مکيه صفحو / مضمون / نوڪري ڏيارڻ بهاني ٿيندڙ ظلم

نوڪري ڏيارڻ بهاني ٿيندڙ ظلم

 

هڪ ڏينهن عليءَ کي چيم ته يار ڪوالالمپور ۾ چينين جي مارڪيٽ Chow Kit جو چڪر هڻڻ تي دل چوي ٿي. آئون ملاڪا ۾ نوڪري ڪندو هوس، تڏهن به ڪوالالمپور اچڻ تي ”چوڪٽ“ جو چڪر ضرور ڏيندو هوس. ان کان اڳ جڏهن جهاز تي هوس ۽ جهاز پورٽ ڪلانگ ايندو هو ته ڪوالالمپور اچي جالان تنڪو عبدالرحمان (روڊ) تي سنڌي هندن جي دڪانن تان خريداري ڪندو هوس ۽ مسجد انڊيا ۽ چوڪٽ جو چڪر هڻندو هوس. هن مارڪيٽ ۾ ڀاڄين، ميون ۽ قسمين قسمين جانورن جو گوشت وڪامندو ڏسي حيرت ٿي ٿئي. گذريل دفعي ڪوالالمپور آيو هوس ته پاڪستان ايمبسي جو ڪمرشل/ ٽريڊ سيڪريٽري اطهر جمال ابڙو پڻ، مونکي چوڪٽ مارڪيٽ وٺي هليو هو جتي انهن ڏينهن ۾ پهريون دفعو، هن جي ڪوششن سان پاڪستاني انب تعارف ڪرايو ويو هو. هاڻ چوڪٽ مارڪيٽ ماڊرن ٿيڻ ڪري منجهس اها ڳالهه نه رهي آهي ۽ ملائيشيا حڪومت ڪيترن جانورن جي گوشت ۽ شين تي بندش هڻي ڇڏي آهي، نه ته اسان جي ڏينهن ۾ ڪُميون، ڪَڇون، نوريئڙا، نور، سانڍا، ڪتا، ٻلا ڪهڙي شيءِ هئي، جنهن جو گوشت نٿي وڪاميو. مڇين ۽ نانگن جا ته انيڪ قسم هوندا هئا، جيڪي ماڻهو، خاص ڪري چيني جيئرا جاڳندا خريد ڪندا هئا يا انهن جو گوشت ٺهرائي گهر کڻي ويندا هئا يا اتي جي ريسٽورنٽن ۾ هر قسم جو گوشت وڏي ڪڻڇي تي ائين تربو هو، جيئن پاڻ وٽ ڪراچي ۾ برنس روڊ تي يا حيدرآباد ۾ سول اسپتال ٻاهران ٻڪري جا جيرا، دل، بڪيون ملن ٿا. عليءَ کي ٻڌايم ته 1970ع ۽ ان کان اڳ ته هن مارڪيٽ ۾ مون چين جي شهرن وانگر جيئرن ڀولڙن جو ميڄالو ڪڍي وڪامندي ڏٺو.
”لاحول ولله!“ عليءَ منهن کي موڙو ڏيندي چيو، ”هي چيني به عجيب آهن. ڇا ڇا ته کائين ٿا.“
مون کلندي چيو، ”علي تنهنجا هي چيني وري به سڌريل آهن جو ملئي سياستدان ۽ حڪومت تيز ٿيندي وڃي ۽ هنن کي هتي ايڏو ٽائيٽ رکيو اٿن جو گهٽ ۾ گهٽ شهر جي عام هوٽلن ۾ ڪانگ،  ڪٻرون، تڏون، ڪاڪروچ، ڳوهون ۽ سيڙهه جهڙيون شيون فراءِ ٿيندي نظر نه ٿيون اچن.“
”چيني نه رڳو هر شيءِ کايو وڃن پر ان تي فخر به ڪن ٿا،“ عليءَ چيو، ”هو ڪيتريون شيون ته ان وهم ۾ کائين ٿا جو هو سمجهن ٿا ته شايد انهن مان هنن کي شهواني طاقت ملي.“
عليءَ کي مون ٻڌايو ته چينين لاءِ اها چوڻي مشهور آهي ته هو ٽنگن واري هر شيءِ کايو وڃن، سواءِ ٽيبل ڪرسي جي. پاڻي ۾ ترندڙ هر شيءِ کايو وڃن سواءِ سب مئرين جي. هوا ۾ اڏامندڙ هر شيءِ کايو وڃن سواءِ هوائي جهاز جي.
