مکيه صفحو / مضمون / ماني ۽ ڀَت جي ڪهاڻي

ماني ۽ ڀَت جي ڪهاڻي

اسان وٽ هر قسم جي کاڌي لاءِ سنڌيءَ ۾ هڪ ئي لفظ “ماني” استعمال ٿئي ٿو يا اردوءَ ۾ “روٽي”، جيڪو در اصل فقط ان شيءِ جو نالو آهي جنهن کي پاڻ چپاتي، اڦراٽو، ڊَڳڙِي، ڍوڍو، نان وغيره چئون ٿا جيڪو ڪڻڪ جي اٽي مان ٺهي ٿو. اسان وٽ انگريزن ۽ يورپين وانگر مختلف وقتن جي مختلف کاڌن جا نالا نه آهن جيئن ته لنچ، ڊنر، سپر، بريڪ فاسٽ وغيره. اسان وٽ ڪنهن کان پڇبو ته ماني کائيندين ته ان مان مطلب فقط ڪڻڪ جي اٽي جي گول ماني يا چپاتي نه پر ٻوڙ ماني هوندو آهي، يعني سڄو کاڌو جنهن ۾ مٺو، سلاد، فروٽ وغيره به شامل ٿي سگهي ٿو.
جيئن اسان وٽ هر کاڌي لاءِ “ماني” لفظ استعمال ٿئي ٿو تيئن جپان ۾ هر کاڌي لاءِ “ڀـَـتُ” لفظ استعمال ٿئي ٿو. جپان ۾ منجهند جي وقت ڪنهن کي چئبو ته هلو ته ڀـَـت کائون ته ان جو مطلب اهو ناهي ته فقط ڀتُ، پر ان سان گڏ مڇي، گوشت يا ڀاڄي ۽ فروٽ پڻ. ڪڏهن ته ان لنچ يعني “ڀـَـتَ” ۾ خود ڀـَـتُ (چانور) غير موجود هوندا آهن. جيئن پاڻ وٽ چوندا آهن ته شادي جي ماني کائي ٿا اچون. پوءِ ان مانيءَ ۾ ٿي سگهي ٿو چپاتي يا اڦراٽو نه هجي، ڳن بدران ڀت يا برياني هجي ۽ ٻيو ڪواب، مڇي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون هجن. بهرحال هي سڀ ان ڪري لکي رهيو آهيان جيئن اسان جا ماڻهو جيڪي جپان اچن ٿا انهن کي اها آئيڊيا ٿي سگهي ته جپاني جڏهن “ڀـَـت” (Gohan) کائڻ جي ڳالهه ڪن ٿا ته معنى سڄو کاڌو ۽ اهو کاڌو ٿي سگهي ٿو، مئڪڊونالڊ يا KFC تي برگر، ڊبل روٽي ۽ چِڪن به ٿي سگهي ٿو، جنهن ۾ ڀَتَ جو هڪ ڪڻو به نه هجي.
ڪڏهن ڪڏهن آئون سوچيندو آهيان ته اسان وٽ هر کاڌي کي ماني سڏڻ جو رواج ڪيئن پيو. دراصل هي بئراجون ٺهڻ، درياهن، واهن، شاخن جي کوٽائي بعد سنڌ ۾ خوشحالي آئي آهي نه ته صدين تائين هتي جي رهواسين جي- سچ ته اهو آهي ته اڄ به هڪ غريب ۽ ڳوٺاڻي جي زندگي، گول ماني (چپاتي) جي چوڌاري ڦري ٿي. اڄ به سنڌ هجي يا پنجاب، راجستان هجي يا گجرات، هڪ غريب هاري ۽ ان جي ڪٽنب جو کاڌو ڪڻڪ جي ماني ۽ ڦِنگو پاڻيءَ جهڙو ڏُڌُ آهي. اسين نيرن (Breakfast) جي ڳالهه ڪريونيا منجهند ۽ رات جي ماني (لنچ ۽ ڊنر) جي، هڪ عام ماڻهوءَ جي دسترخوان تي اها ئي ڪڻڪ جي گول ماني نظر اچي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته نيرن تي ان مانيءَ تي گيهه ذرو مَکي ان کي اڦراٽو سڏيو وڃي ٿو، منجهند يا رات جي ماني بنا گيهه جي، خشڪ هجڻ اهو