مکيه صفحو / مضمون / وقت جي اهميت ۽ قدر

وقت جي اهميت ۽ قدر

ڪيترا ماڻهو پنهنجي پاڻ ۽ پنهنجن ٻارن جي پڙهائيءَ لاءِ يا ٻاهر وڃي نوڪري ڪرڻ جي سلسلي ۾ مون کان صلاح وٺڻ لاءِ فون ڪندا رهن ٿا. هو منهنجو فون نمبر اخبار وارن کان يا شايد انٽرنيٽ تان هٿ ڪري ڳالهائين ٿا ۽ ڪوشش ڪري هنن کي جواب ڏيڻ، پنهنجي ڄاڻَ ۽ تجربي مطابق هنن کي مشورو ڏيڻ آئون پنهنجو فرض سمجھان ٿو. آئون سوير سُمهڻ وارو آهيان پر اسان جي ملڪ ۾ دير تائين جاڳڻ ۽ صبح جو دير سان اُٿڻ جو ڪلچر ٿي پيو آهي، (جيڪو ڪنهن قوم يا ملڪ لاءِ بيحد خراب ۽ نقصانڪار شئي آهي) سو ڪڏهن ڪڏهن ڪو فون رات ڌاري نِنڊ ڦِٽائيندو آهي، ته سخت ڊسٽرب ٿي ويندو آهيان پر پوءِ پاڻ کي اهي لوليون ڏئي ننڊ کي آڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، ته ڇا ڪجي اسان جي ملڪ جي ماڻهن کي انهن ڳالهين جو احساس ئي نٿو ٿئي … بهرحال رات جو دير سان فون ڪري ٻئي کي ڊسٽرب ڪرڻ جي نه فقط مونکي شڪايت آهي پر ان بابت مون سان ٻاهر رهندڙ منهنجي ڪيترن هم وطنن به اها شڪايت ڪئي آهي، ته آئون ان بابت لکان. ڳالهه اها آهي ته، اڄڪلهه اسان جي ملڪ جا ڪيترائي ماڻهو ٻاهرين ملڪن ۾ نوڪري ڪن ٿا يا شاگرد تعليم حاصل ڪن ٿا…. جپان، چين، ملائيشيا کان دبئي، سعودي عرب، ايران، انگلينڊ، آمريڪا، آسٽريليا ۽ ڪئناڊا وغيره. هنن جا فون نمبر هنن جي مائٽن ۽ دوستن وٽ رهن ٿا. پرديس ۾ رهي اسان جا هم وطني پنهنجي وطن کان فون اچڻ جو انتظار ڪن ٿا، ڄاڻي واڻي ته ائين نه ٿيندو هوندو پر اڻ ڄاڻائي يا غير ذميوار رويي ڪري اسان جي ملڪ جي ماڻهن کي جنهن وقت دل چوي ٿي پرڏيهه فون ڪن ٿا. هو اهو نٿا سوچين ته هنن وٽ ته ڏينهن آهي پر جنهن ملڪ ۾ هو پنهنجي دوست يا مائٽ کي فون ڪري رهيا آهن اُتي ڇا هوندو!.
مثال طور ڪو صبح جو اٺين بجي پنهنجي ڪنهن مائٽ کي ملائيشيا، سنگاپور يا جپان فون ڪري ٿو، ته ڪو مسئلو ناهي جو انهن ملڪن ۾ سج اسان کان 3 ۽ 4 ڪلاڪ اڳ اُڀري ٿو. يعني اسان وٽ صبح جا اَٺ آهن، ته ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ منجھند جا يارهن ۽ جپان ۾ ٻارهن آهن. يعني ڏينهن آهي ۽ هو جاڳن پيا، انهن سان ڳالهائي، ان بعد ڪو انگلينڊ يا جرمنيءَ ۾ رهندڙ دوست سان خوش خير عافيت لاءِ فون ڪري، ته اهو ان تي ٿورو ڪرڻ بدران هن سان ظلم ٿيندو، جو ان وقت اُتي رات جا 3 وڳا آهن، جو انهن ملڪن ۾ سج اسان کان 5 ڪلاڪ پوءِ ٿو اُڀري. هِتي اهو به لکندو هلان ته، اسان وٽ ته اهڙو No Work ڪلچر ٿي پيو آهي، جو رات جو ننڊ ڦٽڻ يا ننڊ پوري نه ٿيڻ تي ٻئي ڏينهن آفيس مان غير حاضر رهي يا آفيس ۾ اوٻاسيون ڏئي گذارو ڪري سگهجي ٿو پر ولايت ۾ ته صبح جو 9 کان شامَ 5 تائين ايمانداريءَ سان نوڪري ڏيڻي پوي ٿي …. چاهي ڪو سرڪاري آفيسر هجي يا دڪان ۾ ڪم ڪندڙ… سو وقت جو