مکيه صفحو / مضمون / هڪ دفعو وري زيرو تي وڃي پهتس

هڪ دفعو وري زيرو تي وڃي پهتس

”سنگاپور کان ملائيشيا جي شهر جوهور بارو وٺي اچڻ واري همراهه مون کي آڌي رات جو، رستي تي لاهي، ڏهه رنگٽ جو نوٽ هٿن ۾ ڏئي پاڻ روانو ٿي ويو.“ علي ٻڌايو. ”تاريخ ياد نه اٿم پر مئي جو مهينو هو ۽ سال 1994ع هو. انهن ڏينهن ۾ ملائيشيا جو رنگٽ اسان جي ٻارهن رپين برابر هو. مون ڪوالالمپور وڃڻ چاهيو ٿي، جتي مون ٻڌو ته دنيا جي اوچي عمارت ٺهي رهي آهي، جنهن جي ڪم لاءِ ڪيترن ئي هنرمندن کان علاوه مون جهڙن بي هنر ماڻهن کي به مزوري ملي سگهي ٿي ۽ آئون روزگار ڪمائي پيٽ جي باهه اجهائي في الحال جياپو قائم رکي سگهان ٿو.“
”مون جوهور بارو شهر جي بس اسٽاپ تان ڪوالالمپور ويندڙ بسين جي ٽڪيٽ پڇي پر ڏهه رنگٽ ايترو گهٽ پئسو هو جو اُن مان ڪنهن بنا A.C يا پراڻي بس جي به ٽڪيٽ نٿي ٿي سگهي. آئون هاڻ بس اسٽاپ ڀرسان پيٽرول پمپ تي بيهندڙ ڪارن ۽ پڪ اپن ۾ سوار ماڻهن کي جانچڻ لڳس ته من ڪو مون کي ڪوالالمپور تائين لفٽ ڏئي. هڪ ٻن جي انڪار بعد هڪ ملئي همراه جيڪو فئملي سان هو سو مون کي پنهنجي ڪار ۾ ويهارڻ لاءِ راضي ٿي ويو. مون هن کي ڪوڙ ڪري ٻڌايو ته آئون ٽوئرسٽ آهيان، باقي دوستن کان وڇڙي ويو آهيان، هو منهنجو ڪوالالمپور ۾ انتظار ڪري رهيا آهن. هن منهنجو پاسپورٽ مٿان مٿان ڏٺو ۽ گاڏيءَ ۾ پيٽرول ڀرائي مون کي اڳيان ويهاريو ۽ پنهنجي زال کي پٺيان ٻارن سان گڏ ويهاريو. هو جوهور بارو پنهنجن مائٽن سان ملڻ ويا هئا ۽ هاڻ واپس اپوح وڃي رهيا هئا ۽ هنن جو رستي تي ڪوالالمپور مان لنگهه هو.
”جوهور بارو کان پوءِ هو ننڍا وڏا شهر آئرحطام، موئر، جاسين، ملاڪا وغيره اڪري سريمبان ۾ ڪجهه دير ترسي پاڻ به ماني کاڌي ۽ مون کي به کارائي. ڪوالالمپور پهچي هنن مون کي اتي لاٿو، جتي پيٽروناس جا جاڙا ٽاور (Twin Towers) ٺهي رهيا هئا. اڃا اونداهه هئي، صبح ٿيڻ ۾ اڃا ٻه اڍائي ڪلاڪ هئا. ڪنسٽرڪشن واري ايراضي ۾ ڪيترائي مزور جيڪي ڀرواري ملڪ اونڊنيشيا ۽ فلپين جا غريب لڳا ٿي، اهي پَٽَ تي تختا يا گتا وڇائي ستا پيا هئا. مون کي به هڪ ردي اخبار ملي وئي، جيڪا پٽ تي وڇائي چيلهه سڌي ڪرڻ لاءِ ليٽي پيس. ڪلاڪ ٻه ڪار ۾ به اک هڻي آيو هوس ۽ اهڙو ڪلاڪ ڏيڍ هتي به ننڊ اچي وئي. صبح جي وقت جيئن ٻين مزورن گهوريئڙن (Hawkers) کان ناسي ليماڪ خريد ڪري کاڌو، تيئن مون به ڏهن رنگٽن مان ڏيڍ رنگٽ، نيرن ڪرڻ لاءِ ناريل جي کير ۾ رڌل اهي ملئي چانور (Nasi Lemak) وٺي کاڌا.