ڊڳڙ يا ڍوڍو سڏيو وڃي ٿو. سو اسان وٽ ان ڪڻڪ جي چپاتي يا ڊڳڙ جي وڏي اهميت آهي جنهن کي ماني سڏيون ٿا ۽ اسان وٽ صدين تائين نوي سيڪڙو کان مٿي عوام جي “full meal” فقط ۽ فقط ماني (گول چَپاتي) رهي آهي. اهڙي طرح جپان جي ماڻهن لاءِ ڀـَـتُ (چانور) آهن. هي جيڪو اڄ جو خوشحال جپان ڏسون ٿا، جتي هر قسم جون هوٽلون ۽ ريسٽورنٽون آهن، جتي هر قسم جا بين الاقوامي معيار جا کاڌا تيار ٿين ٿا، اتي صدين تائين فقط چانور (گوهان) ئي هو. اڄ به جپانين جو Staple کاڌو چانور ئي آهن، جيئن اسان جي لاءِ ڪڻڪ آهي. وڏي عمر جا جپاني اڄ به چانورن جي ڪڻي ڪڻي کي قيمتي سمجهن ٿا ۽ اڄ تائين ڀـَـتُ (چانور) جپان جي سماجي توڙي مذهبي رسمن ۾ استعمال ٿئي ٿو. توهان جپان جو لوڪ ادب، ٻارن جون ڪهاڻيون، جهوني توڙي نئين شاعري پڙهندو ته توهان کي احساس ٿيندو ته هنن ٻيٽن جي ڪيڏي ڏکي زندگي رهي آهي، جتي جي رهاڪن کي پيٽ ڀرڻ لاءِ فقط ڀـَـت ئي ملي سگهيو ٿي تنهن جي به ڏڪار ۽ جنگين واري دور ۾ اڻاٺ رهي ٿي. ايڊو (Edo)دور جي آخر تائين، يعني 1967 تائين ته هنن ٻيٽن تي (جن کي پاڻ جپان سڏيون ٿا) ٻڌ ڌرم جي اثر ڪري گوشت کائڻ تي بندش هئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هن جابلو ٻيٽن تي هيڏي وڏي آدمشماري لاءِ ٻيو ڪي ڪجهه ملڻ ڪو سَولو ڪم نه رهيو آهي. اڄ به هن ملڪ ۾ کاڌي خوراڪ جي کوٽ ۽ مهانگائي آهي ۽ جپانين کي کاڌي لاءِ سمنڊ جو رخ رکڻو پوي ٿو يا ڌارين ملڪن ڏي ڏسڻو پوي ٿو.
هڪ جپاني دوست کي چرچي طور چيم ته توهان ماڻهو هر سال ڪارن، ڪئميرائن، ڪمپيوٽرن جهڙين شين جا نوان ماڊل ڪڍي باقي دنيا کي سورن ۾ وجهيو ڇڏيو.
“ائين جي نه ڪريون ته غير مُـلڪي زرمبادلو ڪيئن ڪمايون” هن چيو، “جي اهو نه ڪمايون ته پوءِ پنهنجو پيٽ گذر ڪيئن ڪريون.”
جپان ۾ رهائش لاءِ ئي جاءِ ناهي، ڪٿي اناجن ۽ ميون لاءِ پوکون ڪن، ڪٿي ٻڪرين ۽ ڍڳين جا واڙا ٺاهين؟ هنن کي هر شيءِ ٻاهرين ملڪن مان گهرائڻي پوي ٿي، جنهن لاءِ هنن لاءِ فارين ايڪسچينج ڪمائڻ ضروري آهي. هاڻ ته وڌيل آدم شماريءَ ڪري هنن کي چانور به ٻاهران گهرائڻا پون ٿا. 1994 ۾ ڏڪار ڪري جڏهن جپان حڪومت پهريون دفعو ڪئليفورنيا (آمريڪا) ٿائلنڊ، آسٽريليا ۽ چين مان چانور امپورٽ ڪيا هئا ته جپانين کي ڏاڍي حيرت ۽ ڏک ٿيو هو. ٽي وي، ريڊيو، اخبارن وارن وڏو احتجاج ڪيو هو. پر حڪومت مجبور هئي. دراصل اسان وٽ هر پنهنجي شيءِ يعني ”ديسي“ خرابي جي علامت سمجهي وڃي ٿي ۽ هر ڌارئين شيءِ ولايتي ۽ اوچي