مکيه صفحو / مضمون / مِسنگ يو اي لاٽ ….!!

مِسنگ يو اي لاٽ ….!!

خبر ناهي ته ڪمپيوٽر تي فيس بڪ ڪڏهن کان شروع ٿيو پر گهٽ ۾ گهٽ ڇهه ست سال اڳ تائين، جڏهن آئون هڪ شيعا زائرين جي قافلي سان گڏ ڪراچيءَ کان مشهد پهتس ته Facebook کان اڻ واقف هوس. اتي هڪ ڏينهن اسان جي گروپ جي ماڻهن مونکي ان بابت ٻڌايو ته اهو دوستن ۽ سڃاڻن جو هڪ سوشل نيٽ ورڪ آهي. ان کان ٻه ڏينهن اڳ مشهد جي هڪ ايراني فيمليءَ کان به ان بابت ٻڌم جن سان گڏ فوٽو ٿي ڪڍرايم ته ان فئملي جي خواتين مونکان پڇيو ته اهو فيس بڪ تي ڏيندين؟ جواب نه ڏيڻ ۽ مونکي منجھيل ڏسي گهر جي وڏيءَ چيو ته ڇوڪريون ان ڪري اهو سوال ڪري رهيون آهن ته جي اهي فوٽو فيس بڪ تي ڏيو ٿا ته هو مٿي کي ڍڪين ۽ پنهنجي چوڌاري چڱي طرح چادر اوڍين.
ان بابت آئون پنهنجي ايراني سفرنامي ۾ به لکي چڪو آهيان ته ايران هڪ بيحد لبرل ملڪ آهي جنهن ۾ عورتون ڪو گهر ۾ قيد ٿيل نه آهن. ايران جي ملن کي به تصوير لاءِ چيم ٿي ته هنن يڪدم هائوڪار ڪئي ٿي. مون سمجھيو ٿي ته ايران جون عورتون ته تصوير بنهه نه ڪڍرائينديون هونديون پر مونکي ته ڪنهن به انڪار نه ڪيو. فقط اهو چونديون رهيون، سو به ڪي ڪي، ته اسانکي چادر اوڍڻ ڏئي پوءِ ڀلي تون اسانجو فوٽو پنهنجي مضمون سان گڏ اخبار يا ڪنهن ڪِتاب ۾ ڏي!
ايران بابت ٻي ڳالهه نوٽ ڪرڻ جي اها آهي ته ايراني ڪمپيوٽر سائنس ۽ IT جهڙين شين ۾ اسان کان گهڻو گهڻو اڳ آهن. اسان جي عرب ملڪن ۾ ايئرپورٽن تي ڏسندو آهيان ته انچارج عرب آفيسر هڪ آڱر سان ڪمپيوٽر تي ٺونگا هڻي آيل مسافرن جو اندراج پيا ڪندا. ٿوري ٿوري ڳالهه تي منجھي پوندا ۽ ڪورين ٽيڪنيشين کي پيا سڏ ڪندا ته ڪمپيوٽر اچي ٺيڪ ڪري ڏي (تيسين مسافرن جو قطارن ۾ بيهي بيهي ساهه پيو نڪرندو آهي ته ڇو دبئي آياسين يا ڇو دمام آياسين) ۽ هوڏانهن تهران کان مشهد، اصفهان، تبريز جي هوائي اڏن تي ايراني اميگريشن، ڪسٽم، پوليس ۽ ايئرپورٽ اٿارٽي جي نوجوان آفيسر عورتن کي وڏي اعتماد سان ڪمپيوٽر تي ڪم ڪندو ڏسي مغربي سياح به حيرت کائيندا هوندا ته هي ايران اهو نٿو لڳي جنهن بابت ٽائيم ۽ نيوز ويڪ جهڙا رسالا ۽ CNN جهڙا ٽي وي چئنل ڪوڙ بدوڙ ٻڌائين ٿا!
بهرحال چڱو جو ايران ويس ۽ فيس بڪ بابت خبر پئي ۽ اندازو لڳايم ته ان جا نفعا به آهن ته نقصان به. آئون Facebook ذريعي ڪراچي، ملاڪا، اوساڪا يا دنيا جي ڪنهن ٻئي شهرَ ۾ ويهي مختلف شهرن ۽ جهازن تي رهندڙ دوستن، مائٽن عزيزن ۽ شاگردن جي خبرچار لهي سگهان ٿو. ڪيتريون ڳالهيون آهن جن کان پنهنجن مضمونن ذريعي پنهنجن پڙهندڙن کي آگاهه ڪريان ٿو. ڪيترا آهن جيڪي فيس بڪ يا انٽرنيٽ جا نقصان به ڳڻائين ٿا پر هي شيون به ڪِتابن، رسالن ۽ ٽي وي جي چئنلن وانگر آهن. اسان تي depend ٿو ڪري ته ان کي ڪهڙي طرح استعمال ٿا ڪريون. سٺ جي شروع وارن سالن جي ڳالهه ٿي