مکيه صفحو / ڪتاب / مس سدا بهار چنبيلي

مس سدا بهار چنبيلي

ڪتاب: ٽوڪيو جي گيشا گرل (مس سدا بهار چنبيلي)
ليکڪ: جان بال، مترجم: الطاف شيخ، موضوع: ناول
جپان ويندڙن ۽ جپان جي سماجي زندگي ۾ دلچسپي رکڻ وارن لاءِ هي ناول پڙهڻ تمام ضروري آهي جيئن هو سمجھي سگهن ته جپان ۾ مختلف شين جو مختلف قدر آهي. گيـشا گرل جنهن کي ڌاريان غلط رنگ ڏئي وئيشيا يا رنڊي سمجھن ٿا ائين هرگز نه آهي. هوءَ هڪ بار گرل، ڊانسر، ڳاڙهي بازار ۾ جسم فروش ڪندڙ عورت کان بلڪه مختلف آهي. هوءَ مختلف هنرن جي ڄاڻو ۽ سياست کان شعرو شاعري تائين ڳالهين جي معلومات رکي ٿي. هن جو ڪم مانَواري مهمان يا مهمانن کي طيءَ ٿيل مقرر وقت ڳالهين ۽ …يا راڳ ۽ سرندي ذريعي ريجھائڻو آهي جنهن لاءِ هن جي بيحد ڳري في ٿئي ٿي. پر جپان ۾ ايندڙ ڌاريان ويندي يورپي ۽ آمريڪن به گيشا جي ان عارضي پروفيشنل قرب کي هن جو هنن لاءِ سچو پيار سمجھي عشق جي چڪرن ۾ اچيو وڃن. هن ناول ٽوڪيو جي گيشا گرل (جنهن جي جپاني نالي جو ترجمو مس سدا بهار چنبيلي آهي) هڪ اهڙي آمريڪن انجنيئر جي آهي جيڪو پنهنجي آمريڪن ڪمپني طرفان ڪنهن اليڪٽرانڪ پلانٽ جي خريداري جي سلسلي ۾ جپاني ڪمپني جي مالڪن جو مهمان ٿي اچي رهي ٿو. هن جي وندر ۽ آڌر ڀاءَ لاءِ جپاني ميزبان هن کي ٽوڪيو جو شهر گهمائي پوءِ رات جي مانيءَ لاءِ هن کي گيشا گهر وٺي اچن ٿا جِتي ٽوڪيو جي خوبصورت ترين گيشا هنن سان ڳالهيون ڪري دل وندرائي ٿي ۽ ماني کارائي ٿي. آمريڪن انجنيئر جنهن کي جپان جي ڪلچر جي ڪا خبر ناهي ۽ شڪل جو سادو هجڻ ڪري سندس پنهنجي ملڪ ۾ ته ڪنهن جهڙي تهڙي ڇوڪريءَ به ساڻس مرڪي نٿي ڳالهايو سو هن جپاني ڇوڪريءَ کي پاڻ تي فدا ٿيندو ڏسي هن تي اڪن ڇڪن ٿي ٿو پوي ۽ آخر تائين پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي ميزبان ڪمپنيءَ لاءِ embarrassment پيدا ڪندو رهي ٿو … وغيره.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي هڪ بيحد دلچسپ، معلوماتي ۽ رومانس سان ڀرپور ناول سان گڏ مزاحيه پڻ آهي ۽ بقول مترجم الطاف شيخ جي هي ناول هن کي ايڏو ته پسند آيو جو ٽوڪيو کان لاس اينجلس 35 کن ڏينهن جي سفر ۾ هن جهاز هلائڻ جي ڊيوٽي بعد ننڊ ڪئي ٿي يا هيءُ ناول ترجمو ڪيو ٿي. هن ناول جون ڪيتريون ئي ايڊيشنون نڪري چڪيون آهن. ويجھڙائيءَ ۾ انعام عباسي ڪراچي جي ”نئون نياپو اڪيڊمي“ طرفان ڇپرايو آهي.

Download (PDF, 3.22MB)

هڪڙو رايو

  1. SARDAR KHAN PIRZADA

    مان سانئين جا 15 ڪتاب پڙهيا آهن سانئين دنيا جو سير ڪرائي ڇڏيو آهي الله سانئين کين وڏي ڇمار ڏي

کي جواب ڏيو SARDAR KHAN PIRZADA جواب ڊاهيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*