مکيه صفحو / مضمون / ملائيشيا ۾ نوڪري ڪندڙ

ملائيشيا ۾ نوڪري ڪندڙ

هتي ملائيشيا ۾ نوڪري لاءِ يا هتي جي مختلف يونيورسٽين ۾ پڙهڻ لاءِ ايندڙ شاگردن مان ڪجهه، مون سان Email ذريعي منهنجي ائڊريس (altafshaikh2005@gmail.com) تي يا پاڪستان ۾ هوندو آهيان ته عبرت يا امت اخبار جي آفيس مان منهنجو ٽيليفون نمبر (9241666-0300) وٺي، مون سان صلاح مشور ڪندا آهن. ڪجهه سال اڳ تائين ته اسان جا ڪجهه ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ پروفيسر، خاص ڪري نوڪري ڪندڙ عورتون، ملائيشيا ۾ مونجهارو محسوس ڪري يڪدم موٽي آيون ٿي. بهرحال نوڪري لاءِ ملائيشيا ڏي روانو ٿيندڙ مون سان صلاح مشورو ڪندو آهي ته آئون هن کي اهو ئي چوندو آهيان ته ملائيشيا عرب ملڪن توڙي يورپ جي ڪيترن ملڪن کان بهتر آهي. توهان کي اتي جي نوڪري ملي وڃي ٿي ته اها ضايع نه ڪريو. دل لڳائي نوڪري ڪريو جو بيروزگاري جو زمانو آهي ۽ بيروزگاري نه فقط اسان جي ملڪ ۾ آهي، پر سڄي دنيا ۾ آهي. اهڙي صورت ۾ توهان کي جي ملائيشيا جهڙي ملڪ ۾ نوڪري ملي وئي آهي ته اها توهان جي خوشنصيبي آهي جو ملائيشيا موسم توڙي کاڌي پيتي جي لحاظ کان بهترين ملڪ آهي، جتي توهان ۽ توهان جا ٻار ٻچا سڪون ۽ سهوليت سان رهي سگهن ٿا. کين آئون اهو به چوندو آهيان ته توهان کي فئملي رکڻ جي اجازت ڏين ٿا ته يڪدم فئملي سان ڌارئين ملڪ ۾ نه وڃو. پهرين توهان اڪيلا اتي پهچو، جيئن رهائش ۽ ٻين ڳالهين جو بندوبست ڪرڻ کان علاوه ملڪ جو ماحول ۽ مڪاني ماڻهن جي رسم و رواج ۽ ثقافت کان واقف ٿي سگهو ۽ ٿورو گهڻو ان ملڪ جي ٻوليءَ جا ضروري لفظ ۽ جملا به سکي وٺو، ان بعد مهيني يا ٻن بعد پنهنجي فئمليءَ کي گهرايو.
هڪ ٻي ڳالهه. ڌارئين ملڪ ۾ پهچڻ سان ڪجهه ڏينهن پنهنجو ملڪ ۽ پنهنجو گهر سخت ياد اچي ٿو، ڇو جو هر انسان پنهنجي گهر جي سک ۽ ماحول جو عادي رهي ٿو. ڌارئين ملڪ ۾ ڪيتريون ڳالهيون، ٿي سگهي ٿو گهر کان بهتر هجن پر ان هوندي به هڪ ٻه ڳالهيون ساري واپس وڃڻ تي دل چوي ٿي. ڪن کي ڪچهري ياد ايندي، ڪن کي پينگهي ۾ لڏڻ (خاص ڪري منهنجي ڳوٺ هالا جي ماڻهن کي، جتي گهر گهر ۾ پينگهو آهي)، ڪن کي دود پتي چانهه وغيره. جپان ۽ ڪوريا جهڙا ملڪ جتي انگريزن جو ڪلچر گهٽ رهيو آهي، اتي اها انگريزي اسٽائيل واري چانهه جيڪا اسان جي ملڪ ۾ به آهي، بدران گرين ٽي يا ڪافي عام آهي. جيسين ان چانهه جو بندوبست ٿئي آئون هميشه سخت اٻاڻڪو ٿي ويندو آهيان. سو پرديس ۾ ڪي ڪي شيون سخت نوستلجيا پيدا ڪن ٿيون. (نوستلجيا، جنهن لاءِ ملئي لفظ Rindu ته آهي، پر اڙدو يا سنڌي ۾ معلوم ڪري نه سگهيو آهيان، ان ڪري انگريزي جو لفظ Nostalgia ئي استعمال ڪيو اٿم) ڳوٺ يا گهر جي ڪجهه شين لاءِ اها سڪ يا شدت سان محسوس ٿيندڙ کوٽ، پرديس ۾ آيل همراهه کي سخت مونجهاري، مايوسي ۽ ڊپريشن ۾ وجهيو ڇڏي ۽ ڪيترا ان جي سَٽ نه جهلي، واپس روانا ٿيو وڃن.
