مکيه صفحو / مضمون / وري يادگيرين ورايو اسان کي

وري يادگيرين ورايو اسان کي

الطاف شيخ
PNSC جي بلڊنگ لتاڙي جيئن ئي منهنجي ڪار جناح برج تي چڙهي ته کاٻي پاسي، ڪياماڙي وارو بندرگاهه (ايسٽ وهارف) صاف نظر اچڻ لڳو. ڪيترن ئي ملڪن جا جهاز اڌ پاڻيءَ ۾ اڌ ٻاهر ائين بيٺا هئا، جيئن هالا کان پراڻي رستي حيدرآباد اچبو هو ته ڦليلي ۾ مينهون نظر اينديون هيون. هينئر ته خبر ناهي اهو رستو به آهي يا نه. وڏي ڳالهه ته ڦليليءَ ۾ پاڻي به آهي يا نه! بهرحال مون سان گڏ ويٺل منهنجي ڌيءَ مريم جيجل، هڪ جهاز ڏي اشارو ڪري پنهنجي تيرهن سالن جي پٽ احسن کي چيو ته “اهو جهاز مالاڪنڊ آهي، جنهن تي آئون ستن سالن جي هيس ته تنهنجي ناني سان گڏ رهندي هيس.”
مون ڪجهه گهڙي لاءِ سامهون رستي تان نگاهون هٽائي کاٻي پاسي بندر گاهه ڏي ڏٺو. مختلف ملڪن جي جهازن جي ميڙ ۾ منهنجي PNSC لکيل چمني (Funnel)، واري جهاز تي يڪدم نظر پئجي وئي. سندس Bow (اڳئين حصي) تي M.V. Malakand صاف اکرن ۾ لکيل نظر اچي رهيو هو. لڳو ٿي ته ڪنهن مڇريل سمنڊ مان يا طوفاني موسم مان لنگهي ڪراچي پهتو هو، جو جتان ڪٿان سندس رنگ اکڙيل هو. “ايندڙ هفتي ان جهاز کي اسڪريپ ڪري رهيا آهن” منهنجي ڌيءَ منهنجي ڏهٽي کي وڌيڪ ٻڌايو. آئون هن جهاز کي وڌيڪ ڏسي نه سگهيس. مون پنهنجي ڪار کي ڪنٽرول ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي پر پنهنجي اکين تي ڪنٽرول نه ڪري سگهيس، جن مان ٻه ڳوڙها ڳڙي اچي ڳلن تي پيا. مون آڱر سان اهي اگهندي پنهنجو پاڻ تي حيرت کاڌي.
ڇا اهي ڳوڙها خوشي جا سڏجن؟ خوشي ان ڳالهه جي ته هڪ جهاز جيڪو اسان جي جهازران ڪمپنيءَ لاءِ ڏهن سالن جي مختصر لائيف لاءِ ٺاهيو ويو، تنهن کي اسان ماتم جي گهوڙي وانگر سٺي پرگهور سان ٽيهه سال هلايو.
يا ڇا اهي ڳوڙها ڏک جا سڏجن؟ ڏک ان ڳالهه جو ته هي جهاز تري واري ڪاٺي (Keel) کان کوهي (Mast) تائين منهنجي اڳيان ٺهيو، سندس ڊليوري (شپ يارڊ مان ڪڍي مالڪن حوالي) منهنجي اڳيان ٿي ۽ سندس پهرين سفر (Maiden Voyage) ۾ آئون هن جهاز جو چيف انجنيئر هوس ۽ ان کان پوءِ به آئون کيس سئيز ڪئنال مان لنگهائي يا ڪيپ آف گڊ هوپ کان ڦيرائي يورپ ۽ آفريڪا جي مختلف بندرگاهن ۾ وٺي پئي ويس. اڄ ان جهاز جي موت جون گهڙيون ويجهيون اچي ويون آهن، ۽ چند ڏينهن ۾ Scrap (ڀاڱا ڀاڱا) ٿي ويندو.
