مکيه صفحو / مضمون / رستي تي بي يار مدد هوس

رستي تي بي يار مدد هوس

مون کي ڪوالالمپور جي چَوڪِٽ مارڪيٽ ۽ مسجد انڊيا واري علائقي ۾ 12 وڳي ڌاري وڃي ڪجهه فوٽو گرافي ڪرڻي هئي، جنهن ۾ اڃا ٻه اڍائي ڪلاڪ هئا. وقت پاس ڪرڻ لاءِ عليءَ مون کي پنهنجي ملائيشيا جي ٺهيل ڪار ”پروٽان“ ۾ ڪوالالمپور جي روڊن جو سير ڪرائڻ لاءِ ڊرائيونگ ڪندو رهيو. مون هنن روڊن تان هلي ماضيءَ جون يادون تازيون ڪرڻ چاهيون ٿي. منهنجو پهريون دفعو ڪوالالمپور ۾ اچڻ شايد 1968ع ڌاري ٿيو هو، جڏهن چين ويندي يا اتان موٽندي، اسان جي جهاز ڏينهن ٻن لاءِ پورٽ ڪلانگ ۾ لنگر ڪيرايو هو. انهن ڏينهن ۾ پورٽ ڪلانگ انگريزن جي ڏينهن واري نالي پورٽ سويٽنهام سان سڏبو هو.
ڪوالالمپور ڪراچيءَ وانگر سمنڊ جي ڪناري تي ناهي. ڪوالالمپور کان سمنڊ يعني پورٽ ڪلانگ ايترو پري آهي، جيترو ڪراچي کان پورٽ قاسم. هاڻ ته پورٽ ڪلانگ کان ڪوالالمپور ائين يڪو شهر ٿيندو وڃي جيئن ڪراچي کان پورٽ قاسم. بهرحال منهنجو جهاز ذريعي ڪوالالمپور ۽ ملائيشيا جي ٻين بندرگاهن: پينانگ ۽ جوهور باروءَ ۾ 1981ع تائين اچڻ وڃڻ لڳو رهيو. ان بعد 1991ع تائين منهنجي ڪوالالمپور جي ڀرواري شهر ملاڪا ۾ مستقل رهائش رهي. ملاڪا ۽ ڪوالالمپور جي وچ ۾ 124 ڪلوميٽر (77 کن ميل) فاصلو آهي ۽ اسان موڪلن ۾ يا سرڪاري ميٽنگن لاءِ، ڪوالالمپور ايندا ويندا رهياسين ٿي ۽ ڪوالالمپور جي هنن روڊن تي پنهنجي ڪار کي ڊوڙائيندو رهيس ٿي. اڄ انهن روڊن مان ڪجهه تي ميڊيڪل اوزار ۽ Equipment سپلاءِ ڪرڻ جي ڪمپني فراگو امپيڪس ۽ نقش انٽر پرائيز ڪمپني جو ڊائريڪٽر، غلام علي سولنگي، مون کي چڪر هڻائڻ لاءِ پنهنجي گاڏي ڊوڙائي رهيو هو. هن منهنجي ڪري اڄ آفيس وڃڻ جو به ارادو لاهي ڇڏيو ۽ ڪم جون ضروري هدايتون هن پنهنجي پاڪستاني اسسٽنٽ ۽ ملئي ڪم وارن کي، پنهنجي موبائل فون ذريعي ڏئي ڇڏيون.
”علي اهو ته ٻڌاءِ، تون هتي ڪڏهن آئين ۽ ڪيئن آئين؟ مون کي اوچتو اهو سوال ڌيان ۾ اچي ويو ۽ عليءَ کان پڇي ويٺس.
”آئون پهرين هتي نه آيو هوس.“ عليءَ چيو.
”ته پوءِ؟“ مون پڇيو.
