مکيه صفحو / مضمون / پورهيو ڪرڻ ۾ عيب ته نه آهي. (حصو ٻيو)

پورهيو ڪرڻ ۾ عيب ته نه آهي. (حصو ٻيو)

پهرين حصي ۾ ’پلمبر اصغر گهانگهري‘ جي ڳالهه ڇو ياد آئي؟
اصغر جو ذڪر ان ڪري کڻي ويٺس جو ڪالهه سانگهڙ کان هڪ 24 سالن جي نوجوان جو فون آيو جنهن چيو:
”سائين مون انٽر پاس ڪئي آهي غريب مائٽن جو ٻار آهيان. اسان جو وزير يا MPA، ايم اين اي واقف ناهي جنهن جي سفارش تي مونکي نوڪري ملي سگهي…..“ وغيره.
”انٽر ڪڏهن ڪئي اٿئي؟“ مون پڇيومانس.
”سائين ان کي چار پنج سال ٿي ويا آهن.“ هن وراڻيو.
”۽ پوءِ اهي چار پنج سال ڇا پئي ڪئي؟“ مون پڇيومانس.
”بس وڏيرن رئيسن جي ڪڍ هئس ته ڪو نوڪري وٺرائي ڏئي….“ هو پنهنجي تر جي سرندي وارن ماڻهن جا نالا وٺندو رهيو ۽ آئون سوچڻ لڳس ته هي سال 2014ع آهي. اڄ کان پورا 50 سال کن اڳ 1964ع ۾ آئون ڪراچي ۾ هوس ته ڪراچي ۾ انٽر ڪانٽينينٽل هوٽل کلي هئي جيڪا هاڻ پرل ڪانٽينينٽل جي نالي سان سڏجي ٿي، ان هوٽل جي بئرن لاءِ اخبار ۾ اشتهار آيو ته ڊي جي ڪاليج مان ٻن ڄڻڻ جن ان سال B.Sc ڪئي هئي ۽ منهنجي ڪاليج جي سامهون واري هاسٽل ميٺارام ۾ رهائش ڪري هنن سان واقفيت هئي، انهن به هوٽل ۾ بئرو ٿي ڪم ڪرڻ لاءِ اپلاءِ ڪيو. مونکي ڏاڍي حيرت ٿي جو انهن ڏينهن ۾ B.Sc يا B.A پاس ڪرڻ وارن کي پرائمري اسڪول جي ماستري يا ڪنهن سرڪاري کاتي ۾ ڪلارڪي آسانيءَ سان ملي وئي ٿي. منهنجي پڇڻ تي هنن ٻڌايو ته هنن ان تي ڪافي غور ڪرڻ ۽ والدين سان صلاح مشورو ڪرڻ بعد فيصلو ڪيو آهي . ڪلارڪي يا ماستري ۾ پگهار ئي ڇا آهي؟ پر جي ٽي چار سال ٻيا پڙهي B.E يا M.Sc ڪنداسين ته به انجنيئر ٿي رشوت ۽ حرام وٺڻ کان بهتر آهي ته اسان بئرا ٿي حق حلال جو ڪمايون ۽ سٺي خذمت ڪرڻ سان اسان کي بهتر ٽِپ ملي سگهي ٿي ۽ پئسو بچائي ان کي ڪنهن ڪِرت ۾ لڳائي سگهون ٿا.
مون ڏٺو ته هنن ڪو عار محسوس نه ڪيو ۽ پنهنجي ڪم ۾ دلچسپي ۽ ايمانداري سان لڳا رهيا ۽ ڪجهه سالن ۾ هنن نه فقط چڱو خاصو پئسو بچائي ورتو جيڪو هنن جي سياڻن والدين پراپرٽي ۾ لڳايو ۽ ڀُٽي صاحب جي ڏينهن ۾ يعني ستر جي شروع وارن سالن ۾ ان تمام وڏو اَگهه ڪيو ۽ ان کان علاوه انهن ڏينهن ۾ جدي ۽ رياض ۾ فائو اسٽار هوٽلون ٺهيون جن ۾ هنن کي پهرين بئري طور پوءِ بئرن جي انچارج طور ۽ آخر ۾ اسسٽنٽ مئنيجر جي پوسٽ تي وڏي پگهار تي رکيو ويو ۽ هنن جي زندگي ڪيترن انهن ڪلاس ميٽن کان سکي گذري جيڪي انجنيئر يا سرڪاري ڪامورا ٿي رشوت تي گذارو ڪندا رهيا.
