مکيه صفحو / متفرقه

هڪڙو رايو

  1. مختيار علي ابڙو

    اسلام عليڪم ڊيئر الطاف شيخ

    منهنجي گذريل ميسيج ڪان جيڪڏهن اوهان جي دل آزاري ٿي آهي ته انهي جي لاء معزرت ٿو گهران. يقين ڄاڻيو ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ منهنجو هرگز مطلب نه هو. دراصل جڏهن ڪان اوهان جي لڪڻين جو فين ٿيو آهيان تڏهن ڪان طنز ۽ مزاح جي هلڪي چونڊي جي عادت پاڻ ۾ به اچي وئي آهي. انهي جي ڪري اوهان جي ئي هڪ سٽ اوهان سان شيئر ڪئي هئي. جيڪڏهن اها گستاخي جي زمري ۾ آئي پئي ته آء وري به ان لاء معزرت ٿو گهران. ڪافي ڏينهن ڪان ڪاوش مئگزين ۾ اوهان جي غير حاضري مونکي ويتر پريشان ڪري ڇڏيو هو. مون سوچيو پئي ته سائين جن ڪنهن ڏور ملڪ ڏانهن نه هليا ويا هجن. گذريل اربع جي مئگزين ۾ اوهان ڪي جڏهن ٻيهر ڏٺو ته خوش به ٿيس ته دلگير به ٿي پيس، دلگير انهي ڪري ٿه هن دفعي اوهان ڪافي جهونا ۽ ڪمزور ڏسڻ ۾ پئي آيا. انهي جي باوجود به ماگن جي کوجنا جو سلسو جاري رڪندا پيا اچو! آء ته اهائي صلاح ڏيندس ته هاڻ اوهان ڪي آرام ڪرڻ گهرجي. بحرحال مئگزين ۾ ٽنڊو سومرو گوٺ جي واکاڻ پڙهي ڏاڍي خوشي به ٿي حيرت به. اڄ جي (تباه حال) سنڌ ۾ هڪ اهڙو گوٺ جيڪو هڪ منصوبي هيٺ جوڙيل آهي ۽ ڏوهن ڪان به پاڪ آهي! يڦين نه پيو اچي. گوٺ سان گڏانهي جي هڪ فارم جي به اوهان ڏاڍي تعريف ڪئي هئي پر افسوس جو مئگزين ۾ فارم جو هڪ به فوٽو نه هيو. تنهن هوندي به بائونڊري وال ڀرسان اوهان جو ماروئڙن سان گڏ ورتل فوٽو سٺي عڪاسي هو. اوهان ايڏانهن اچڻ جي به دعوت ڏني هئي. ان طرف ڪڏهن اچڻ ته ناهي ٿيو پر ٻڌو هو ته ايڏانهن جي هوائن ۾ هڪ عجيب جادو آهي. سو هاڻي ته مون به ارادو ڪيو آهي ته ايڏانهن هڪ دفعو ضرور وڃبو خاص ڪري توهان سان ملاقات لاء. ان بهاني عاثم فارم به گهمنداسين ته ٽنڊو سومرو به ڏسنداسين ۽ اوهان جو شهر حالا به جيڪو سنڌ جي ثڦافت جو مرڪز آهي. اچڻ ڪان اگ اوهان ڪي اطلاع ضرور ڏيندس پوء ڀلي اوهان حالا ۾ هجو يا نه آء ته ايڏانهن ضرور ايندس!

    دعائن جو طلبگار
    مختيار علي ابڙو

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*