مکيه صفحو / مضمون / ههڙو ڪو ٻيو ڌنڌو

ههڙو ڪو ٻيو ڌنڌو

ههڙو ڪو ٻيو ڌنڌو
الطاف شيخ

سامونڊي زندگي يعني جهاز هلائڻ واري نوڪريءَ ۾ جتي تڪليف، سختي ۽ خطرو آهي، اتي مزو، رومانس ۽ Thrill پڻ آهي. شايد ڪيترائي جهازي (Seafarers) هميشه لاءِ جهاز تي ئي رهڻ پسند ڪن، پر ٻارن جي وڏو ٿيڻ ۽ سندن پڙهائي جي ڪري، هنن کي جهاز ڇڏي ڪناري جي نوڪري ڳولڻي پوي ٿي. پوءِ ڪناري جي نوڪري (Shore Job) جتي سامونڊي نوڪري کان سولو ۽ سڪون وارو آهي، اتي پگهار گهٽ ٿئي ٿو. 1971ع ۾ منهنجي شادي ٿي ۽ ڏهه سال کن منهنجي فيملي مون سان گڏ مختلف جهازن تي سفر ڪندي رهي. جهاز ڇڏڻ تي نه منهنجي، نه منهنجي زال جي دل ٿي چيو. منهنجي دل ان ڪري جو مختلف جهازن تي رهي رهي ان جي انجڻين کان اهڙي واقفيت ٿي وئي هئي، جو هاڻ هن نوڪريءَ ۾ مون کي ڪنهن به قسم جي ڏکيائي نٿي ٿي.جهاز هلائڻ جي هن نوڪريءَ ۾، جتي ڪڏهن ڪڏهن طوفانن ۽ خراب سمنڊن ڪري اوجاڳا ڪرڻا پيا ٿي، اتي بيحد سانت ۽ سڪون جا ڏينهن به مليا ٿي. جهاز جي چيف انجنيئر جي حيثيت سان ايترو اعتماد ٿي ويو هو جو جهاز جي انجڻ ۾ کڻي ڇا به خرابي ٿئي، ان کي صحيح ڪري جهاز کي ويجهي بندرگاهه تائين پهچائي سگهڻ جي سگهه ساريم ٿي. سامونڊي نوڪريءَ ۾ آفيس واري کـِـٽِ کـِـٽِ به نٿي ٿئي. هيءَ اها نوڪري آهي، جنهن ۾ توهان جو باس (جهاز جو مالڪ يا شپنگ ڪمپنيءَ جو چيئرمين) توهان کان هزارين ميل پري ويٺل رهي ٿو. جهاز تي سفر ڪندڙ، جهاز هلائيندڙن جون زالون، ان ڪري خوش رهن ٿيون جو جهاز تي هنن کي هر شئي ٺهيل ٺڪيل ملي ٿي. جهاز تي هنن کي نه رڌ پچاءُ ڪرڻو پوي ٿو ۽ نه ٻهاري پوچو. هر چوٿين پنجين ڏينهن دريءَ جو پڙدو هٽائڻ سان هنن کي نئون بندرگاهه نظر اچي ٿو، ڪڏهن ممبئي، ڪولمبو، سنگاپور ته ڪڏهن هانگ ڪانگ، منيلا، ٽوڪيو. ڪنهن بندر گاهه ۾ جي جهاز جي مرمت هلي ٿي تڏهن به ان ڪم لاءِ اسان کي ڊوڙڻو پوي ٿو. هو ته صبح شام جهاز تان لهي، شهر گهمي سگهن ٿيون. پر بهرحال ٻارن جي پڙهائيءَ خاطر اسان کي ڪناري جي نوڪري جي ڳولا ڪرڻي پوي ٿي. هونءَ به هاڻ گهڻو ئي جهاز هلايوسين! پهرين نوڪري ڪويت ۾ ملي، اتي جي بندرگاهه جي چيف انجنيئر جي حيثيت ۾ مون کي رکيو ويو. منهنجو ڪم بندرگاهه ۾ هلندڙ لانچن ۽ ٽگ بوٽن (Tug Boats) تي نظر رکڻ هئي. ساڳيو پاڻي جي جهازن جي انجڻين وارو ئي ڪم هو. انهي دوران منهنجي پراڻي ڪمپنيءَ ڪجهه نوان جهاز ورتا. جهاز هلائڻ وارن جي کوٽ هئي، سو مون کي گهرايو ويو. سال ڏيڍ لاءِ وري جهاز هلائڻو پئجي ويو، ان بعد ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ هليو آيس، جتي هنن پنهنجي ملڪ جي نوجوانن کي جهاز هلائڻ جي تعليم و تربيت ڏيڻ لاءِ اڪيڊمي کولي هئي. مون کي مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جو هيڊ مقرر ڪيو ويو. ضرورت موجب مختلف ملڪن جي جهازن جي چيف انجنيئرن جي ليڪچرارن لاءِ چونڊ ڪرڻ پڻ منهنجي بِلي هُئي.