يا منهنجن انهن ڳوڙهن کي ناستلجيا جا لڙڪ سڏجن. ناستلجيا لاءِ ملئي زبان ۾ ته Rindu لفظ آهي، پر افسوس ته سنڌي يا اردو زبانن ۾ فِڪشن، رومانس ۽ بائڪاٽ لفظن وانگر Nostalgia لاءِ به ڪو لفظ ناهي. ناستلجيا ڇا آهي؟ بقول هڪ انگريز جي:
“A Longing for the past, one often feels in an idealized form”
جي ها آئون ڪنهن زماني جي موسٽ ماڊرن ۽ موچاري جهاز جو چيف انجنيئر هوس، جيڪو ٽوڪيو(جاپان) جي مشهور شپ يارڊ I.H.I (اشيڪاوا هاريما هيوي انڊسٽريز) اسان جي جهازران ڪمپني جي آرڊر تي ٺاهيو ۽ هي جهاز منهنجي فئملي لاءِ آخري جهاز هو، جو ان بعد ٻارن جي وڏي ٿيڻ ڪري سندن اسڪول خاطر، مونکي سامونڊي نوڪري ڇڏي، ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪري ڪرڻي پيئي. آخري جهاز هجڻ ڪري منهنجي زال ۽ ٻارن کي هي جهاز ايم، وي مالاڪنڊ، هر وقت ياد رهندو آهي. اڄ تازين خبرن مطابق ارڙهن هزار ٽن وزني هي جهاز مالاڪنڊ (ڊيگهه پنج سئو کن فٽ) پنهنجي آخري سفر جي تياري ان قبرستان ڏي ڪندو، جتان ڪو وري نه موٽيو آهي.
جڏهن ڪو وهٽ، مالڪ کي کير ڏيڻ ڇڏيو ڏئي يا جڏهن ڪو هاري زمين کيڙڻ لاءِ پنهنجي جانور کي ڪارآمد نٿو سمجهي، ته هو ان پوڙهي ۽ ناڪاري وهٽ کان آجو ٿيڻ لاءِ جيڪي چار ڏوڪڙ ملنس ٿا ان ۾ به خوشي محسوس ڪري ٿو. ڪاسائي ان پوڙهي جانور جي گوشت جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري مختلف سستين هوٽلن وارن حوالي ڪري ٿو، ۽ کل ۽ کـُـر شهر جي کلگورن حوالي ڪري ٿو جيئن ان مان وڃي جوتا ۽ جيليون ٺهن.
ساڳي ڪهاڻي سمنڊ تي سينو تاڻي هلندڙ هنن لوهي جهازن جي آهي. جيسين نوان هوندا، مالڪ کي ڪمائي پيا ڏيندا، سندن وڏي مَکَ چَکَ پئي ٿيندي. هر جهاز ڪنوار وانگر پيو سينگاربو. شايد اهو ئي سبب آهي جو انگريزيءَ ۾ جتي غير جانبدار شيءِ لاءِ It استعمال ٿئي ٿو اتي جهاز لاءِ She لفظ استعمال ٿئي ٿو. ڪجهه سالن جي سروس بعد، جڏهن جهازن جا مالڪ اهو ڏسن ٿا ته جهاز جيترو ڪمائي پيا ڏين، ان کان وڌيڪ انهن جي مرمت، جهاز هلائيندڙن جي پگهارن، تيل پاڻي ۽ انهن کي Seaworthy (سمنڊ ۾ هلڻ جوڳو) رکڻ لاءِ خرچ ٿي رهيو آهي ته پوءِ اهي خوبصورت جهاز، هنن لاءِ هلندڙ چلندڙ فائيو اسٽار هوٽلون نه پر لوهه جا ٽڪرا ثابت ٿين ٿا جن کي هاڻ وڌيڪ رکڻ سان هنن کي وڌيڪ ئي زنگ لڳندو. هو يڪدم جهاز کي اسڪريپ ۾ وڪڻڻ جو اعلان ڪن ٿا. لوهه، ٽامي، پتل ۾ دلچسپي رکڻ وارا ڪٻاڙي (ردي وارا، جهوني پراڻي وارا) اهڙي ڪنهن جهاز جو ٻڌي ان کي ڏسڻ وقت اهو نٿا سوچين ته ان جهاز ۾ ڪمرا ڪيترا آهن، اهو ائٽلانٽڪ يا پئسفڪ سمنڊ جهاڳي سگهندو يا نه، اهو خط استوا جي گرم علائقن ۽ نارٿ سمنڊ جي ٿڌن علائقن ۾ هلي سگهندو يا نه، جهاز جي مختلف پمپن ۽ ڊيڪ کي اوچو رنگ لڳل آهي يا نه… هو فقط اهو ڏسن ٿا ته هن جهاز ۾ ڪيترو ڌاتو موجود آهي. جيئن ڪاسائي ٻڪرخريد ڪرڻ وقت اهو نٿو ڏسي ته ان جو نسل ڪهڙو آهي، يا ڪهڙي مالڪ وٽ رهيو… هو فقط اهو ڏسي ٿو ته ان ۾ ڪيترو گوشت موجود آهي. اهڙي طرح ڪو جهاز مسافر طور دنيا جا بادشاهه راڻيون ڍوئيندو رهيو يا ٽويوٽا ۽ ڊاٽسن ڪمپنيءَ جون ڪارون کڻندو رهيو، يا اهو جهاز ڪنهن ملڪ جو فلئگ شپ ٿي رهيو(معنيٰ وڏي عزت وارو ليکيو ويو ٿي) يا ان جهاز تي فائيو اسٽار هوٽل جا بورچي هئا… اسڪريپ ڊيلر (ردي خريد ڪرڻ وارا) جهاز جي “آن، مان ۽ شان” ۾ Interested نه هوندا آهن پر هن جي “جان” کي لالچي نظرن سان ڏسندا آهن ته ان مان هنن کي ڪيترو ۽ ڪهڙو ڪهڙو ڌاتو ملي سگهندو. جهاز جي نيلام بعد جهاز جا نوان خريدار جهاز کي گڊاني وٺي ويندا آهن، جيڪو اسان جي ملڪ ۾ جهازن جو قبرستان آهي. گڊاني ڪراچي جي اولهه ۾، بلوچستان صوبي جو هڪ ڪناري وارو ننڍڙو شهر آهي. هتي مڙهه پوڙهن، اڻ گهربل ۽ اَنَ تي چَٽي قسم جي جهازن کي، ڪوشش ڪري گهڻي کان گهڻو ڪناري ڏي آندو وڃي ٿو جيئن مزور ان کي سولائيءَ سان ٽڪرا ٽڪرا ڪري، ٽرڪن ذريعي ڪٻاڙي مارڪيٽ موڪلي سگهن. مزي جي ڳالهه اها ته ان ڪم لاءِ خاص تجربيڪار ڪئپٽن ۽ انجنيئر ٿين ٿا جيڪي خاص وقت تي، جڏهن High Tide (وڏي وِيرَ) چڙهيل هوندي آهي، ان وقت جهاز جي انجڻ کي فل رفتار تي رکي، جهاز کي سمنڊ ڏي نه پر ڪناري ڏي ڌڪي ويندا آهن. پوءِ اهو اتي ئي زمين تي ڦاسي بيهندو آهي. وير لهڻ تي چوڌاري خشڪي ٿي ويندي آهي. پر جي ٿورو گهڻو پاڻي هوندو آهي ته به ان ۾ جهاز ڀڃڻ ۽ ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ وارا ويلڊر، گئس ڪٽر ۽ ٻيا مزور سولائي سان بيهي ڪم ڪري سگهندا آهن. جيئن ڪاسائي تکين ڇرين سان جانور کي چيري ٻوٽيون ٻوٽيون