاڻ لاءِ مقرر سگنل (نشاني) سمنڊ مٿان تاري ڇڏيندا آھن يعني ھن ھنڌ تي ڄاريون وڌل آھن. طاقتور جھاز (يعني ڪـَـل تي ھلندڙ جھاز) ھنن کان پاسو ڪن. جھاز جيتوڻيڪ تيز رفتار ٿئي ٿو پر ڪوبه جھاز ڪنهن ٻيڙي يا مڇين جي ڄاريءَ کي نقصان رسائي ڀڄي نٿو سگھي. ٻيڙيءَ وارا ان جھاز جو نالو نه پڙھڻ تي به اھو جھاز ٻڌرائي سگھي ٿو. ان لاءِ حادثي جو فقط وقت ياد رکڻ ڪافي آھي. جھاز جي مختلف ھنڌن تان لنگھڻ جا وقت نوٽ ڪيا وڃن ٿا ان مان ڏوھاري جھاز جي خبر پئجي سگھي ٿي. مثال طور انڊامان ۽ نڪوبار ٻيٽن وٽ جھازن جي آمدرفت جي سھوليت لاءِ بيڪن (Beacon) ٻرندڙ وسامندڙ بتيون ۽ بئاءِ (Buoy) جن ۾ پڻ بتيون ٿين، ٻيٽن جي آس پاس اونهي سمنڊ ۾ لڳل رھن ٿا. جھاز جي انهن ويجھو لنگھڻ تي يعني مدد حاصل ڪرڻ تي انهن جو نالو درج ڪيو وڃي ٿو ۽ ان جي مالڪ کي ان سھوليت حاصل ڪرڻ جو بل موڪليو وڃي ٿو. ڪراچيءَ کان ھانگ ڪانگ وڃڻ تائين ھڪ جھاز کي رستي تي ڪيترن ئي اھڙين بتين Navigational Lights  جي في ڏيڻي پوي ٿي. انڊامان ۽ نڪوبار ٻيٽ ھندي سمنڊ ۾ اھڙي ھنڌ تي آھن جو ذري گھٽ سڀني جھازن کي اتان لنگھڻو پوي ٿو ۽ ان جي ڪمائي انڊيا کي ملي ٿي. انڊامان يا نڪوبار ٻيٽ اڪرڻ بعد سنگاپور پھچڻ لاءِ فقط ٽي ڏينهن کن ملاڪا ڳچي سمنڊ وارا لڳن ٿا. سنگاپور پھچڻ سان سنگاپور جو مڪاني ايجنٽ نڪوبار ۽ ملاڪا ڳچي سمنڊ ۾ لڳل بتين جو بل پنهنجي جھاز پاران وصول ڪري ٿو ۽ انهن ملڪن ڏي في موڪلي ٿو جن جھازن جي مدد لاءِ اھي لڳرايون آھن.
1789۾ انڊامان ٻيٽ سزا جي ڪالوني ٿيا
انڊامان ۽ نڪوبار ٻيٽن جي جھڳٽي ۾ ڪي ڪي ٻيٽ چڱا اتاھان آھن. ڪجھ ٻيٽن جا ڪجھ حصا ڪوھ مري ۽ ايوبيا وانگر يا دادوءَ جي گورک ھل (ٽڪريءَ) وانگر مٿاھان آھن. گھڻي کان گھڻي اتاھين 700 ميٽر آھي. بارش جام پوي ٿي ان ڪري ساوڪ تمام گھڻي آھي. ھنن ٻيٽن جي گاديءَ جو ھنڌ يا ڪمرشل شھر پورٽ بليئر (Port Blair) آھي جيڪو بندرگاھ پڻ آھي. ھن ٻيٽن ڏي انگريزن پنهنجي دور حڪومت ۾ ڌيان ڏنو. انگريزن جي نه فقط ننڍي کنڊ تي حڪومت ھئي پر ملائيشيا ۽ سنگاپور پاسي پڻ ۽ ھنن جو اوڏانهن ايندي ويندي ھنن ٻيٽن انڊامان ۽ نڪوبار وٽان لنگھ ٿيو ٿي ۽ کين انهن جي جاگرافيائي ۽ سامونڊي اھميت جي ڄاڻ پئجي وئي.
انڊامان ٻيٽن جي پورٽ بليئر تي ھڪ تمام اھم موسمي (meterological) اسٽيشن پڻ آھي. ھينئر جيڪو ڀوڄ ڪڇ ۾ وڏو زلزلو آيو ان بابت صحيح ڄاڻ پڻ ھن اسٽيشن ذريعي معلوم ٿي سگھي. اھا اسٽيشن 1868 ع ۾ انگريزن ٺھرائي. انڊامان ٻيٽن جو ھي اھم شھر (پورٽ بليئر) ھوائي ۽ پاڻيءَ جي جھاز جي ريگيولر سروس ذريعي ڪلڪتي سان ڳنڍيل آھي. سترھين صديءَ جي آخر ڌاري جڏھن انگريزن ھنن ٻيٽن جو جائزو ورتو ته جنگلن ۾ موجود جنگلي قسم جي ماڻھن کان علاوھ ڪناري وارن علائقن ۾ برما جي مـَان ‘Mon’ قبيلي جا ماڻھو ھئا يا ڪمبوڊيا پاسي جا. انگريز ھنن ٻيٽن کي ڏيھ نيڪالي ڏيڻ وارن لاءِ بهتر سمجھيو. ان خيال کان  1789ع ۾ انڊامان ٻيٽ کي سزا جي ڪالوني قرار ڏنو ويو. پورٽ بليئر ۾ وڏي پئماني جي ڏوھارين لاءِ جيل ٺھرايو ويو جنهن جي عمارت اڄ ڏينهن تائين قائم آھي. 1857 واري سپاھي ميوٽني (بغاوت) بعد سياسي ماڻھن کي به ھن ٻيٽ تي سزا طور موڪليو ويو. بهرحال اھي ماڻھو انگريزن لاءِ باغي ضرور ھئا پر اسان ماڻھن لاءِ ملڪ جي آزادي لاءِ جدوجھد ڪرڻ وارا ھئا ۽ اڄ ھن جيل کي ڏسي جتي ننڍي کنڊ جي ماڻھن کي پنهنجن انهن ليڊرن جي قربانيءَ جو قدر ٿئي ٿو اتي انگريزن کي ضرور شرمساري ٿيندي ھوندي.
انڊامان ھاڻ ساوڪ ۽ سونهن، سک ۽ سڪون کان مشھور آھن
ٻي جنگ عظيم ۾ ھنن ڪاري پاڻي وارن ٻيٽن تي 1942 کان 1945 تائين جپانين جو قبضو رھيو ۽ انهن ان جيل خاني کي قائم نه رکيو.  1947ع ۾ انڊوپاڪ جي آزادي بعد (اٽڪل1950 ڌاري) اھي ننڍي کنڊ جا ماڻھو جيڪي برما، ملائيشيا ۽ پاڪستان ۾ رھيل ھئا ۽ جن کي سمجھ ۾ نه پئي آيو ته ڪٿي رھجي سي ھن ٻيٽ تي اچي رھيا.  اڄ 50 کان مٿي سالن گذرڻ بعد ھي ٻيٽ اھي خوف ۽ خطري جي علامت نه رھيا آھن جنهن لاءِ”ڪارو پاڻي” لفظ استعمال ٿيو ٿي ۽ جتي جيڪو ويو ٿي وري موٽيو نٿي. اڄ ھي ٻيٽ ساوڪ ۽ سونهن، سڪون ۽ سانت ۾ دنيا جا بهترين ۽ خوبصورت ٻيٽ آھن. جتي جا رھاڪو گھڻو ڪري پوک جو ڪم ڪن ٿا. زمين ڀلي آھي. مينهن جو پاڻي جام آھي. ڪنهن به قسم جي آلودگي(Pollution) نه آھي. ھنن ٻيٽن جو خاص فصل ناريل، ڪافي ۽ رٻڙ آھي. پنهنجي کائڻ لاءِ چانور پوکيا وڃن ٿا. ٻيلن ۾ پيدا ٿيندڙ شيون: کونئر، لاک، ماکي، ڇوڏو ۽ جڙيون ٻوٽيون(herbs) ٻاھر ايڪسپورٽ ڪيا وڃن ٿا. آدم شماري ٻه لک کن ٿيندي جن ۾ گھڻي ڀاڱي انهن جو اولاد آھي جيڪي ڌاڙي ۽ قتل جھڙن ڏوھن جي سزا ڀوڳڻ لاءِ ھتي آيا ھئا ۽ ھتي ئي رھي پيا. ھينئر سڀ امن امان ۽ سڪون سان رھن ٿا. بلڪ دنيا جي ڪيترن امير ملڪن جا ماڻھو ھنن ٻيٽن تي رھڻ ۾ پنهنجي خوش نصيبي سمجھن ٿا.
گھڻو اڳ ھڪ بنگالي بورچي گوميز نالي ڪولمبو (سري لنڪا) ۾ مليو. پاڻ پورٽ بليئر (انڊامان ٻيٽ) ڏي وڃي رھيو ھو جتي ھو ھڪ ھوٽل جو وڏو بورچي (Chef) آھي. پاڻ ٻڌائين ته ھو ڪرسچن آھي ۽ سندس ڏاڏو پورچو گالي ھو ۽ ڏاڏي بنگالڻ يا بهارڻ. پاڻ 25سالن جو ھو ته دبئي ۾ ھڪ ھوٽل البوستان ۾ ڪم ڪيائين ان بعد ايڪسيلشر ھوٽل ۾ بورچي ٿي رھيو. ان بعد پنهنجي ڳوٺ ڪلڪتي موٽي آيو جتي اوبيراءِ گرانڊ ھوٽل ۾ ڪم ڪيائين.“سعودي عرب جي بادشاھ فھد جي ھڪ ويجھي مائٽ کي پنهنجي نئين محل لاءِ ڪم ڪار وارن جي ضرورت پئي جنهن لاءِ ھن جو نمائندو ڪلڪتي مان چونڊ ڪرڻ آيو ۽ آئون چونڊجي ويس. منهنجي ماني ان عرب شھزادي کي ايڏي ته وڻندي ھئي جو ھو لنڊن، پئرس جتي به وڃي رھندو ھو اتي مونکي پاڻ سان رکندو ھو. اھو مون لاءِ سٺو تجربو ھو ۽ آئون عربي به سکي ويس. ان بعد گلف ايئر ھوائي ڪمپنيءَ جي ھوائي جھازن جي ماني ٺاھڻ واري عملي جو سپروائيزر ٿي رھيس.”
“اھو ته سڀ ڪجھ صحيح آھي” ، مون کيس چيو، “ پر زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ ڪاري پاڻيءَ جو رخ ڪرڻ جو ڇا مقصد؟”
“ ڪارو پاڻي ھو يا ھوندو”، ھن کلندي وراڻيو. “اڄ انڊامان جھڙو پر سڪون ٻيٽ دنيا جي تختي تي نه آھي. خاص ڪري مون لاءِ ۽ منهنجي ڪٽنب لاءِ. پورٽ بليئر ۾ تمام وڏي عيسائي ڪميونٽي رھي ٿي. ھڪ وڏو چرچ ۽ اسڪول ويجھڙائيءَ ۾ ٺھي راس ٿيو آھي جتي منهنجو پٽ پڙھي ٿو. ھو ميوزڪ جو به شوقين آھي ۽ چرچ ۾ ھار مونيم وغيره وڄائي ٿو. منهنجي زال ڪلاسيڪل ناچ جي پروفيسر آھي ۽ ھتي اھو سيکاري ٿي. سو منهنجو سڄو ڪٽنب ھتي رھي ٿو. منهنجا ۽ زال جا ماءُ پيءُ ڪلڪتي رھن ٿا ۽ جڏھن دل چوندي آھي انهن وٽ ھليا ويندا آھيون يا گھمڻ لاءِ ھيڏانهن ڪولمبو ھليا ايندا آھيون. ٻنهي پاسي ھر ھفتي ڪو نه ڪو مسافر جھاز يا فيري ھلندي رھي ٿي”.