ڪئڊٽن ۽ جهازن جي سينيئر مئرين انجنيئرن کي پڙهائڻ لاءِ هر وقت ڇهه چيف انجنيئرن جي ضرورت پئي ٿي ۽ ستون آئون پاڻ هوس. مئرين انجنيئرنگ جا مختلف سبجيڪٽ اسان پاڻ ۾ ورهائي کنيا هئا. اٽڪل اٺ سال کن آئون هن اڪيڊمي سان لاڳاپيل رهيس. پڙهائڻ لاءِ اسان وٽ گهڻو ڪري وڏي عمر جا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر آيا ٿي، جيڪا ڳالهه شاگردن لاءِ به بهتر هئي، جو وڏي تجربي ڪري هو شاگردن جي پڇيل هر مسئلي جو حل هنن کي ٻڌائي سگهيا ٿي.
پڙهائڻ وارن هنن مختلف پروفيسرن ۾، مختلف قوميتن جا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر هئا. هڪ هڪ انڊونيشيا، برما ۽ هانگ ڪانگ جو هو. هڪ انگلينڊ جو به هو. انڊيا ۽ پاڪستان جا به ٻه يا ٽي کن هئا. انهن پروفيسرن ۾ڪي ته اچڻ وقت خوش هئا ۽ هن پاسي جي رواج موجب ٽن سالن جي نوڪريءَ جو Contract صحيح ڪيائون ٿي. پر سال اندر هليا ويا ٿي. ڪن جي ملائيشيا ۾ دل نٿي لڳي، ڪن کي ڀر پاسي وارن ملڪن برونائي، سنگاپور، آسٽريليا وغيره ۾ سٺي نوڪري ملي وئي ٿي ۽ ڀڄي ويا ٿي. ڪي ملائيشيا جي هيڪاندي مينهوڳي، نانگ بلائن ۽ ڀولڙن کان بيزار ٿي هليا ويا ٿي ۽ پوءِ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ جي حيثيت سان مون کي انهن جي جاين تي ٻيا ٽيچر ڳولڻا پيا ٿي. ۽ جيسين ڪو ملي تيسين ڇڏي ويل جو سبجيڪٽ به مون کي پڙهائڻو پيو ٿي. جيتوڻيڪ هڪ سنڌيءَ جي حيثيت سان مون کي به ڇڏي وڃڻ کتو ٿي…. اها ڳالهه مون سان منهنجا پاڪستاني دوست پڻ ڪندا هئا. جن کي آئون کلي جواب ڏيندو هوس ته “يارو اهي ڏينهن گذري ويا، جڏهن سنڌي (يعني سنڌي مسلمان) ڀر واري ڳوٺ ۾ وڃڻ سان پاڻ کي پرديسي سمجهندو هو ۽ ڳوٺ ڇڏڻ جو نالو نه وٺندو هو. اڄ جو سنڌي ڳوٺ موٽڻ جو نالو نٿو وٺي”.