ليکي وڃي ٿي. پر جپاني اهڙا جنڙا آهن جن لاءِ پنهنجا ڪارا ڪانگ به چين ۽ ڪوريا جي سفيد هنجن کان سهڻا آهن. هنن کي ڪهڙا به باسمتي يا سڳداسي چانور کاراءِ پر هنن لاءِ پنهنجي کونئر جهڙن جپونيڪا چانورن جو ڀَتُ (گوهان) سڀ ۾ بهتر آهي. سو ڏڪار ڪري هڪ طرف اناج جي کوٽ ٿي پيئي ۽ ماڻهن جي بک ۽ هنگامن کي منهن ڏيڻ لاءِ چانور امپورٽ ڪرڻ ضروري ٿي پيا، ۽ جيتوڻيڪ مڪاني جپاني چانورن کان انهن ولائتي چانورن جو مارڪيٽ ۾ اگهه گهٽ هو ته به جپانين کي تشويش ۽ تجسس هو ته هيءَ ڌارئين شيءِ اڄ اسان جي ملڪ جي مارڪيٽن ۾ داخل ٿي آهي ان جا اڳتي هلي منفي اثرات ته نه نڪرندا! مون وٽ اڄ به ان وقت (14 مارچ 1994) جو نيوز ويڪ رسالو موجود آهن جنهن ۾ ٽوڪيو جي رپورٽر تاڪياما لکيو آهي ته 1853 ۾ جڏهن آمريڪا جو ڪموڊور مئٿيو پيري پنهنجي ڪَل وارن ڪارن جهازن سان جپانين جي ”اڪيلي سر رهڻ“ جي خاتمي جو اعلان ڪري، خليجِ ٽوڪيو ۾ اچي لنگر انداز ٿيو هو ته جپانين کي ڌارئين جي پنهنجي ملڪ ۾ گهڙڻ تي تمام گهڻو غم ۽ غصو آيو هو. اڄ کين اهو ئي غم ۽ غصو ڌارين ملڪن جي چانورن جو سندن ملڪ جي مارڪيٽن ۾ اچڻ تي ٿيو آهي. مونکي ياد آهي ته ڌارين ملڪن جا هي چانور (جيڪي، سچي ڳالهه اها آهي ته جپاني چانورن کان سٺا ۽ سستا هئا) هتي جي ماڻهن ورتا به پئي پر ان سان گڏ اها به واويلا ڪندا رهيا ته ٻاهر جي چانورن ۾ اها کونئر جهڙي لِئهَ (Stickiness) نه آهي جيڪا جپاني چانورن (Japonica) ۾ آهي. (دراصل جپاني چانورن ۾ gelatin هجڻ ڪري اهي رڌڻ بعد هڪ ٻئي ۾ چمبڙيل ٿين ٿا ۽ کين زور ڏيئي ڪوفتن جهڙا گول بال ٺاهي سگهجن ٿا ته ان اندر مڇي يا ڀاڄي ذرو وجهي سمبوسا ۽ پيٽيز به ٺاهي سگهجن ٿيون.) بهرحال جپانين جي گهڻي احتجاج ڪري چانور امپورٽ ڪرڻ وارا واپاري ڊڄي ويا ته هي ڌاريان چانور نه وڪرو ٿيڻ تي، کين نقصان نه ٿئي. هنن يڪدم تيل سان ڀريل جيلٽن جا ڪئپسول ڪڍيا ۽ چانور خريد ڪرڻ وارن کي ڏنا. “هنن مان فقط هڪ ڪئپسول ديڳڙي ۾ اڇلايو ۽ توهانجو ڀَت جپاني چانورن وانگر کونئر جهڙو ٿي پوندو.”
جپاني ماڻهو پنهنجي هر شيءِ ٻاهر وڪڻي، پئسو ڪمائيندا پر ڌارئين ماڻهوءَ توڙي ڌارئين کاڌي جي شيءِ کي، پنهنجي ملڪ ۾ گهڙڻ کان روڪيندا. انهن چانورن جي اچڻ تي ايتري قدر جو هڪ ڪميونسٽ پارٽي جي ميمبر DIET (جپاني قومي اسيمبلي) ۾ ائگريڪلچر جي وزير عيجيرو هاتا کان سوال ڪيو هو ته انهن افواهن پٺيان ڇا اهو سچ آهي ته ڌارين ملڪن کان آيل چانورن جي ٿيلهين مان مئل ڪوئو نڪتو آهي.