لکديپ ٻيٽن جو تعداد ھڪ لک ناھي
ڪراچيءَ مان جڏھن لنگر کڻي اسان ڪولمبو ڏي روانا ٿيندا آھيون ته ڪولمبو تائين جي ٻن اڍائي ڏينهن جي سامونڊي سفر ۾ کاٻي پاسي ھر وقت انڊيا جي سرزمين ھوندي آھي ڇھ اٺ ڪلاڪن ۾ سجاول، ٺٽو، بدين وارو پاڪستاني علائقو پورو ٿي پوءِ ڀوڄ ۽ ڪڇ (گجرات) شروع ٿي ويندو آھي ۽ ڏينهن اڌ بعد بمبئي ۽ مالابار ڪوسٽ (ملباري ڪنارو) شروع ٿيندو آھي جتي جي رھاڪن کي اسين ملباري سڏيون ٿا (پاڪستان توڙي ملائيشيا ۾ ھي ماڻھو ننڍي پئماني جي واپار ۽ تجارت کان مشھور آھن). اڳتي ھلي گوا جو بندرگاھ اچي ٿو ۽ ڪراچي ڇڏڻ کان 45-40 کن ڪلاڪن بعد انڊيا جو ھڪ ٻيو مشھور بندرگاھ ڪاليڪٽ اچي ٿو. ان کان ٻه اڍائي ڪلاڪ کن اڳ جھاز جي ساڄي پاسي يعني اولھ ڏي ننڍا ٻيٽ شروع ٿين ٿا جن جو ڪل تعداد 36 چيو وڃي ٿو ۽ انهن مان ڏھاڪو کن ڪي مس آھن جن تي ماڻھو ڇيڻو رھن ٿا باقي ٻيا ايترو ننڍا ۽ ھيٺاھان آھن جو سمنڊ جي ڇول اچڻ تي ٻڏيو وڃن. ڪنهن جي ڪا ٻيڙي ٻڌل آھي يا ھنڌ بسترو رکيل آھي ته اھو به لڙھيو وڃي. يا اھم ٻيٽن کان ايترو پري ۽ ويران آھن جو اڃان انهن تي ڪو رھڻ جي ھمت نٿو ڪري. انهن سڀني ٻيٽن جي جيڪڏھن ايراضي جوڙ ڪئي وڃي ته ڪل پکيڙ 50 کن چورس ميل مس ٿيندي. ھنن ٻيٽن جو ھندي ۽ ڏکڻ ھندستان جي زبانن ۾ نالو لڪشادويپ آھي ۽ انگريزي ۾  Laccadive. ڪنهن زماني ۾ سنڌي واپارين جو ۽ اڄ به اسانجا سنڌي ۽ مڪران ڪوسٽ جا بلوچ، بروھي مھاڻا ھنن ٻيٽن تائين وڃيو نڪرن ۽ سندن سنڌيءَ ۾ نالو لکديپ آھي. بهرحال سڀني زبانن ۾ معنيٰ ساڳي آھي ھڪ لک ٻيٽن جو جھڳٽو. خير ٻيٽن جو صحيح تعداد ته مٿي لکي آيو آھيان جيڪو اڄ جي دور ۾ ھيلي ڪاپٽر يا ھوائي جھاز ذريعي ڳڻڻ ڪو ڏکيو ڪم ناھي پر پراڻي زماني جي جھازرانن سؤ ميلن تي پکڙيل ھي ٻيٽ ڏسي (جيڪي ان وقت چپوئن ۽ سڙھن تي ھلندڙ ٻيڙين ذريعي ڳڻڻ ناممڪن ڳالھ ھو)، سمجھيو ھوندو ته بيشمار ٻيٽ آھن ۽ ان گھڻائيءَ کي سؤ يا ھزار قرار ڏيڻ بدران ھڪ لک چيائون ۽ اھڙي طرح ھنن ٻيٽن جو نالو “ ھڪ لک ٻيٽ” پئجي ويو. ھڪ ملين يا ڪروڙ به چئي سگھيا ٿي پر انهن ڏينهن ۾ ھڪ لک به وڏو ۽ سوچ کان ٻاھر تعداد ھو.
ھڪ جھاز تي مون سان ڪم ڪندڙ ھڪ مڪراني خلاصيءَ جو ھر ھڪ سان جھڳڙو رھيو ٿي. جھاز جي ٻين خلاصين سان ته ڇا بندرگاھ ۾ جھاز پھچندو ھو ته اتي جي مڪاني ماڻھن سان به وڙھي ايندو ھو. جسم جو صفا سنهو سڪل ھو. بس ڪاوڙ جو تکو ھو. زور ٺلھو گاريون ڏيڻ تي ھوندو ھوس. سندس جھازي ساٿين جي دعائن سان (جن کي پڻ بيحد گھڻو تپايو ھئائين)ھر بندرگاھ ۾ موچڙا کائي ايندو ھو. ڪٿي ٽنگ ڀڃائي ته ڪٿي ٻانهھ ڀڃائي پاڻ کڻائي ايندو ھو پوءِ ٻيا ٽوڪيندا ھئس ته چوندو ھو: “ مڙيئي خير آھي آئون به کين ( يعني موچڙا ھڻڻ وارن کي) لک سؤ گارين جو ڏيئي آيو آھيان.” ٻيون شيون ھن لاءِ سون ھزارن ۾ ھوندويون ھيون. پگھار به تن ڏينهن ۾ سـَـون ۾ ملندو ھوس پر جڏھن ڪنهن سان وڙھندو ھو (وڙھڻ مان مطلب اھو ئي تي اڳلو کيس ٺاھوڪي مار ڏيندو ھو، پاڻ فقط گاريون) ته ان فائيٽ جي ڪھاڻي جھاز وارن کي ٻڌائي پنهنجو پاڻ کي ھيرو قرار ڏيڻ ۾ ھر وقت اھو چوندو ھو ته مون کين لک سؤ گارين جو ڏنو. ھن لاءِ گھڻائيءَ جو انگ لک سؤ (يعني ڪروڙ) ھوندو ھو پوءِ گاريون کڻي ڏھ ڏئي يا ويھ. سو ھتي به ھڪ لک ٻيٽ مان مطلب تمام گھڻا ٻيٽ آھي.
ھوڏانهن ھن مون واري جھاز جي مڪراني خلاصيءَ کي سندس جھاز جا ساٿي چوندا ھئا:“ گـُـلو گاريون ته لک سؤ ڏنئي پر ھنن مان ڪنهن ھڪ جي آڱر به نه ڀڳئي تون مٿو ڦاڙائي پاڻ کڻائي پيو اچين.”
مڪراني زبان ۾ ڪچي گار ڏئي چوندو ھو: “ ھنن جي ٽنگ ٻانهن نه ڀڳي پر کين ڇٽيءَ جو کير ياد اچي ويو ھوندو.”
ھاڻي گلوءَ (سندس نالو گلو ھو) جون مڪراني زبان ۾ ڏنل گاريون خبر ناھي ڪولمبو، ڪوالالمپور، ڪولون يا ڪوريا جي ڪھڙي سنگھاليءَ، ملئيءَ، چينيءَ يا ڪورين سمجھيون ھونديون جن کي ڇٽيءَ جو کير ياد آيو ھوندو. ٽنگ يا ٻانهن ڀڃائي يا مٿو ڦاڙائي سڄي واٽ گلو ڪنجھندو ھلندو ھو. آخر ٿائلنڊ جي بندرگاھ بئنڪاڪ ۾ گلوءَ کي ڪنهن اھڙو جوڊو ڪراٽو ھنيو جو پاڻ کڻائي جھاز تائين به نه پھچي سگھيو. اتي جي مڪاني اسپتال ۾ ڊگھي عرصي جي علاج لاءِ داخل ڪيو ويو ۽ جھاز بنا گلوءَ جي Sail ڪري ويو. گلوءِ (ھڪ ماڻھوءَ) جي گھٽ ٿيڻ ڪري باقي ٻين خلاصين تي ڪم جو لوڊ ضرور وڌي ويو پر سڀني سک جو ساھ کنيو ته گلوءَ جي روز ڦڏن مان جان ڇٽي.
پھرين مڇي مسجد ۾ پھچائين ٿا
بهر حال ھتي پاڻ لکديپ (Laccadive) ٻيٽن جي ڳالھ ڪنداسين جيڪي ٻيٽ ھندستان جي مغربي ڪناري کان 400 کن ڪلوميٽر پري عربي سمنڊ ۾ آھن. ھنن ٻيٽن مان ڏھاڪو کن تي جيڪي ماڻھو رھن ٿا انهن جو اڌ لک به ڪو مس آھي. ھي ٻيٽ انڊيا حڪومت جي قبضي ۾ آھن ۽ ڪوچين کي ويجھو ھجڻ ڪري اتان ريگيولر فيري سسٽم آھي. ٻيٽ تي رھندڙن جو وڏو تعداد مسلمانن جو آھي جيڪي سني فرقي جي شافعي مڪتب فڪر جا آھن.
لکديپ ٻيٽن تي سياحن جي اچڻ جي گھڻي ھمت افزائي نٿي ڪئي وڃي ان ڪري ھي ٻيٽ اڄ به ماٺ ۾ ۽ پر سڪون آھن. جيڪي ھن ٻيٽ تي رھن ٿا انهن جي پاڻ ۾ مٽي مائٽي ۽ ڄاڻ سڃاڻ آھي. ورلي ڪو انڌو منڊو چوريءَ جو قصو ٿئي ٿو نه ته ھر ھڪ آرام سان رھيو پيو آھي. صاف سٿرا ۽ ننڍا ننڍا ٻيٽ آھن جن جي چوڌاري خوبصورت ڪنارا (beaches) ۽ نيري رنگ جو آسمان ۽ سمنڊ آھي. بقول ڪنهن سياح جي:
“Lakshadweep is the safest and most tranquil place in the World – No Crime, no noise, no dogs and no poisonous snakes either.”
ٻيون وصفون: گھٽ ڏوھ، گھٽ گوڙ، ڪتن جو نه ھجڻ ته ڪيترن ئي ٻين ٻيٽن تي به آھي ويندي ملائيشيا جا اھي ڳوٺ جتي مسلمان رھن ٿا رول يا پالتو ڪتا نظر نٿا اچن. بهر حال لکديپ جھڙي خط استوا جي ويجھو ٽراپيڪل قسم جي ٻيٽ تي جتي مينهن ۽ گھم ٻارھوئي ھجي، ڏيڏر، ڪوئا جام ھجن اتي نانگن جو نه ھجڻ واقعي حيرت جھڙي ڳالھ آھي.