بلڊنگ تي ڪم شروع ٿيڻ بعد مون هيڏانهن هوڏانهن سرون ۽ بار کڻڻ جي مزوري کان وٺي واڍي، رازي، ويلڊر، مڪينڪ جو هيلپر ٿي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ آخر ڪامياب ٿي ويس. نه فقط ڪامياب ٿي ويس، پر الله جي فضل سان مون کي صاف سٿري نوڪري ملي وئي. بلڊنگ جي هڪ حصي ۾ هلندڙ ڪم لاءِ نٽ بولٽن ۽ پائيپ نلڪن جو اسٽور هو، جتان ان ڪمپني جي رازن واڍن کي سامان سپلاءِ ڪيو ويو ٿي. پڙهيل ڳڙهيل هجڻ ڪري مونکي ان ڪمپني جي انچارج ان اسٽور ۾ ڪلارڪ ڪري رکيو. منهنجو ڪم سامان جو اندراج ڪرڻو هو ته ڪنهن ورتو ۽ ڪهڙي ڪم لاءِ استعمال ٿيو. جنهن شيءِ جي کوٽ ٿيڻ لڳندي هئي، ان بابت واسطيدار آفيسر کي ٻڌائي، اها شيءِ گهرائي وئي ٿي. هن نوڪريءَ ۾ منهنجو واسطو مزورن ۽ بي هنر ماڻهن کان وٺي پڙهيل ڳڙهيل انجنيئرن، ٽيڪنيشن، مڪينڪن ۽ ٻين سان پيو ٿي. ڪجهه ڏينهن فٽ پاٿ تي سمهڻ بعد مون کي ان اسٽور جي هڪ حصي ۾ سمهڻ ڏنو ويو. ڪمپني وارا به مون مان خوش هئا جو آئون هر وقت موجود رهيس ٿي ۽ هنن کي ضرورت جي شيءِ ملي وئي ٿي.
دنيا جي هن اتاهين عمارت (Twin Towers) جو ڪم هاڻ آخري مرحلن ۾ هو. ان جو مون کي افسوس هو ته ڇهن ستن مهينن بعد منهنجي هيءَ نوڪري هلي ويندي، پر بهرحال آئون يڪو هڪ سال کن هن بلڊنگ جي مڪمل ٿيڻ تائين روزگار سان لڳڻ ڪري ايترو بچائي ورتو هوم جو سال کن بنا نوڪري جي دال روٽي تي ڪڍي سگهيس ٿي.
”پوءِ ان بعد ڇا ڪئي؟“ مون عليءَ کان پڇيو.
”ان بعد مون سائبر ڪيفي کولي“ عليءَ ٻڌايو.
”اهو بزنيس ڌيان ۾ ڪيئن آيئي؟“ مون پڇيو.