ملائيشيا جي هن نيول اڪيڊمي جي شروع وارن ڏينهن ۾، منهنجي خيال ۾ اڃا ڪو سال ڏيڍ مس ٿيو هوندو، ته اسان جي اڪيڊمي ۾ هڪ پڙهائڻ واري جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ اخبار ۾ اشتهار پڙهي، سنگاپور جي جهازران ڪمپنيءَ جو هڪ ملئي چيف انجنيئر زين النورين آيو هو. عمر ۾ اسان سڀني کان تمام گهڻو ننڍو هو، بس هاڻ ته چيف انجنيئر ٿيو هو. جنهن بعد چيف انجنيئر جي حيثيت سان فقط هڪ ننڍڙي ٻن ٽن مهينن جي وائيج (سامونڊي سفر) ڪري، سمنڊ کي هميشه لاءِ خدا حافظ چئي، زال سان گڏ اچي ملاڪا کان نڪتو، جتي اسان جي هيءَ اڪيڊمي هئي. ڏاڍي حيرت ٿي. بهرحال کيس قانون مطابق Appointment ليٽر ڏنوسين ته سڀاڻي کان ڀلي پڙهائڻ شروع ڪر.
ان ئي ڏينهن، شام جو هتي جو آچر بازار Pasar Malam ۾ سندس زال کي ڀاڄيون وٺندو ڏٺم.
“ڇوڪري هڪ ڳالهه ته ٻڌا ءِ! سامونڊي زندگي شايد توکي پسند ناهي جو تو پنهنجي گهوٽ کي ڇڏرائي آهي؟“
“Bukan Enchik! Saya Suka Sea life.” (نه سر! مون کي ته سامونڊي زندگي بيحد پسند آهي). منهنجي انگريزي ۾ پڇيل سوال جو جواب هن ملئي زبان ۾ ڏنو.
“پوءِ ڀلا تنهنجي گهوٽ ننڍي عمر ۾ سامونڊي نوڪري ڇو ڇڏي ڏني آهي؟”
“Saya Tidak Tahu! Enchik Tanya Dia” (مون کي پاڻ ڄاڻ ناهي، سائين توهان پاڻ هن کان پڇو). ملئي ماڻهن جو هر ڳالهه ۾ اهو جواب عام هوندو آهي. ڪنهن ٻئي لاءِ ته ٽيڪا ٽپڻي نه ڪندا، پر پنهنجي ڀاءُ ڀيڻ يا مڙس بابت، ڪنهن ڳالهه جي خبر هوندين ته به پڇڻ واري کي ٻڌائڻ بدران، ملئي ماڻهو هميشه اها ئي ورندي ڏيندا ته توهان پاڻ وڃي پڇوس.
جهاز هلائڻ ٻي ڳالهه آهي، پڙهائڻ ٻي ڳالهه آهي. پر اسان جو نئون پروفيسر زين النورين Audio Visual Aids جي مدد سان ٽيچنگ ۾ تڪڙي تڪڙي Improvement ڪرڻ لڳو. پاڻ نيڪ نمازي ۽ بيحد نفيس قسم جو انسان هو. سٺو اسٽوڊنٽ ٿي رهيو هو، ان ڪري هن جي سٺي Theoretical ڄاڻ هئي. ننڍي هوندي ڪانوينٽ ٽائيپ اسڪول مان پڙهڻ ڪري هن جي انگريزي به سٺي هئي، پر جهاز هلائڻ جو گهٽ تجربو هجڻ ڪري شاگردن جا اهڙا پڇيل سوال هن لاءِ مونجهارو پيدا ڪندا هئا، جيڪي جهازن جي حادثن ۽ Safety بابت هوندا هئا. منهنجي هن لاءِ اها ئي راءِ هئي ته هن کي هن ننڍي عمر ۾ جهاز ڇڏي ڪناري جي نوڪري ۾ اچڻ نٿي کتو. خاص ڪري هن پڙهائڻ واري نوڪري ۾ جنهن ۾ زندگي سست رفتاري سان گذري ٿي. هڪ جوان ۽ صحتمند انسان کي جهاز ۽ سمنڊ جي ڏاکڙن سان جنگ جوٽڻ کپي ۽ جيترو ٿي سگهي گهڻي کان گهڻو وقت سمنڊ تي رهي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ ۽ تجربو حاصل ڪرڻ کپي. پر جي ڪنهن مجبوري جي ڪري هن کي ڪناري جي نوڪري ڪرڻي هئي ته جهاز جي انجنيئر (Marine Engineer) جي حيثيت سان هتي جي ڪنهن فيڪٽري، شپ يارڊ يا فائيو اسٽار هوٽل ۾ ڪرڻ کتي ٿي، جتي جهاز واريون مشينون به آهن ته پگهار به سٺو ٿو ملي.