ھي ٻيٽ جيتوڻيڪ انڊيا جو حصو چيا وڃن ٿا، انڊيا جي ويجھو آھن، ڪجھ ريتون رسمون ھندو ڪلچر ۽ ڌرم جون آھن ته به گھڻيون ڳالھيون مختلف پڻ آھن. اسلامي رنگ ۾ ھجڻ ڪري ھتي ذات نيات ۽ اڇوتپائيءَ جو چڪر ناھي جيڪو ٻه اڍائي سؤ کن ميل سامھون، سمنڊ جي ٻئي پار ملبار ڪوسٽ ۽ ڏکڻ ھندستان  ۾ آھي. اسلام ھتي گھڻو اڳ ستين صديءَ ۾ آيو. عربن ۽ ھندستاني مسلمانن جي سڱابنديءَ ڪري ھتي جا ماڻھو سھڻا لڳن ٿا جيتوڻيڪ ھنن ٻيٽن تي ڪمائيءَ جا ذريعا محدود ھجڻ ڪري غربت ڏاڍي آھي. ڪپڙو گندي به سادو پھرين ٿا پر ھر وقت صاف سٿرو ۽ ڌوتل ھوندن. عورتون ساڙھي ۾ نظر اينديون مرد سفيد ڌوتين ۾. گھڻي مينهن ڪري ھتي سوٽ يا شلوار کان گوڏ ۽ ڌوتي سولي رھي ٿي جنهن کي گھڻي مينهن يا گپ مان ھلڻ وقت گوڏن وٽان موڙي مٿي ڪري سگھجي ٿو.
ھتي جا ماڻھو ناريلن جي پوک ڪن يا ناريلن جي وڻ سان واسطو رکندڙ شين مان ٻهارا ۽ تڏا تونئريون ٺاھين يا مڇيون مارين. سالن کان اڄ به اھو وھنوار ھلندو اچي ته مھاڻا ڦاسايل مڇين مان پھرين مڇي مسجد ۾ پھچائين پوءِ ڀلي امام کائي يا ھو ڪنهن ٻئي غريب غربي کي ڏئي.
مالديپ ٻيٽ مالھا مثل آھن
ننڍي کنڊ جي اوس پاس انڊامان، نڪوبار ۽ لکديپ ٻيٽن کان علاوھ ھڪ ٻيو ٻيٽن جو جھڳٽو مالديپ ٻيٽن جي نالي پڻ آھي جنهن کي مالديو Maldives به سڏين. ھي ٻيٽ قدرتي سونهن، موسم ۽ ڌرتيءَ کان الڳ ٿلڳ ھجڻ ڪري دنيا جي ٽوئر سٽن لاءِ (خاص ڪري جپان ۽ يورپ جي ملڪن جي ماڻھن لاءِ) جيڪي پنهنجي شھر جي گوڙ گھمسان کان ڀڄي ڪنهن ماٺ مٺوڙي واري جاءِ تي ڪجھ ڏينهن گذارڻ چاھين ٿا، بهترين جاءِ آھي.
مالديپ ٻيٽ عربي سمنڊ يا خليج بنگال بدران صحيح معنيٰ ۾ ھندي وڏي سمنڊ ۾ آھن. اھي ڪولمبو (سري لنڪا) کان  640 ڪلوميٽر پري آھن. ڪولبمو کان ھوائي جھاز جي اوٽ موٽ ٽڪيٽ ست ھزار رپيا کن آھي. سنگاپور کان به مالديپ ٻيٽن لاءِ ڊائريڪٽ اڏام آھي پر اھا تمام مھنگي آھي. اوٽ موٽ جو ڀاڙو اٽڪل    40ھزار رپيا آھي.
مالديپ ٻيٽن جي جھڳٽي ۾ اٽڪل ٻه ھزار کن ننڍا وڏا ٻيٽ آھن جن مان 215 اھڙا آھن جن ۾ ماڻھو رھن ٿا. ٻيا ٻيٽ ائين خالي آھن جن تي فقط گھاٽا ٻيلا، جانور ۽ پکي پکڻ آھن يا وري ڪجھ اھڙا آھن جن تي ڪجھ به نه آھي. سال جو وڏو حصو سمنڊ ۾ ٻڏل رھن ٿا. ھنن ٻيٽن بابت ھڪ ٻي ڳالھ اھا آھن ته مالديپ ٻيٽ  (Maldives)ھڪ ھنڌ ھجڻ بدران سمنڊ ۾ پري پري تائين پکڙيل آھن. خط استوا جي اتر کان اٽڪل6 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ (Latitude)کان شروع ٿي خط استوا کان ٿورو ھيٺ تائين ھليا وڃن ٿا. اتراھين ٻِيٽ کان آخري ڏاکڻو ٻيٽ 900 ڪلوميٽر پري آھي. سڀ ٻيٽ ننڍا ننڍا آھن. سڀ ۾ وڏي ٻيٽ جي ڊيگھ 6 ڪلوميٽر آھي. ھي ٻيٽ ڪنهن ملڪ جي ملڪيت ھجڻ بدران پاڻ ھڪ ملڪ جي حيثيت رکن ٿا جنهن جي گاديءَ جو ھنڌ مالي (Male)آھي. جنهن ٻيٽ تي ھي شھر مالي آھن ان جي ڊيگھ فقط ھڪ ميل (ڏيڍ ڪلوميٽر کن) آھي. ملڪ جو، يعني ھنن ٻيٽن تي پھچڻ لاءِ جيڪو بين الاقوامي ھوائي اڏو آھي اھو الڳ ٻيٽ تي آھي ۽ اھو ٻيٽ به ايترو ننڍو آھي جو ان تي فقط ھوائي اڏو آھي ۽ ھوائي جھازن جي مسافرن لاءِ ماني سپلاءِ ڪرڻ لاءِ ڪجھ بورچيخانا آھن. مسافر ھوائي جھاز مان لھي مختلف لانچن ۾ يا ڊوميسٽڪ اڏامن ۾ مختلف ٻيٽن ڏي روانا ٿيو وڃن. 1972ع کانپوءِ ٽوئرزم وڌائڻ لاءِ 55 نيون ھوٽلون- ھر ٻيٽ تي ھڪ ھڪ، ٺھرايون ويون آھن، ان کان علاوھ ٽوئرسٽن لاءِ ننڍا گھر، ساديون ۽ سستيون ھوٽلون پڻ ڪيترن ئي ٻيٽن تي آھن- خاص ڪري سمنڊ جي ڪناري تي ننڍيون وڏيون Huts ٺھيل آھن. سمنڊ ته خير چوڌاري ئي ٿيو. ٻيٽ جي وچ تي ٺھيل گھر يا ھوٽل جي کڏ تي بيھي ڏس ته چوڌاري سمنڊ ۽ ٻيا ٻيٽ نظر اچن ٿا. ھنن ٻيٽن جي سمنڊ ۾ پوزيشن ائين آھي جيئن ھار ۾ موتي پوئيل ھجن. ھنن ٻيٽن لاءِ ڪنهن خوب لکيو آھي:
“Satered across the equator like jewels flung into the sapphire depths of the Indian Ocean lie the Maldives.
جتي ڪٿي مسجد ۾ نمازي نظر اچن ٿا
مالديپ ٻيٽن جو حال به جپان وانگر رھيو آھي. ھتي جا ماڻھو سڀني کان الڳ ٿلڳ ۽ اڪيلا پنهنجي ۾ مگن رھڻ چاھين ٿا. ھو گھڻي ماڊر نزم ۽ ٻين قومن جي ڪلچر کي پنهنجي سان مڪس ڪرڻ نٿا چاھين. ٽوئرزم ھڪ انڊسٽري ٿي پئي آھي ۽ ڪمائيءَ خاطر ھو ڌارين جو آڌر ڀاءُ ڪن ٿا. ھر مسافر کي ايئرپورٽ تي لھڻ شرط ھڪ مھني جي ويزا مليو وڃي پر مھينو کن گھمڻ بعد ھو جتان آيو آھي اوڏانهن روانو ٿي وڃي. ڀلي ڪو انڊين ھجي يا سري لنڪن، آمريڪن ھجي يا دبئي ڪويت جو شيخ، ھو ڪنهن به مالديپ جي ٻيٽ تي زمين خريد ڪري نٿو سگھي. اھا ٻي ڳالھ  آھي ته ڪجھ ھوٽلون  ۽ ھوائي ڪمپنيون ڌارين ملڪن جا ماڻھو ھلائي رھيا آھن پر انهن کي به ھتي ھميشھ رھڻ جي شھريت نه آھي.
مالديپ جا ٻيٽ خط استوا وٽ ھجڻ ڪري انهن تي  ڏينهن رات ۾ ڪو خاص فرق ناھي. مينهن گھڻا پون ٿا سال ۾ اٽڪل ھڪ سؤ انچ کن. ٽيمپريچر به سڄو سال 27 ڊگريون رھي ٿو ڪا ھڪ ٻه ڊگري ھيٺ مٿي ٿئي ٿو. ھتي جا رھاڪو مڪس قومن جا آھن. گھڻي ڀاڱي ڏکڻ ھندستان جا دريويدن آھن ۽ ٻئي نمبر تي عرب ۽ سري لنڪا جا سنهالي. بهرحال ھي سڀ گھڻو گھڻو اڳ آيا. ھنن ٻيٽن تي جيڪا زبان ڳالھائي وڃي ٿي ان جو نالو ديويھي(Divehi) آھي جيڪا سري لنڪا (سلون) جي سنهالي زبان سان گھڻو ملي ٿي. ھونءَ به سلون ئي ھڪ واحد ملڪ آھي جيڪو ھنن ٻيٽن کي ويجھو آھي. ماضيءَ ۾ جيڪي اوسي پاسي جي ملڪن جون قومون يا يورپي ايندا رھيا سي گھڻي ڀاڱي سلون ۾ رھڻ بعد ھيڏانهن آيا. سنهاليءَ کان علاوھ ھتي جي زبان ۾ ڪيترائي لفظ عربي، ھندي ۽ انگريزيءَ جا پڻ آھن. عربن جو پڻ ھن ٻيٽ تي وڏو اثر آھي جن جا ٻيڙا آفريڪا يا ھند سنڌ کان ھنن ٻيٽن ڏي ايندا رھيا ٿي ۽ ٻارھين صديءَ ۾ ھن ٻيٽ تي اسلام آيو. ھتي جا ماڻھو ملائيشيا جي ماڻھن وانگر عربستان کان آيل عرب واپارين جي اخلاق مان متاثر ٿي ھنن جو مذھب (اسلام) اختيار ڪيو. اڄ مالديپ جو سرڪاري طرح مذھب اسلام آھي ۽ ھتي جا ماڻھو سني فرقي سان تعلق رکن ٿا. جتي ڪٿي مسجد ۽ نمازي نظر اچن ٿا. گادي واري شھر مالي (جنهن ۾ ملڪ جو صدر رھي ٿو) ۾ سونهري گنبذ واري مسجد پري کان نمايان آھي ۽ ھتي ڏنل تصوير ۾ پڻ صاف نظر اچي رھي آھي. ھن مسجد جي سوني گنبذ لاءِ چون ٿا ته لبيا جي قذافيءَ ٺھرايو.
مالديپ ٻيٽن جي گادي وارو شھر مالي جيڪو ھڪ ميل کن ڊگھي ٻيٽ تي آھي ھوائي جھاز جي لھڻ وقت اڳيان بندرگاھ ۽ ان ۾ بيٺل ٻيڙيون نظر اچن ٿيون. سوني قبي واري مسجد پڻ نظر اچي ٿي.
مالديپ ٻيٽن تي پور چوگالين ۽ ڊچن بعد انگريزن قبضو ڪيو
مالديپ جي سڀني ٻيٽن جي ايراضي جوڙ ڪئي وڃي ته ٽي سؤ کن چورس ڪلو ميٽر ٿيندي. ملڪ جو سڪو رفيو (Rufiyaa) آھي جيڪو پڪ ننڍي کنڊ (ھندستان پاڪستان ۽ سلون) جي رپئي مان نڪتل لفظ آھي. بهر حال ھتي جي رپئي ۾ اسان وانگر سؤ پئسا يا سري لنڪا جي رپئي وانگر سؤ سينٽ ھجڻ بدران سؤ لاريون (Larees) آھن. ملڪ جو نالو Islamic Republic of Maldives  آھي.  1968ع واري آئين مطابق پنجن سالن لاءِ ملڪ جو صدر چونڊيو ويندو آھي جيڪو حڪومت ۽ رياست جو مک مڃيو وڃي ٿو. ھن جي مدد لاءِ ڪابينا ھوندي آھي. ڪابينا جا وزير مجلس اڳيان جوابدھ ھوندا آھن.مجلس ۾48 ميمبر ٿين ٿا جن مان 8 صدر صاحب چونڊيندو آھي باقي 40 عوام ذريعي چونڊيا ويندا آھن.
