مکيه صفحو / مضمون / منهنجي زال کي اهڙو پير مرشد به نه سمجهه…!

منهنجي زال کي اهڙو پير مرشد به نه سمجهه…!

پاڻ ملائيشيا ۾ رهندڙ روهڙي جي هڪ نوجوان ڳوٺاڻي علي (غلام علي سولنگي) جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جنهن سان منهنجي ڪوالالمپور ۾ پنج ڇهه سال کن اڳ ملاقات ٿي ته ان وقت هن جو ٽن سالن کان هلندڙ سائبر ڪيفي جو بزنس ٺپ ٿي ويو هو. هن ٻڌايو ته هن جي انٽرنيٽ جي ڪيفي تمام سٺي طرح هلي رهي هئي. اها روزانو آس پاس جي علائقي جي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان ٽٻ رهي ٿي. پر پوءِ بدقسمتي سان پاڙي جي تامل انڊين جو هن جي ڪيفي ۾ جهيڙو ٿي پيو. پوليس اچي وئي ۽ ماڳهين ڪيفي کي بند ڪرڻو پيو.
آئون عليءَ کان اهو ته پڇي نه سگهيس ته ٻين جي جهيڙي ڪري هن جي ڪيفي ڇو بند ڪرائي وئي. ڪجهه مون کي اهو ئي لڳو ته علي ملائيشيا جو شهري ته نه آهي جو هو هن ملڪ ۾ بزنيس ڪري سگهي. هن اڪيلي يا ٻين سان گڏجي اها ڪيفي ماٺ مٺوڙي ۾ هلائي هوندي ۽ ان وقت دنيا جي ملڪن ۾ اميگريشن جا قاعدا قانون اڄ جهڙا سخت نه ٿيا هئا. ايتري قدر جو هاڻ ڪڏهن ڪڏهن رستي هلندڙ غير ملڪي ماڻهن جي پاسپورٽ جي به چڪاس ٿئي ٿي، نه ته جنهن دور ۾ اسان رهياسين ان ۾ ملائيشيا ته ڇا پر آمريڪا ۽ جپان ۾ به ڪڏهن واٽ هلندي پاسپورٽ چيڪ نه ڪيو ويو. ها البت پاسپورٽ جي چڪاس ان وقت ضرور ٿيندي هئي جڏهن ڪو حادثي ۾ Involve ٿيندو هو يا سرڪاري اسپتال مان دوا وٺڻ ويندو هو. مون کي ياد آهي ته 1966ع ۾ سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ جا ٻه نوجوان هفتي کن جي لاءِ آمريڪا گهمڻ آيا ۽ پوءِ اتي ئي رهي پيا ۽ هڪ هوٽل ۾ ٿانون ڌوئڻ جو ڪم ڪري، چڱو پئسو ڪمائيندا رهيا ٿي. ٻن ٽن سالن بعد هڪ ڏينهن هوٽل ۾ ڪم ڪندڙ مڪاني شيدي پاڻ ۾ وڙهي پيا. پوليس اچي وئي ۽ وٺ پڪڙ ۾ هنن همراهن کي به پوليس ٿاڻي تي وٺي آئي ۽ Valid ويزا نه هجڻ ڪري هنن کي پنهنجي وطن ٿي موڪليو. پر انهن ڏينهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جيڪو فارين منسٽر هو نيويارڪ آيل هو، جنهن وٽ هي ٻئي هلي ويا. ڀٽي صاحب کين واپس موٽڻ کان بچايو ۽ کين قانوني طرح نوڪري ڪرڻ جي اجازت وٺي ڏني. هنن ٻنهي نوجوانن سخت پورهيا ڪري پئسو بچائي نه فقط پنهنجي ملڪ ۾ گهرگهاٽ ۽ زمينون خريد ڪيون پر پنهنجي ٻارن کي خوب پڙهايو. منهنجو جهاز آمريڪا ويندو هو ته منهنجي هنن سان ملاقات ٿيندي هئي. ڪيترائي دفعا هنن منهنجي هٿان پنهنجي ٻارن ڏي پئسا موڪليا ٿي. اڄ هو گذاري ويا آهن پر سندن اولاد مان ڪجهه وطن ۾ وڏين نوڪرين تي آهن ته ڪجهه آمريڪا جي ٻين شهرن ۾ ڪاروبار ڪن ٿا. سو عليءَ جي ڪيفي بند ٿيڻ جو ٻڌي مون کي ائين لڳو ته هن سان به ڪجهه ان قسم جي بدقسمتي ٿي هوندي.