عليءَ سان اهو پروگرام ٺهيو ته ٻئي ڏينهن صبح جو گهران نڪرڻ مهل، رستي تان هو اڌ مني ڪلاڪ جو بئنڪ ۾ ڪم لاهي، پوءِ مون کي چوڪٽ ڇڏي پاڻ پنهنجي آفيس ۾ هليو ويندو ۽ آئون ڪوالالمپور جي هن مارڪيٽ جا فوٽو ڪڍي ڀر ۾ جامع مسجد ۽ پاڪستان مسجد وٽان ٿيندو پنهنجن شاگردن سان ملڻ سندن پيٽروناس آفيس هليو ويندس، جتي هو جهازن جا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر آهن.
ٻئي ڏينهن صبح جو پهرين بئنڪ ۾ آياسين ته اڃان ماڻهو نه آيا هئا. عليءَ کي گهڙڻ سان نه فقط وارو ملي ويو پر ڪم به ٻن منٽن ۾ پورو ٿي ويس. ٻاهر نڪري عليءَ چيو ته ”چوڪٽ مارڪيٽ ته کلڻ ۾ اڃان ڪلاڪ ڏيڍ پيو آهي، هلو ته توهان کي گنتنگ هاءِ لئنڊ ڊگهي ڊرائيو تي وٺي هلان.“
گنتنگ هاءِ لئنڊ هتي جي هِل اسٽيشن ٽائيپ پهاڙي آهي، جتي انگريزن جي ڏينهن کان هوٽلون ۽ جوا خانه آهن ۽ هاڻ ان کي ٽوئرسٽ جي ڪشش لاءِ وڏن توڙي ٻارن لاءِ رانديون ۽ اميوزمينٽ پارڪ وغيره ٺاهي ڇڏيا اٿن. بهرحال هن جاءِ جي ملائيشيا ۾ ان ڪري به وڏي اهميت ٿي پيئي آهي جو ملائيشيا جي موسم ٻارهو ئي گرم، مينهوڳي ۽ گهم واري آهي سو مڪاني ماڻهو سرديءَ جو احساس محسوس ڪرڻ لاءِ هتي اچن ٿا ۽ ڌاريا ۽ مڪاني چيني جوا (Gambling) ڪن ٿا. مڪاني ملئي مسلمانن توڙي ٻين ڌارين مسلمانن کي جوا ۽ ڪيبري ڊانسون وغيره ڏسڻ جي بندش آهي، پر ويندي عرب به (پنهنجن روايتي جبن بدران ڪمپليٽ سوٽن ۾) ۽ ايراني ڇوڪريون روسري (حجاب) بدران ٽائيٽ جينز ۾ نظر اچن ٿيون. اسان جي پڇڻ تي هو اڪثر يوڪرينين يا آذر بائيجاني ٻڌائينديون ۽ هتي جا ملئي مسلمان به ڪي سڀ فرشتا نه آهن. ملائيشيا توڙي ٿائلينڊ جا جوا خانا، مساج گهر ۽ لڪ ڇپ ۾ هلندڙ چڪلا انهن جي آشيرواد سان ئي هلن ٿا. حڪومت ڪجهه ڪڇي ڪانه ٿي. ان کي ٽئڪس پيو ملي ۽ اهڙين ڳالهين تي اها اک ٻوٽ ڪريو ڇڏي، باقي اهو آهي ته ڪنهن کي داداگيري يا دنگي فساد ڪرڻ جي همت نٿي ٿئي. ڦڏو ڪرڻ تي سلطان جو پٽ ته ڇا پاڻ سلطان به ڪورٽ ۾ گهرايو وڃي ٿو.