نوڪري ملڻ تي اسانجا همراهه گهر ڇڏي ولايت وڃڻ لاءِ خوش هوندا آهن. دوستن يارن کان پيا موڪلائيندا ۽ انهن طرفان ڏنل فيئرويل دعوتون کائيندا، وڏي شان سان سامان جي پئڪنگ پيا ڪندا ۽ پوءِ پرديس روانا ٿيندا. هفتي ٻن کان پوءِ سندن خير عافيت معلوم ڪرڻ لاءِ جڏهن سندن گهر فون ڪبو ته معلوم ٿيندو ته همراهه موٽي آيو! ڇو موٽي آيو؟ جواب ملندو: مزو نه آيس، ڪم ڏکيو هو، رهائش جو سٺو بندوبست نه هو…. يا ڪو ٻيو سبب. پر منهنجي تجربي ۾ اهو آهي ته هن کي اها اوائلي ڊپريشن ٿي آهي، جيڪا پرديس ۾ شروع وارا ڏينهن ٿئي ٿي. ان تي ڪو ڪنٽرول ڪري وڃي ته باقي ٻيون ڳالهيون يا مسئلا آهستي آهستي ٿي حل ٿيو وڃن يا برداشت ڪريو وٺجن.
منهنجو ٻاهر ويندڙ کي اهو ئي چوڻ هوندو آهي ته جيڪڏهن هن کي مزو نٿو اچي ته هو موٽي اچڻ جي تڪڙ نه ڪري. جيڪڏهن هن موٽڻ جو حتمي فيصلو ڪيو آهي ته ڀلي موٽي، پر گهٽ ۾ گهٽ مهينو کن ترسي، ٻيو نه ته ڌاريون شهر گهمي پوءِ موٽي. مون ڏٺو آهي ته ان مهيني دوران هو اهڙو Set ٿيو وڃي جو پوءِ موٽڻ جو نالو نٿو وٺي. ٻي ڳالهه ته پرديس ۾ نوڪري لاءِ يا پڙهائي لاءِ ويندڙ گهڻيون اميدون ۽ شوق رکي نه وڃن ته اسان هيئن به ڪنداسين، هونءَ به ڪنداسين. يا ٻاهر پهچي اسان کي هي به سک ملندو هُو به ملندو. ڇو جو گهڻيون اميدون رکڻ وارو واريءَ جا ڪوٽ اڏي ٿو ۽ پوءِ پرديس ۾ پهچي جڏهن هن جون اميدون پوريون نه ٿيون ٿين ته هو بيحد دلشڪستو ٿيو پوي. بهتر اهو ماڻهو رهي ٿو جيڪو ڪابه فالتو اميد نٿو رکي. هو ڇا چوندا آهن ته:
Happy are those who do not expect any thing.
پوءِ اهڙي حالت ۾ ڪا سٺي ڳالهه درپيش اچي ٿي ته اها هيڪاندي خوشي مهيا ڪري ٿي ۽ جي تڪليفون آهن ته انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ هو اڳهين تيار آهي.
لاڙڪاڻي پاسي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”ڀوري ڪلهوڙي“ جي صفيه گل عباسيءَ فون ڪري پڇيو ته هوءَ باٽني ۾ M.Sc آهي ۽ لاڙڪاڻي جي گرلس ڊگري ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي. هن جي مڙس ڊاڪٽر گل بلوچ کي ملائيشيا ۾ Ph.D. ڪرڻ لاءِ اسڪالر ملي آهي. ”آئون به هن سان گڏ وڃڻ چاهيان ٿي.“
”ضرور وڃو. جيڪي Ph.D. ڪرڻ لاءِ ملائيشيا وڃن ٿا، انهن کي فئملي سان رهڻ ڏين ٿا.“ مون ٻڌايومانس.
”پر آئون اتي نوڪري ڪرڻ چاهيان ٿي، جيئن پنهنجن ٻارن کي اتي جي انٽرنيشنل اسڪول ۾ پڙهائي سگهان.“ صفيه ٻڌايو.