ڪن ٿا، تيئن ويلڊر ۽ گئس ڪٽر گرم شعلي (Flame) سان جهاز جي لوهي پليٽن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪن ٿا. جهاز جون سوين مشينريون، پمپ، ڪمپريسر، جنريٽر، ڪئبنن جو فرنيچر، ڊائننگ سئلون جي ڪراڪري، ويندي ٽئاليٽن جا ڪموڊ، بئسن، گينڊيون ۽ وهنجڻ جا سهڻا ٽب وڪري لاءِ شير شاهه جي سيڪنڊ هئنڊ مارڪيٽ ۾ پهچي وڃن ٿا ۽ لوهي پليٽون ۽ پائيپ، ملڪ جي رولنگ ملز ڏي روانا ٿين ٿا، جتي انهن کي ڳاري لوهي گارڊر، ٽيئرون، لوهي سيخون ٺاهيون وڃن ٿيون. اسان جي ملڪ جو هي گڊاني وارو جهازن جو قبرستان (Ship Scrapyard) دنيا جي وڏن اسڪريپ يارڊن مان هڪ آهي، جتي اسڪريپ ٿيڻ لاءِ ويندي تاريخي ۽ وڏو جهاز ڪئنبيرا (CANBERRA) پڻ اسڪريپ ٿيڻ لاءِ آيو هو ۽ هاڻ ڪجهه ڏينهن بعد، هي جهاز ايم وي مالاڪنڊ (موٽر ويسل مالاڪنڊ) پنهنجي اجل جو شڪار ٿيندو. بيچنگ ڪئپٽن هن کي بندرگاهه جي هن حصي مان ڪڍي گڊاني شهر جي سامونڊي ڪناري تي وڃي ڦٽو ڪندو ۽ هي سندس اهو آخري سفر ٿيندو، جتان اڄ ڏينهن تائين ڪو به جهاز واپس نه وريو آهي. آئون اهي ڪاسائين، يعني ويلڊرن ۽ گئس ڪٽرن کي وڏين ۽ طاقتور ٻرندڙ ٽارچن (Flame Cutters) سان ان ٽوڪيو جي شپ يارڊ ۾، اڄ کان پورا ٽيهه سان اڳ ٺهندڙ هن جهاز کي، ڪپيندو ڏسي رهيو آهيان. ٽيهه سال اڳ 1979ع ۾ جڏهن هن جهاز مالاڪنڊ جو وجود فقط ليڪن ۽ ٽٻڪن جي صورت ۾، ڊرائنگ جي پنن تي هو ته مون کي هن جهاز ٺهڻ دوران ان جي سنڀال ۽ ان بعد هن جهاز تي چيف انجنيئر جي حيثيت سان Sail ڪرڻ (هلائڻ) جي عزت بخشي وئي. ان وقت آئون ملڪ جي قومي جهازران ڪمپني جي هڪ ٻئي جهاز ايم وي چناب تي چيف انجنيئر هوس. منهنجو اهو جهاز جيئن ئي يورپ ۽ آفريڪا جي اولهه ڪناري جي بندر گاهن جو سفر جهاڳي ڪراچي پهتو ته هيڊ آفيس طرفان مون کي نئين اسائينمينٽ جو ليٽر مليو. مون سان گڏ چناب جهاز تي Sail ڪندڙ فئملي کي، في الحال ڳوٺ ڇڏي، آئون اڪيلي سر جپان روانو ٿيس.
ٽوڪيو جي ناريتا هوائي اڏي تي، جنهن وقت PIA جو هوائي جهاز لٿو ته ان وقت جپان جي سرزمين تي بهار جو پهريون وسڪارو ٿي رهيو هو. شايد ههڙي مينهن لاءِ، جپان جي ارڙهين صدي جي شاعر يوسا بوسون (Yosa Buson) پنهنجي هائڪو ۾ لکيو آهي ته :
Ike to kawa
Hitotsu ni narinu
Haru no ame!
