مکيه صفحو / ڪتاب / وايون وڻجارن جون

وايون وڻجارن جون

ڪِتاب: وايون وڻجارن جون: ليکڪ الطاف شيخ
موضوع: هانگ ڪانگ جو سفرنامو
هي سفرنامو الطاف شيخ جي شروعاتي سفرنامن مان هڪ آهي جيڪو اڄ کان چاليهه سال اڳ لکيو ويو جنهن کي هينئر وري وڌائي ڇپرايو ويو آهي جنهن کي ڪراچي جي ”ڪاڇو پبليڪيشن“ وارن ڇپرايو آهي. 272 صفحن جي هن سفرنامي ۾ 16 صفحا رنگين تصويرن جا آهن. هن ڪِتاب جا پيش لفظ ”سهڻي“ رسالي جي ايڊيٽر ”طارق اشرف“ لکيا آهن. الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن، ملڪن جي مشهور بندرگاهن جو سير ٿو ڪرائي، سير سان گڏوگڏ، اتي جي تهذيب، ثقافت ۽ انهن مسئلن کان واقف ڪرائي ٿو. سندس سفرنامن ۾ ڪارائتي معلومات هوندي آهي ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ، الطاف ننڍيون ننڍيون دلچسپ ۽ اڻ وسرندڙ جيئريون جاڳنديون ڪهاڻيون، دلچسپ واقعا ۽ وڏي ڳالهه ته مناسب هنڌن تي هنڌائِتا لطيفا ٻڌائي، پڙهندڙ کي تفريح جو پورو موقعو ميسر ڪري ٿو. هو ان معاملي ۾ هڪ جادوگر آهي، پڙهندڙ سندس لکڻيءَ جي منڊ ۾ منڊجيو پوي ۽ جادو تڏهن ٿو ٽٽي، جڏهن لکڻي پوري ٿي ٿئي.
الطاف شيخ جو هي سفرنامو ”وايون وڻجارن جون“ هانگ ڪانگ جي مختلف جڳهين ۽ ماڻهن تي مشتمل آهي جن مان ٻه دنيا جا امير ترين سنڌي واپاري به شآمل آهن: هري ليلا ۽ ڪي ستيل. هن ڪِتاب ۾ 28 مضمون آهن. جن مان ڪجهه هنريت آهن جن مان هن سفرنامي جي دلچسپ هجڻ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
• تريل نانگ لذيذ ٿين ٿا
• سکر جا سياڻا سونارا به پرکي نه سگهن.
• هانگ ڪانگ جون رات واريون بازاريون
• جان جا چور، مال جا چور، ايمان جا چور
• اڃان آهيان جوان…… رب رسي ته مت کسي
• پوءِ اها ڇوڪري آسمان تي هلي وئي
• وان چائي ـــ هانگ ڪناگ جو بدنام ۽ سٺو علائقو
• هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ اسان جا ماڻهو
• سنڌي هندو واپاري ـــ ماڻهو آهن يا جن
• ڪي سيتل ـــ هڪ عجيب سيٺ

Download (PDF, 1.52MB)

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*