”ان لاءِ ته اتي پهچي تون پاڻ ڪوشش ڪري سگهين ٿي ۽ جيڪڏهن تون پنهنجن ٻارن کي ملائيشيا جي مڪاني اسڪولن بدران اتي جي انٽرنيشنل اسڪول ۾ پڙهائڻ چاهين ٿي ته ان جا خرچ ته تمام وڏا آهن.“ مون ٻڌايومانس ۽ اهو به چيومانس ته هوءَ پنهنجي مڙس کي ته ملائيشيا موڪلي. دير ٿيڻ تي ڪٿي هن جي اسڪالر ختم نه ٿي وڃي.
۽ هاڻ ملائيشيا پهچڻ جو جيئن ئي مون فيس بڪ تي اطلاع ڪيو ته صفيه گل عباسي جو ڪئالالمپور کان فون آيو ته هوءَ سال کن کان هتي ڪئالالمپور (ملائيشيا) ۾ آهي.
”ڏاڍو سٺو ڪئي جو مڙس کي Ph.D. لاءِ ڇڏئي.“ مون چيومانس.
”سر! نه رڳو هو پر آئون به Ph.D. پئي ڪريان ۽ ٻارن کي انٽرنيشنل اسڪول ۾ ئي رکيو اٿم.“ صفيه ٻڌايو.
”پوءِ ڀلا خرچ پکي لاءِ ڪهڙو بندوبست ڪيو اٿانو؟“ مون پڇيو.
صفيه ٽهڪ ڏيندي چيو: ”سر اسان ٻنهي کي نوڪري به ملي وئي آهي.“
”شاباس هجناوَ. وڏا همت وارا چئبائو.“ مون کيس داد ڏنو.
”سر مهرباني ڪري اسان وٽ ضرور اچو، اسين مڊوئلي ۾ رهون ٿا.“
مون ٻه ڏينهن کن هنن وٽ وڃڻ جي ڪئي پر وقت نه پئي مليو. اڄ جيئن ئي منهنجو ميزبان علي سولنگي جالان (شاهراهه) دامانسارا ۽ جالان بنگسار اُڪري ”جالان ڪلانگ لاما“ ڏي مڙيو ته مون کيس رستي تي ”مڊ وئلي سٽي“ ۾ ترسڻ لاءِ چيو.
”منهنجو به اتي جي ميگا مال ۾، هڪ دڪان تي ڪم آهي.“ عليءَ چيو ۽ مون صفيه جي مڙس ڊاڪٽر گل کي فون ڪيو. موڪل وارو ڏينهن هجڻ ڪري هو پنهنجي فلئٽ تي موجود هئا.
”اسان اڌ ڪلاڪ اندر هتي جي ميگا مال مان ڪم لاهي توهان وٽ پهچون ٿا.“ مون کيس ٻڌايو ۽ هن مون کي پنهنجي بلڊنگ جو نقشو سمجهايو.
ڪئالالمپور جو هي علائقو هڪ ماڊرن ۽ نئون علائقو آهي. اڄ کان ويهارو سال کن اڳ جڏهن آئون هتي ملائيشيا ۾ هوس ته هن علائقي ۾ رٻڙ ۽ پام آئل جا وڻ يا گهاٽو جهنگل هو، پر هاڻ هي علائقو يورپ جي ڪنهن به شهر کان پٺتي ناهي. خوبصورت ۽ اوچيون عمارتون، چوڌاري انگڙ ونگڙ رستا ۽ پليون ۽ هر طرف رنگين اشتهاري بِل بورڊ لنڊن، پئرس ۽ روم جو ڏيک ڏين ٿا ۽ هن علائقي جي هن مڊوئلي ميگا مال جي ڇا ڳالهه ڪجي! يورپي به هن کي حسرت ڀريل نگاهن سان ڏسندا هوندا. توهان جي هفتي ڏيڍ لاءِ هتي ڪئالالمپور ۾ آيا آهيو ته هن ميگا مال جو ضرور چڪر هڻو. خريد ڀلي ڪجهه به نه ڪريو. بلڪ اسان پاڪستانين کي هتان ڪا خريداري ڪرڻ به نه کپي، جو اسان وٽ هڪ کان هڪ اعليٰ شيءِ سستي اگهه ۾ آچر بازار ۾ مليو وڃي. ڪراچي ۾ رهندڙ منهنجو هڪ ملائيشيا جو دوست جڏهن ڳوٺ (جوهور بارو) ويندو آهي ته ڪراچي جي ڊفينس واري سنڊي بازار مان پنهنجن دوستن ۽ مائٽن لاءِ ڪيترائي سووينئر وٺي ويندو آهي.