مالديپ ٻيٽن جي ماڻھن جا خاص ڌنڌا مڇي مارڻ، جھاز سازي (ڪاٺ جون ٻيڙيون ٺاھڻ)، جھاز راني (سندن به جھاز آھن ۽ ڌارين ملڪن جي جھازن تي به نوڪريون ڪن. ھتي جا رھاڪو بنگالين وانگر سٺا ۽ چئيوان آھن)، ڪپڙي ۽ فرنيچر جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪن، زمين جي کوٽ ھجڻ ڪري ڪا خاص پوک نٿي ٿئي سواءِ ناريلن ۽ بصر پٽاٽي جي. کاڌي جون شيون سري لنڪا ۽ انڊيا مان درآمد ڪيو وڃن ٿيون.
مشھور سياح ابن بطوطہ چوڏھين صديءَ ۾ ھنن ٻيٽن تي پڻ آيو ۽ ھتي ڪافي عرصو جج ٿي رھيو. سندس سفرنامي مطابق انهن ڏينهن ۾ ھنن ٻيٽن تي الدين (ديدي) خاندان جي سلطان جي حڪومت ھئي.
يورپي قومن ۾ پورچاگالي پھريان ھئا جيڪي ھتي آيا. ھنن 1518ع ۾ پنهنجي بيٺڪ قائم ڪئي جيڪا ڏھ سال کن ھلي. ان بعد سترھين صديءَ ۾ مالديپ جا ٻيٽ ڊچ حاڪمن جي حفاظت ھيٺ ھئا جن جي سري لنڪا (سلون) تي به حڪومت ھئي. 18صديءَ جي آخر ڌاري سري لنڪا ۽ مالديپ انگريزن حوالي ٿي ويو جن ھنن جا سلون ۽ مالديو نالا رکيا. ڏاھن انگريزن ھندستان وانگر ھتي به جيڪي وڻيو ٿي اھو ڪيائون ٿي پر ظاھري طرح ھنن اھوئي اعلان ڪيو ٿي ته مالديپ ٻيٽ اتي جي سلطان جي ھٿ ھيٺ آھن. 1953 ۾ سلطانپائي ختم ڪئي وئي پر ھڪ سال بعد اھو سلسلو وري شروع ڪيو ويو. 1956 ع ۾ انگريزن گان (Gan) نالي ٻيٽ تي ھوائي بيس قائم ڪيو.
مالديپ ٻيٽن جي جھڳٽي مان ھڪ ٻيٽ ھولولي تي فقط ايئرپورٽ آھي.
24 جولاءِ 1965 ع تي مالديپ کي برطانيھ طرفان خود مختياري ملي. ھي ڏينهن ھتي نئشنل ھاليڊي طور ملھايو وڃي ٿو. 1966 ع ۾ مالديپ UNO جو ميمبر ٿيو ۽  1982ع ۾ برٽش ڪامن ويلٿ ۾ شامل ٿيو.
 1986ع ۾ ملڪ ۾ ريفرنڊم ڪرائي سلطانيت ختم ڪئي وئي ۽ ريپبلڪ جو ڍانچو ٺاھيو ويو. امير ابراھيم ناصر ملڪ جو پھريون صدر  1978ع تائين قائم رھيو. ان بعد عبدالقيوم ٿيو ۽ اڃان تائين ھلندو اچي. وچ ۾ عبدالله لطفي نالي واپاريءَ سري لنڪا کان ڀاڙي جا غنڊا وٺي سندس محل تي حملو ڪيو. ڪجھ سپاھي مارجي ويا پر انقلاب ڪامياب نه ٿيو. مالي شھر جي گھٽي ۾ صدر جي دشمن کي انگوڇو پارائي اگھاڙي پير سرگس ڪرائي وئي. ھيءَ اسي واري ڏھاڪي جي ڳالھ آھي. مون وٽ ان جون تصويرون به ھيون. ٿي سگھي ٿو ڪتاب ڇپجڻ تائين ملي وڃن ۽ ڇپي سگھجن. انڊيا جا نيول جھاز ان ئي وقت پھچي ويا. سڀني واھ واھ ڪئي ۽ مالديپ ٻيٽن کي ھندستان جو ٿورائتو ٿي رھڻو پيو. ھندستاني فوج واپس وڃڻ وقت گھڻي انگھ پئي ڪئي. غريب ۽ ڪمزور مالديپ حڪومت ۽ ان جي پوليس ۽ بيحد مختصر فوج ھر ھر کلي پئي خدا حافظ ڪيو. (دل ۾ پڪ چئي رھيا ھوندا ته ھاڻ ٽرو، ھڪڙن کي ڪڍي وري توھان وھندائو ڇا؟) اتي رھندڙ منهنجو ھڪ پاڪستاني دوست ھر وقت مونکي ياد ڏياريندو رھيو ته پنجاپي فلمن ۾ به ائين ئي ٿيندو آھي. ھيرو صاحب ھيروئن کي محلي جي غندن کان ضرور بچائيندو آھي پر ھوءَ منجھائنس سڄي عمر ڦاسي ويندي آھي. سو ھتي به دال ۾ ڪجھ ڪارو آھي. بهر حال انڊيا وارا پنهنجن جھازن تي لڳل بندوقن توبن کي ڍڪي آخر جتان آيا ھئا اوڏانهن موٽي ويا پر مالديپ وارا لڪل“نياپو” سمجھي ويا ته ھن تر جو ڏاڍو مڙس ڪير آھي جيڪو جنهن کي چاھي ھڙپ ڪري سگھي ٿو. اھا ٻي ڳالھ آھي ته ڪشمير جو ھڏو سندس ڳچيءَ ۾ ڦاسي پيو آھي. ڪيترن جي وات تي اھو به ھو ته مالديپ ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ واري لطفيءَ کي ضرور انڊيا طرفان آشيرواد مليل ھوندي نه ته ائين ڪيئن ھمت ڪري سگھي ھا. ڪن (انڊيا سان واسطو رکندڙ پريس) ھميشھ وانگر ان بلوي ۾ پاڪستان جو به ھٿ ڏيکاريو.
منهنجا پٽ! ھاڻ ھنن ٻيٽن جو والي وارث آئون آھيان
مالديپ تي حملو ڪندڙ ھي ھمراھ عبدالله لطفي جيڪو اصل ۾ ھنن ٻيٽن جو ئي رھاڪو آھي، ھن کان ھڪ دفعو اڳ به صدر کي مارڻ جي رٿ رٿي آيو ھو. انهن ڏينهن ۾ مالديپ جو پھريون صدر ابراھيم ناصي ھو (جيڪو اڄ ڪلھ سنگاپور ۾ رھي ٿو) پر ان وقت ڪامياب نه ٿيو.
ايئرپورٽ تي سندس سامان مان پستول نڪري آيو جيڪو ھو ھڪ گڏيءَ ۾ لڪائي آڻي رھيو ھو. کيس ان ڏوھ ۾ جيل جي سزا ملي. ان بعد ھو ڪولمبو وڃي رھيو ۽ ھينئر جيڪي75 کن تامل ڌاڙيل پاڻ سان آندا ھئائين انهن لطفيءَ جي ڪولمبو واري پولٽري فارم تي ٽريننگ وتي ھئي. ھڪ وڏي “Progress Light” نالي مال بردار جھاز ۾ ڪولمبو کان چڙھي، مالي ٻيٽ جي ويجھو آڌي رات جو لنگر اچي ڪيرايو. فجر مھل جڏھن جامع مسجد جو ٻانگو مناري جا 167ڏاڪا چڙھي ٻانگ ڏيڻ وارو ھو ته ھي ننڍين ٻيڙين ذريعي ٻيٽ تي ڪاھي پيا ۽ جيڪو سامھون آين ٿي ان کي ماريائون ٿي. مسجد جو امام به شھيد ٿي ويو. صدر صاحب ڪنهن ڳجھي ھنڌ تي لڪي ويو ان کي ڳولي نه سگھيا. فرسٽريشن ۾ ھنن پنجاھ ماڻھن کي اغوا ڪيو جن ۾ وزير مواصلات احمد مجتبيٰ به ھو. انهيءَ دوران انڊيا طرفان ڏيڍ ھزار کن فوجي ھولولي Hulule ھوائي اڏي تي انڊين ايئر فورس جي جھاز ۾ پھچي ويا. 18ڪلاڪ وٺ وٺان ھلي پر ھن ٻيٽ جا ماڻھو ڄڻ ته خواب مان جاڳي پيا ته ھي ٻيٽ جيڪو صدين کان سڪون جو علائقو سمجھيو ويو ٿي ان تي ڪنهن به وقت ڪجھ به ٿي سگھي ٿو. غريب ملڪ جنهن لاءِ پوليس رکڻ به وڏي خرچ جي ڳالھ آھي ان کي مجبور ٿي بحري فوج (Navy) رکڻي پيئي جيئن اھڙي امرجنسي ٿي پوي ته منهن ڏئي سگھجي.
ٻه ڳالھيون ھن وقت به ياد اچي رھيون آھن: جھلجڻ بعد لطفيءَ کان جڏھن ڀڇيو ويو ته ڇا تو سمجھيو ٿي ته ستر اسي ماڻھن ۽ ڪجھ بندوقن جي مدد سان تون ملڪ جو تختو اٿلائي صدر ٿي سگھئين ٿي؟ جواب ۾ وراڻيائين (Why not) (ڇونه)
18ڪلاڪن جي ڀڄ ڀڄان ۽ حملي ۾ جنهن ۾ شروع ۾ ته سندن ئي سوڀ نظر اچي رھي ھئي لطفي پنهنجي پھرين زال جي گھر پڻ ويو ۽ پنهنجي پٽ کي چيو: “ فڪر نه ڪر منهنجا پٽ! اڄ کانپوءِ توکي جنهن ملڪ ۾ پڙھڻ جي اسڪالرشپ کپي اھا توکي ملي سگھي ٿي. ھاڻ ھنن ٻيٽن جو والي وارث آئون آھيان.” ۽ واقعي والي وارث لطفي ٿي وڃي ھا پر قدرت چونڊيل صدر عبدالقيوم کي بچائي ورتو.
ھنن ٻيٽن تي ابن بطوطا به آيو ته مارڪو پولو به
مالديپ سامونڊي تانگھن ڪنارن  (Beaches) ۽ انهن جي صاف ۽ سفيد ريتيءَ کان مشھور آھن. ھنن ٻيٽن تي سادگي واري زندگي آھي جيڪا ھتي جا ماڻھو پسند ڪن ٿا. ھو گھڻو ماڊرن ۽ شھري زندگي کان پاسو ڪن ٿا. غربت ۽ ڪمائي جي ٻين ذريعن نه ھجڻ ڪري ھنن ٽوئرزم کي قبول ڪيو آھي ته ڌارين ملڪن جا ماڻھو سندن ٻيٽ تي گھمڻ لاءِ اچن پر دلئون نٿا چاھين ته ڪو ٻاھران اچي سندن  Life Style کي ڊسٽرب ڪري. ان ھوندي به ڪوشش ڪئي اٿن ته سياح ۽ مسافر ڪن چند ٻيٽن تان گھمي ڦري ھليا وڃن. مڪاني ماڻھن جو گھڻو لاڙو مذھب ڏي آھي. جتي ڪٿي مسجد نظر اچي ٿي ۽ ماڻھن جو سڄو ڏينهن مسجدن ڏي اچڻ وڃڻ عام آھي. مختلف ٻيٽن تي ڌارين سياحن لاءِ ڪجھ ھوٽلن تي انهن ۾ رھندڙن کي شراب ملي ٿو باقي ڪنهن به مڪاني يا ڌارئين کي شراب آڻڻ جي سختي سان منع آھي. ايئرپورٽ ۽ بندرگاھ ۾ ٻاھران آيلن جي سامان جي سختيءَ سان چيڪنگ ٿئي ٿي ۽ شراب ۽ نشي وارين شين کان علاوھ سوئر مان ٺھيل مختلف شين جي آڻڻ تي به سختيءَ سان پابندي آھي.
