مکيه صفحو / ڪتاب / دهليءَ جو درشن

دهليءَ جو درشن

.ڪتاب: دهلي جو درشن، ليکڪ: الطاف شيخ، موضوع: سفرنامو

الطاف شيخ جو انڊيا بابت هي پهريون سفرنامو آهي. هي سفر الطاف شيخ نوڪري دوران سامونڊي جهاز رستي نه پر نوڪري مان رٽائرڊ ٿيڻ بعد باءِ روڊ ۽ باءِ ٽرين ڪراچي کان لاهور اتان پوءِ امرتسر ۽ دهلي ان بعد بڙودا تائين ڪيو جِتي سندس پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج جي ٻن ساٿين نول را3 اوڏ ۽* ڊاڪٽر رامچند اوڏ جي پٽن جي شادي هئي دهلي ۽ برودا ۾ ٿيندڙ شادين ۾ مهيني کان مٿي گئپ هجڻ ڪري الطاف شيخ ۽ گهوٽن جي فئملين کي انڊيا گهمڻ جو سٺو موقعو مليو ويو.
هن سفرنامي ۾ ليکڪ دهلي، بڙودا، هردوار وغيره جي نه فقط عمارتن بابت پر اتي ملندڙ ماڻهن ۽ ساڻس گڏ سفر ڪندڙ اوڏ فئملين جي ڪجهه ماڻهن بابت عملي دلچسپ ڳالهيون لکيون آهن. ڪجهه مضمون اهڙا آهن جيڪي هر مسافر لاءِ چاهي هو ڪيڏانهن به وڃي رهيو هجي پڙهڻ ضروري آهن….. جيئن ته ”هڪ مسافر لاءِ ضروري ڳالهيون“، ڇا کائجي پيئجي ۽ بيمار ٿيڻ کان بچجي وغيره ان کان علاوه ٻيا ڪجهه دلچسپ عنوان هن ريت آهن:
• ملاڪا شروات جي ملڪ ۾
• هردوار ـــ هندن جو حج
• دهلي ۾ سنڌي ڇوڪرين جو اسڪول
• انڊيا ۾ رهندڙ اسانجا اوڏ
• ڇا دهلي ٺڳين کان مشهور آهي؟
• بالي ووڊ جا ڪجهه سنڌي
• ڪيترا عرب انڊيا ۾ شادي لاءِ اچن ٿا…..
دهلي جو درشن ڪِتابُ روشني پبليڪيشن پاران 2006ع ۾ ڇپيو آهي. ڪل صفحا 376 آهن ان کان علاوه ……. صفحا رنگين ۽ بليڪ ائنڊ وائيٽ تصويرن جا پڻ آهن.

Download (PDF, 2.67MB)

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*