مکيه صفحو / ڪتاب / مونکي موهيو ملائيشيا

مونکي موهيو ملائيشيا

ڪِتاب: مونکي موهيو ملائيشيا، ليکڪ: الطاف شيخ
الطاف شيخ جو ملائيشيا بابت هي تازو سفرنامو آهي جيڪو خيرپور مان ”پوپٽ پبلشنگ هائوس“ وارن ڇپرايو آهي. خوبصورت ٽائيٽل سعيد منگي ڊزائين ڪيو آهي. هن ڪِتابَ ۾ الطاف شيخ جِتي ملائيشيا جي مختلف شهرن ۽ ريتن رسمن جو احوال لکيو آهي اتي انهن سنڌي نوجوانن ڊاڪٽر، پروفيسر، بزنيس مين جو به ذڪر ڪيو آهي جيڪي ملائيشيا جي ملاڪا، جوهربارو ۽ ٻين شهرن ۾ رهن ٿا ۽ جن جي زندگي جو احوال ٻاهر جي نوڪري ڪندڙ خواهشمند لاءِ اتساهه پيدا ڪري سگهي ٿو. هن ڪِتابَ جا پيش لفظَ ڊاڪٽر رخسانا پريت لکيا آهن. 302 صفحن تي مشتمل هي ڪِتابُ 2012ع ۾ ڇپيو. مٿين صفحن کان علاوه 32 صفحا فوٽن جا پڻ آهن. هن ڪِتاب جا ڪجهه دلچسپ مضمون هن ريت آهن:
• ملئي شادي جون مزيدار ڳالهيون
• ملاڪا ۾ ميرپور خاص جا ميرَ
• اداڪارائون يا ٽرئڪٽر جا ٽائر
• ماتليءَ جي ڊاڪٽرياڻي ملاڪا ۾
• سکر جو ڊاڪٽر ملائيشيا ۾
• پنجن سالن ۾ چار ٻار ڄڻيو ويٺي آهيان
• هِتي جي ماڻهن جا وهم ۽ وسوسا
• لنگڪوي ۽ گنتنگ هاءِ لئنڊس
الطاف شيخ پنهنجي خوبصورت پرڏيهي سفرنامن ۾ جِتي مختلف ملڪن بابت معلومات فراهم ڪري ٿو ته اتي هڪ مخلص گائيڊ طور به نظر اچي ٿو جيئن اسان جهڙن مڊل ڪلاس سان واسطو رکندڙ ڇڪتاڻ واري زندگي گذاريندڙ سنڌ واسين کي اگر معجزاڻي طور تي ايتري ميڙي چونڊي ٿي پوي جو هو وڃي ملائيشيا نڪري، ته سندس هن ڪِتاب جي گڏ هجڻ سان، مان سمجھان ٿو ته ملائيشيا گهمڻ ۾ ڪا به مونجهه ڪانه ٿيندي. هو اسان کي اهو به ٻڌائيندو هلي ٿو ته ٻاهرين ملڪن ۾ ڇا ڇا گهمجي، ڪهڙين هوٽلن ۾ رهجي، مختلف جڳهين تي وڃڻ جو ڀاڙو ڪيترو آهي، ڪهڙن نمبرن وارين بسن ۾ چڙهجي…. وغيره وغيره. ائين الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ صرف سفر ئي نه پر ڪيتريون ڪهاڻيون به بيان ٿينديون هلن ٿيون. ڪٿي اکيون ڀرجي اچن ٿيون ته ڪٿي چهري تي ڪاوڙ جون ريکائون اڀرن ٿيون. پر پڙهندڙ کي مڪمل طور تي هو پنهنجي گرفت ۾ رکڻ جو فن ڄاڻي ٿو.

Download (PDF, 1.57MB)

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*