ڪجهه ڏينهن بعد رسيس دوران، ڪئنٽين ۾ جڏهن چيف انجنيئر زين النورين سان مٿين ڳالهه ڪيم ته هن ٻڌايو ته اهڙين نوڪرين ۾ زيردست عملي سان وڏي مغز ماري ڪرڻي پوي ٿي، هيٺيون عملو Co-operate ڪرڻ يا ڪم جي ڳالهه ڪرڻ بدران هر وقت ڦڏيبازيءَ جا ڪم سوچي ٿو. هنن کي ڪڏهن موڪل کپي، ڪڏهن انڪريمينٽ، يا الائونس نه ملڻ جون دانهون، ڪڏهن ڪم جي گهڻائيءَ جون شڪايتون ته ڪڏهن بيماريءَ جا بهانا!. ان کان علاوه جهاز جي انجڻ بند ٿي وڃي، فيڪٽري جي مشين ۾ ڪو نقص پيدا ٿي وڃي، فائيو اسٽار هوٽل جو ايئر ڪنڊيشننگ نظام خراب ٿي پوي ته انهن جي صحيح ٿيڻ تائين جهاز جا مسافر، فيڪٽري جا مالڪ يا هوٽل ۾ رهندڙ مهمان آسمان مٿي تي کڻيو بيهن.
اهي ئي سبب هئا جو اسانجو هي ملئي چيف انجنيئر سڪون ۽ سانت جي زندگي جي ڳولا ۾ هن تعليمي اداري ۾ اچي نڪتو هو. پر منهنجي خيال ۾ ٻه يا ٽي مهينا به ڪي مس گذريا ته هو هن نوڪريءَ مان به بيزار ٿي پيو. هن جنهن سڪون بابت سوچيو هو، هن کي اهو ميسر ٿي نه سگهيو.
“جتي ڪٿي بيچيني پکڙيل آهي.” هڪ ڏينهن هن پنهنجي دل جو حال مون سان اوريو. “جهاز تي خلاصي ۽ بندرگاهه وارن جا مسئلا آهن ته فيڪٽري ۽ ڪارخانن ۾ مزدورن جا ڦڏا… ۽ هتي پڙهائڻ ۾ شاگرد مٿي جو سور ٿا پيدا ڪن… وڃجي ته وڃجي ڪيڏانهن!”
“هڪ جاءِ آهي.” مون هن ڏي گهوريندي چيو.
“Siapa Kerja?” (ڪهڙو جاب؟) هن حيرت مان پُڇيو.
“زمينداري بابت ڇا خيال آهي؟” مون کانئس راءِ ورتي. هن جو چمڪندڙ چهرو يڪدم وسامي ويو. هن خبر ناهي ڪهڙي قسم جي نوڪري يا جاب منهنجي واتان ٻڌڻ جي اميد ٿي رکي. شڪل ٺاهي چوڻ لڳو.
“سر مون کي ته زمينداريءَ ۾ ڪو به چارم نظر نٿو اچي…. هر روز هارين جا هنگاما، ڪٽائي ۽ چونڊي جا مسئلا، ڪڏهن ڪنهن هاريءَ جي زال بيمار آهي ان ڪري ڪم تي نه پهتو ته ڪڏهن ڪنهن هاريءَ کي شنوائيءَ لاءِ ڪورٽ پهچڻو آهي…” زين النورين پنهنجي ڳالهه هڪ ئي ساهيءَ ۾ ٻڌائيندي کڻي بريڪ هنئي… هن کي اوچتو ڪا ڳالهه ياد اچي وئي ۽ خلا ۾ گهوري مرڪندڙ منهن سان چيو، “سر زمينداريءَ ۾ فقط ناريلن جي پوک آهي، جنهن ۾ سڪون ئي سڪون آهي!” اهو چئي زين النورين هاڻ مون کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو.