عليءَ کي چيم ته ”گنتنگ هاءِ لئنڊس کي في الحال ڇڏ. ڊگهي ڊرائيو ڪرڻي آهي ته آئون ٿو توکي ڪوالالمپور جا ڪجهه رستا ٻڌايان جن تان هلندو هل ۽ اهي اها رستا آهن جن تان منهنجو جوانيءَ جي ڏينهن ۾ هر وقت گذر ٿيو ٿي.“
مون کيس ”جالان ڪُچنگ“ ۽ ان بعد ”جالان ڪِنابالو“ ڏئي ”جالان تن رزاق“ ڏي هلڻ لاءِ چيو، جيڪي ويڪرا رستا آهن ۽ انهن تي ٽريفڪ جئم ورلي ڪا رهي ٿي ۽ ڊرائيونگ لَس ئي لَس ڪري سگهجي ٿي. شروع ۾ ئي ٻڌائي آيو آهيان ته ملئي زبان ۾ ”جالان“ جي معنيٰ ”روڊ“ آهي. جالان جي معنيٰ ’هلڻ‘ به آهي، جيئن ڪنهن مائٽ يا دوست کي موڪلائڻ وقت سلامت جالان چئبو آهي. يعني مبارڪ تنهنجو هلڻ يعني مبارڪ تنهنجو سفر. ڪچنگ ۽ ڪنابالو اوڀر ملائيشيا جي رياستن سباح ۽ سراوڪ جا شهر آهن ۽ تن رزاق هن ملڪ جو ٻيو (تنڪو عبدالرحمان کان پوءِ) وزيراعظم ۽ هاڻوڪي وزيراعظم نجيب جو والد هو. جالان تن رزاق ڪافي وڏو رستو آهي ۽ اڌ کن ڪوالالمپور شهر جي چوڌاري گول گهمي ٿو. اهڙي طرح جالان مَهاميرو ۽ جالان دامانسارا باقي اڌ چڪر ٺاهين ٿا. جهڙالي موسم ۾ ڪوالالمپور شهر ۾ ڦرندي مزو اچي رهيو هو.
جالان ڪچنگ ڏئي وڃي رهيا هئاسين ته ’بُڪت اَمان‘ وٽ عليءَ ٻڌايو ته اتي هڪ پيٽرول پمپ آهي، جتي هن جو ڀاءُ غلام باقر ڪار واشنگ جو ڪم ڪري ٿو. عليءَ سان گڏ سندس هي ڀاءُ ۽ هڪ ڀاڻيجو بابو (حسين علي) پڻ رهي ٿو. هو پڻ هتي جي هڪ ڪمپنيءَ وٽ ملازم آهي ۽ اوچين عمارتن جا شيشا صاف ڪري ٿو.
”ڇا ڪجي ڳوٺ ۾ سخت غربت آهي،“ عليءَ ٻڌايو، ”نه نوڪري آهي نه پورهيو. جوان جماڻ بيروزگار ٿيو ويٺا آهن. هتي گهٽ ۾ گهٽ روز جا هر هڪ کي 40-50 کن رنگٽ (اسان جا ٻارهن تيرهن سؤ رپيا) مليو وڃن. رهائش ۽ ماني ٽڪي مون وٽ اٿن، سو ٻن سالن بعد جڏهن ڳوٺ وڃن ٿا ته ٽڪيٽ جو خرچ ڪڍڻ بعد به هنن کي پنهنجي گهر لاءِ پئسو بچيو وڃي.“
عليءَ ٻڌايو ته سندس ٻيا ڀائر ۽ ڀاڻيجا به بيروزگار ويٺا آهن. هڪُ ڀاءُ ڪنهن ٽي وي چئنل تي سينئر ڪئميرا مين آهي. ”سڄو ڏينهن ڊيوٽي ڪري ٿو، پر پگهار ڪو اٺ هزار روپيا مس مليس ٿو. هاڻ انهن پئسن مان ڀاڙو ڪري، گلشن حديد ۾ ورتل گهر جي مسواڙ ڏئي يا کاڌي پيتي تي خرچ ڪري؟ پوءِ ٿوري گهڻي هن جي ۽ ٻين جي مدد ڪريان ٿو. ان ڪري هتي مون وٽ رهندڙ ڀاءُ ۽ ڀاڻيجي کي چيو اٿم ته هاڻ همت ڪري هڪ ٻئي مائٽ کي نوڪري ڏياريو، جيئن هو اچي ته توهان ٽئي ڄڻا گڏجي ڌار جاءِ مسواڙ تي وٺي، رهڻ ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست پاڻ ڪريو ته مون تان ڪجهه لوڊ لهي ته ڳوٺ ۾ رهندڙ ٻين غريب، مائٽن جي ڪا بهتر پرگهور ڪري سگهان.“ عليءَ ٻڌايو.
”پوءِ علي تون ئي کڻي گهرائينس، هتي ته ڪيترائي جاب هوندا.“ مون چيو.