ملائيشيا ۾ هوندو هوس ته اتي جا ماڻهو به پنهنجا مهانگا ڏڏريل ۽ سُريل چانور کائيندا پر مجال آهي جو پاڪستان يا ڀر واري ملڪ ٿائلينڊ مان اوچا (۽ سستا پڻ)، چانور گهرائين. ان حساب سان ڏٺو وڃي ته اسان وڏا بيوقوف آهيون، جو هر ڌارئين شيءِ لاءِ خواهش ڪريون ٿا ۽ پنهنجيءَ مان عيب ڪڍيون ٿا.
بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جپاني سوسائٽي ۽ ڪلچر ۾ چانورن جو وڏو مانُ آهي. وڏو شان آهي. چانور جو جپان جي تاريخ ۽ مذهب تي به وڏو اثر آهي. چانور هتي اڍائي هزار سالن کان پوکيو وڃي ٿو، پوڄيو وڃي ٿو ۽ ڳايو وڄايو وڃي ٿو. هتي جي اسڪولن جي هر پنجين ڪلاس جي ٻار لاءِ ضروري آهي ته هننکي ڄاڻ هجي ته چانور ڪيئن پوکيا ۽ لڻيا وڃن ٿا. ڪيئن رڌبا ۽ کاڌا وڃن ٿا. اڄ شهر جي اسڪولن ۾ زمين جي کوٽ هجڻ ڪري اسڪول جون ماسترياڻيون شاگردن کي ٻهراڙي ۾ وٺي وڃن ٿيون، جتي هنن کي چانورن جي پوک ڏيکاري وڃي ٿي. بسن يا ريل گاڏين ۾ سفر دوران توهانکي ان ننڍي عمر جا ڪيترائي ٻار ٻهراڙي وارين ريلوي اسٽيشنن تي لهندي نظر ايندا، جنکي ماسترياڻيون ڪتاب ۾ چانورن جي پوک جو سبق پڙهائڻ بعد اصل پوک ڏيکارڻ لاءِ وٺي هلن ٿيون.
ڪچن چانورن کي جپاني ڪومي (Kome) ۽ رڌل چانورن (ڀَتَ) کي گوهان (Gohan) سڏين. جپاني چانور اسانجي چانور کان ننڍو ۽ ڄم ڄم وارو (Sticky) ٿئي ٿو. جپاني چانورن جون ڪيتريون ئي جنسون آهن پر مارڪيٽ ۾ ڪوشي، هڪاري ۽ اڪيتا ڪوماچي تمام گهڻو وڪامن ٿا. جيئن اسان وٽ سِيويون (noodles) توڙي سمبوسن ۽ پيٽيز جا تَهَه ڪڻڪ جي اٽي مان ٺهن ٿا تيئن هتي جي هر شيءِ چانورن جي اٽي مان ٺاهي وڃي ٿي. هتي جي مختلف ٿولهه جي سيوين کي اُڊان (Udon)، سوبا (Soba) ۽ رامين (Ramen) سڏين. جپان ۾ چانورن جي اٽي جا ڪيڪ مشهور آهن جيڪي موچي (Mochi) سڏجن. ويندي پاپڙ (Cracker) به چانورن جي اٽي مان ٺاهين، جيڪي سينبيئي (Senbei) سڏجن. جپان جو مشهور شراب “ساڪي” چانورن مان ٺاهيو وڃي ٿو. جيئن پاڻ وٽ نرگسي ڪوفتا ٿين جنهن ۾ وچ ۾ بيضو چوڌاري قيمون ٿئي، تيئن هتي اونيگري (Onigiri) ٿئي، جنهن جي اندر ڀاڄي يا ڪنهن مڇي جو قسم ۽ چوڌاري ڀِتِ جو ٿلهو تهه ٿئي. جپان ۾ مختلف قسم جون چانورن مان ٺهيل اوني گِريون ايئن وڪامن جيئن پاڻ وٽ سمبوسا ۽ پيٽيز.