مِڊوئلي ميگا مال ”جالان سيد پترا“ تي آهي، جتي مڊوئلي ڪوميوٽر اسٽيشن به آهي. يعني توهان شهر مان ڪنهن به هنڌان ريل ۾ چڙهي هن اسٽيشن تي پهچي سگهو ٿا. ان کان علاوه ڪئالالمپور جي Rapid Bus ۾ به هتي پهچي سگهو ٿا. U (يو) 66، 84، 85، 87 ۽ T (ٽي) 631 بسون هتي اچن ٿيون.
جيئن اسان وٽ ڪراچي ۾ ڪلفٽن تي پارڪ ٽاور مال آهي، تيئن هي مڊوئلي ميگا مال سمجهو ته ان جي وڏي سائيز آهي، جنهن جي ڇهن ماڙين (Floors) تي 430 کن دڪان آهن. 18 پڙدن (Screens) واري سئنيما آهي ۽ هڪ تمام وڏو بائولنگ سينٽر آهي. ان کان علاوه One Stop IT Center آهي، جتي ڪيترائي ڪمپيوٽرن جا دڪان آهن ۽ ان ٽيڪنالاجي سان واسطو رکندڙ هر شيءَ ملي ٿي. ٻه Food Courts به آهن، جن مان هر هڪ ۾ ڪيترا مختلف کاڌن جا اسٽال ۽ ريسٽورنٽون آهن. ڀر ۾ ٻه وڏيون هوٽلون پڻ آهن. هڪ 646 ڪمرن جي Cititel Mid Valley نالي هوٽل ۽ ٻي 390 ڪمرن جي بوليوارڊ Boulevard نالي هوٽل آهي.
هي مڊوئلي ميگا مال ۽ ڀر ۾ رهائشي علائقو دي گارڊنس ملائي ”مڊوئلي سٽي“ سڏجي ٿو، جيڪو ملائيشيا جو سڀ کان خوبصورت شهري (Urban) علائقو مڃيو وڃي ٿو.
هتي آخر ۾ آئون ڪجهه سٽون صفيه گل عباسي ۽ سندس مڙس ڊاڪٽر گل بليدي بلوچ بابت لکڻ ضروري سمجهان ٿو،  جيڪي اسان لاءِ مثالي ماڻهو چئي سگهجن ٿا. ههڙن ماڻهن جو آئون اڪثر هن سفرنامي ۽ ٻين ۾ ذڪر ڪندو رهان ٿو، جيڪي Self Made ماڻهو چئي سگهجن ٿا، جو هو اڄ جنهن پوزيشن ۾ آهن اهو سمورو سندن محنتن جو نتيجو آهي ۽ ههڙن ماڻهن جي والدين کي Credit ڏيڻ کان رهي نٿو سگهجي، جن گهٽ مالي وسيلن ۽ ڳوٺاڻي زندگي هوندي پنهنجي اولاد کي تعليم سان گڏ سٺي تربيت ڏني.
صفيه ٻن ڀائرن جي ننڍي ڀيڻ آهي. هوءَ ڇهن مهينن جي هئي ته سندس والد دلبر علي عباسي وفات ڪري ويو. وڏو ڀاءُ سڪندر ان وقت ڇهن سالن جو مس هو. ڏٺو وڃي ته هنن جي والده خديجة الڪبريٰ جيڪڏهن ٻارن جي تعليم ڏي ڌيان نه ڏئي ها ته به ڪو کيس مهڻو نه ڏئي ها جو لاڙڪاڻي جي هن ننڍڙي ڳوٺ ”ڀورو ڪلهوڙو“ ۾ ان وقت ڪيترن پئسي وارن به پنهجا ٻار نٿي پڙهايا، پر ادي خديجه جي همٿ کي جس هجي جو هن نه فقط پنهنجي پٽن کي پڙهايو، پر ڌيءَ کي به اوتري ئي اعليٰ تعليم ڏياري، جيتوڻيڪ هي اهو زمانو هو جڏهن شهرن ۾ به ڪيتريون فئمليون پنهنجين ڌيئرن کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ کي عيب سمجهنديون هيون.
صفيه جي وڏي ڀاءَ سڪندر علي عباسيءَ مهراڻ يونيورسٽي مان اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ BE ڪرڻ بعد اڄ ڪلهه هو بلوچستان انجنيئرنگ يونيورسٽي خضدار ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي. ٻيو ڀاءُ ڊاڪٽر صفدر علي عباسي قمبر شهر ۾ ڊاڪٽر آهي، هن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان MBBS ڪئي. صفيه پاڻ گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ ۽ گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج مان انٽر ڪئي. ان بعد سال 1993ع شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان باٽني  سبجيڪٽ ۾ M.Sc ڪئي ۽ سال 2009ع ۾ M.phil ڪئي. هوءَ گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ باٽني جي اسسٽنٽ پروفيسر هئي ۽ هاڻ هتي ملائيشيا ۾ Ph.D. ڪرڻ سان گڏ ٽيلرز يونيورسٽي ۾ پڙهائي به رهي آهي.