”اهو ته صحيح آهي، پر ائين گهمڻ واري ويزا تي اچي نوڪري ڪرڻ به ته ڏوهه آهي نه! آئون اهو هرگز نه چاهيندس ۽ نه وري ڪنهن کي صلاح ڏيندس ته ڪو ڌارئين ملڪ ۾ اچي اهڙو غير قانوني ڪم ڪري.“ عليءَ چيو.
”پوءِ تنهنجو ڀاءُ ۽ ڀاڻيجو هتي ڪيئن آيا؟“ مون پڇيو.
“انهن لاءِ مون هتي ڪجهه ڪمپنين وارن کي ڪيتري وقت کان پئي منٿ ميڙ ڪئي، پوءِ هنن کان نوڪريءَ جو ليٽر ۽ ورڪ ويزا ملڻ تي هنن کي گهرايم.“ عليءَ ٻڌايو.
”ڀلا تون هنن کي پنهنجي ڪمپني ۾ ڇو نٿو رکين، جنهن جو تون ڊائريڪٽر آهين؟“
”هر ڪمپني وارو پنهنجي انڪم ۽ گورنمينٽ کي ڏنل انڪم ٽئڪس مطابق ضرورت جا ماڻهو گهرائي سگهي ٿو،“ عليءَ ٻڌايو، ”۽ انهن ۾ به وڏو حصو مڪاني ماڻهن جو رکڻو اٿس. يعني هن ملڪ جا ڪجهه شرط شروط ۽ قاعدا قانون آهن، انهن مطابق ڪم ڪرڻو پوي ٿو. غير قانوني ڪم ڪرڻ جي حالت ۾ پڪڙ ڌڪڙ تي هو مقرر ڪيل سزا کان بچي نٿو سگهي.“
عليءَ چيو ته هتي رهندڙ پاڪستاني ۽ پنهنجي ملڪ جا ٺڳ ايجنٽ، ڪيترن اٻوجهه ۽ بيوقوف ماڻهن کي هتي ملائيشيا ۾ نوڪري ڏيارڻ جا ڏٽا ڏئي، کانئن پئسو هڪ طرف ڦرين ٿا ته ٻئي طرف کين قانون جي نظرن ۾ ڏوهاري بڻائين ٿا. پوءِ پوليس طرفان جهلجڻ تي ڪيترن کي سندن ئي خرچ تي واپس موڪليو وڃي ٿو ۽ ڪيترا ته جيلن حوالي ڪيا وڃن ٿا.“
عليءَ ٻڌايو ته هن جي دل ڏاڍو چوي ٿي ته اهڙن ماڻهن جي رهنمائي ڪئي وڃي ۽ هنن کي ٻڌايو وڃي ته جنهن طريقي سان کين هتي ملائيشيا ۾ گهرايو پيو وڃي، اهو صحيح آهي يا غلط.
”پر مسئلو اهو آهي ته ڪيترن کي ٻڌائڻ جي باوجود ته هو غلط ڪم ڪري رهيا آهن، هو اهائي ورندي ڏين ٿا ته کين جيڪو ايجنٽ موڪلي رهيوآهي، اهو سندن مائٽ آهي ۽ هن ان کان اڳ به ڪيترا ماڻهو موڪليا آهن. اهو ضرور آهي ته ڪيترائي غير قانوني طرح به هتي ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪي اڃان پوليس جي پڪڙ ۾ نه آيا آهن پر ڪنهن وقت به پڪڙجڻ تي هنن کي پنهنجي ملڪ Deport ڪيو وڃي ٿو يا سزا ڪاٽڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي ٿو.“
عليءَ ٻڌايو ته اسانجي ملڪ ۾ ڪيترن ئي غريب، مجبور ۽ بيروزگار ماڻهن کي ٺڳ ايجنٽ، نوڪريءَ جا ڪاغذ پٽ ته ڪوڙا ڏين ٿا، پر ويزا به جعلي لڳرائي ڏين ٿا. پهرين جڏهن ڪمپيوٽرائيزڊ سسٽم نه هو ته ڪجهه ماڻهو انهن جعلي ويزائن ۽ جعلي پاسپورٽن سان ڦٻجي به ويا، پر هاڻ ڪو ورلي بچي ٿو.