“اهو ڀلا ڪيئن؟” مون تجسس مان پڇيو.
“اهو هينئن جو ڀولا نه پگهار گهرن ٿا، نه دوا درمل جي سهولت! نه يونيفارم لاءِ ضد ڪن ٿا ۽ نه وري اوڌر جي گهر گهر! … ٻن چئن ڪچن پڪن ڪيلن ۾ هي غريب خوش رهن ٿا!”
”ڇا مطلب؟“ مون کي زين النورين جي ڳالهه ڄڻ ڳجهارت لڳي رهي هئي. زين النورين جي هن ملڪ ملائيشيا ۾، جيتوڻيڪ آئون ڏهاڪو کن سال جهاز هلائي چڪو هوس ۽ هينئر هڪ هنڌ رهي ڪناري جي نوڪري ڪندي به ٽي سال ٿي چڪا هئا پر مون کي زين النورين واري ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. البت ان ڳالهه کان آئون چڱيءَ طرح واقف هوس ته هن ملڪ ۾ ڏينهن رات ڊگهي پڇ وارا ڀولڙا ۽ نانگ آزاد ڦرندا رهن ٿا ۽ اسان جي کليل گاڏين ۽ گهرن ۾ گهڙي، اسان کي پريشان ڪن ٿا….. مون کي تعجب کائيندو ڏسي زين النورين ٻڌايو: “ان ڪري جو ناريلن جي پوک لاءِ نه هارين جي ضرورت آهي نه ڏهاڙيءَ تي رکيل مزدورن جي… بس فقط هڪ دفعو ناريلن جا ٻوٽا لڳائڻا پون ٿا. هتي ته پاڻي ورائڻ جي به ضرورت ناهي، ٻارهوئي مينهن پيو وسي ۽ ناريلن لاءِ ته سمنڊ جي گهميل هوا ئي ڪافي آهي. چئن پنجن سالن بعد جڏهن ناريلن جا وڻ مچي مڙس ٿين ۽ ڦل ڏيڻ شروع ڪن ته هڪ يا ٻه باندر انهن لاءِ ڪافي آهن. سڄو ڏينهن انهن کان ناريل پٽرائيندا رهو، آخر ۾ هنن لاءِ ٽي چار ڪچا پڪا ڪيلا به ڪافي آهن. هو غريب انهن ۾ ئي خوش ٿيو وڃن“.
مون کي ان ڏينهن خبر پئي ته ملائيشيا ۾ جتي ڪٿي نظر ايندڙ ناريلن جي ڊگهن وڻن مان ناريل پٽڻ جو ڪم ڀولڙا ٿا ڪن. منهنجي ملئي دوست زين النورين جي ان گفتگو کان پوءِ مون کي جلد ئي فليٽ مان هڪ اهڙي بنگلي ۾ رهائش ڏني وئي، جنهن جي اڳيان پٺيان ناريلن، رمبوتانن ۽ اسٽار فروٽ جا وڻ هئا. رمبوتان ملائيشيا جو هڪ لوڪل ميوو آهي، جيڪو ٿائيلينڊ جي ليچي ۽ ماتا ڪچنگ جهڙو ٿئي ٿو پر سائيز ۾ ان کان ڪجهه وڏو، رس گلي جيڏو ٿئي ٿو. سندس ٻاهرين کل جو رنگ ڳاڙهو ٿئي، جنهن تي سائي ۽ هئڊي رنگ جا وار ٿين ٿا. در اصل انهن وارن جي ڪري هن ميوي جو نالو رمبوتان يعني (وارن وارو) پيو آهي.