عليءَ سان ان بعد ڪڏهن فون تي ته ڪڏهن انٽرنيٽ تي حال احوال ٿيندو رهيو ٿي. هن ٻڌايو ته هن هڪ سوزوڪي ٽائيپ وئن خريد ڪئي آهي، جنهن ۾ سامان رکي وڪڻي ٿو. ملائيشيا جي ڪيترن شهرن ۾ اڄ به پاڪستاني- خاص ڪري پٺاڻ ۽ پنجابي ڪار يا پڪ اپ ۾ مختلف سامان، گهڻو ڪري ڪچو ڪپڙو، سبيل پاڪستاني ۽ انڊين وڳا، غاليچا ۽ ڊنرسيٽ رکي مختلف دڪانن يا گهٽين ۾ وڪڻن ٿا. عليءَ ٻڌايو ته هو سرجيڪل اوزار مختلف ڊاڪٽرن ۽ اسپتالن ۾ وڪڻي ٿو.
”آئون سيالڪوٽ کان سامان گهرائيندو آهيان“، عليءَ ٻڌايو هو ۽ پوءِ اولهه ملائيشيا جي يارهن رياستن مان هر هڪ ۾ مهينو مهينو رهي، اهو سامان وڪڻندو آهيان. ٻارهون ۽ آخري مهينو ملائيشيا جي گادي واري شهر ڪوالالمپور ۾ گذاريندو آهيان.“
”پوءِ ڀلا مختلف رياستن جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي رهين؟“ مون عليءَ کان پڇيو هو.
”سائين اسان ماڻهو ڪو هوٽل ۾ رهنداسين. هوٽلن ۾ جي رهون ۽ کائون پيئون ته پوءِ ته مُور به نه نڪري. بس وئن ۾ سمهي رهندو آهيان. سڄي ڏينهن جي هل هلان بعد اهڙو ٿڪل هوندو آهيان جو فٽ پاٿ تي ليٽان ته اتي به ننڊ کڻي وڃي“.
عليءَ جي ان جاب ڪري جنهن ۾ هن کي ملائيشيا جي هر رياست ۾ مهينو مهينو کن گذارڻو پيو ٿي، مون کي اهو فائدو ضرور ٿيو جو ڪنهن پراڻي دوست جي خبر چار يا نئون پتو ڳولڻو پيو ٿي ته عليءَ کي email يا فون ڪيم ٿي. انهن ڏينهن ۾ (۽ اڃان به پاڪستان کان ملائيشيا) فون ڪرڻ مهانگو هو ۽ آهي. سو email گهڻو استعمال ڪيوسين ٿي.  ملاڪا ۾ منهنجو هڪ ’ڪن، نڪ ۽ ڳلي‘ جو ماهر ڊاڪٽر اسحاق دوست هو. منهنجي ملاڪا ڇڏڻ وقت هو ڪوالالمپور هليو ويو هو. پنهنجي پهرين گهر جي ائڊريس ڏنائين پر مون سال ڏيڍ تائين هن سان خط و ڪتابت نه ڪئي ۽ جڏهن بعد ۾ مون هن جي خبر لهڻ چاهي ته معلوم ٿيو ته هو ڪوالالمپور ڇڏي چڪو آهي. ڊاڪٽر اسحاق جا وڏا ڏکڻ هندستان کان ملائيشيا آيا هئا ۽ پاڻ ملاڪا ۾ ئي ڄائو نپنو ۽ سنگاپور ۽ انگلنڊ مان پڙهيو. سندس زال ملائيشيا ۾ رهڻ ۾ خوش نه هئي. هن آسٽريليا يا نيوزيلينڊ ۾ Settle ٿيڻ چاهيو ٿي. سو مون کي لڳو ته هو اوڏانهن ئي هليا ويا هوندا. ملاڪا ۾ سندن ٽي ماڙ پرائيويٽ اسپتال هئي، ان بابت به ٻڌم ته اها هن ڪڏهوڪو وڪڻي ڇڏي. هڪ ڏينهن عليءَ کي ڊاڪٽر اسحاق بابت email ڪيم.