خيال نه رکڻ ڪري توهان ڪنهن لاءِ خوشي مهيا ڪرڻ بدران تڪليف ۽ پريشاني به پيدا ڪريو ٿا. هِي ڪالم ملائيشيا جي شهر پينانگ مان لکي رهيو آهيان ۽ ٿوري دير اڳ هِتي جي هڪ اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ لاڙڪاڻي جي هڪ سرجن سان خبر چار ڪري موٽيو آهيان. هو ويچارو به اها ئي دانهن ڏئي رهيو هو ته، ڪنهن ڪنهن رات جو ڳوٺان يا پنهنجي پراڻي پاڪستاني اسپتال مان مائٽ يا ڊاڪٽر دوست جو غلط وقت تي رات جو فون اچيو وڃي… پاڪستان ۾ ته ان وقت کڻي رات جا ڏهه يا يارهن ٿيا هجن ۽ هنن لاءِ ڪا وڏي ڳالهه ناهي پر هِتي ان وقت رات جا ٻه آهن ۽ فون جي گهنٽيءَ تي گهاٽي ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿڻو پوي ٿو. ۽ پوءِ باقي رات ننڊ نه اچڻ تي ٻئي ڏينهن تڪليف ۾ ڊيوٽي ڏيڻي پوي ٿي. ان تي مون هن کي اها صلاح ڏني، جنهن تي اڄڪلهه آئون به عمل ڪريان ٿو…..”هينئن ڪريو جو سمهڻ مهلَ پنهنجي فون جي گهنٽي بند ڪري Silent تي رکي ڇڏيو.“ مون چيومانس. ”پر آئون ائين نٿو ڪري سگهان.“ هن وراڻيو. ”ڇو ڀلا؟“ مون حيرت مان پڇيو. ”ان ڪري جو سڄو ڏينهن مونکي آپريشنون ڪرڻيون پون ٿيون. رات جو منهنجي ڊيوٽي ناهي پر مونکي فون کليل رکڻو پوي ٿو، جو ڪنهن به آپريشن ٿيل مريض جي حالت خراب ٿي سگهي ٿي ۽ مونکي ايمرجنسيءَ جي صورت ۾ ڪال ٿي سگهي ٿي“. هن دليل ڏنو. هڪ ٻي ڳالهه به هِتي لکڻ چاهيان ٿو ته، ڪيترن ملڪن ۾ سرڪاري آفيسر توڙي هڪ عام پورهيت کي پنهنجي آفيس يا ڪمپنيءَ جو فون نمبر ڪنهن کي ذاتي ڪم لاءِ ڏيڻو ناهي. پر ائين به ٿئي ٿو جو ڪن دوستن يا مائٽن وٽ اهو نمبر هجڻ ڪري هو فقط ايمرجنسيءَ ۾ ٻه اکر ڳالهائڻ بدران ڪچهري ڪرڻ لڳن ٿا، جيڪا ڳالهه ولايت ۾ معيوب سمجھي وڃي ٿي، ته هو ڊيوٽي ٽائيم ۾ آفيس جي فون تان ڪنهن کي فون ڪري يا ٻئي جو فون اٽينڊ ڪري.
جپان واري ڪنهن سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان ته، اسان جي هڪ ملڪي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ آفيسر جي زال ان شهر جي هڪ جپاني ڊپارٽمينٽ اسٽور ۾ نوڪري ڪئي ٿي. هڪ ڏينهن گهر ڇڏي آيل ٻارن جي خبر لهڻ لاءِ هوءَ ان اسٽور ۾ لڳل پبلڪ فون ۾ پنهنجا سڪا وجھي ڳالهائي رهي هئي، ته ان سيڪشن جو مئنيجر اچي اتان لنگهيو. تنهن هن کي فون ڪندو ڏسي چيو ته، اهو تون غلط ڪم ڪري رهي آهين. آئينده ساڳي غلطي ورجائڻ سان توکي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏينداسين.
”پر سر آئون توهان جي اسٽور جو نه پر پنهنجا پئسا وجھي پبلڪ فون استعمال ڪري رهي آهيان.“ هن پنهنجي جپاني باس کي چيو. ”اها ته مونکي به خبر آهي ته تون پنهنجا پئسا استعمال ڪري رهي آهين“، مئنيجر چيس، ”پر وقت ته اسان جو استعمال ڪري رهي آهين“!.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*