ياد اچي ته اسان جي ڳوٺ ۾ اخبار واري نئون نڪتل رسالو ”اخبار جهان“ جو هوڪو ڏنو ته ان جي ٽائيٽل تي هيڏي وڏي ميڪ اپ واري عورت جي تصوير ڏسي ڳوٺ جي ملن وڏو اعتراض ڪيو هو. ڪجهه سالن بعد وري ڳوٺ آيس ته ڏٺم ته اهو رسالو جِتي ڪٿي رکيو آهي. اخبار واري ٻُڌايو ته ان ۾ اندر اسلامي ڳالهيون، رڌ پچاءَ جا طريقا ۽ ٻيون ان قسمَ جون شيون ڏسي مولوين کي پنهنجي راءِ تبديل ڪرڻي پئي. اها ئي حالت T.V سان آهي. ڪيترن ڳوٺن جا مولوي TV کي ڪافر ٿا سمجھن پر اسان جهڙا ڪيترا ماڻهو ٽي وي تي ايندڙ مذهبي پروگرام ڏسي اسلام بابت معلومات حاصل ڪن ٿا …. خاص ڪري سمنڊن تي يا ولايت جي ملڪن ۾.
پر ڇا آهي جو اسان جي ملڪ ۾ انهن شين جي غلط استعمال به ماڻهن کي بد دل ڪري وڌو آهي. فيس بڪ جهڙن سوشل ميڊيا جون خرابيون پنهنجي جاءِ تي پر بقول عاجز جمالي جي سماج ۾ رهندڙ ماڻهن کي آزاديءَ سان پنهنجا خيال ٻين ماڻهن سان ونڊڻ (شيئر ڪرڻ) ۾ سولائي ٿي رهي ڇو ته اخبار يا ٽي وي ۾ ايڏي گنجائش ناهي جو هر ماڻهو خبر ڇپرائي سگهي يا ٽيليفون ذريعي هر دوست يا مائٽ کي پنهنجي غمي يا خوشيءَ کان آگاهه ڪري سگهجي. ۽ نه وري هر هڪ سان دوستي به ڪري سگهي ٿو.
سنجيده ڳالهيون هڪ طرف هِتي پڙهندڙن لاءِ فيس بڪ بابت ٻه چرچا به لکندو هلان جيڪي اڄ ڪلهه تمام عام ٿي پيا آهن ۽ فيس بڪ جي هيڪاندي مشهور ٿيڻ جي عڪاسي ڪن ٿا….. يعني اٺ سال کن اڳ اسان جهڙي گهمندڙ ڦرندڙ ماڻهوءَ کي به فيس جي خبر نه هئي پر اڄ ڪلهه ڳوٺ ڳوٺ جو ۽ سوسائِٽي جو هر ماڻهو فيس بڪ کان واقف ٿي چڪو آهي ۽ سندس وندر جون گهڙيون فيس بڪ تي ئي گذرن ٿيون…. چاهي امير هجي يا غريب.
هڪ بيگم صاحبا پنهنجي هونڊا اڪارڊ گاڏي سگنل وٽ بيهاري ته هڪ فقير هٿ ٽنگي کانئس خيرات گهرڻ لڳو.
بيگم صاحبا فقير کي غور سان ڏسي، شيشو هيٺ ڪري هن کي چيو : ”لڳي ٿو توکي مون پهرين به ڪٿي ڏٺو آهي!“
فقير مرڪندي ٺهه پهه وراڻيو: ”بيگم صاحبا! پاڻ ٻئي فيس بڪ فرينڊس ته آهيون.“
اڄ ڪلهه هر هڪ کي پنهنجن دوستن يارن جي چرپر جي خبر فيس بڪ جي پهرين خاني status مان پوي ٿي….. ڪنهنجو جهاز اڄ ڪٿي پهتو آهي… ڪڏهن اهو بندرگاهه ڇڏي رهيو آهي…. ڪنهنجي طبيعت ناساز آهي…. ڪٿي ادبي فنڪشن آهي…. وغيره.
هڪ ڏينهن گسائڻ بعد جڏهن ڪم واري ڇوڪري صفائي لاءِ آئي ته بيگم صاحبا ڪاوڙ ڪندي چيس ته جيڪڏهن بيمار به ٿين ٿي ته گهٽ ۾ گهٽ اطلاع ته ڪندي ڪر ته آئون انتظار ته نه ڪريان.
ڪم واري ڇوڪريءَ وراڻيس: ”بيگم صاحبا ناراض نه ٿيو. هي جو ڪالهه فيس بڪ تي پنهنجي Status بابت لکيم ته چاق نه آهيان ان ڪري ڪم تي اچي نه سگهنديس…. توهان کي خبر نه پئي ڇا؟ ايتري قدر جو صاحب ته منهنجي ڪمينٽس واري خاني ۾ اهو به لکيو ته : ”او! شَل مِس يُو اي لاٽ“ (Oh! Shall miss you a lot!)

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*