”دراصل ڇا ٿيو جو پيٽروناس ٽاور جي ڪم ۾ جڏهن وڃي ٻه ٽي مهينا بچيا ته مون واري ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ملئي انجنيئر ڇوڪري مون وٽ آئي،“ عليءَ پنهنجي وڌيڪ ڪهاڻي ٻڌائيندي چيو، ”هن مون کي چيو ته ٻن ٽن مهينن بعد پاڻ سڀني کي هن فارين ڪمپني طرفان نوڪري ختم ٿيڻ جو نوٽيس ملندو، جو بلڊنگ ٺهڻ بعد گورن جي هيءَ ڪمپني وائينڊ اپ ڪي پنهنجي ملڪ هلي ويندي، ان بعد تو ڇا سوچيو آهي؟
”مون کيس ٻڌايو ته منهنجي ذهن ۾ ته ڪجهه ناهي. هن چيو ته هوءَ ڪمپيوٽرن جي به ڄاڻو آهي ۽ اڄڪلهه دنيا ۾ سائبر ڪيفي جو رواج هلي رهيو آهي. هوءَ مون کي ايماندار ۽ محنتي سمجهي ٿي ۽ جيڪڏهن آئون چاهيان ته هن سان گڏ ان بزنيس ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي سگهان ٿو. هن اهو به چيو ته ڇوڪري ٿي ڪري، هن لاءِ هر ڳالهه کي منهن ڏيڻ آسان ڪم ناهي. مون کي هن جي ڳالهه وڻي. اسان نوڪري ختم ٿيڻ کان اڳ هن ڪيفي کولڻ جي لوڪيشن جو انتخاب ڪري ورتو. اهو ڪلانگ لاما وارو علائقو هو، جنهن ۾ ڳنهن ڏينهن ۾ ڊولپمينٽ ٿيڻ شروع ٿي رهي هئي. اوسي پاسي ۾ ڪيترائي IT اسڪول ۽ ادارا کلي رهيا هئا. اتي اسان هڪ دڪان مسواڙ تي وٺي ان ۾ ڪمپيوٽر وغيره فِٽ ڪياسين ۽ جيئن ئي اسان جي پيٽروناس ٽاور واري نوڪري ختم ٿي ته اسان اچي هن ڪيفي کي سنڀاليو.“
”ڀلا جنهن سان تنهنجو شادي ڪرڻ جو ارادو هو، اها هيءَ ملئي ڇوڪري ته نه هئي؟“ مون پڇيو.
”جي ها،“ عليءَ وراڻيو، ”جڏهن اسان گڏ بزنيس شروع ڪيو ته هن ٻڌايو ته هن جي ڪجهه سال اڳ شادي ٿي هئي، پر پوءِ جلدي طلاق ٿي وئي ۽ هاڻ هوءَ اڪيلو گذاري ٿي. هن مون کي پنهنجي ماءُ پيءُ سان به ملايو، جيڪي نيڪ نمازي ملئي مسلمان هئا ۽ ڪوالالمپور کان ٻه سئو کن ڪلوميٽر پري پينانگ ٻيٽ تي رهيا ٿي. آئون هنن وٽ اڪثر ويندو رهيس ٿي. هنن کي پنهنجي ڌيءَ جي طلاق جو ڏک هو ۽ هنن چاهيو ٿي ته هن جي شادي ٿي وڃي ته سٺو. وقت سان گڏ هنن مون ۾ دلچسپي ڏيکاري ۽ هڪ ڏينهن مون سان ان بابت ڳالهه ڪئي. ڇوڪري عمر ۾ مون کان وڏي هئي، پر بزنيس ۾ گڏ هئڻ ڪري ۽ Understanding وڌڻ ڪري منهنجي به هن ۾ دلچسپي وڌڻ لڳي. مون سندس والدين سان هائوڪار ڪئي ۽ هو ڏاڍو خوش ٿيا. هنن ڇوڪريءَ سان به ڳالهه ڪئي، جيڪا پاڻ به مون ۾ Interested هئي (يا شايد والدين هُن کي شادي لاءِ Convince ڪيو) جو هن به هائوڪار ڪئي ۽ اسان جو پاڻ کي ڪجهه وڌيڪ Set ڪري شادي ڪرڻ جو ارادو ٿيو.“
”ڀلا هن سائبر ڪيفي جو ڌنڌو ڪيترا سال هليو؟“ مون پڇيو.