جيئن پاڻ وٽ ٺلهي ڀَتَ کان علاوه کچڻي (دال ڀَتَ)، پلاءُ، يخني، برياني وغيره ٿئي، تيئن جپان ۾ ڀَت (گوهان) کان علاوه ڀَتَ سان گڏ ڳاڙها بينز (لوبيا) به ملايا وڃن ٿا. اهڙي ڀَتَ کي سيڪيهان سڏجي ٿو ۽ اهو ڀَت جنهن ۾ ڀاڄيون ۽ گانگٽ مڇيون ملائي رڌو وڃي ٿو ان کي تاڪي ڪومِي گوهان (Takikomi) سڏين. جپان جي عام هوٽلن ۾ منجهند يا رات جي ماني ۾ اڪثر ڀَتَ (Gohan) جو پيالو، مِسو سُوپ (Miso Shiru)جو پيالو، ڪنهن ڀاڄيءَ جو آچار (tsuke mono) سان گڏ گوشت ذرو يا ڪنهن مڇي جو ٽڪر ٿئي. اسان وٽ مڇي مان مطلب سرمئي، رهو، ڏنڀرو، ڄرڪو يا پلو وغيره ٿئي پر جپانين لاءِ اهڙين عام ۽ سهڻي شڪل وارين مڇين کان علاوه اٺ پيري (Octopers) ، کيکڙو، نانگ جهڙي eel مڇي، ڪٽل فش، اسڪڊ Squid، سپن واري Shell fish ۽ ٻيون انيڪ سامونڊي ساهه واريون شيون مڇيءَ ۾ شمار ٿين. هو ويندي سامونڊي گاهه به کائين، جيڪو Novi سڏجي ٿو. مڇيون ڪچيون به کائين ته رڌل به! سوشي (Sushi) ۽ ساشيمي (Sashimi) ڪچين مڇين جا ٻه مشهور ڊش آهن. ڪن ڪن هوٽلن ۾ Katsuobushi (سڪل مڇيءَ جون چپس) به ملن، جيڪي هتي جون نخريليون ٻليون وڏي شوق سان کائين. توهان جپان ۾ جيڪڏهن ٻن ٽن ڏينهن جي ٽوئر تي آيل آهيو يا هفتي کن لاءِ ڪنهن ڪاليجي ڪورس لاءِ، ته توهان لاءِ سوشي، ساشيميءَ ۽ ڪاتسو اوبوشي جهڙن مڇيءَ جي مهنگن ڊشن تي پئسا خرچ ڪري اٻڙاڪ ڏيڻ کان بهتر آهي ته اهي ٻه ٽي ڏينهن جپان جو ٺلهو ڀَتَ (gohan) ڪنهن پٽاٽن جهڙي ڀاڄئءَ سان، يا ميري بسڪيٽ ۽ ڊبل روٽيءَ تي مکڻ هڻي گذارو ڪرڻ ۾ توهان جي وڌيڪ عافيت آهي. موٽي اچي ماريپور جي بس اسٽاپ تي يا لالو کيت جي ڏهين نمبر بس اسٽاپ تي مڇي کائڻ ڪم خرچ بالانشين آهي. جي توهان جپان ۾ وڏي عرصي لاءِ رهڻ آيا آهيو ته پوءِ هتي جي ڊشن کائڻ جو شوق آهستي آهستي ڊيولپ ڪري سگهو ٿا. انهن شين کائڻ ۾ جلدي ڪرڻ ايئن ٿيندو جيئن ڪنهن جپاني ڇوڪريءَ کي ڪراچي پهچڻ سان پهرين ڏينهن ئي برنس روڊ يا صدر ۾ وٺي وڃي گرم مسالن وارو حليم يا بِهاري ڪواب کارائجي.
شروع ۾ اهو لکي چڪو آهيان ته جيئن اسان وٽ لفظ “ماني” فقط چپاتي (ماني) لاءِ استعال ٿئي ٿو ته سڄي کاڌي ٻوڙ ماني، مِٺي ۽ ميوي لاءِ پڻ. تيئن جپان ۾ لفظ ڀَت (Gohan) جو آهي. ايتري قدر جو نيرن، منجهند جي ماني يا رات جي مانيءَ لاءِ يورپين وانگر الڳ الڳ نالا بريڪ فاسٽ، لنچ، ڊنر وغيره نه اٿن. جپانين جي مختلف وقتن جي کاڌن جا نالا اسان وانگر ئي آهن پر مانيءَ بدران لفظ “ڀَتُ” استعمال ڪن ٿا. جيئن Asa Gohan، (صبح وارو ڀت)، Hiru-Gohan (منجهند وارو ڀَت) ۽ Ban-gohan معنى رات وارو ڀَت. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته هِيروگوهان (منجهند واري ڀَت) ۾ ڀَت صفا نه هجي. ڪنهن پاڪستاني يا انڊين جي گهر ۾ چپاتي ۽ ٻوڙ کائڻ بعد جپاني اهو ئي چوندو ته هو هيروگوهان (منجهند وارو ڀَتَ) کائي آيو. جيئن اسان پاڪستان ۾ سنڌ جي ڪيترن گهرن ۾ رات جي ماني يعني ڊنر ۾ ماني يعني چپاتي جو نالو نشان نه هوندو آهي، ڀَتَ سان گڏ ڀاڄي يا ڪو ٻيو ٻوڙ هوندو آهي، يا ٺلهو کير ڀت هوندو آهي، پر اسان مان هرڪو چوندو ته مون رات جي ماني کاڌي. ان سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جيئن اسان وٽ ڪڻڪ جي مانيءَ جي صدين کان اهميت رهي آهي تيئن جپان ۾ چانورن جي رهي آهي.
