مکيه صفحو / ڪتاب / رٺي آهي گهوٽ سان

رٺي آهي گهوٽ سان

ڪِتاب: رُٺي آهي گهوٽَ سان، ليکڪ: الطاف شيخ
موضوع: پهاڪا ۽ چوڻيون
”رٺي آهي گهوٽَ سان“ ڪِتاب پهاڪن ۽ چوڻين جو مجموعو آهي. هن ڪِتاب جو پهريون ڇاپو ”نيو فيلڊس“ پبليڪيشن وارن 1996ع ۾ ڇپرايو. هن ۾ الطاف شيخ پنهنجي ملڪ ۽ ڪجهه ٻين ملڪن جا گڏ ڪيل پهاڪا ڏنا آهن. ڪيترن پهاڪن سان گڏ هن دلچسپ سمجھاڻيون ۽ چرچا لکيا آهن. هن ڪِتاب جو مُهاڳ آفتاب ابڙو ۽ ڊاڪٽر قاسم ٻگھيو لکيو آهي. هي ڪِتاب سفرنامن کان ٿورو هٽي، محاورن، چوڻين ۽ پهاڪن تي بڌل ضرور آهي، پر الطاف شيخ پنهنجي سمونڊ، ساحت ۽ سڙهه واري خلش کان آجو ٿي نه سگهيو اهي. پرڏيهه جي خوشبوءِ هر سٽ ۽ هر صفحي تي موجود آهي. سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون اهي گڏ ڪيون اٿس جيڪي بيوطن سنڌين کان ڏيساور ۾ ٻڌيون اٿس. ملئي، چيني ۽ جپاني محاورا پڻ اهي جيڪي اسان جي قومي مزاج سان ٺهڪي ٿا اچن. ڇڏي ڪوڏي به نٿو. جيڪي مليس ٿو سو ميڙي چونڊي، امانت سمجھي، نهايت ئي ايمانداريءَ سان اچي ديس واسين جي جھول ۾ وجھي ٿو. بقول قمر شهباز چوڻيون ۽ پهاڪا هر قوم جي تواريخ، ثقافت ۽ راويتن جو عڪسُ هوندا آهن. منجھائن ماضيءَـ جو اولڙو پوندو آهي ۽ مستقبل جو تصور اڀرندو آهي. هر چوڻيءَ پويان ڪا نه ڪا ڪهاڻي پوشيده هوندي آهي ۽ هر محاورو تواريخ جي ڪنهن نه ڪنهن واقعي جي علامت هوندو آهي.“
الطاف، جيئن ته دنيا ڏٺي آهي، وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ سان مليو آهي ۽ ننگر ننگر ـــ گهاٽ گهاٽ جو پاڻي پيتو اٿائين، ان ڪري سندس مشاهداتي پرک انتهائي معياري آهي. هن ڪِتاب ۾ پهاڪن جي چونڊ، جيڪو سندس لاشعوري عمل آهي، پرهندڙن جي مطالعي/معلومات ۾ بيحد اضافو ڪري ٿي. هن ڪِتاب ۾ ڏنل سوين پهاڪن مان ڪجهه نموني طور آهن:
لڇمي، ڪلڇڻي ڌڪڻي ــــ مئا به ڪڏهن مساڻ مان موٽيا؟ ــــ لکيون لوهارن کي چَڏن منجهه چڻگون ــــ ڄنگهون يارن هٿ ۾، هلي آهي گمبٽ گهمڻ ــــ گونگيءَ گاريون ڏنيون دل ۾ ــــ واڱڻ چيو بصر کي ادا ڪُني ۾ ملنداسين ــــ نڪي پاراتن ۾ نڪي منجهه دعا ــــ ساري رات سور کائي ڪوئو ڄڻڻ ــــ نه ڪَتي نه ڪوريءَ جي ڪاڻ ڪڍي ــــ گهٽ قوت، آڪڙ گهڻي، مار کائڻ جي نشاني…. وغيره.

Download (PDF, 879KB)

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*