مکيه صفحو / ڪتاب / سي ئي جوڀن ڏينهن

سي ئي جوڀن ڏينهن

ڪِتاب: سي ئي جوڀن ڏينهن، ليکڪ: الطاف شيخ
موضوع: سريلنڪا جو سفر نامو.
هي ڪِتاب الطاف شيخ جي شروعاتي سفرنامن مان هڪ آهي ۽ پهريون ڪِتاب آهي جيڪو سڄو هڪ ئي ملڪ سلون (سري لنڪا) تي لکيل آهي. سري لنڪا جاگرافيائي طور اهڙي هنڌ تي آهي جو بنگلاديش، ٿائلنڊ ۽ ملائيشيا ته ٺهيو پر ڏور اوڀر جي ڪنهن به ملڪ هانگ ڪانگ، ڪوريا، جپان، چين، فلپين وغيره ڏي وڃڻ يا اتان موٽڻ وقت بحري جهاز کي سلون جي بندرگاهه ڪولمبو وٽان لنگهڻو پوي ٿو. الطاف شيخ شروع جا جيڪي جهاز هلايا اهي ايترا ماڊرن ۽ يڪساهي وڏي سفر طيءَ ڪرڻ وارا نه هئا ۽ ٻيو ته ڪولمبو ڊيوٽي فري بندرگاهه هجڻ ڪري جهاز جي ٻارڻ لاءِ تيل توڙي جهاز هلائڻ وارن جو راشن پاڻي خريد ڪرڻ لاءِ هر جهاز کي ڪولبمو، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جهڙن بندرگاهن ۾ ترسڻو پيو ٿي. الطاف شيخ جو هن بندرگاهه ۾ گهڻي اچڻ ڪري هن کي هن ملڪ تي لکڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڳالهيون هيون جيڪي هن ڪِتاب ”سي ئي جوڀن ڏينهن“ ۾ ڪيون آهن. هن ڪِتاب جا پيش لفظ ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي ۽ ڊاڪٽر فهميده حسين لکيا اهن. الطاف هن ڪِتاب ۾ پراڻي زماني ويدن جي وقت ۽ هن وقت جي سري لنڪا بابت معلومات ڏني آهي. اتي جي سماجي ۽ سياسي حالتن تي لکيو آهي. مشرق ۽ مغرب جي ماڻهن جي مجموعي طور تي سلوني ماڻهن جي انفرادي سوچ ۽ ذهني لاڙن جي پنهنجي نموني ڇنڊ ڇاڻ ڪري ان کي مغرب سان ڀيٽيو آهي. سموري ننڍي کنڊ ۾ آزاديءَ کان اڳ ۽ پوءِ جي سماجي ۽ اقتصادي حالتن ۽ ماڻهن جي ذهنيت جو اڀياس ڪيو آهي.

Download (PDF, 1.58MB)

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*