صفيه وانگر سندس مڙس ڊاڪٽر گل بلوچ به وڏي همٿ وارو ۽ پنهنجي وقت جو ذهين ۽ محنتي شاگرد چيو وڃي ٿو. هو 16 مئي 1964ع تي تعلقي قمبر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”ڪنڊو خان بليدي“ ۾ حاجي غلام عمر بليدي جي گهر ۾ ڄائو. ڳوٺ ۾ رهڻ جي باوجود حاجي صاحب جي اها خواهش هئي ته هن جا ٽئي پٽ محنت ڪري پڙهن ۽ سٺن عهدن تي پهچن. سندس وڏو پٽ ڊاڪٽر گل بلوچ ڊاڪٽر ٿيو، باقي سندس ننڍا ڀائر انجنيئر ٿيا. در محمد بليدي جيڪو PIA ۾ آهي، ڪمپيوٽر انجنيئرنگ ۾ B.E ڪئي ۽ سڀ کان ننڍي عبدالوهاب بليديءَ مهراڻ يونيورسٽي مان پيٽروليم انجنيئرنگ ۾ B.E ڪئي.
ڊاڪٽر گل بلوچ 1989ع ۾ چانڊڪا مان MBBS ڪئي ۽ پبلڪ هيلٿ ۾ ماسٽرس ”قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد“ مان ڪئي. ان بعد .Ph.D لاءِ سال کن هو انگلينڊ جي Leads يونيورسٽي سان لاڳاپيل رهيو، ان بعد هو هتي ڪئالالمپور هليو آيو، جتي هو يونيورسٽي ملايا مان پنهنجي پي ايڇ ڊي مڪمل ڪري رهيو آهي. ان سان گڏ سبانگ جايا ۾ ٽيلرس يونيورسٽي ڪاليج جي اسڪول آف ميڊيسن ۾ سينئر ليڪچرر جي حيثيت سان پڙهائي به رهيو آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته ڊاڪٽر گل بلوچ شاگردي جي زماني ۾ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (DSF) جو ڊپٽي سيڪريٽري جنرل به رهي چڪو آهي. ڊاڪٽر صاحب سنڌيءَ جو هڪ سٺو ۽ مشهور اديب پڻ آهن. پاڻ پنهنجي ميڊيڪل جي ڊگري (MBBS) کان علاوه فلسفي ۾ B.A. ۽ سوشالاجي ۾ ماسٽرس پڻ ڪئي آهي. سندن ٽي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن:
1 – ”ڏاهيون ڏک ڏسن“ جيڪو 1989ع ۾ ڇپيو
2- ”دوستي“ 1992ع ۾ ڇپيو. اهي ٻئي ڪتاب روشني پبليڪيشن وارن ڇپرايا آهن ۽
3- ٽئگور جو گيتا انجلي، هي ڪتاب 1996ع ۾ سنڌيڪا وارن ڇپرايو. اڄڪلهه ڊاڪٽر گل جو نئون ڪتاب Metamorphosis ڇپائي هيٺ آهي، جيڪو ڪافڪا جو آهي. ان کان علاوه سندن انگلينڊ، فن لينڊ، ملائيشيا، ٿائلينڊ ۽ جپان جو سفرنامو پڻ ڇپائيءَ هيٺ آهي.
ڊاڪٽر گل بلوچ آڪسفورڊ انگلش، سنڌي ڊڪشنري جي ٽرانسليٽر پئنل تي رکيل پنجن اديبن مان هڪ آهي.
ڊاڪٽر گل بلوچ ۽ سندس زال صفيه گل عباسيءَ کي هتي ملائيشيا ۾ رهي ٻه سال کن ٿي ويا آهن. کين ٻه ٻار آهن. وڏي ڌيءَ آهي، جنهن جو نالو لاريب آهي. هُن هِن سال ”او- ليول“ ڪئي آهي. سندس فرينچ نه فقط آپشنل سبجڪيٽ آهي، پر هوءَ Fluently ڳالهائي به سگهي ٿي. کين ٻيو پٽ ٻار شاويز گل (Chaves Gul) آهي.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*