بهرحال منهنجي ڳالهه جو مطلب اهو آهي ته پورهئي ۾ ڪو عيب ناهي. حق حلال جي ڪمائي جي وڏي اهميت آهي پوءِ اها چاهي نوڪر ٿي ڪمائجي. بهرحال اڄ کان 50 سال اڳ به اهو زمانو هو جو B.Sc وارن بئري ٿيڻ جي نوڪري کي به خوش نصيبي ٿي سمجھي اڄ ته ڊاڪٽري، انجنيئري ويندي Ph.D ڪرڻ وارا جِتي پرائمري اسڪول جي ماستري لاءِ پيا واجھائين ته انٽر يا B.A پاس وارن کي ڪهڙي نوڪري ملي سگهي ٿي؟ دل ۾ مون سوچيو ته هن سانگهڙ جي همراهه کي ڪو وزير يا ايم پي اي ڪراچي يا حيدرآباد شهر ۾ ڪلارڪي وٺي به ڏئي ته اٺ ڏهه هزار رپيا کن پگهار مان هو ڇا کائيندو، ڇا گهر (ڪمري) جي مسواڙ ڏئي سگهندو، ڇا گهر کان آفيس ڀاڙا ڀريندو ۽ ڇا پنهنجي پاڻ ۽ گهر لاءِ بچائيندو.
مون هن سانگهڙ واري نوجوان کي چيو ته ”انٽر بعد چار پنج سال نوڪري پويان وقت وڃائڻ بدران ڪو درزڪو يا واڍڪو يا مڪينڪ جو ڪم سکي وٺين ها ۽ هينئر به وقت ويو ڪونهي ٻه سال کن دل لڳائي ڪم سکي وٺندين ته نوڪريءَ کان وڌيڪَ ڪمائي سگهندين.“ مون کي ان وقت اسلام آباد ۾ ڪم ڪندڙ گمبٽ جا ٻه واڍا ڌيان ۾ آيا جيڪي ٻين وانگر ڏهاڙي جا هزار رپيا وٺڻ بدران 1200 وٺن ٿا ان هوندي به ڪم لاءِ هرڪو هنن کي منٿون ڪري ٿو. ان جو راز اهو آهي ته هو هڪ ڏينهن ۾ ڏيڍ ڏينهن جيترو ڪم ڪن ٿا ۽ ڪم ۾ هنن جهڙو قابل نه هوندو. سو ڳالهه آهي ته ڪو به ڪم صحيح ڪرڻ واري جو ولايت ۾ ڇا اسان وٽ به قدر آهي ۽ واڍڪو، درزڪو، ڪمپيوٽر ۽ اليڪٽرڪ جهڙا ڪم ته ٿڌي ڇانوَ جا آهن. پر منهنجي اها صلاح ڏيڻ تي هي نوجوان ماڳهين ناراض ٿي ويو ۽ يڪدم چيائين ”اسان جي خاندان ۾ آئون ئي ته پڙهيو آهيان سو ڪيئن ٿو پورهيو ڪري سگهان….“ مون کيس ٿورو گهڻو سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ويندي ڪلارڪي، ڊاڪٽري ۽ ماستري به پورهيو آهي ۽ ڪو به پورهيو ڪري حق حلال جو پئسو ڪمائڻ ڪو عيب ناهي… پر هن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. ۽ مون سان به هي پهريون دفعو نه ٿي رهيو هو. سنڌ جا اڪثر نوجوان اهڙڙي صلاح تي ناراض ٿي ويندا آهن ته اسان B.A يا M.A پاس ڪو پورهيو ڪنداسين… جيتوڻيڪ جپان توڙي آمريڪا جهڙن سڌريل ملڪن ۾ اهو ڪو عيب ناهي ۽ اهڙن نوجوانن لاءِ آئون اهو سوچي اڄ اصغر جو مثال لکڻ ويٺو آهيان ته پڙهيل ڳڙهيل هوندي هن ڪيئن پورهئي ذريعي ڪاميابي حاصل ڪئي.
اصغر جو وڏو ڀاءُ علينواز گهانگهرو جنهن سان منهنجي اڄ کان ويهارو سال کن اڳ پبلشر جي حيثيت ۾ ملاقات ٿي، آئون هن مان يڪدم ۽ تمام گهڻو مُتاثر ٿيس. طبيعت ۽ ڪپڙي پوشاڪ ۾ سادو سودو، ڳالهائڻ ۾ نه فقط فضيلت وارو پر سياسي ۽ سماجي مسئلن تي ڳوڙهي معلومات رکڻ وارو، ڳالهه ڳالهه تي تاريخي ۽ ادبي حوالا ڏيڻ وارو پر ڏسڻ ۾ مولائي طبيعت جو ۽ پورهيت، ڪِتابن جون ڀريون ٻڌي هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ بس ۾ يا پيرين پيادو پيو ويندو. منهنجي ڪِتابن جا پروف ۽ درستگيون ايڏي محنت ۽ عالماڻي انداز سان ڪندو جو مونکي حيرت ٿي ٿي. بهرحال اها ڳالهه ته ڪيترن لاءِ کڻي اهم نه هجي ۽ ويندي آئون به هڪ مئٽرڪ پاس، شاهپور چاڪر ڳوٺ جي هڪ نوجوان کي ابراهيم جماليءَ کي سڃاڻان جيڪو ڪراچي جي ٻهراڙي واري علائقي ”سرجاني ٽائون“ ۾ پنهنجي پرائيويٽ لئبرري هلائي ٿو ۽ ان سان گڏ ڪيترن رسالن ۽ ٽي وي اسٽيشنن تي اڙدو ۽ سنڌي ترجمو ڪري ٿو. مون پنهنجن اڙدو جي لکڻين جي اصلاح لاءِ خبر ناهي ڪيترن ماڻهن کان مدد ورتي هوندي… ويندي يونيورسٽي جي ٻن پروفيسرن کان جن مان هڪ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ هو پر هن ڳوٺاڻي شخصيت ابرهيم جمالي سان ڪو مقابلو نٿو ڪري سگهي. سو ڪنڊيارو جو اسان جو هي پبلشر علي نواز گهانگهرو به مئٽرڪ پاس هجڻ جي باوجود هن جي سنڌي ادب تي دسترس ٿي سگهي ٿي. آخر اهڙا به آهن جيڪي مدرسي مان چار سال عربي پڙهڻ بعد عربي ڦر ڦر (Fluent) ڳالهائين ٿا ۽ اهل زبان عربن جي ڳالهه سمجھن ٿا ۽ ٻئي طرف اسان جا ڪيترا سنڌي عربي ۾ M.A ڪرڻ بعد به عربي جا چار جملا عربي لهجي ۾ نٿا ڳالهائي سگهن.