ٽوڪيو جو رهاڪو شاعر چوي ٿو ته مينهن اهڙو وٺو آهي جو:
تلاءَ (Pond) ۽ ندي (ايڪي توَ ڪاوا)، ٻئي هڪ ٿي ويا آهن (هتاتسو ني ناري نو)، بهار جي بارش ۾! (هارو نوَ اَمي!)
اسان وٽ نه اهڙا تالاب آهن ۽ نه ڪي نديون. هڪ ئي ندي آهي جيڪا هماليه تي برف ڳرڻ تي وهي ٿي. نديون ۽ تالاب بنگال(جتي مون تعليم حاصل ڪئي)، ملائيشيا ۽ جپان جهڙن ملڪن ۾ جتي مون نوڪري ڪئي، جام آهن ۽ جتي جي ندين جو روز جي وسندڙ مينهن سان واسطو آهي. صبح جو وسڪارو ٿيو ته درياهه ڪپر پيو ڪندو، منجهند جو وري خالي خالي! بهرحال ٽئڪسي جي دري مان ٽوڪيو شهر مان ور وڪڙ کائي وهندڙ ندي سميدا کي ڏسندو آيس. اها ڪٿي به تارو تار نه هئي. ان جي معنيٰ ڪو خاص مينهن نه وٺو آهي. بهرحال يوسا بوسون، ماتسو باشو ۽ ڪوبا ياشي ايسا، منهنجا دلپسند جپاني شاعر آهن. توهان شايد فقط اهو ٻڌو هجي ته جپان ڪئميرائن، ڪارن ۽ ڪمپيوٽرن جو ملڪ آهي پر جپان ادب، شعرو شاعري ۽ ثقافت ۾ به مالا مال آهي.
ٽوڪيو ۾ منهنجي فئملي پهچڻ تائين، منهنجي رهائش شپ يارڊ جي گيسٽ هائوس ۾ رکي وئي، جيڪو ٽوڪيو شهر جي صدر واري علائقي گنزا ۾، سميدا نديءَ وٽ آهي. هن Fully آٽوميٽڪ ٺهندڙ جهاز جي تري واري لوهي پليٽ (Keel) رکڻ جي رسم ادا ٿي چڪي هئي. جپاني زبان جي ٿوري گهڻي ڄاڻ ۽ آٽوميشن ۽ انسٽرومينٽيشن جهڙن سبجيڪٽن ۾ Additional تعليم هجڻ ڪري، ٽوڪيو جي هن شپ يارڊ ۾ ڪم ڪندڙ مڪاني مزدورن ۽ انجينيرن سان رلي ملي وڃڻ ۾ مون کي ڪا خاص ڏکيائي نه ٿي.
هن جهاز جا ڪيترائي سسٽم ڪمپيوٽرائزڊ نوعيت جا ٺاهيا ويا ۽ جنهن حد تائين ان دور ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ترقي ڪئي هئي، ان حد تائين هن جهاز جي هر هڪ شيءِ کي آٽوميٽڪ بڻايو ويو. جيئن سمنڊ تي شام ٿيڻ تي جهاز جا انجنيئر انجن روم کي تالو هڻي وڃي ننڊون ڪن، ته سڄي رات جهاز پاڻهي پيو هلي. تيل جي هڪ ٽانڪي ختم ٿي وڃي ته ٻيءَ جو Valve (نلڪو) پاڻهي کلي وڃي. جنريٽر هڪڙو خراب ٿي پوي ته ٻيو Stand by جنريٽر نه رڳو پاڻهي هلڻ شروع ٿي وڃي پر لوڊ تي به چڙهي وڃي. (اها ڳالهه اليڪٽرسٽي سان واسطو رکندڙ وڌيڪ بهتر نموني سان Appreciate ڪري سگهندا). آڌي رات ڌاري جهاز خط استوائي گرم سمنڊ ۽ موسم مان لنگهي ته جهاز جو مرڪزي ايئرڪنڊيشنز هر هنڌ هڪ جيتري ۽ انساني جسم کي فرحت ڏيندڙ حد تائين، ٿڌڪار پهچائي سگهي. جهاز جي ڪنهن به حصي ۾ باهه لڳي وڃي ته باهه جون ڄڀون(شعلا) پيدا ٿيڻ کان اڳ، پاڻي يا فوم (گجيءَ) ذريعي اها باهه وسامي وڃي.