ان قسم جو هڪ واقعو ويجهڙائيءَ ۾ منهنجي نظرن مان به گذري چڪو آهي.گذريل دفعي جڏهن آئون ڪوالالمپور کان ڪراچي موٽي رهيو هوس ته ڪوالالمپور جي هوائي اڏي تي، جهاز ۾ چڙهڻ مهل منهنجي اڳيان ڇهه ست لاهور جا اهڙا مسافر اچي ويٺا، جن جا جهاز ۾ چڙهه وقت، سندن پاسپورٽ ملائيشيا جي هڪ پوليس آفيسر جي هٿ ۾ هئا. هن هنن مسافرن کي جهاز اندر ڪري هنن جا پاسپورٽ کين ڏيڻ بدران جهاز جي ايئر هوسٽس کي ڏنا ته اهي پائليٽ حوالي ڪري. جهاز هلڻ بعد انهن مسافرن مان هڪ منهنجي ڀرسان خالي سيٽ تي اچي ويٺو. هن ٻڌايو ته هو ۽ سندس ساٿي گهمڻ جي ويزا تي ڪوالالمپور آيا هئا ۽ لاهور جي ايجنٽ کين ٻڌايو ته ڪوالالمپور ايئرپورٽ مان نڪرڻ تي هن جو ماڻهو بيٺو هوندو جيڪو هنن کي ملائيشيا ۾ نوڪري وٺرائي ڏيندو.
”هن ان نوڪري ڏيارڻ، ويزا جا ۽ رٽرن ٽڪيٽ جا اسان کان هڪ لک اسي هزار روپيا ورتا. پر هتي پهچڻ سان اميگريشن وارن اسان جا پاسپورٽ ضبط ڪري ڇڏيا ۽ اسان کي ايئرپورٽ کان به ٻاهر وڃڻ نه ڏنائون.“
”توهان وٽ هتي رهڻ جي ورڪ ويزا يا وزٽ ويزا هئي؟“ مون پڇيو.
”ها اها هڪ مهيني جي وزٽ ويزا هئي ته به اسان کي ٻاهر نڪرڻ نه ڏنائون.“ هن ٻڌايو.
”اهو ڀلا ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟“ مون حيرت مان پڇيو، ”هونءَ ته ويزا ڏيڻ بعد به ڌارئين ملڪ جو اميگريشن عملو، بنا ڪنهن سبب ٻڌائڻ جي غير ملڪيءَ کي پنهنجي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي سگهي ٿو. پر ائين ورلي نظر آيو آهي.“
”۽ اسان کي واپس وطن به ورڻ نٿي ڏنائون“ هن چيو.
”ڇو ڀلا؟ توهان وٽ رٽرن ٽڪيٽ نه هئي ڇا؟“ مون پڇيو.
”ها هئي پر هنن چيو ته نئين ٽڪيٽ وٺڻي پوندي، ۽ اسان پورا ڏهه ڏينهن هتي ايئرپورٽ تي ويٺا رهياسين.“
”ڏهه ڏينهن!“ مون کان رڙ نڪري وئي، ”پوءِ ماني ٽڪي جو ڇا ڪيانوَ؟“
دنيا جي هر ايئرپورٽ تي کائڻ پيئڻ جي ڪا شيءِ سستي ٿيندي آهي؟! ۽ هتي ڪوالالمپور جي هوائي اڏي تي ته جيڪي ٻه ٽي ريسٽورنٽون آهن، انهن مان اسان جهڙن ايشيائي ملڪن جو ڪو چانهه يا ڪافي به پيئندي به ٻه دفعا سوچي ٿو.
”بس سائين ڳالهه ئي نه پڇو،“ هن چيو،”ڪجهه ورتوسين ٿي، ڪڏهن ڪنهن ماني آڻي ڏني ٿي نه ته گهڻو تڻو بکون ئي ڪاٽيونسين. اسان وٽ جيڪي پئسا هئا سي گڏ ڪري في ماڻهو 400 ڊالرن جي حساب سان ٽڪيٽ جا ڏنا اٿئون، تڏهن هن جهاز جي ٽڪيٽ ملي آهي. هڪ طرف جا 32 هزار رپيا ڇا گهڻا نه آهن؟ سو به ڪراچي تائين جي ٺاهي ڏني آهي.“
”پر توهان چيو ته توهان وٽ PIA جي رٽرن ٽڪيٽ آهي؟“ مون پڇيو.