”آئون پهرين سنگاپور آيو هوس،“ اهو چئي عليءَ ڪجهه سوچي مون کان پڇيو، ”آئون توهان کي پنهنجي زندگي جي شروع کان ڳالهه ٻڌايان؟“
”ضرور ضرور!“ مون وراڻيو، ”هي ته پاڻ سٺو موقعو آهي. آئون غور سان ٻڌي سگهان ٿو ۽ نوٽ به ڪري سگهان ٿو.“
”سائين آئون هڪ غريب گهر ۾، روهڙي سيمينٽ فئڪٽري ڪالوني ۾ ڄايس. منهنجو پيءُ منهنجي ننڍي هوندي ئي وفات ڪري ويو ۽ مون کي منهنجي مائٽن وڏن مشڪلن سان ستن درجن تائين مس پڙهايو.“
عليءَ ٻڌايو ته انگريزن جي زماني جي هن روهڙي سيمينٽ فئڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن: انجنيئرن ۽ مڪينڪن کان فورمين ۽ فٽرز تائين جي، اندر رهائش جي ڪالوني هئي، جنهن ۾ اسڪول به هو. ان اسڪول جي رضا محمد عرشي نالي هڪ ٽيچر، عليءَ جي غربت ۽ ذهانت ڏسي هن جي تعليم جو بار کنيو ۽ علي نه فقط ان اسڪول مان مئٽرڪ ڪري ورتي، پر عرشي صاحب جي رهنمائي سان هن شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان بي اي به ڪري ورتي. هن جو ارادو وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جو هو، جنهن لاءِ هن سوچيو هو ته ان جو خرچ پورو ڪرڻ لاءِ هو ڪو پارٽ ٽائيم جاب يا پورهيو مزوري ڪري پورو ڪندو. پر هو بي اي جي تياري ڪري رهيو هو ته هڪ واقعو رونما ٿيو.
”اسان جي ان اسڪول جو هڪ ٻيو ٽيچر جيڪو پڻ مون کي پسند ڪندو هو، ان پنهنجي ڌيءَ جو رشتو ڏيڻ لاءِ منهنجي ماءُ سان ڳالهه ڪئي.“ عليءَ ٻڌايو، ”اسان بيحد خوش ٿياسين جو اسان جي غربت واري حال کان هو چڱي طرح واقف هئا ۽ هڪ ئي ڪالوني ۾ رهڻ ڪري اسان جي ساڻن ننڍپڻ کان سڃاڻپ هئي ۽ پهرين کان اسان جو هڪ ٻئي جي گهر ۾ اچڻ وڃڻ ۽ ڳالهائڻ جو سلسلو ائين هو جيئن ڳوٺن ۾ هڪ برادري ۾ هوندو آهي.“
”ڪجهه مهينا مڱڻو هلڻ بعد جيئن ئي منهنجي بي اي جي رزلٽ نڪتي ته ڇوڪريءَ جي پيءُ زور آندو ته هڪ ته هينئر جو هينئر شادي ڪئي وڃي ۽ ٻيو شرط اهو وڌو ته آئون ڪا نوڪري هٿ ڪريان. اسان کي سمجهه ۾ نه آيو ته ڇا ڪجي. غريب ماڻهو اسان وٽ کائڻ لاءِ نه هو، شادي جو خرچ ڪٿان اچي ۽ ٻيو ته نوڪري ملڻ ته ڪو آسان ڪم ناهي، خاص ڪري ان لاءِ جنهن جي فقط بي اي هجي ۽ ڪا سڃاڻپ واقفيت نه هجي. نوڪريءَ جي ڪوشش لاءِ آئون ڪراچي آيس، جتي مختلف ادارن ۽ وزيرن، سياستدانن جي درن اڳيان جتيون گسائيندو رهيس، پر ڪو کڙتيل نه نڪتو. ان دوران ڳوٺ واپس آيس ته خبر پيئي ته منهنجي غير موجودگي ۾ ڇوڪريءَ جي پيءُ هن جي مرضي خلاف پنهنجي ڳوٺ جي ڪنهن ڇوڪري سان نڪاح ڪرائي پنجاب روانو ڪري ڇڏيو.“
عليءَ ٻڌايو ته ان ڳالهه جو هن کي ۽ هن جي والده ۽ مائٽن کي ڏاڍو صدمو رسيو جو نه فقط عليءَ جي دل ۾ ڇوڪريءَ لاءِ پيار قائم ٿي چڪو هو، پر ڇوڪري به ذهني طرح پاڻ کي عليءَ سان منسوب ڪري ڇڏيو هو. ايتري قدر جو شادي وقت ڇوڪريءَ پنهنجي پيءُ کي چيو ته سندس چوڻ تي هوءَ ٻي ڌر سان شادي ڪرڻ کان انڪار ته نٿي ڪري، پر پنجاب رواني ٿيڻ بعد هو وري پنهنجي پيءُ جو منهن نه ڏسندي.