ھندي وڏي سمنڊ ۾ چون ٿا ته 700 کن مڇين جا مختلف قسم آھن جن مان ڪي ڪھڙي ايشيائي يا آفريڪي ملڪ ۾ نظر اچن ٿيون ته ڪي ڪھڙي ۾. پر مالديپ ٻيٽ اھو ھنڌ آھي جتي انهن جون ذري گھٽ سڀ جنسون ملن ٿيون. ھنن ٻيٽن جا شروع وارا رھاڪو جيتوڻيڪ سري لنڪا پاسي جا ٻِڌ ڌرم سان واسطو رکندڙ ھئا پر ٻارھينءَ صديءَ کانپوءِ گھڻائي مسلمانن جي ئي نظر اچي ٿي. اڄ به ڪيتريون ئي پراڻيون مسجدون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون جن مان ھڪ 1656 جي ٺھيل آھي. ھن ٻيٽ تي ڪيترائي مسافر پراڻي زماني کان ھلي ملي گھمڻ خاطر، جھاز ڀڄڻ ۽ ٻڏڻ تي يا رستو ڀلجڻ تي ھيڏانهن ايندا رھيا. پراڻي زماني جي سياحن ھنن ٻيٽن جو نالو مالھا ديـِـو (Maladiv) رکيو جنهن جي معنيٰ ٻيٽن جو ھار آھي. ھونءَ به ھي ٻيٽن جو جھڳٽو گھڻو مٿي کان ڏسجي ٿو ته ھار وانگر لڳي ٿو. ابن بطوطا کان علاوھ ٻيا به ڪيترائي مشھور سياح، تاريخدان ۽ ليکڪ ھنن ٻيٽن تي آيا. ھڪ ٻيو مشھور سياح جيڪو ھتان کان اچي نڪتو اھو يورپ جو مارڪو پولو آھي. مارڪو پولو ھنن ٻيٽن کي “The flower of the indies” سڏيو آھي. مڪاني ماڻھو ھنن ٻيٽن کي اڄ ڪلھ  “ديـِـويھي راجي” (ٻيٽ واري سلطنت) سڏين ٿا. جيتوڻيڪ سڀني ٻيٽن جي جملي آدمشماري ڪا ٻه لک مس آھي پر ڪمائيءَ جا ڪي خاص ذريعا نه ھجڻ ڪري ھي ملڪ دنيا جي غريب ترين ملڪن مان ھڪ آھي. پئسي ڏوڪڙ ۾ به ته ٽيڪنيڪل معلومات ۾ به.
ابن بطوطا حج جي ارادي سان گھران نڪتو
مالديپ ٻيٽن جي ذڪر دور ان دنيا جي ٻن مشھور ۽ آڳاٽن سياحن: ابن بطوطا ۽ مارڪو پولو جا نالا آيا آھن. ھتي ھنن چوڏھين ۽ تيرھين صديءَ جي سفر ڪندڙن (travelers) جو مختصر احوال ڏيڻ بي محل نه ٿيندو.
ابن بطوطہ ھڪ مسلمان سياح ھو. سندس نالو ابو عبدالله محمد ھو پاڻ  1304ع سن ۾ موراڪو (مراڪش) جي شھر طنج  (Tangier) ۾ ڄائو ڏٺو وڃي ته ھي ھمايون ۽ بابر جھڙن مغل بادشاھن کان به گھڻو اڳ ڄائو ۽ ان وقت جي دنيا جو سير ڪيائين. ابن بطوطہ جو جنهن خاندان سان تعلق ھو اھي وقت جا قاضي (فيصلا ڪندڙ) ھئا. پاڻ به قاضي (جج) ھو. 21سالن جي ڄمار ۾ ھو حج ڪرڻ لاءِ مڪي ڏي روانو ٿيو. گھران نڪرڻ وقت ھن جو ارادو فقط مذھبي ڊيوٽي (حج جي ادائگي) ۽ اوڀر جي عالمن وٽان علم پرائڻ ھو. پر پوءِ گھر کان ٻاھر نڪرڻ بعد ھن کي ملڪ ملڪ گھمڻ جو شوق پيدا ٿي پيو ۽ فيصلو ڪيائين ته جيتريقدر ٿي سگھندو دنيا جا گھڻي کان گھڻا علائقا گھمندس. ھن جو ڪيترن ئي شاھي درٻارن ۾ آڌرڀاءُ ڪيو ويو. ھن مسلمانن جو ھڪ ھڪ ملڪ گھميو ۽ اٽڪل سٺ کن بادشاھن، حاڪمن ۽ راجائن ۽ ڪيترن ئي راڻين سان مليو ۽ پنهنجو سفر نامون قلمبند ڪيو. سندس ڪتاب (سفرنامون) اڄ ڇھ سؤ سال گذرڻ بعد به ساڳي شوق سان پڙھيو وڃي ٿو.
ابن بطوطہ گھران نڪرڻ وقت اولھ ۽ اتر آفريڪا جي ملڪن مان ٿيندو دمشق، بغداد پھتو. دمشق ۾ ڏٺائين ته خليفھ وليد مسجد جي ٻاھران شھر جا اھم نوٽري پبلڪ اسٽال ٺاھيو ويٺا ھئا. ھر ھڪ وٽ ڇھ کن شاھد موجود ھئا جيڪو ڇوڪرو ڇوڪري شاديءَ لاءِ آيو ٿي ته ھن في وٺي اتي جو اتي نڪاح نامون تيار ڪري ڏنو ٿي. کين قاضي طرفان اجازت مليل ھئي. ھي ائين ھو جيئن اڄ ڪلھ مغربي ملڪن ۾ سول مئريجون (شاديون) ٿين ٿيون.
بغداد کان مديني ۽ مڪي واري رستي “ ضرب زبيدھ” تي جتي ڪٿي
مسافرن جي لاءِ پاڻيءَ جو بندوبست ٿيل ھو جيڪو خليفي ھارون رشيد جي زال زبيدھ طرفان ھو. اڄ به ان رستي ۾ ڪا ورلي تبديلي آئي آھي.
حج دوران ابن بطوطہ بيمار ٿي پيو ۽ ھن طواف ۽ سعي پيرين پنڌ ڪرڻ بدران امير جي گھوڙي تي چڙھي ڪئي. (سعي صفا ۽ مرواھ ٽڪرين جي وچ ۾ ست ڦيرا ڪرڻ کي سڏجي ٿو) يمن ۾ ابن بطوطہ زابد شھر ۾ رھيو جيڪو انهن ڏينهن ۾ اتي جو ٻيو نمبر وڏو شھر ھو. ايران ۾ ابن بطوطہ ابو سعيد سان مليو جيڪو ايران جي منگول گھراڻي جو آخري خان ھو. ھن وائسراءِ جي خاتون جي حاضري اچي ڀري جيڪا آغا سڏي وئي ٿي. خاتون ابن بطوطہ کي پئسا ۽ سواري لاءِ گھوڙو سوغات طور ڏنو. ابن بطوطہ کي شيراز شھر جا ماڻھو بيحد نيڪ ۽ سچار لڳا.
مالديپ ٻيٽن تي ابن بطوطہ قاضي ٿي رھيو
ايران بعد بطوطہ ڪجھ عرصو ترڪيءَ ۾رھيو جتي ويجھڙائيءَ ۾ عثمانلي (Ottaman Empire) جي سلطنت شروع ٿي ھئي. بهر حال ابن بطوطہ وچ ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن مان ٿيندو ھندستان پھتو. دھليءَ ۾ سلطان محمد ابن تغلق سندس آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ کيس دھليءَ جو وڏو قاضي مقرر ڪيو. دھليءَ ۾ اٺ سال رھڻ بعد 1342ع ۾ کيس سلطان جي سفير جي حيثيت سان چين موڪليو ويو. رستي تي ھندن کيس ماريو ٿي پر ھو پنهنجي جان بچائي وٺي ڀڳو.
ھڪ سامونڊي سفر ۾ سندس جھاز ڪاليڪٽ (ملبار ڪوسٽ) وٽ ڀڄي پيو. ڪجھ ڏينهن اتي رھڻ بعد ھو مالديپ ٻيٽ ڏي ھليو آيو. مالديپ ٻيٽ لاءِ ابن بطوطا لکي ٿو ته: “ مالديپ ٻيٽ جا رھاڪو سڀ مسلمان آھن. اھي نيڪ ۽ پرھيز گار آھن. ھنن جي زالن پنهنجن وارن کي ڦڻي ڏئي ھڪ پاسي سينڌ ڪڍي ٿي. ھنن ٻيٽن جي گھڻي ڀاڱي زالن ڪپڙي جي ٽڪر (گوڏ) سان فقط ھيٺيون ڌڙ ڍڪيو ٿي مٿيون حصو اگھاڙو رکيو ٿي”
ابن بطوطہ ھن ٻيٽ (مالديپ) تي ٻه سال کن قاضي ٿي رھيو. ان عرصي دوران ھن (بقول سندس) ٻيٽ جي عورتن کي گھٽ ۾ گھٽ سندس درٻار ( ڪورٽ) ۾ اگھاڙو ٿي اچڻ کان سختيءَ سان منع ڪري ڇڏي. ان کان وڌيڪ ٻي ڪنهن ڳالھ تي ھن جي ھلي به ڪانه ٿي.
ابن بطوطہ پنهنجي احوال ۾ مالديپ ٻيٽن بابت لکيو آھي ته ھن جي ڏينهن ۾ ھنن ٻيٽن جي حاڪم خديجا نالي عورت ھئي ڇو ته سلطانن جي خاندان ۾ انهن ڏينهن ۾ ڪوبه مرد ماڻھو نه ھو. قاضيءَ کي وڏي عزت جي نگاھ سان ڏٺو ويو ٿي ۽ ھن جي ڏنل ھر فتوا شاھي حڪم برابر ھئي. بلڪ ان معاملي ۾ حاڪم کان به وڌيڪ قاضيءَ جي آرڊرن جي پوئواري ڪئي وئي ٿي. شاھي خاندان کي پنهنجي ھڪ ھزار کن سپاھين جي فوج ھئي جنهن جي رڪروٽنگ ٻاھران ڪئي وئي ٿي. (گھڻو ڪري سري لنڪا مان ماڻھو گھرايا ويندا ھوندا جو اھو ئي ملڪ مالديپ ٻيٽن کي ويجھو آھي).