سچي ڳالهه اها آهي ته وري به سنڌ توڙي پنجاب ۾ ڪڻڪ سان گڏ چانورن جي پوک به ٿئي ٿي، پر جپان اهڙو ملڪ آهي جتي فقط چانور ئي چانور ٿين ٿا. ان ڪري هن قوم لاءِ چانور تمام گهڻي اهميت رکن ٿا. ايتري قدر جو هن ملڪ جا اوائلي ماڻهو، هن ملڪ کي نپان چوڻ بدران Mizu hono kuni يعني پاڻي واري ٻوٽي (يعني چانورن) جو ملڪ سڏيندا هئا. جپانين لاءِ چانورَ سڀ ڪجهه آهن. ايتري قدر جو پهريان جپاني جڏهن آمريڪا پهتا ۽ هنن اتي وڏي مقدار ۾ چانور ڏٺا ته هنن آمريڪا جو نالو ئي رکيو Beikoku يعني چانورن جي ڌرتي. جيئن اسان آمريڪا ۾ وڏيون ڪارون ڏسي چئون ته هي وڏين ڪارن جو ملڪ آهي يا ملائيشيا لاءِ چوندا آهيون ته هي “بارشن جو ملڪ” آهي ڇو ته اسان لاءِ بارش وڏي اهميت رکي ٿي ۽ اسان جي مقابلي ۾ ملائيشيا ۾ تمام گهڻي بارش پوي ٿي. يا جيئن اسان وٽ چوندا آهن ته فلاڻو مڇي ماني وارو آهي- معنى هو سکيو ستابو آهي. تيئن جپان ۾ جنهن جي گهر ۾ مهيني کان مٿي جو چانورن جو اسٽاڪ آهي اهو ڄڻ چانورن وارو آهي. اسان وٽ سنڌيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ته جنهن جي گُنديءَ ۾ داڻا، تنهن جا چريا به سياڻا. اهڙي طرح جپانيءَ ۾ به چوڻي آهي ته “چانورن جو مالڪ هميشه واکاڻ وارو!” جپان ۾ گھڻو ڪري چانورن بدران Sho لفظ استعمال ڪيو وڃي ٿو، جيڪا چانورن جي ماپ آهي. جيئن پاڻ وٽ چوٿائي، پاٽي ۽ خرار. جپان ۾ وڏي عرصي تائين چانور ڏيتي ليتي جو سڪو پڻ رهيو، ۽ چانورن کي Hard Curreney سمجھيو ويو ٿي. هڪ جاگيردار، ڀوتار، وڏيري (daimyo) جي وڏ ماڻهپي جو اندازو هن جي ٻنيءَ مان لٿل چانورن جي فصل مان لڳايو ويو ٿي. پنهنجي ڪمين ڪاسبين ۽ سپاهين خادمن کي پگهار ۾ چانور ڏنا ويا ٿي. جيئن اسان وٽ ڳوٺن ۾ اڃان تائين حجام، واڍي وغيره کي ڪم جا پئسا بروقت ڏيڻ بدران، هر سال فصل لهڻ تي ڪڻڪ جون ڳوڻيون ڏنيون وڃن ٿيون.