بهرحال روزانو سوين مزدور ۽ انجنيئر، ويلڊر ۽ مستري، پلمبر۽ ميٽلرجست هن جهاز تي ڪم ڪرڻ لڳا. ننڍا ننڍا لوهي حصا ملائي سامان رکڻ لاءِ گدام، تيل ۽ پاڻي جون ٽانڪيون، رهائش لاءِ ڪئبنون، مشينن ۽ نيويگيشن لاءِ انجڻ روم ۽ ڪنٽرول روم ٺاهي، جهاز کي ڇهن مهينن اندر مڪمل ڪيو ويو. مڪمل ٿيڻ کان هفتو کن اڳ منهنجي مدد لاءِ ڪراچي هيڊ آفيس طرفان ڪجهه ٻيا مئرين انجنيئر ۽ هڪ ٻه اليڪٽريڪل انجنيئر ۽ ريفريجريٽر انجنيئر پڻ پهچي ويا ۽ شپ يارڊ مان جهاز جي ڊليوري ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ، جهاز جو باقي عملو به ڪراچي کان ٽوڪيو پهچي ويو. ٽوڪيو ۾ موجود اسان جي مڪاني جهازران آفيس ۽ اسان جي سفارت خاني طرفان جهاز جي ڊليوري، جهاز تان جپاني جهنڊو لاهي پاڪستاني چاڙهڻ ۽ ٻيون رسمون ڌوم ڌام سان سرانجام ڏنيون ويون.
رسمي طرح جهاز اسان جي حوالي ٿيڻ بعد اسان ان کي شپ يارڊ جي جيٽي ۽ ٽوڪيو بندرگاهه مان ڪڍي ڀرواري شهر يوڪوهاما جي بندرگاهه ۾ آندو جيڪو اسان جو پهريون First Port of Call هو.
چيف انجنيئر جي حيثيت سان مون هن کان اڳ به ڪيترائي جهاز هلايا هئا پر ڪنهن فئوريٽ ٻار وانگر، مالاڪنڊ مون لاءِ خاص ۽ دلپسند جهاز هو، جنهن جي سرجڻ کان وٺي مڪمل ٿيڻ تائين ۽ ان بعد ڊليوري تي پڻ منهنجي موجودگي، لڳاتار قائم رهي ۽ پوءِ سندس پهرين سفر ۾ (جيڪو جهاز جو تاريخي سفر سمجهيو وڃي ٿو ۽ جنهن کي Maiden Voyage سڏبو آهي) ان جو چيف انجنيئر ٿي رهيس. جيئن نئون ڄاول ٻار ماءُ کي ڪجهه عرصي لاءِ اوجاڳا ڪرائيندو آهي تيئن هر نئون جهاز، پهرين سفر Maiden Voyage۾ جهاز جي انجنيئرن کي رلائي رکندو آهي، ڇو جو جهاز کڻي جپان ۾ ٺهي يا جرمني ۾، باوجود ڪوششن جي هن ۾ ڪجهه خاميون ۽ نقص رهجي ويندا آهن، جن جي صحيح معنيٰ ۾ سمنڊ تي ئي خبر پئجي سگهي ٿي ۽ انهن کي منهن ڏيڻ ۽ صحيح ڪرڻ، جهاز انجنيئرن (Marine Engineers)جو ئي ڪم آهي.