ابن بطوطہ مالديپ بعد بنگال، برما، سيام ۽ سماترا روانو ٿيو
قاضي صاحب يعني ابن بطوطہ مالديپ ۾ به اتي جي ھڪ مڪاني عورت سان شادي ڪئي. ٻن سالن بعد وري اڳتي جي سفر لاءِ نڪتو. سال 1344ع ۾ سندس جھاز ھندي سمنڊ ۾ ھلندي طوفان جي ور چڙھي ويو ۽ سلون کان اچي نڪتو. سلون جو بادشاھ غير مسلم ھو پر ھن کي فارسي آئي ٿي، ابن بطوطہ پنهنجي سفرنامي ۾ لکيو آھي ته ھن ابن بطوطہ جھڙي پڙھيل ڳڙھيل ۽ علم جي ڄاڻ رکندڙ سياح جي وڏي دل سان آجيان ڪئي ۽ کيس آدم جبل جي چوٽيءَ ڏسڻ لاءِ پنهنجا خاص ماڻھو شامل ڪري ڏنا. اڄ ڪلھ ان جبل جي چوٽيءَ تي پھچڻ سولو ڪم ٿي پيو آھي پر ساڍا ڇھ سؤ سال اڳ نه بجلي ھئي نه رستا ٺھيل ھئا. ھي اھو جبل آھي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته جنت مان نڪرڻ وقت حضرت آدم ھن جبل تي لٿو ھو.
سري لنڪا بعد ابن بطوطہ سلھٽ (اڄ ڪلھ بنگلاديش جو شھر) کان وڃي نڪتو. اتي ھن جي ملاقات طبريز جي شيخ جلال دين سان ٿي. بنگال بعد ابن بطوطہ برما جي ڪناري واري شھرن ۾ گھمندو رھيو. اتان پوءِ ھو يا سمنڊ ذريعي يا سيام (ٿائلنڊ) ۽ ملايا جي خشڪي واري رستي کان ٿيندو سماترا ٻيٽ کان وڃي نڪتو جيڪو اڄ ڪلھ انڊونيشيا جو وڏي ۾ وڏو ٻيٽ آھي. سماترا جي سلطان ابن بطوطہ کي نئون جھاز ڏنو. (انهن ڏينهن جا جھاز ڪي اڄ جھڙا لوھي، انجڻين وارا ۽ وڏا نه ھئا. ڪاٺ جا سڙھ تي ھلندڙ جھاز ھئا. جن جي بناوٽ به آسان ھئي منجھن ھڪ يا ٻه ڪمرا ھوندا ھئا. ڪاڪوس آخري ڇيڙي تي، اڌ جھاز مٿان ته اڌ سمنڊ مٿان. ھوندو ھو. ٻيلا ۽ ڪاٺ جام ھو. مزور ۽ ڪاريگر واندا ھئا. سو گھڻو خرچ نه ايندو ھو.
ابن بطوطہ جھاز کڻي اتي جي ماڻھن سان نڪتو. ھندستان اولھ واري ڪناري وٽ ڪجھ غير مسلمان قذاقن ھن جي جھاز تي حملو ڪيو ۽ ھن جو ھڙ سامان کڻي ويا. ڀر ۾ ڪاليڪٽ جو بندرگاھ ھو اتي اچي پناھ ورتائين. اتي رھائش دوران مالديپ ٻيٽن کان ايندڙ ماڻھن کان کيس خبر پيئي ته مالديپ ٻيٽ تي جنهن عورت سان شادي ڪئي ھئائين ان کي سندس وڃڻ بعد پٽ ڄائو. ابن بطوطہ پنهنجي پٽ کي حاصل ڪرڻ لاءِ مالديپ ٻيٽ ڏي روانو ٿيو. ھن جي سٺي آڌرڀاءُ ڪئي وئي پر سندس زال جنهن جو تعلق شاھي گھراڻي سان ھو ان شھر جي قاضيءَ وٽ فرياد داخل ڪيو. قاضي ۽ ملڪ جي وزير اھو فيصلو ڏنو ته بهرحال پٽ ابن بطوطہ جو آھي ۽ ھو ھن کي پنهنجو پٽ کڻڻ کان نه جھليندا. ۽ پوءِ جڏھن ننڍڙي ٻار کن ابن بطوطہ وٽ آندو ويو ته ھن اھو ئي بهتر سمجھيو ته ٻار ماءُ وٽ ئي رھي ته سٺو.
ھنن جو ان حبشڻ کي ڪچو ئي کائي ڇڏيو
ان کان ويھ سال اڳ ابن بطوطہ بغداد ۾ به ھڪ زال پيٽ سان ڇڏي آيو ھو جنهن کي بعد ۾ پٽ ڄائو ھو. ھو ان زال ۽ ٻار سان ملڻ لاءِ بغداد آيو پر اتي پھچي خبر پيس ته اھي ٻئي گذاري ويا. ابن بطوطہ کي پنهنجي پيءُ جي مري وڃڻ جي پڻ اتي خبر پيئي ۽ اھو پڻ ته سندس والدھ سخت بيمار آھي. انهن ڏينهن ۾ پليگ نموني جي بيماري (Black Death)چوڌاري پکڙيل ھو. ان بابت ابن بطوطہ لکي ٿو ته غازا ۾ روزانو ھزار کن ماڻھو مرن ٿا ۽ دمشق ۾ 2400 کن. قاھرھ (مصر) ۾ موت جو انگ 2100 يوميھ ٿي ويو.
مشھور تورايخ نويس ابن خلدون جنهن جو والد پڻ ٽيونس ۾ ان موت جو شڪار ٿي ويو ھو اھو پڻ ابن بطوطہ جي ان ڳالھ کي صحيح قرار ڏئي ٿو ته محل محلاتون، شھر گھٽيون ويران ۽ خالي ٿي ويا ھئا ڄڻ ته ڪو راڪاس گھمي ويو ھجي.
ابن بطوطہ اسپين ۾ به آيو ۽ غرناطھ جو شھر ڏٺائين. ان بعد ھو سوڊان ويو. پنهنجي وطن موٽڻ لاءِ صحرا جو رڻ پٽ ٽپڻ دوران رستي تي مغربي آفريڪا جا مشھور ملڪ: مالي ۽ نائيجر (Niger) پڻ ڏٺا ماضي ۾ مالي ملڪ امير ترين ٿي رھيو آھي ۽ جن ڏينهن ۾ ابن بطوطہ اتي پھتو ھو انهن ڏينهن ۾ مالي پئسي ۽ پاور (سياسي توڙي ملٽري طاقت ۾) اوج تي ھو. منسا (سلطان) سليمان جيڪو ملڪ جو حاڪم ھو، ابن بطوطہ جو آڌرڀاءُ ڪيو. ابن بطوطہ لکيو آھي ته ھتي ٻارن قرآن حفظ ڪيو ٿي. مسجد ۾ ايترا نمازي ايندا ھئا جو جمعي نماز تي ته فقط انهن کي مسجد ۾ جاءِ ملي نه سگھندي ھئي جيڪي اڳ ۾ پھچندا ھئا. ھن ڏٺو ته ھتي عورتن پڙدو تمام گھٽ ٿي ڪيو. شيدي نوڪرياڻيون ۽ نوجوان ڇوڪريون ھر ھڪ جي اڳيان اگھاڙيون ٿي ھليون ٿي. ويندي سلطان جون ڌيئون به اگھاڙيون ٿي ھليون ٿي. ملڪ ۾ اڃان به آدمخور قبيلا موجود ھئا. انسان جو گوشت کائيندڙ ھڪ اھڙي قبيلي جا “چڱا مڙس” پنهنجي امير سان گڏ سلطان سليمان جي درٻِار ۾ حاضري ڀرڻ آيا. سلطان مھمانوازي طور ھنن کي سندن خذمت چاڪريءَ لاءِ ھڪ جوان حبشڻ تحفي ۾ ڏني. ھنن ھن کي ماري ڪچوئي کائي ڇڏيو. ان بعد ھٿ ۽ منهن صاف ڪندي سلطان سليمان جا ٿورا مڃڻ لاءِ آيا.
منسا (سلطان) موسيٰ ھڪ دفعي قاضيءَ کي سزا طور ھڪ اھڙي جنگل ۾ اماڻي ڇڏيو جتي جا ماڻھو آدمخور (Cannibals) ھئا. چئن سالن بعد ھو صحيح سلامت پنهنج وطن (يورپ) موڪليو ويو. ھن کي جنگلي ماڻھن نه ڪچو ۽ نه رڌي کاڌو- ان ڪري جو ھنن جي عقيدي موجب اڇو ماڻھو بي سواد آھي ۽ بدھضمي پئدا ڪري ٿو.
ابن بطوطہ سنڌ ۾ به ڪافي ڏينهن رھيو
بهر حال اھو ابن بطوطہ جو باقي دنيا جو سير ھو. ھن جو خشڪي ۽ سمنڊ ذريعي سنڌ وٽان لنگھ ٿيو. ان وقت انجڻين وارا طاقتور جھاز نه ھئا جڪي سمنڊ جو وچ ڏئي ھلن ٿا. ڪپڙي جي سڙھن تي ھلندڙ ڪاٺ جا جھاز ھئا جن  Coastingڪئي ٿي يعني ڪناور ڏئي ھليا ٿي. جھاز تي ٿڌا ڪمرا (Refrigerated Stores) ۽ سمنڊ جي کاري پاڻيءَ مان مٺو ٺاھڻ جا(F.W. Evaporator) پلانٽ به نه ھئا. جھازين کي ٿوري ڳالھ تي ٿـَـڪ ڀڃڻ لاءِ سھوليتن وارا بندرگاھ (سـَـتـَـڙ) ڳولي ترسڻو پيو ٿي ۽ انهن ڏينهن ۾ سنڌ جو لاھري بندر (ٺٽي ڀرسان) اڄ جي سنگاپور ۽ ھانگ ڪانگ کان وڌيڪ اھم ھو ۽ نه فقط جھاز لاھري بندرگاھ تائين آيا ٿي پر کارو لتاڙي مٺي ۾ ويا ٿي- يعني سمنڊ لتاڙي سنڌونديءَ  ۾ گھڙيا ٿي ۽ ملتان تائين ھليا ويا ٿي. جھاز ننڍا ھئا سنڌونديءَ ۾ پاڻيءَ جام ھو يعني ھي درياھ جھازين لاءِ Navigableھوجيئن دنيا جون اڄ ڪيتريون ئي نديون آھن جن ۾ جھاز اندر تائين ھليا وڃن ٿا جھڙوڪ ٿائلنڊ جو بندرگاھ بئنڪاڪ درياھ ۾ ڪافي اندر آھي. جيئن روھڙي سکر عربي سمنڊ کان. اھڙي طرح آمريڪا  USA جي مشھور شھر نيو اورلينس لاءِ اسان کي جھاز مسي سپي نديءَ ۾ سؤ ميل کن اندر وٺي وڃڻو پوي ٿو. سو ان زماني ۾ سنڌ جو نه فقط سامونڊي بندرگاھ لاھري بندر مشھور ھو پر اندريان دريائي بندرگاھ سيوھڻ، ٻڍاپور، ڊڀرو، ھالا پراڻا روھڙي وغيره سلون ۽ ملايا کان عرب دنيا تائين مشھور ھئا. انهن ڏينهن ۾ پنجاب ۽ بلوچستان جو به ڪافي حصو سنڌ ۾ آيو ٿي. ۽ ساڳي وقت سنڌ ۾ ايندڙ مختلف ديسن کان جھازن انهن ملڪن جي خبر چار آندي ٿي. انهن ڏينهن ۾ جاوا (انڊونيشيا جو ٻيٽ) مرچ مسالن ۽ لؤنگ ڦوٽن کان مشھور ھو ۽ سلون (سري لنڪا) جنهن کي فقط لنڪا به چوندا ھئا ھيرن جواھرن ۽ لعل ربين کان مشھور ھو ۽ ھر ھڪ، جنهن سکيو ستابو ٿيڻ چاھيو ٿي، جاوا ۽ لنڪا وڃڻ جي تمنا رکي ٿي جيئن اڄ جا ماڻھو دبئي، ڪويت، سعودي عرب ۽ آمريڪا وڃڻ جي تمنا رکن ٿا.