جپان ۾ چانورن جي داڻي کان ان جي ڪک ڪاني تائين هر شيءِ استعمال ۾ اچي ٿي. ڪکن مان سڀ ۾ بهترين شيءِ تونئريون ٺاهيون وڃن ٿيون، جن کي هتي جپان ۾ تاتامي سڏين. جپاني گهرن ۾ ڪرسيون ٽيبل نه برابر ٿين. هرڪو تاتامي تي وهي ۽ ان تي ئي سمهي. چانورن جي ڪٽي فيڊ طور استعمال ٿئي. چانورن جي تهن سان جاپاني عورتون پنهنجي منهن کي کرڙي صاف ڪن. ڪتابن ۽ ڪاپين کي جوڙڻ (binding) لاءِ چانورن جي لئي (Glue) ٺاهين. ان کان علاوه چانور ڪَلف لاءِ ۽ ڪپڙن جي رنڱائيءَ ۾ پڻ ڪم ۾ اچن ٿا. مختلف ملڪن ۽ قومن کي چنڊ ۾ مختلف شيون نظر اچن ٿيون. ڪن کي پوڙهي مائي نظر اچي ٿي ته ڪن کي هرڻ جو سڱ. جپانين کي چنڊ جي چهري تي سَهو نظر اچي ٿو. نه رڳو نظر اچي ٿو پر هنن کي چانور ڪُٽيندي نظر اچي ٿو. ان مان توهان جپانين جو چانورن لاءِ ڌيان جو جائزو لڳائي سگهو ٿا. جپاني اهم مذهبي ڏينهن ۽ خوشيءَ جي ڪاڄن تي چانورن کي اکڙي مهريءَ ۾ ڪُٽي، ان مان چانورن جو ڪيڪ ٺاهين، جيڪو جپان جي هر شهر ۽ هر ڳوٺ ۾ موچي (Mochi) جي نالي سان مشهور آهي. مئڪڊونالڊ، ڪي ايف سي ۽ سيون اليون جهڙيون آمريڪن ريسٽورنٽون، جن ۾ دنيا جي ملڪن ۾ ڊبل روٽي ۽ هئمبرگر جهڙيون ڪڻڪ مان ٺهيل شيون وڪامن ٿيون، اتي جپان ۾ هنن ريسٽورنٽن ۾ انهن شين کان علاوه چانورن ۽ چانورن جي اٽي مان ٺهيل شيون (Snacks) پڻ رکيون وڃن ٿيون. هڪ سروي مطابق جپان جي هر ريسٽورنٽ ۾ چانورن جون شيون وڌيڪ هلن ٿيون.
1970ع جي آخري سالن ۾ جڏهن جهاز جي ڳري مرمت خاطر اسان کي هوٽل ۾ رهائيو ويندو هو ته آئون هميشه هوٽل بدران جپاني مسافر خاني ۾ رهندو هوس. شمونو سيڪي جي هڪ مسافر خاني جي پوڙهي مالڪڻ، منهنجي ٻارن کي هميشه اهو سمجهائيندي رهندي هئي ته چانور جو هڪڙو ڪڻو به ٽيبل تي نه ڇڏجي. هوءَ هنن جي شڪايت ڪرڻ بدران مون کي چوندي هئي:
“Okome hitotsubu ni wa 88no hitode ga kakatteiru”
(88 ماڻهن جا هٿ چانور جي هڪ ڪڻي کي تيار ڪن ٿا.) جپان ۾ جپاني مرد صبح جو به ڀت کائين. سندن زالون صبح ساڻ اٿي هنن لاءِ چانور رڌينديون ۽ جنهن گهر ۾ نيرن تي ڪنهن جپاني مڙس کي ڊبل روٽي يا بسڪيٽ کائيندو ڏسو ته معنيٰ زال مڙس جو جهيڙو ٿيل آهي. اسان جنهن مٿين مسافرخاني ۾ رهندا هئاسين، ان جي پوڙهي مالڪڻ مسافر خاني جي مسواڙ ۾ اسان کي نيرن به ڏيندي هئي، جنهن ۾ هر روز گوهان يعني چانور ۽ مسو سُوپ هوندو هو. چانور منهنجو دلپسند ڊش آهي، ڀلي دال سان هجن يا رکا ئي سهي، پر ايترا به نٿا وڻن جو فجر مهل نيرن تي ويهي کائجن. سو اسان مسافرخاني جي مالڪڻ کان پاڻهي نيرن تيار ڪرڻ لاءِ سندس ڪچن کي استعمال ڪرڻ جي اجازت ورتي ۽ اسان دڪان تان وٺي آيل ڊبل روٽيءَ کي فراءِ پين تي ٽوسٽ ڪري مکڻ ۽ جئم سان کائيندا هئاسين. هڪ ڏينهن آئون نيرن ڪري رهيو هوس ته هيءَ پوڙهي اچي مٿان بيٺي. مون کي سئنڊوچ ۽ ٽوسٽ کائيندو ڏسي کيس ڏاڍي حيرت ٿي ۽ منهنجي شپ يارڊ وڃڻ بعد منهنجي زال کي راز واري انداز ۾ چيو:
Otoko wa gohan ga tabetai noyo
يعني، مرد حضرات هميشه ڀت (چانورن) کي ترجيح ڏين ٿا.