”اهو ٽي سال هليو ۽ اسان جي خوب ڪمائي پئي ٿي. منهنجو ارادو هو ته مسواڙ بدران پنهنجو دڪان وٺجي يا هي ئي خريد ڪجي،“ عليءَ ٻڌايو، ”پر ان ڳالهه تي هوءَ متفق نه هئي. هوءَ ٻين ملئي ماڻهن وانگر بيحد خرچائو طبيعت جي هئي. کائڻ پيئڻ، ڪپڙن گندين جي ته وڏي شوقين هئي، پر هاڻ ماڳهين هن کي فلئٽ وٺڻ جو شوق ٿي پيو ۽ هوءَ هڪ تمام اوچي قسم جي ٺهندڙ فلئٽن مان هڪ پنهنجي نالي بڪ ڪرائي آئي. مون وٽ ان وقت تائين 40 هزار رنگٽ کن گڏ ٿيا هئا، جيڪي اڄ جي حساب موجب 10 لک رپيا کن ٿيا. هن مون کان منهنجي بچت جا به پئسا گهريا ته آخر شادي کان پوءِ پاڻ کي ئي ان ۾ رهڻو آهي. مون هن کي سڀ پئسا ڏئي ڇڏيا.“
”پوءِ شادي جو معاملو ڪيئن بگڙي ويو؟“ مون پڇيو.
”ان دوران ڇا ٿيو جو ڪيفي جو بزنيس هلائڻ وقت هن سان گڏ هڪ ساهيڙي اچي رهي، جنهن جي پڻ شادي ٽٽي وئي هئي. هو ٻئي گڏ گڏ رهڻ لڳيون ۽ سٺيون ساهيڙيون ۽ حال ڀائياڻيون ٿي ويون. پر ڇا ٿيو جو اسان جي شادي جي ارادي جو ٻڌي هن ساهيڙيءَ کي خوشيءَ بدران ڏاڍو ڏک ٿيو.“
”ڇو ڀلا؟“ مون عليءَ کان پڇيو.
”ظاهري طرح ته ائين لڳي ٿو ته هن کي اهو فڪر ٿيو ته شادي بعد هوءَ اڪيلي ٿي ويندي، يا هن کي نوڪري ڇڏي پنهنجي ڳوٺ اپوح وڃڻو پوندو. بهرحال هن منهنجي بزنيس پارٽنر جا ڪن ڀرڻ شروع ڪيا ۽ هوءَ مون کان پري ٿيندي وئي. منهنجي سمجهائڻ جي باوجود هوءَ هر ڳالهه ۾ پنهنجي هلائڻ لڳي. هن لاءِ مون کان وڌيڪ پيارو ۽ اهم ماڻهو هن جي ساهيڙي ٿي پئي. آخرڪار هن مون سان اهڙي بي رخي اختيار ڪئي جو مون هن جي والدين سان به ان خدشي جو اظهار ڪيو ته هوءَ مون سان شايد شادي ڪرڻ ۾ دلچسپي نٿي رکي. جيڪو پوءِ حقيقت ثابت ٿيو ۽ هن جي مائٽن جي سمجهائڻ جي باوجود به هوءَ پنهنجي ضد تي قائم رهي. سچي ڳالهه ته اها آهي ته هن جي پنهنجي ساهيڙيءَ ۾ شروع کان ايڏي ته دلچسپي وڌي وئي هئي جو هن مون سان گڏ والدين کان به ڪنارو ڪرڻ شروع ڪيو هو. انهن ئي ڏينهن ۾ اسان جي سائبر ڪيفي ۾ ڪجهه نوجوان تامل گراهڪن جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿي پيو. پوليس يڪدم پهچي وئي ۽ ڪيفي بند ڪرائي وئي، جيڪا هن ملئي ڇوڪريءَ جي نالي هئي. اسان جو روزگار بند ٿي ويو. منهنجو گڏ ڪيل سمورو پئسو ڇوڪريءَ حوالي ٿي ويو.
”تو هن کان پنهنجا پئسا گهريا سهي؟“
”گهريم پر هن فلئٽ ۾ لڳائي ڇڏيا هئا ۽ فلئٽ هن جي نالي هو. منهنجي قانوني ڪابه حيثيت نه هئي، آئون هڪ دفعو وري زيرو تي اچي پهتس، جنهن تي ان کان 4 سال کن اڳ هوس، جڏهن سنگاپور کان ڪوالالمپور پهتو هوس.“

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*