”سائين توهان پرواهه نه ڪريو. جيڪڏهن ڊاڪٽر اسحاق ملائيشيا جي ڪنهن به شهر ۾ آهي ته هن کي ڳولي وٺندس.“ عليءَ چيو. عليءَ جو هاڻ ڪجهه سالن کان ملائيشيا جي ڊاڪٽرن ۽ اسپتال جي  ائڊمنسٽريٽرن سان ئي واسطو رهيو ٿي. بهرحال ٻن ٽن مهينن کانپوءِ هڪ ڏينهن ڊاڪٽر اسحاق جو ”جوهور“ رياست جي شهر ”جوهور بارو“ مان فون آيو ته علي هن وٽ ويٺو آهي جنهن کان هن کي منهنجو نئون فون نمبر مليو آهي.
علي کان اڪثر فون تي يا ڪڏهن ڪڏهن اي ميل تي شاديءَ جو پڇندو رهندو هوس ته ”علي شادي ٿي؟“
”بس سائين ڄاڻ ته ٿي“. هن جو جواب هوندو هو.
”اسان کي شادي جي دعوت ضرور ڏجانءِ.“ آئون علي کي چوندو هوس ۽ هو به وڏي دل سان ها ڪندو هو. پر ملائيشيا ۾ رهي مون به سمجهيو ٿي ته علي به اتي جي ڪلچر کان واقف هو ته ملائيشيا ۾ مرڻي پرڻي جي رسم کي ايتري اهميت نٿي ڏني وڃي جيتري حد تائين اسان وٽ exploitation آهي، جنهن ۾ مذهبي پهلو گهٽ ۽ قومي وقت جو زيان زياده آهي. ماڻهو نوڪريون ڇڏي شادي يا عذر خواهي ڪرڻ لاءِ ٻه ٻه ڏينهن پنهنجين آفيسن مان غير حاضر رهن ٿا ۽ آفيسن ۾ پنهنجي ڪم جي پورائي لاءِ، غريب ۽ ضرورتمند ماڻهو ڀلي پيا اهي ٻه ڏينهن جتيون گسائين. پر افسوس جو اسان وٽ ان غلط پرئڪٽس کي ڪو به ڏوهه جو ڪم يا گناهه نٿو سمجهي. الٽو صاحب جو آفيس ڇڏي دوست جي پٽ جي شادي يا ڀائٽي ڀاڻيجي جي طهر جي ڪاڄ ۾ شرڪت ڪرڻ کي وڏو ثواب، وڏو خير جو ڪم يا وڏي سماجي خير  خواهي جو جذبو سمجهيو وڃي ٿو. بهرحال هتي مون اهو ئي سوچيو ٿي ۽ دعا ڪئي ٿي ته عليءَ جي جهٽ ان ملئي ڇوڪريءَ سان شادي ٿي وڃي جيئن هو بي خوف ٿي سڪون سان ملائيشيا ۾ رهي، پنهنجو ڪاروبار هلائي سگهي. باقي سندس شادي ۾ شريڪ ٿيڻ جو عليءَ به سمجهيو ٿي ته انهن ڏينهن ۾ ملائيشيا ۾ هوندس ته سندس شادي ۾ ضرور شريڪ ٿيندس نه ته هلي ملي ڪوالالمپور وڃڻ ۾ عليءَ جو ته نه پر ايئر ڪمپنيءَ جو ئي فائدو ٿي سگهي ٿو، جيڪا منهنجي اوٽ موٽ جي ٽڪيٽ مان ٻُڪ ٽڪن جا ڪمائيندي. بهرحال عليءَ کي اهو به چوندو رهيس ٿي ته ”علي شادي بعد پنهنجي ملئي ڪنوار کي پاڪستان ضرور گهمائجانءِ ۽ اسان جي گهر به وٺي اچجانس.“
هڪ سال ائين ٿيو جو مون کي ملڪ کان يڪا ٻه ٽي هفتا ٻاهر رهڻو پيو. ممبئي يونيورسٽي وارن مون کي سنڌي سفرنامي تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ هفتي کن جي دعوت ڏني ۽ اهڙي هفتي ڏيڍ جي ساڌو واسواڻي مشن وارن پوني ۾ سندن مهمان ٿي رهڻ جي دعوت ڏني، جو هو دادا جشن جو 90 جنم ڏينهن ملهائي رهيا هئا ۽ ”صوفي ازم“ تي سيمينار پڻ ڪري رهيا هئا. اتان پوءِ ايران مان ٿيندو ڪراچي پهتس ته خبر پيئي ته علي هفتي ڏيڍ کان ڪراچي آيل آهي. مون فون ڪيومانس ته چوڻ لڳو ته هو زال سان گڏ مون وٽ اچي رهيو آهي. مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ مون سندس ڊنر لاءِ پنهنجي زال کي چيو ته ناسي ڪنيت، بيف رڊانگ ۽ مي گورينگ جهڙا ملئي ڊش ئي ٺاهجانءِ. مون اهو پئي سوچيو ته اڃان تائين هوءَ اڙدو يا سنڌي ته نه سکي سگهي هوندي پر اسان وٽ هوءَ انگريزي يا پنهنجي مادري زبان ملئي ۾ ئي گفتگو ڪري سگهي ٿي. هونءَ به اسان هن ملئي ڇوڪري (ڪنوار) کي اهم ٿي سمجهيو، جو هن جي ڪري اسان جي هم وطن عليءَ کي ملائيشيا ۾ رهڻ ۽ روزگار ڪمائڻ جو موقعو مليو. ماڻهو ته يورپ مان خبر ناهي ڪهڙين ڪهڙين عورتن سان وڃيو شاديون ڪن. هيءَ ته وري به اسان جي مشرقي ڪلچر جي ٿي. مون کي ملائيشيا جو پهريون واقفڪار فارينر مسٽر ڪريم ياد آيو جيڪو ملاڪا بندرگاهه جو هاربر ماسٽر هو. پاڻ انگريز آهي ۽ سندس اصلي ڄم جو نالو ته ڪو ٻيو هو پر پوءِ ملاڪا جي ملئي مسلمان ڇوڪريءَ سان شادي ڪري مسلمان ٿيو ۽ پنهنجو اسلامي نالو عبدالڪريم رکيو. اسان ساڻس چرچو ڪندا هئاسين ته ”ڪريم تون مسلمان ته ٿيو آهين پر شراب ۽ سوئر کائڻ به ڇڏي ڏنئي يا نه؟“
هو ڪنن تي هٿ لاهي توبهه استغفار ڪندو هو ۽ چوندو هو ”يارو منهنجي زال جيڪڏهن ڪنهن ٻئي مسلمان ملڪ جي هجي ها ته شايد مون کي نه سڌاري سگهي ها پر ملئي عورتن لاءِ مشهور آهي ته هو پيار محبت ۽ دليل بازي سان مڙسن کي راهه راست تي آڻيو ڇڏين.“
”۽ ڪئپٽن ڪريم! تون هن جي ڪري ملئي زبان به سکي وئين“. اسان چوندا هئاسين.
”سرڪار هاڻ منهنجي زال کي اهڙو پير مرشد سمجهي هر ڳالهه جو ڪريڊٽ هن کي نه ڏيو“، ڪئپٽن ڪريم چوندو هو، ”ملئي زبان مون ملاڪا ۾ اچڻ سان پهرين ٽن مهينن  ۾ سکي، ان وقت ته منهنجي زال خبر ناهي ڪٿي هئي، شايد ڪوالالمپور جي يونيورسٽي ۾ گرئجوئيشن ڪري ر هي هئي. هتي اچڻ کان ٽي سال رکي پوءِ منهنجي هن سان واقفيت ٿي ۽ شادي ٿي.“
بهرحال لورپور (انگلنڊ) جي ڳڀرو ۽ سمارٽ انگريز ڪئپٽن جو ملائيشيا ۾ اچي هڪ ملئي ڇوڪريءَ سان شادي ۽ ان کان اڳ هن سان هلندڙ عشق جي ڪهاڻي ته ڪنهن ٻئي موقعي تي هن سفرنامي يا ڪنهن ٻئي ملڪ جي سفرنامي ۾ ضرور ڪبي. هتي پاڻ روهڙي سيمينٽ فئڪٽري ۾ شير محمد سولنگي جي گهر ۾ 1971ع ۾ جنم وٺندڙ غلام علي سولنگي جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، جنهن پڻ هڪ ملئي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو ۽ اڄ هو پنهنجي ڪنوار سان اسان جي گهر رات جي ماني تي اچي رهيو هو.
طئي ڪيل وقت مطابق علي پنهنجي زال سان گڏ اسان جي گهر آيو. اسان هنن کي ڊرائنگ روم ۾ ويهاري خبر چار ڪئي. علي جي زال نه فقط پاڪستاني وڳي يعني سٿڻ قميص ۾ اڙدو ڳالهائي رهي هئي پر شڪل ۾ به اسان جهڙي هئي يعني جيئن اسان ننڍي کنڊ جا ماڻهو آهيون. ملئي ماڻهن جو نڪ نقشو ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ٿائلنڊ، انڊونيشيا، ڪمپوچيا ۽ فلپين جي ماڻهن سان ملي ٿو.