ڳوٺ جي ماحول ۾ ڇوڪريءَ وارن جو عليءَ وارن کي بنا ٻڌائڻ يا بنا سبب جي ائين Ignore ڪرڻ، عليءَ وارن لاءِ وڏي بي عزتي جو سبب هو.
”ايتري قدر جو مون گهر کان ٻاهر نڪرڻ ڇڏي ڏنو،“ عليءَ ٻڌايو، ”اسان ماڻهن اڳيان ڪنڌ کڻڻ جهڙا نه رهيا هئاسين. اسان جي غربت اسان تي ٺٺوليون ڪري رهي هئي. دل اهو ئي چيو ٿي ته ڳوٺ ڇڏي ٻئي ڪنهن هنڌ لڏي وڃجي، پر ان لاءِ به پئسو ٿي کتو.“
”هي اهو دور هو جو اسان جي ڳوٺ جو هڪ دوست بشير احمد چنا مون وٽ آيو ته، هو ۽ سندس ڀاءُ روزگار جي تلاش ۾ پرديس وڃي قسمت آزمائڻ چاهين ٿا. هن مون کي به ساڻن شريڪ ٿيڻ لاءِ چيو. مون کين صاف صاف ٻڌايو ته منهنجي حال کان توهان واقف آهيو. مون وٽ ڌارئين ملڪ هلڻ لاءِ هوائي جهاز جو ڀاڙو ته نه آهي، پر پاسپورٽ ٺهرائڻ جي به في نه اٿم.
”هن منهنجي ٽڪيٽ ۽ پاسپورٽ جي خرچ ۾ مدد ڪئي ۽ اسان سنگاپور هليا آياسين.“
”هي ڪهڙي سال جي ڳالهه آهي؟“ مون پڇيو.
”اِها 1994ع جي ڳالهه آهي. رٽرن ٽڪيٽ خريد ڪرڻ تي، پنهنجي ملڪ مان اڃا آساني سان ويزا ملي وئي ٿي.“ عليءَ ٻڌايو.
”پوءِ سنگاپور پهچي ڪهڙو ڪم ڪيانو؟“ مون پڇيو.
”اسان کي مصطفيٰ سينٽر (اسٽور) ۾ گدامن ۽ ٽرڪن مان سامان لاهڻ جو ڪم ملي ويو. ان دڪان جي ئي پٺيان سوڙهين گهٽين ۾ گهر جو هڪ ڪمرو مسواڙ تي وٺي، ان ۾ رهڻ لڳاسين.“ عليءَ ٻڌايو.
