ڪِتاب: ممباسا، شيدي باڇا همباشا؛ ليکڪ: الطاف شيخ
موضوع: آفريڪا جي ملڪن جو سفرنامو
پاڻي جهاز ذريعي الطاف شيخ کي ڪيترائي دفعا آفريڪا جي بندرگاهن ممباسا (ڪينيا)، ائنزبار (تنزانيا)، موپوتو (موزبق) ۽ ٻين ۾ وڃڻ ٿيندو رهيو ٿي خاص ڪري اهي سال جيڪي سئيز ڪئنال بند رهيو. ان صورت ۾ هر جهاز کي آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪري يورپ يا آمريڪا پهچڻو پيو ٿي. پر هي سفر الطاف شيخ جو جهاز هلائيندڙ جي حيثيت ۾ نه پر هڪ پئسينجر جي حالت ۾ ٿيو ۽ هي سفر باءِ ايئر، باءِ ٽرين ۽ باءِ روڊ ڪيو ۽ اهو هينئر ويجھڙائيءَ ۾ ئي ٿيو جڏهن ملائيشيا جي نيول اڪيڊمي طرفان کيس ممباسا (ڪينيا) جي ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ ڪجه ڏينهن لاءِ ليڪچر ڏيڻ لاءِ موڪليو ويو. اتي پهچڻ لاءِ الطاف ڪوالالمپور کان باءِ ايئر ممبئي اچي ٿو جِتان ٻي اڏام ۾ ڪينيا جي گادي واري شهر نئروبي ۾ پهچي ٿو جِتان ٻئي ڏينهن باءِ روڊ ممباسا پهچي ٿو. هن ڪِتاب ۾ ممباسا، نئروبي ۽ يوگنڊا جي شهرن ۾ رهندڙ بوهري، آغا خاني ۽ بلوچن بابت ۽ انهن جي ٺهرايل تعليمي ادارن ۽ سماجي خذمتن جو پڻ احوال لکيو آهي. هن ڪِتاب ۾ 40 کن مضمون آهن جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
ٻاهرن ملڪن ۾ نوڪري ڪرڻ جا اصول.
آفريڪا ويندي خبرداريءَ کان ڪم وٺو
آفريڪا وڃڻ ۾ ڪيترو خوف ڪيتري خوشي
هر خرابيءَ جو بنياد ــــ عورت!
آفيڪا ۾ عورتن جو طُهر
ڪينيا جا ڪجهه بوهري
آفريڪا جا مونجھارري وارا ملڪ.