هڪ دفعي، آچر واري ڏينهن آئون پنهنجي گهر ويٺو هوس ته ڊور بيل وڳو. در کولڻ کان اڳ دريءَ مان ليئو پاتم ته هڪ ڀولڙي وارو نظر آيو. ڀولڙي جي ڳچيءَ ۾ رسو ٻڌل هو، جنهن جو ٻيو پوڇڙ هن همراهه جي ساڄي هٿ ۾ هو ۽ کاٻي هٿ ۾ ڊٻڪي (ڊگڊگي) بدران هڪ ڊگهو ڪات، (جنهن کي ملئي ماڻهو پرانگ سڏين ٿا) هو. مون سمجهيو هو ٻارن کي ڀولي جا ڪرتب ڏيکارڻ آيو آهي، پر در کولڻ تي هن ٻڌايو ته هو پڇڻ آيو آهي ته اسان ناريل کائنس پٽرائڻ چاهينداسين يا ڪنهن ٻئي سان بندوبست ڪيو اٿئون.
ٺهيو! چئبو ته هي گهرن ۾ لڳل ناريلن جي وڻن مان ناريل، هن قسم جا ڀولڙن وارا پٽي ڏين ٿا ۽ سڄي ملائيشيا ۾ ناريل پٽرائڻ جو اجورو ڏهن کان ويهن ناريلن تائين آهي. يعني هڪ سئو ناريل پٽڻ تي 20 کن ناريل يا ان قيمت جيترا پيسا ان ڀولڙي واري جا ٿيا. ان ۾ گهرن وارا به خوش ته هنن کي ڏهه يارنهن وڻن لاءِ ڀولڙو رکڻو نٿو پوي ۽ ڀولڙي وارو به خوش، جو هن کي روزانو سٺ ستر ناريل مليو وڃن ۽ ڀولڙو به خوش، جنهن کي ٻن ٽن ڪيلن کان علاوه هڪ ٻه ناريل به کائڻ لاءِ مليو وڃي.
منهنجي هائوڪار ڪرڻ تي باندر واري پنهنجي “ڇوڪري” يعني ڀولڙي کي (جنهن کي هو هر وقت ملئي زبان ۾ ڇوڪرو چئي مخاطب ٿي رهيو هو) وڻ تي چڙهڻ جو اشارو ڪيو ۽ ٻانهن تي لڙڪيل ڊگهي رسي کي ڍرو ڪيو، جنهن جو پوڇڙ سندس هٿ ۾ مضبوط هو. باندر پنهنجي مالڪ جو حڪم مڃڻ بدران پنهنجيون ڪڇون کنهڻ لڳو، پر پوءِ مالڪ جي رڙ ڪرڻ تي هو پنهنجي جسم مان ماڪوڙيون ڪڍي کائڻ بدران، ٽپ ڏئي ويجهي وڻ ڏي ڀڳو ۽ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ، ٽيهارو سال پراڻي وڻ تي چڙهي ويو. چوٽيءَ تي پهچي هو ڪنهن ماهر جاسوس وانگر هڪ هڪ ناريل کي غور سان ڏسي هن کي پنهنجي پيرن سان گول ڦيرائڻ لڳو. ناريل کي انب يا صوف وانگر ڇڪي پٽڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. جو اهو واڏڻ (واڻ) جهڙي Cord سان وڻ ۾ چهٽيل ٿئي ٿو. هن کي ڪنهن تيز ڪات سان ڪپي سگهجي ٿو يا گول ڦيرائڻ سان ڇني سگهجي ٿو. باندر جي چئن پنجن ڦيرن ڏيڻ سان ناريل اچي ٿي هيٺ ڦهڪو ڪيو. ناريل ايترو ته مضبوط ٿئي ٿو جو ايترو مٿانهين تان ڪرڻ تي به نٿو ڀڄي، البته ڪنهن ماڻهوءَ جي مٿي تي لڳڻ سان ماڻهو مرڻ جا واقعا ضرور ٿيا آهن.
Bagus, Bagus. (سٺو، تمام سُٺو) ناريل ڪرڻ تي باندر واري پنهنجي ڇوڪري (ڀولڙي) کي شاباش ڏني. هو ناريلن جي جهڳٽي مان منهن ڪڍي مالڪ کي ڏسڻ لڳو. سندس ڏند اس جي ترورن ۾ چمڪي رهيا هئا. هن شايد ڪجهه کائڻ جي اميد ٿي رکي جو پنهنجو وات واڇن سوڌو کولي مالڪ کي هيٺ ٽڪ ٻڌي ڏسڻ لڳو.