سنگاپور ۾ هڪ سرنگون روڊ آهي، جنهن تي انڊين هوٽلون (خاص ڪري مدراسي ٽائيپ) ۽ انڊين دڪان ۽ هندن جو وڏو مندر آهي. هي علائقو ننڍڙو انڊيا (Little India) به سڏجي ٿو. هن روڊ تي سالن کان مصطفيٰ جو دڪان مشهور آهي. اسان جهازن تي هوندا هئاسين، توڙي ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ ته شاپنگ لاءِ سنگاپور اچي، مصطفيٰ سينٽر جو چڪر ضرور هڻندا هئاسين. سئوٿ انڊين مصطفيٰ جو هي دڪان مناسب اگهه کان به مشهور هو.
”پوءِ ڀلا سنگاپور ڇو ڇڏئي؟“ مون عليءَ کان پڇيو.
”دراصل جن سان گڏ آيو هوس، يعني سکر جي چنا برادران سان، انهن کي سنگاپور ۾ ڪم ڪرڻ ۾ مزو نه آيو. هنن سنگاپور ڇڏي پنهنجي ملڪ موٽڻ جو پروگرام ٺاهيو، جيئن پوءِ اتان ڪنهن ٻئي نئين ملڪ ۾ پورهيو ڪرڻ لاءِ سوچي سگهن.“
”سنگاپور ۾ ڪيترو وقت رهيائو؟“ مون پڇيو.
”ٻن اڍائي مهينن بعد ڀاءُ بشير چنا وطن موٽڻ جو ارادو ڪيو ۽ مون کان به پڇيو. مون اهو سوچيو ته آئون غريب ماڻهو آهيان، مون وٽ پنهنجو پئسو ته آهي ڪونه، مفت ۾ هر ڀيري ڪير وٺي هلندو. سو آئون سنگاپور ترسي پيس ۽ بشير چنا جن سکر موٽي ويا.“
”پوءِ توهان سنگاپور ڪڏهن ڇڏيو؟“ مون پڇيو.
”آئون مهينو کن وڌيڪ سنگاپور ۾ رهيس،“ عليءَ ٻڌايو، ”پر هڪ ته مون کي سڄي ڪمري جي مسواڙ ڏيڻي پيئي ٿي ۽ ٻيو ته سنگاپور ۾ ڌارين جي غير قانوني رهڻ تي پڪڙ ڌڪڙ گهڻي هلي رهي هئي.“
”پوءِ ملائيشيا اچڻ جو ڪيئن سوچيانوَ جڏهن ته توهان وٽ ملائيشيا جي ويزا به نه هئي؟“ مون عليءَ کان پڇيو.
”سنگاپور ۾ رهي مونکي ماڻهن کان خبر پيئي ته ملائيشيا ۾ تمام گهڻيون عمارتون، پليون، ريلوي اسٽيشنون ۽ ڪارخانا ٺهي رهيا آهن، جتي هر قسم جي پورهيتن جي ضرورت آهي. ان ڪري مون اوڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو. مون وٽ ملائيشيا جي ويزا نه هئي، پر مون کي ڄاڻ پئي ته هِتي ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي پئسا وٺي غير قانوني نموني سان بارڊر ٽپائين ٿا. سنگاپور ۾ رهندڙ هڪ همراهه سان منهنجي ڳالهه ٿي. هن مون کان ان ڪم لاءِ 20 هزار رپين برابر سنگاپوري ڊالر گهريا. مون کيس ٻڌايو ته مون وٽ هڪ ٽَڪو به نه آهي. ڏهاڙي جي حساب سان ڪمايان ٿو ۽ ٻه ويلا ماني مس کانوان ٿو، باقي مون وٽ واپسي جي (سنگاپور کان ڪراچي تائين جي) رٽرنڊ ٽڪيٽ آهي، جيڪا نه ڪئش ٿي سگهي ٿي ۽ نه وري ڪو ٻيو ان کي استعمال ڪري سگهي ٿو. هن ڪجهه دير سوچي مون سان هائوڪار ڪئي ته هو مون کي ان ٽڪيٽ جي بدلي ملائيشيا جي سرزمين تي پهچائيندو. باقي ٽڪيٽ کي ڪئش ڪرائي سگهان يا نه اهو منهنجو نصيب.