هن کيسي مان ”اي ٽڪيٽ“ جو پنو ڪڍي منهنجي حوالي ڪيو. ”اسان کي ايجنٽ هي پنو فوٽو ڪاپي ڪري ڏنو هو ته اها لاهور تائين جي رٽرن ٽڪيٽ آهي.“
مون ان پني کي غور سان ڏٺو. ڪجهه عجيب نموني جون ٽائيپ ٿيل سٽون هيون. بلڪل سمجهه ۾ نه آيو ته ڊپارچر جا ڏينهن ۽ وقت ڪهڙا آهن. مون دل ۾ سوچيو ته ايجنٽ هنن کي فقط وڃڻ جي ٽڪيٽ ڏني آهي ۽ رٽرن ٽڪيٽ ائين ئي جعلي ٺاهي پنو هنن حوالي ڪيو آهي. شايد اهو سوچي ته ٻاهر وڃي پورهيو مزوري ڪري پاڻهي ئي ان مان رٽرن ٽڪيٽ خريد ڪندا يا هتان پاڪستان مان ته ٽرن پوءِ ڀلي ڌارئين ملڪ ۾ وڃي ذليل ٿين. اهو ٿو سوچجي ته ڏک ٿو ٿئي ته هي اسان جا ايجنٽ ڪيڏا ظالم ٿين ٿا. غريب، بيروزگار ۽ ٻچڙيوال ماڻهن کي نوڪري ۽ پورهئي جا ڏٽا ڏئي کين ڪيڏو ستائين ٿا.
”ڪوالالمپور ايئرپورٽ تي اميگريشن وارن اهو به پڇيو ته ٻاهر ڪنهن وٽ رهندائو؟“ هن ٻڌايو.
”پوءِ توهان ڇا ٻڌايو؟“ مون پڇيو.
”اسان کي ايجنٽ اهڙي ڪابه ائڊريس نه ٻڌائي هئي هن ته اهو ئي چيو هو ته سندس ماڻهو ايئرپورٽ تي اچي اسان کي رِسيو ڪندو ۽ پوءِ ڪنهن ڪارخاني يا فئڪٽري ۾ روزگار سان لڳرائيندو.“ هن ٻڌايو.
”پوءِ توهان اها ڳالهه اميگريشن آفيسر سان ڪئي؟“ مون پڇيو.
”نه.“ هن ٻڌايو، ”ايجنٽ اسان کي سختيءَ سان جهليو هو ته اهڙي ڪابه ڳالهه نه ڪجو نه ته جيل ۾ هليا ويندائو.“
”ڀلا ملائيشيا جي ويزا لاهور مان ورتانوَ يا اسلام آباد مان؟“ مون پڇيو.
”سائين اسان کي اها به خبر ناهي.“ هن وراڻيو.
تنهنجي معنيٰ ته ايجنٽ هنن جي ويزا به نقلي لڳرائي آهي ۽ اها ڏسي ۽ هنن جي ڳالهين مان اندازو لڳائي پڪ ملائيشيا جي اميگريشن پوليس سمجهي وئي هوندي ۽ ان ڪري هنن کي ايئرپورٽ مان ٻاهر نڪرڻ کان روڪيو ويو.
”افسوس جي ڳالهه آهي جو توهان جو هيڏو پئسو برباد ٿي ويو،“ مون چيومانس، ”هڪ طرف ايجنٽ کي پئسا ڏنانوَ ۽ ٻئي طرف 400 ڊالر به خرچ ڪيانوَ.“
”سائين اسان کي فقط اهو فڪر آهي ته اسان کي لاهور تائين سواري ملندي يا ڪراچيءَ ۾ لاهي ڦٽو ڪندا. ان کان اڳتي لاءِ ته اسان وٽ هڪ رپيو به نه آهي. ٻي ڳالهه ته ملائيشيا پوليس اسان جا پاسپورٽ پائليٽ حوالي ڪيا آهن، جيڪي ڪراچي پهچڻ تي خبر ناهي، هو اسان کي ڏيندو يا FIA پوليس حوالي ڪندو. جي FIA حوالي ڪيائين ته اسان ٻچن ٻارن جو منهن ڏسڻ لاءِ سڪي وينداسين.“
سوچيو ته ڪيڏو ڪرب آهن انهن ڳالهين ۾. اسان جا لاچار ۽ بيوس ماڻهو پرديس ۾ ۽ پنهنجي ملڪ ۾ ڪيئن بي يارو مددگار لڇندا رهن ٿا.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*