چانور جنهن جي صدين کان جپان ۾ وڏي اهميت رهي آهي. سماجي جلسن جلوسن کان مذهبي تهوارن تائين ۽ شعر و شاعري کان راڳن ڳيچن ۾ چانورن کي پوڄيو، پَچايو ۽ ڳايو وڄايو وڃي ٿو. نموني خاطر هتي ٽن مشهور جپاني شاعرن جا، چانورن بابت هائڪو (ٽن سٽن وارو شعر) لکان ٿو.
سترهين صدي جي شاعر ماتسو باشو جو هائيڪو آهي ته:
غريبن جو ٻار
چانور چٻاڙيندي
گهوري رهيو آهي چنڊ کي.
ٻيو هائيڪو ريزان جو آهي، جيڪو پڻ سترهين صديءَ جو شاعر آهي. هن چانورن جي پوک ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪرين لاءِ هي ٽِسٽو (Haiku) لکيو آهي. اسان کي اها ته خبر آهي ته چانورن جا سلا وڏا ٿيڻ تي انهن کي ڪڍي هڪ هڪ ڇڍو ڪري هڻڻو پوي ٿو. هي ڪافي مشڪل ڪم آهي، جنهن ۾ ماڻهوءَ کي گوڏي جيڏي پاڻي ۽ گپ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ گڪو ٿي ڪم ڪرڻو پوي ٿو. اسان وٽ هي ڪم مرد ماڻهو به ڪن پر جيئن اسان وٽ ڦُٽين جو چونڊو عورتون ڪن ٿيون، تيئن جپان ۾ چانورن جي پوک جو ڪم عورتن کان ڪرايو وڃي ٿو. هتي جي لاهه مرد جو اهو فلسفو آهي ته عورتون پاڻيءَ ۾ گهڻو وقت رهي سگهن ٿيون، ان ڪري اهو ڪم انهن کي ئي ڪرڻ کپي. اهڙي طرح سچن هيرن (Pearls) جي ڳولا لاءِ به هتي جو مرد پاڻ آرام سان مٿي ٻيڙيءَ ۾ ويهي سگريٽ ڇڪيندو آهي ۽ گهر جي عورتن کي برف جهڙي ٿڌي پاڻيءَ ۾ لاهيندو آهي ته هو ٽٻيون هڻي پاڻي جي تري مان سپون ڪڍن، ايترو سو ڪندو آهي جو هنن کي سفيد رنگ جا جبا پارائي پاڻيءَ ۾ موڪليندو آهي، جيئن هنن کي شارڪ مڇيون نه کائين. چيو وڃي ٿو ته اڇي رنگ کان شارڪ مڇيون ڊڄن ٿيون. ڪنهن جپاني مرد اڳيان، ههڙي ٿڌي پاڻيءَ ۾ ڪم ڪندڙ عورتن لاءِ همدردي ڪبي يا چانورن جي پوک ۾ گپ سان ڀريل هنن چئيوان ۽ پورهيت جپاني عورتن جي تعريف ڪبي ته جپاني مرد حضرات منهن کي موڙو ڏيئي چوندا ”اهو ڪم رنن جو ته آهي.“
چانورن جي فصل ۾ گپ ۾ ڀريل اهڙين نينگرين کي هي جپاني شاعر ريزان مخاطب آهي:
چانورن جي پوک ۾ ڪم ڪندڙو ڇوڪريون!
توهان جي هر شيءِ گپ سان ڀريل آهي،
سواءِ توهان جي راڳن جي، جيڪي آلاپيو پيون.
ويهين صدي جي هڪ شاعر ڪيوشي تاڪا هاما جو هڪ شعر (هائيڪو) آهي:
ڇوڪريون، چانورن جا سلا ساڻ،
پاڻيءَ ۾ ٿيندڙ اولڙا پيا لڏن
جن جا پاڇا سندن ٽوپلن تي،
1970ع کان مشينن جي ايجاد ڪري هاڻ جپاني عورتن کي چانورن جو رونبو ڪرڻ کان مڙيئي ڪجهه فرحت نصيب ٿي آهي.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*