“Satu lagi, pergi, pergi”
(وڃ وڃ هڪ ٻيو پٽ) مالڪ کيس دٻ پٽي ۽ سندس ڇوڪر هڪ دفعو وري جاسوسن وانگر ناريلن کي ڏسڻ لڳو. هو فل پڪل ناريل (Kelpa) ڳولي پٽڻ لڳو، جيڪي باندر وارو هڪ هنڌ ڍير ڪندو ويو. هڪ وڻ ختم ٿيڻ تي باندر واري پنهنجي ڀولڙي کي ٻي وڻ تي وڃڻ جو حڪم ٿي ڏنو. وڻ جي ويجهو هجڻ تي ڀولڙي ٽارزن وانگر هڪ وڻ تان ٻئي وڻ تي ٽپ ٿي ڏنو، ٻي صورت ۾ مالڪ کيس هيٺ لهي پوءِ ٻئي وڻ تي چڙهڻ جو حڪم ٿي ڏنو.
ٽيهه چاليهه ناريل ٿيڻ تي، باندر واري پنهنجي ڇوڪري کي پاڻ وٽ سڏي شاباس ڏني ۽ سائيڪل تي پٺيان ٻڌل پوتڙي مان ٻه ڪيلا ڪڍي ڀولڙي حوالي ڪيا. ڀولڙو ڪيلا حاصل ڪري ٽارزن ٽائيپ هڪ سنهي ڪيڪ ڪئي ۽ پوءِ مالڪ جي قدمن ۾ اوڪڙون ويهي مزي سان کائڻ لڳو، يعني عيش ڪرڻ لڳو.
”زين النورين سچ چيو هو….“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو. ملائيشيا ۾ ناريلن جي وڏي کپت آهي. قدرت جو هي عجيب ميوو آهي، جنهن کي ڀاڄي، گيهه، يا ڪولڊ ڊرنڪ به چئي سگهون ٿا. ملائيشيا ۾ اسين بصر ۽ تيل بدران ٻوڙ ۾ ناريل جو چورو (Desiccated Coconut) استعمال ڪريون. ڪچو ناريل جنهن کي ملئي زبان ۾ Kelapa Muda سڏين، مشروب خاطر استعمال ٿئي ٿو. ناريل جا کوپا ٻارڻ جي ڪم اچن، سندن بـُـجَ (وار) ڪارن جي سيٽن ۾ استعمال ٿين. جهاز هلائڻ وارن ڏينهن ۾ اسان ڪيترائي دفعا ملائيشيا مان ناريلن جي اها بج (coconut hair) جرمني کڻي ويندا هئاسين، جتي مرسيڊيز ۽ واڪس وئگن ڪارن جي سيٽن ۾ استعمال ڪيا وڇن ٿا. ناريل جي وڻن جي پنن مان ٻهارا ٺهن ٿا، ٿڙن مان ڪامون، سڪل ناريلن مان ڏونگيون ۽ کوپري جو تيل. هن ملڪ ملائيشيا جي، ناريلن جي پوک مان وڏي ڪمائي آهي. هاڻ ته ٿائيليند به ناريل ۽ انهن جا By-Product درآمد ڪري، غير ملڪي ناڻو ڪمائي ٿو ۽ ناريل پٽڻ جا ايڪسپرٽ باندر جتي ڪٿي نظر اچن ٿا. انهن باندرن بابت خبر پئي ته انهن کي، ان ڪم ۾ ماهر ڪرڻ لاءِ سڀ کان بهتر اسڪول ملائيشيا جي ان رياست ملاڪا ۾ آهن، جتي اسانجي اڪيڊمي هئي.. مون ته سمجهيو ٿي ته ملاڪا رياست اسان واري نيول اڪيڊمي ڪري مشهور آهي، پر هتي ته تعليم بالغان، انڌن جو اسڪول ۽ باندرن جو اسڪول به آهي. ناريلن جي گهڻي کپت ۽ پوک ڪري ٽرينڊ (تربيت يافته ) باندرن جي به ضرورت وڌي وئي آهي. ويجهڙائيءَ ۾ هڪ سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ٿائيلينڊ ويس ته خبر پئي ته اتي به، خاص ڪري ٿائيلينڊ جي ڏاکڻن شهرن سونگڪلا، هاديائي ۽ پتاني پاسي، باندرن کي ناريل پٽڻ جي ٽريننگ ڏيڻ جا اسڪول کلي ويا آهن. هونءَ ته جتي ڪٿي سخت بيروزگاريءَ جو عالم آهي، پر ناريلن جي پوک وڌڻ ڪري، تعليم يافته يا کڻي چئجي ته تربيت يافتهGraduate باندرن جي سخت ضرورت آهي. ٿائيلينڊ جي وائلڊ لائيف فنڊ جي سيڪريٽري جنرل پستنا پاتالنگ ٻڌايو ته هن وقت ٿائيلينڊ ۾ به هزارين ڀولڙا پنهنجن مالڪن کي روزگار ڪمائي ڏئي رهيا آهن.