ان جي عڪاسي شاھ لطيف به ڪئي آھي:
لنڪا لنڪا، لئي لنڪا او ھيريا….
سڻي سون لنڪا جو، سک نه سامونڊين….
۽ جاوا (انڊونيشيا جي ٻيٽ) لاءِ به اسان وٽ ڪيتريون ئي چوڻيون ۽ پھاڪا مشھور آھن چي: “ جيڪي ويا جاوا سي سدائين ڍاوا، سدائين ساوا… “وغيره. سو اھو ٿي نٿو سگھي ته ڪو عربي سمنڊ مان لنگھي يا سلون (سري لنڪا) ۽ عرب ملڪن ۾ وڃي ۽ سنڌ جي بندرگاھن جي ناموس نه ٻڌي. ابن بطوطہ صاحب به سنڌ ۾ آيو ۽ ڪيترائي شھر گھميو ۽ ڪيترن بزرگن سان ملاقاتون ڪيائين جن جو احوال پڻ ھن پنهنجي سفرنامي ۾ قلمبند ڪيو آھي. ابن بطوطہ جو ھي سفرنامون دنيا جي ڪيترين ئي زبانن ۾ ترجمو ٿيل آھي پر اصل ڪتاب عربي ۾ لکيل آھي جنهن جو نالو “ تحفته النظر في غرائب الابصار “ آھي.
ابن بطوطہ جنهاڻ ڳوٺ ۽ ان ۾ رھندڙ سومرن جي تعريف ڪئي آھي
ابن بطوطہ پھرين محرم734 ھجري 1333)ع( تي سنڌو درياھ کان لنگھيو. ٻن ڏينهن جي پنڌ کانپوءِ ھو جناني شھر ۾ پھتو. (جنهن شھر جناني جو ابن بطوطہ پنهنجي ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو  آھي اھو اڄ وارو جنهاڻ سومرو آھي جيڪو ھاڻ ضلعي ٺٽي جي ميرپور بٺوري تعلقي ۾ واقع آھي). ھن شھر بابت لکي ٿو ته:
“ھي وڏو ۽ خوبصورت شھر درياءِ جي ڪناري تي آھي. ھن شھر ۾ سومرا قوم جا ماڻھو رھن ٿا، جيڪي قديم زماني کان ھتي رھندڙ آھن. تاريخدان لکن ٿا ته حجاج بن يوسف جي ڏينهن ۾ جڏھن سنڌ فتح ٿي، ته ھن قوم جا ماڻھو ھن شھر ۾ رھندا ھئا. شيخ بهاؤالدين ذڪريا قريشي ملتانيءَ جي پوٽي شيخ رڪن دين مونکي ٻڌايو ھو، ته سندن وڏو ڏاڏو محمد بن قاسم جي ان لشڪر ۾ ھو جيڪو حجاج، عراق مان موڪليو ويو ھو. پوءِ ھو ھن ملڪ ۾ ترسي پيو، ۽ سندس اولاد وڌيو ويجھيو. ھي شيخ رڪن الدين اھو آھي جنهن بابت شيخ برھان الدين مونکي شھر اسڪندريھ ۾ چيو ھو، ته ان سان ملجانءِ”.
ابن بطوطہ، سومرن جي رھڻي ڪھڻي بابت به لکيو آھي. بهرحال جناني کان ھلي ھو سيوھڻ پھتو. سيوھڻ بابت لکي ٿو:
“ھي ھڪ وڏو شھر آھي ۽ ريگستان ۾ واقع آھي. ھتي کانسواءِ ٻئي ڪنهن ھنڌ وڻ نظر نه آيو. نهر جي ڪناري تي گدرن کانسواءِ ٻي پوک نه ٿي ٿئي. ھن شھر ۾ مڇي تمام گھڻي آھي ۽ ھت ماھيو کير به جھجو آھي. ھتي جا ماڻھو اسقنقور (سانڊي جو  قسم، گلوئي) به کائيندا آھن. ھي جانور پيرن تي ھلي ٿو، ۽ ڳوھ جي شڪل جھڙو ٿئي ٿو پر ان کي پڇ ڪونه ٿئي. ھتي جا ماڻھو ھن کي واريءَ مان کوٽي ڪڍندا آھن، ۽ ان جو پيٽ چيري، گندگي صاف ڪري، زعفران بدران ھئڊ ڀري، پچائي کائيندا آھن.”
ابن بطوطہ سيوھڻ جي گرميءَ بابت لکي ٿو ته:
“اسان ھن شھر ۾ پھتاسون ته سخت گرمي ھئي. منهنجا ساٿي ھر وقت لڱين اگھاڙا ھوندا ھئا. ھو ھڪ وڏو رومال پاڻيءَ مان پسائي، مٿي تي رکندا ھئا ته ٻيو رومال آلو ڪري ڪلھن تي رکندا ھئا. رومال سڪي ويندا ھئا ته وري آلا ڪندا ھئا.“
ابن بطوطہ سيوھڻ ۾ شھر جي خطيب شيبانيءَ سان مليو، جنهن کيس حضرت عمربن عبدالعزيز جو پروانو ڏيکاريو جيڪو سندس پيڙھي جي وڏي ڏاڏي کي خطيب مقرر ڪرڻ وقت ڏنو ھو. ان تي سن 99 ھجري لکيل ھو. ان کانسواءِ ھو شيخ محمد بغداديءَ سان پڻ مليو جيڪو حضرت قلندر شھباز جي درگاھ جي ھڪ ڪوٺيءَ ۾ رھندو ھو. ھن کيس پنهنجي عمر  140کان مٿي ٻڌائي. ھن جو چوڻ ھو ته ھو ان وقت بغداد ۾ موجود ھو، جڏھن ھلاڪو خان، خليفي معتصم باالله کي قتل ڪيو ھو. سندس اچڻ کان اڳ ۾ ونار (انڙ-سمون) ۽ قيصر، مرڪزي حڪومت کان بغاوت ڪري، سيوھڻ ۾ خودمختيار حڪومت قائم ڪئي ھئي. اھو ٻڌي ملتان جو گورنر عماد الملڪ سيوھڻ تي ڪاھي آيو ھو. قيصر به مقابلو ڪيو پر پوءِ جڏھن پڄي نه سگھيو ته قلعي ۾ بند ٿي ويھي رھيو. آخر ٻنهي ۾ في الحال ٺاھ ٿيو پر پوءِ سرتيز عماد الملڪ ساڻس دغا ڪئي.
ابن بطوطہ کي لاھري بندر ۽ بکر وڻيو پر سيوھڻ جي گرميءَ ضرور ستايس
ان کانپوءِ ابن بطوطہ سنڌ جي سامونڊي بندر لاھري جو ذڪر ڪيو آھي. لاھري بابت لکي ٿو ته ھي خوبصورت شھر سمنڊ جي ڪناري واقع آھي. ان جي ويجھو سنڌو درياءَ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. ھي وڏو بندرگاھ آھي جتي يمن ۽ فارس جا واپاري وڏي تعداد ۾ آھن. انهيءَ ڪري ھي شھر ڏاڍو شاھوڪار آھي ۽ ان جو محصول به تمام گھڻو آھي. قاضي علاؤالملڪ فصيح الدين خراسانيءَ (ان وقت دھلي حڪومت طرفان لاھري بندر جي حاڪم) مون کي ٻڌايو ته ھن بندر جو محصول سٺ لک دينار آھي جنهن جو ويھون حصو کيس ملي ٿو.”
لاھري بندر کان پوءِ ابن بطوطہ بکر آيو. روھڙي ۽ سکر جي ڀرسان ھن ٻيٽ نما بکر بابت ابن بطوطہ لکي ٿو ته: “ ھي ڏاڍو خوبصورت شھر آھي. سنڌو درياءَ جي ھڪ شاخ ھن جي وچان لنگھي ٿي. شاخ جي وچ ۾ ھڪ خوبصورت درگاھ آھي، جتي ھر مسافر کي کاڌو ملي ٿو. اھا ڪشلو خان تيار ڪرائي ھئي. ھتي منهنجي ملاقات امام عبدالله حنفي ۽ شھر جي قاضي ابو حنيفھ شمس الدين شيرازيءَ سان ٿي. شمس الدين جي عمر ھن جي چوڻ موجب 120 سال ھئي،”
بکر کان پوءِ ابن بطوطہ سنڌ ڇڏي ڏکڻ ڏي اچ ويو. ضرور روھڙيءَ مان ٻيڙيءَ يا جھاز ذريعي سنڌوندي مان سامونڊي ڪناري واري بندر لاھري آيو ھوندو جتان ساڳي جھاز يا ڪنهن ٻئي ملڪ جي ٻئي جھاز ذريعي اچ (گجرات) ڏي ويو ھوندو. اڃان ھيٺ وڌيڪ ڏکڻ ۾ بمبئي، دوارڪا، ڪاليڪٽ ۽ گوا جھڙا مشھور بندرگاھ آھن جتان ڪيترائي ٻيڙا لنڪا ۽ مالديپ ويا ٿي. ابن بطوطہ سن 1369ع ۾ پنهنجي ڳوٺ طنج (مراڪش) ۾ گذاري ويو.
ابن بطوطہ وانگر ھڪ ٻيو جھونو سياح مارڪو  پولو نالي تمام مشھور ٿي گذريو آھي جنهن پڻ پنهنجي سفر جو ڪتاب لکيو جيڪو اڄ ڏينهن تائين وڏي حيراني ۽ دلچسپيءَ سان پڙھيو وڃي ٿو.
ڳالھ ھيءَ آھي ته سياح، گھمڻ ڦرڻ وارا، ٽوئرسٽ، رول، Travellers ته ھنن کان اڳ ۽ پوءِ به ڪيترائي ٿيا- عرب، چيني، انڊين، انگريز، يورپي وغيره ۽ سفرناما به ڪيترن ئي لکيا پر ابن بطوطہ ۽ مارڪوپولو ٻنهي ڄڻن زندگيءَ جو وڏو حصو سفر ڪيو، مختلف ملڪن ۾ رھي اتي جي زبانن، ريتن رسمن ۽ ڪلچر کي چڱي طرح سمجھيو ۽ پنهنجي اھميت ٻين ملڪن ۾ ايڏي مڃرائي جو کين وڏا وڏا عھدا ۽ انعام اڪرام ملندا رھيا پوءِ پنهنجي وطن اچي انهن ڏورانهن ڏيھن جون ڳالھيون ۽ تجربا پنهنجي ھم وطنين کي ٻڌايائون. ابن بطوطہ دنيا جي ھڪ ڪنڊ مراڪش (المغرب) کان نڪتو (انهن ڏينهن ۾ دنيا ايشيا يورپ ۽ آفريڪا تائين محدود ھئي. آمريڪا جو ته نالو نشان به ماڻھن جي دماغ ۾ نه ھو) ته ٻي ڪنڊ ملايا، چين، انڊيا وچ ايشيا کان وڃي نڪتو. 21 سالن جو ھو ته گھر ڇڏيائين ۽ ٽيھ پنجٽيھ سالن بعد گھر موٽيو. ھن اسلامي دنيا جو ھڪ ھڪ ھنڌ ڪري گھميو ۽ ٻين لاءِ معلومات مھيا ڪئي. پاڻ پڙھيل ڳڙھيل ۽ قابل ماڻھو ھو ۽ انڊيا توڙي مالديپ ۽ ٻين ھنڌن تي قاضيءَ جي عھدي تي رھيو ۽ اھو عھدو مالديپ جھڙن ھنڌن تي تمام وڏو عھدو سمجھيو ويو ٿي جو ملڪ جي حاڪم کان وڌيڪ قاضيءَ جو حڪم ھليو ٿي.