عليءَ ٻڌايو ته هو ٻن هفتن کان هتي ڪراچي ۾ آهي ۽ هن گذريل هفتي هتان ڪراچي مان ئي شادي ڪئي آهي. اسان جي پڇڻ تي ته هو ملائيشيا ڪڏهن ويندو، هن ٻڌايو ته هو في الحال هتي ئي ڪاغذ پٽ ٺهرائڻ جي ڪوشش ڪندو.
اسان سندس ڪنوار اڳيان اهو پڇي نه سگهياسين ته هن کي ڇا ملائيشيا مان نڪرڻو پيو ۽ اهو به نه پڇي سگهياسين ته هن ملئي ڇوڪريءَ جو ڇا ٿيو جنهن سان هن شادي ڪرڻ جو ارادو رکيو ٿي. هونءَ به اهي ذاتي سوال آهن جن بابت ڪنهن کان ڇا پڇجي. هر هڪ جا پنهنجا مسئلا آهن ۽ پنهنجيون سوچون آهن. هونءَ به علي ڪو قدم کڻڻ کان اڳ صلاح مشورو پڇي ها يا پنهنجي ڳالهه ڪري ها ته پوءِ ضرور اسان به کانئس پڇون ها. هاڻ ته جيڪي ٿي گذريو سو ٿي گذريو. پر اهو آهي ته عليءَ جون ٻيون ڳالهيون ۽ ڪم سڀ سون برابر پر سندس هي ڪم اسان کي عجيب لڳو ته علي اهڙي قسم جو ماڻهو ته نه آهي. بهرحال اسان جي هونءَ به ٻي ٽين مهيني email ذريعي عليڪ سليڪ ٿي ٿي جنهن مان اهو معلوم ٿيو ته هو واپس ملائيشيا هليو ويو آهي ۽ ڪجهه مهينن بعد پنهنجي زال کي به گهرايو اٿس.
منهنجي زال کي، جيئن عورتن کي تشويش جي عادت هوندي آهي، اهو معلوم ڪرڻ جي ضرور هورا کورا رهي ٿي ته علي ڇا پيو ڪري. ملائيشيا ۾ وڏو عرصو رهڻ تي اسان کي اها ته خبر هئي ته هن ملڪ ۾ رهائش سولي ناهي پر اتي جي معلومات ۽ ٿيندڙ واقعن موجب اسان اهو ئي asses ڪيو ته عليءَ شايد ملئي ڇوڪريءَ سان شادي ڪري PR حاصل ڪري، ان بعد هن کي طلاق ڏئي پوءِ هن پاڪستاني ڇوڪري سان شادي ڪئي هجي. ڪيترن ئي ملڪن ۾ اسان جا هم وطني ان غلط ڪم کان به بدنام آهن. يا وري ائين به ٿي سگهي ٿو ته عليءَ ملئي ڇوڪريءَ سان شادي بلڪل نه ڪئي هجي. سڄي ملائيشيا ۾ رلڻ ڪري هن جا ڪنهن اهڙي ملئي اثر رسوخ رکندڙ آفيسر يا سياستدان سان واسطا ٿي ويا هجن، جنهن هن کي غير قانوني طرح دوستي ۾ يا پئسن (رشوت) تي ملائيشيا جو شناختي ڪارڊ (PR) ٺهرائي ڏنو هجي. جيتوڻيڪ اڄ جي دور ۾ اها ڳالهه بيحد مشڪل آهي. اڄ کان 40 سال کن اڳ جڏهن آئون پهريون دفعو ملائيشيا آيو هوس ان وقت اها ڳالهه ڪجهه ڪجهه ممڪن هئي پر ان دور ۾ وري اسان جي ملڪ جو ڪو ماڻهو ملائيشيا ۾ رهڻ لاءِ تيار نه هو جو انڊيا توڙي پاڪستان ان وقت جي ملائيشيا کان ماڊرن ۽ سکيا ستابا ملڪ سمجهيا ويا ٿي ۽ ڪنهن جو دماغ ايڏو خراب نه هو جو هروڀرو پاڪستان کي ڇڏي مڇرن، نانگ بلائن، گپ ۽ مينهوڳين واري ملڪ ۾ وڃي رهي. انهن ڏينهن ۾ اسانجي ملڪ ۾ نه مهانگائي هئي نه بي روزگاري. اسان ملائيشيا، سنگاپور ۽ ڪوريا جهڙن انيڪ ملڪن کان گهڻو گهڻو ماڊرن ۽ سکيا ستابا هئاسين.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*