بهرحال سامونڊي لوڏن، طوفاني بارشن ۽ مشيني مصيبتن جي باوجود، مجموعي طور اسين سڀ جهازي، سڄي سفر ۾ خوش رهياسين. جهاز تي Sail ڪندڙ فئملين لاءِ ته هي جهاز ڄڻ فائيو اسٽار هوٽل هو. واٽ تي اسان جپاني بندرگاهن، اوساڪا، ڪوبي ۽ نگويا مان ڪراچي لاءِ ڪارگو کنيوسين. ان بعد باقي سامان پوسان(ڏکڻ ڪوريا جي بندرگاهه) هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ ڪولمبو مان کنيوسين. جنهن به بندرگاهه ۾ اسان جي هن جهاز لنگر ڪيرايو ٿي ته اتي جي ماڻهن هن جهاز جي موچاري مک (ٻاهرين Shape) ۽ اندروني ڊيڪوريشن جي واکاڻ ڪئي ٿي. هر بندرگاهه Port of Call ۾ اسان جي مڪاني آفيس وارن ۽ اسان جي سفارتخانن، جهاز جي مان ۾ دعوت ڪئي ٿي.
چيف انجنيئر جي حيثيت سان، مون ٻيا به ٽي چار سفر (Voyages) هن جهاز تي ڪيا ۽ کيس سئيز ڪئنال مان لنگهائي يا ڪيپ آف گڊ هوپ جو ڦيرو ڪرائي اسان کي يورپ ۽ آفريڪا جي مختلف بندرگاهن ۾ وٺي وڃڻو پيو هو.
اڄ جڏهن انهن ڏينهن جو ٿو سوچيان ته ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪالهوڪو ڏينهن هو… جڏهن آئون 35 سالن جو جوان هوس. اڄ 65 سالن جي ڄمار تي پهچڻ تي آئون هن جهاز ۽ ان تي گهاريل ڏينهن لاءِ سخت قسم جي نوستلجيا (Nostalgia) ٿو محسوس ڪريان جڏهن منهنجي اڳيان، ٽوڪيو جي شپ يارڊ ۾ جپاني مزورن، لوهي ٽڪرا ڳنڍي ڳنڍي، هي جهاز ٺاهيو، جنهن جو اسان “مالاڪنڊ” نالو رکيو… ۽ هاڻي ڪجهه ڏينهن اندر اسان جا پاڪستاني مزور ڀائر، هن جهاز کي ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪندا.
عهد پيري شباب کي باتين
ايسي هين جيسي خواب ڪي باتين
اڄ ماضيءَ کي ياد ٿو ڪريان ته دل ۾ جهڙي هلچل ٿي مچي. ڪاش! گذريل وقت وري واپس اچي وڃي! ڪو حاتم طائي ملي وڃي جيڪو “هڪ ڀيرو ڏٺو اٿم ٻيو ڀيرو ڏسڻ جو شوق آهي” جو سوال پورو ڪري، پر اهو ناممڪن آهي….!
ملائيشيا ۾ جڏهن ڪو موڪلائي سفر لاءِ روانو ٿيندو آهي ته موڪلائڻ وارا اڪثر هي مشهور ملئي شعر ورجائيندا آهن:
“ Kalau umar panjang
Boleh jumpa lagi”
(الله جيڪڏهن وڏي ڄمار ڏني ته هڪ ڏينهن وري توسان ملڻ ٿي ويندو)
پر مالاڪنڊ جهڙو، پنهنجي زماني جو سهڻو جهاز، هاڻ جنهن سفر تي روانو ٿيڻ وارو آهي، ان جو سوچي آئون فقط اهو چئي سگهان ٿو ته:
“باءِ باءِ مالاڪنڊ!
هاڻ توسان ملڻ محال آهي!”
اهي جپاني جن هن جهاز کي ٺاهيو، اهي به ساڳيا ئي لفظ ورجائي سگهن ٿا.
“Sayonara Malakand!
Mo Aemasen!”

Email Address Altaf shaikh
Altafshaikh2004@yahoo.co.uk
Altafshaikh2005@gmail.com

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*