ساڳي وقت مارڪو پولو جو سفر به اڄ تائين اھم مڃيو وڃي ٿو. يورپ جي ماڻھن کي چين ۽ ڏور اوڀر جون تفصيلي خبرون ھن شخص ٻڌايون نه ته يورپ وارن کي ته اھا به ڄاڻ نه ھئي ته جپان جھڙي ملڪ ۾ شھنشاھي راڄ آھي ۽ اتي جو نرالو ڪلچر آھي، چين يورپ کان گھڻو سـُـکيو ۽ ماڊرن آھي. ڀلا انهن ڳالھين جي معلومات ماڻھن کي پوي ته ڪيئن پوي؟ نه ريڊيو نه ٽيليفون، نه انجڻ نه گاڏي. سالن کان پوءِ ته اليڪٽرسٽي ايجاد ٿي بلڪ صدين کانپوءِ. سفر ڪرڻ جو آسان طريقو ڪاٺ جا ٺھيل ڪپڙي جي سڙھ تي ھلندڙ جھاز ھئا جيڪي ھوا جي زور تي ھليا ٿي يا وري خشڪيءَ تي گڏھ، گھوڙي، اٺ ذريعي سفر ٿيو ٿي. ڦيٿو گھڻو اڳ ايجاد ٿي چڪو ھو ان ڪري گڏھ گاڏيون خاص ڪري ڍڳي گاڏيون ضرور ھيون جن مسافرن سان گڏ سندن سامان به ڍوئيو ٿي. باقي نه ھئي ريل نه ڪار، نه ھوائي جھاز نه سائيڪل. اھڙي حالت ۾ جڏھن اخبار به نه ھجي ھڪ ھنڌ کان ٻي ھنڌان ٿي آيل مسافر علم جو خزانو ھوندا ھئا ۽ ھي ٻئي سياح ٻين کان ڪجھ وڌيڪ ئي ڄاڻو، ذھين ۽ ڊگھو سفر ڪرڻ وارا ھئا. مارڪو پولو ابن بطوطہ کان به پراڻو سياح ٿي گذريو آھي. ابن بطوطہ سن 1304 ع ۾ ڄائو ۽ مارڪو پولو ھن کان سٺ سال اڳ سن 1254 ع ۾ وينس (Veince) ۾ ڄائو. سترھن سالن جي ڄمار ۾ وطن ڇڏيائين ته  1295ع ۾ جڏھن ھنجي عمر 41 سال ٿي پنهنجي ڳوٺ (وينس) موٽيو. وڏو ھوشيار ۽ محنتي ھو ۽ چين ۾ قبلائي خان جھڙن ڏنگن حاڪمن جي درٻار ۾ اعليٰ عھدا ماڻيندو رھيو.
مارڪو پولو چين ۾ قبلائي خان وٽ نوڪري ڪئي
ھڪ يورپيءَ لاءِ اڻانگي سفر جون صعوبتون سھڻ ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن کان وڃي نڪرڻ وڏي ڳالھ آھي. انگريز، ڊچ، پورچوگالي ته مارڪوپولو کان صديون پوءِ مس مس ڏکڻ آفريڪا (ڪيپ آف گڊ ھوپ جو سمنڊ) لتاڙي انڊيا پھتا ۽ ان کانپوءِ ملايا ۽ چين وغيره پھتا. اھو ئي سبب آھي جو مارڪو پولو يورپ جو بيحد مشھور سياح (Traveller) مڃيو وڃي ٿو. ھي اھي ڏينهن ھئا جڏھن 1258) ع ۾( منگولن ھلاڪو خان جي اڳواڻيءَ ۾ بغداد تي قبضو ڪيو ۽ خلافت ختم ڪئي. مارڪو پولو ان کان  چار سال کن اڳ ڄائو. چنگيز خان جو پوٽو قبلائي خان چين جو شھنشاھ ھو سندس تخت پيڪنگ ۾ ھو جيڪو  ان وقت “خان بالغ” شھر سڏيو ويو ٿي.
مارڪو پولو پنهنجي پيءُ نڪول پولو ۽ چاچي سان گڏ چين جي سفر تي روانو ٿيو. ھو ترڪي، شام، عراق جھڙن عرب ملڪن مان اٺن، گڏھن ۽ پيرين پنڌ سفر ڪندا ايران افغانستان ۽ اڄ واري اتر پاڪستان ۾ پھتا جتان پوءِ قافلن ذريعي سلڪ روٽ اختيار ڪيائون ۽ وچ ايشيا جي ملڪن مان ٿيندا آخر چين ۽ منگول پھچي ويا. اٽڪل چئن سالن بعد، 1275ع ۾ ان وقت جي شھنشاھ قبلائي خان يورپ کان آيل ھنن مھمانن جي وڏي آڌرڀاءَ ڪئي.
مارڪو پولو جو پيءُ ۽ چاچو پنهنجو اباڻو ڌنڌو “ واپار وڙو” ڪندا رھيا پر مارڪو پولو مڪاني زبان منگول سکڻ ۾ لڳي ويو. زبان ڄاڻڻ بعد قبلائي خان کيس سول سروس ۾ رکيو. ھن جي ذھانت، محنت ۽ چال چلن ڏسي کيس جلدي جلدي ترقي ملندي رھي ۽ آخرڪار ذاتي ڪائونسل ۾ ھن کي شامل ڪيو ويو. شھنشاھ ھن مان ايڏو خوش ھو جو کيس ڪيترن اھمmissions تي خاص ايلچي ڪري موڪليو. جن مان ھڪ ھندستان ڏي ھئي جتي ھن کي ھندستان ڏسڻ ۽ چڱي طرح سمجھڻ جو سٺو موقعو ملي ويو. ھڪ ٻي مشن سري لنڪا (سلون) مان گوتم ٻڌ جي مورتي خريد ڪرڻ جي ھئي ان ۾ قبلائي خان مارڪو پولو کي موڪليو.
مارڪو پولو چين ۽ ملايا مان ٿيندو ايران پھتو
بعد ۾ مارڪو پولو کي ينگ چائو(Young chow) شھر جو ميئر بنايو ويو. ھي شھر گرانڊ ڪئنال تي اھم ترين شھر ھو. چين ۾ 15سالن جي رھائش دوران مارڪو پولو کي چين، انڊيا ۽ خاص ڪري جپان جي وڏي معلومات حاصل ٿي،  1292ع ۾ مارڪوپولو چين ڇڏيو. چين ايندي وقت مارڪوپولو باءِ روڊ ھنن شھرن مان لنگھيو ھو: ايران جو ڪـَـرمان، افغانستان جو ھرات، بلخ، ڪاشگر، خوتان، چنگ شنگ، شنگتائو وغيره. واپسي تي ساڳي خشڪي جي رستي وٺڻ بدران ھن سامونڊي رستو اختيار ڪيو. ھانگ ڪانگ پاسي واري دئرين ۽ ڪئنٽن بندرگاھن مان ٿيندو فوچو Foochow، زيتون (Chuan Chow چيني شھرن بعد ملاڪا پھتو (انهن ڏينهن ۾ سنگاپور ٻيٽ تي اڃان ڪنهن رھڻ جو ئي نه سوچيو ھو ۽ نه وري ڪو پينانگ ھو. ملاڪا ڳچي سمنڊ ۾ جيڪي ڪجھ ھو سو ملاڪا بندرگاھ ھو ۽ ھن پاسي ملئي دنيا جي گاديءَ جو ھنڌ ھو). اتان پوءِ خليج بنگال جي ٻيٽن نڪوبار تي پھتو( جن کي ٽن چئن صدين بعد انگريزن جي ھندستان اچڻ بعد وڏي پئماني جي ڏوھارين لاءِ قيد خانو قرار ڏنو ويو. جتي جيڪو سزا طور پھچندو ھو اھو وري نه موٽندو ھو ۽ جنهن کي ننڍي کنڊ جا ماڻھو “ ڪارو پاڻي” سڏيندا ھئا). ان بعد سلون، ھندستان ۽ سنڌ جو ڪنارو ڏيئي ايران پھتو جتي قبلائي خان جي ڀاڻيجي ارغون (ايران جي وائسراءِ) جي ليڊي ڪوڪاچن سان شادي ٿي رھي ھئي. ايران پھچڻ بعد ھن کي قبلائي خان جي مري وڃڻ جي خبر پيئي ان ڪري ايران مان وري چين ڏي وڃڻ بدران پنهنجي وطن وينس 1295 ع ۾ آيو.
مارڪو پولو کي قيد ۾ سفر نامو لکڻ جو سٺو موقعو ملي ويو
پنهنجي گھر وينس پھچي ھن کي ھڪ ھنڌ وھڻ ۾ مزو نه آيو. جيتوڻيڪ ھو سالن جا سال ڏور ولايتون گھمي ھاڻ پھتو ھو. بقول شاھ لطيف جي :کيڙي کيڙي کـنـَـڊ، ماءِ! سامونڊي آئيا. ان زماني جي ڪاٺ جي جھاز تي ھو آفريڪا، يورپ ۽ ايشيا کنڊن جو چڪر ھڻي آيو ھو. پر وينس پھچڻ سان ھن کي وري سفر تي نڪرن لاءِ دل چيو.
“اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا! وڃڻ جون،
اٺئي پھر اٿن، سعيو ڪنهن سفر جو.
سو مارڪو پولو کي به وري پرئين پار وڃڻ جي وائي لڳي رھي. جھاز ھاڪاري ٻاھر نڪتو. انهن ڏينهن ۾ ھنن جي ملڪ وارن جي جنيوا وارن سان جنگ ھلي رھي ھئي. رستي تي ھن جو جھاز جھلجي پيو ۽ کيس (مارڪو  پولو کي) 1296ع کان 1299ع تائين جنيوا ۾ P.O.W (جنگي قيدي) ٿي رھڻو پيو. انهن بند وارن ڏينهن ۾ مارڪو پولو کي پنهنجي سفر جون يادون لکڻ جو سٺو موقعو ملي ويو ۽ سندس انهن ڏينهن جو لکيل ڪتاب “The Book of Marco Polo” اڄ ست صديون (ست سؤ سال) گذرڻ بعد به ايترو ئي مشھور آھي جيترو ان وقت ھو. مارڪو پولو جو ھي ڪتاب يورپين لاءِ پھريون ڪتاب ھو جنهن ۾ ڏور اوڀر جو تفصيلي احوال ھو. مارڪو پولو ھن ڪتاب ۾ نه فقط چين ۽ سڄي ايشيا جو احوال ڏنو آھي پر ڪيترن ڏور انهن ٻيٽن :جپان کان وٺي مالديپ ۽ زنجبار جو احوال ڏنو آھي.
مارڪو پولو کي چين جي سماجي توڙي سياسي وڏي ڄاڻ ھئي. سال 1276ع ۾ (مارڪو پولو جي چين پھچڻ کان ھڪ سال پوءِ) ڏکڻ چين جي SUNG گھراڻي جي منگولن مڪمل تباھي ڪري ڇڏي ھئي. سنگ گھراڻي 990) ع کان  1276ع( جي دور جي تهذيب، آرٽ ڪلچر يورپ کان به اتم اتاھون ھو.
قيد مان ڇٽڻ بعد مارڪو پولو مرڻ تائين-يعني 1324ع تائين پنهنجي اباڻي ڳوٺ وينس ۾ ئي رھيو. ھي شھر Veince اھو آھي جتي گھرن جي ٻاھران پڪن رستن بدران پاڻي آھي ۽ مسافر ۽ شھرين کي ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ پھچائڻ جو ڪم ٻيڙيون ڪن ٿيون. روم ۽ نيپلس وانگر وينس به اٽليءَ جو خوبصورت شھر ۽ بندرگاھ آھي.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*