”مقرر پروگرام موجب هن ڇنڇر ڏينهن شام جو، جڏهن سنگاپور ملائيشيا بارڊر تي رش رهي ٿي، هن مون کي گهرايو ۽ رات جو ٻارهين وڳي ڌاري مون کي پنهنجي ڪار جي ڊڪيءَ ۾ وجهي ڪاز وي ٽپائي جوهور بارو اچي ڇڏيو.“
پڙهندڙ لاءِ اهو لکندو هلان ته ملائيشيا پاڪستان وانگر تمام وڏو ملڪ آهي، جيڪو اتر ۾ ٿائلينڊ سان وڃيو لڳي، جيئن پاڪستان اتر ۾ افغانستان سان ملي ٿو. سنگاپور ملائيشيا جي ڏکڻ ۾ ائين ننڍڙو ٻيٽ آهي، جيئن پاڪستان جي ڏکڻ ۾ جتي ڪراچي ختم ٿي ٿئي، منهوڙو آهي. سنگاپور جو ٻيٽ ملائيشيا جي بارڊر واري شهر جوهور بارو سان سامونڊي پل ذريعي ڳنڍيل آهي. ٻن ميلن جي هن پل تان ماڻهو، بسيون، ڪارون ۽ ٽرينون هلن ٿيون. جوهور بارو شهر ملائيشيا جي سرزمين جي پڇڙي (TIP) وٽ ائين آهي، جيئن اسان وٽ ڪياماڙي. سنگاپور کان جوهور بارو (ملائيشيا) ويندي وقت، هن پل (Causeway) جي منهن وٽ سنگاپور حڪومت جا اميگريشن آفيسر پاسپورٽ چيڪ ڪن ٿا ۽ ڪسٽم وارا رکي رکي ڪنهن مشڪوڪ گاڏيءَ جي چڪاس ڪن ٿا. پنجن منٽن ۾ پل لتاڙڻ بعد، پل جي ٻئي پاسي بيٺل ملائيشيا جو عملو، پاسپورٽ جي چڪاس ڪري ۽ اتي به ڪڏهن ڪڏهن ڪارن جي چڪاس ٿئي ٿي ته سنگاپور مان ڪو اهڙو سامان ته نه خريد ڪيو ويو آهي، جنهن تي ڪسٽمس ڊيوٽي لاڳو هجي.
”مون کي ڍوئڻ واري ڪار سنگاپور جي بارڊر وٽ بيٺي. ان بعد هن ڪازوي ڪراس ڪيو ۽ وري جوهور بارو جي اميگريشن چيڪ پوسٽ وٽ پنج ڇهه منٽ ترسي. جملي هي ويهه پنجويهه منٽن جو سفر منهنجي موت ۽ زندگي جو سفر هو ۽ منهنجي لاءِ هڪ هڪ منٽ ڪلاڪن برابر هو، بارڊر ٽپڻ بعد هن اجنبي همراهه، جوهور بارو جي بس اسٽاپ تي ڪار بيهاري، ڊڪي کولي مون کي ٻاهر ڪڍيو. هن مون کان رٽرن ٽڪيٽ وٺي پنهنجي کيسي ۾ سوگهي ڪئي ۽ پنهنجي ٻٽونءَ مان 10 رنگٽ (ملائيشي ڊالرن) جو نوٽ ڪڍي، منهنجي تريءَ تي رکي مون کي چيو: ”وٺ! هي 10 رنگٽ اٿئي. هاڻ تون ڄاڻين تنهنجو ڪم ڄاڻي.“ ۽ پوءِ آئون هن کي واپس سنگاپور ڏي مڙندو ڏسندو رهيس ۽ سوچڻ لڳس ته هاڻ ڇا ڪرڻ کپي. آڌي رات جو رستي تي آئون بي يارو مدد بيٺو هوس.“

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*