ناريل پٽڻ جي سکيا ڏيڻ لاءِ ڀولڙن کي ٽن کان ڇهن مهينن تائين اسڪول ۾ رهڻو پوي ٿو، جتي هنن کي ڪچي ۽ پڪي ناريل جي سڃاڻپ ڪرائي وڃي ٿي ۽ ٻي اهم شئي اها سيکاري وڃي ٿي ته وڻ جي ٽاريءَ کي هٿن سان جهلي پيرن سان ڪيئن گهمائجي، جيئن ناريل جي ڏانڊي ٽٽي پوي ۽ ناريل اچي هيٺ ڦهڪو ڪري. هن ڪم لاءِ اڪثر ٻارن جي ماءُ کي ڦاسائي، ان جا ٻچا کنيا وڃن ٿا ۽ انهن کي آزاد ڇڏڻ بدران پڃري ۾ رکيو وڃي ٿو، جيسين وڏا ۽ اسڪول لائق ٿين. اڄ ڪلهه سکيا ورتل يعني گريجوئيٽ ڀولڙي جي قيمت ٻه سئو کان ڇهه سئو ڊالر آهي. هڪ سٺو ۽ صحتمند ڀولڙو روزانو 800 کان 1000 ناريل پٽي سگهي ٿو.
ڀولڙو جڏهن ٻن سالن جو ٿئي ٿو ته هن کي اسڪول ۾ داخل ڪيو وڃي ٿو. اڄ ڪلهه ڪو به سٺو Monkey School هڪ ڀولڙي کي ناريل پٽڻ جو ماهر ڪرڻ لاءِ هڪ سئو ڊالر (يعني 8000) رپيا کن في وٺي ٿو. ڀولڙي جي عمر 20 کان 25 سال ٿئي ٿي، جنهن مان اڌ عمر ڏهن کان ٻارنهن سال کن، هو پورهيو ڪري سگهي ٿو.
هتي اها ڳالهه به لکندو هلان ته هنن ڀولڙن سان تمام گهڻي اٽڪل سان هلڻو پوي ٿو. ٿورو به هنن کي تنگ ڪرڻ تي هو ڇتا ٿيو پون ۽ مالڪ کي به چڪين ٿا. خاص ڪري Mating جي موسم ۾ هو بيحد چڙچڙا ٿيو پون. ناريل پٽڻ جهڙي ڪم لاءِ گهڻو ڪري نر ڀولڙا ئي Trained ڪيا وڃن ٿا جو اهي مادين کان وڌيڪ چئيوان ٿين ٿا ۽ حڪم جي پوئيواري ڪن ٿا. ٻي ڳالهه ته هنن لاءِ اهو به چيو وڃي ٿو ته هنن کان روزانو ڪجهه نه ڪجهه ناريل پٽرائڻ کپن. کين ڇڏي ڏيڻ تي هو سست هڪ طرف ٿيو وڃن ته ٻئي طرف هنن کان ناريل پٽڻ جو آرٽ به وسريو وڃي.
Email Address:
altafshaikh2005@gmail.com
altafshaikh2004@yahoo.co.uk

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*