پر علينواز جي جنهن ڳالهه مونکي گهڻو impress ڪيو اها هيءَ ته هو جپانين ۽ جرمنن وانگر آرگنائيز آهي، انگريزن وانگر وقت تي ڪم پورو ڪري ڏئي ٿو ۽ ڪِتاب کي مارڪيٽ ۾ آڻي ٿو، آمريڪن وانگر هو نه رڳو ڇپائي تي پر ڪِتاب جي سونهن، پني جي سٺائي، بائينڊنگ، ٽائيٽل ڪور جي جاذبيت تي به پورو ڌيان ڏئي ٿو. هڪ ڏينهن پڇيومانس ته ”علي نواز ڇا پڙهيل آهين؟“
نٽائي چيائين ”سائين ڇڏيو انهن ڳالهين کي توهان منهنجو ڪم ۽ پورهيو ڏسو.“
”ان ۾ ته تنهنجو جواب ناهي پر تنهنجي ڳالهين ۽ خاص ڪري ٽيڪنيڪل سوچ مان لڳي ٿو ته تون جيڪي ڪجهه پڙهيو آهين سو سٺن ماسترن يا دين سان گڏ سائنس جي معلومات رکندڙ مولوين وٽ پڙهيو آهين.“ جواب ۾ هو رُڳو کلندو رهيو.
آخر هڪ ڏينهن، منهنجي خيال ۾ ٻن ٽن سالن بعد، جڏهن هو منهنجا پنج ڇهه کن ڪِتاب ڇپي چڪو ته هن پاڻ بابت ٻڌايو ته هن نواب شاهه مان انجنيئري پڙهي آهي. ان تي مونکي حيرت ٿي ۽ پڇيومانس ته انهن سالن ۾ ته انجنيئر يا ڊاڪٽرن کي آساني سان نوڪري ملي وئي ٿي…… کڻي وڏي نه پر هلڪي ڦلڪي سرڪاري نوڪري ملي وئي ٿي.
”صحيح ٿا چئو پر مون سرڪاري نوڪريءَ کي ترجيح نه ڏني.“ هن وراڻيو
”ڇو ڀلا؟“ مون پڇيو.
”سائين ملڪ ۾ مهانگائي ڏسو ۽ سرڪاري نوڪري جا پگهار ڏسو! پوءِ ماڻهو رشوتختور ٿئي ان کان مون پنهنجو پاڻ ۾ پورهئي جي سگهه ساري ٿي ۽ سرڪاري نوڪري ۾ وڃي هڏ حرام ٿيان ۽ پوءِ پورهيو به نه پڄي ان ڪري مون بسم الله ئي محنت ڪري هنر سکڻ سان ڪئي.“
علينواز ٻڌايو ته هُنَ هڪ ڇپائي جي دڪان تي اچي ڪم سکيو ۽ ڪجهه سالن بعد هن پنهنجو ادارو ”روشني پبليڪيشن“ کولي ڪِتاب ڇپڻ شروع ڪيا.
”پر علينواز ان وقت تو اهو نه سوچيو ته اهو ڪم ته ڪيترا سرڪاري ادارا ۽ پرائيويٽ ماڻهو ڪري رهيا آهن؟“ مون پڇيو.
”ها بلڪل صحيح ٿا چئو. پر مون سوچيو ته هر هڪ جو پنهنجو نصيب آهي ۽ هر هڪ جي پنهنجي dealing آهي آءٌ پنهنجي طريقي سان هن فيلڊ ۾ جدت پيدا ڪندس ۽ ڇپائي سان گڏ مارڪيٽنگ کي به منهن ڏيندس.“
۽ پوءِ مون ڏٺو ته علينواز واقعي ان تي عمل ڪري ڏيکاريو. ڪڏهن ڪڏهن فون ڪندو هوسانس ته چوندو هو ته باڊهه ۾ آهيان، مديجي ۾ آهيان، باقراڻي ۾ آهيان…. منهنجي پڇڻ تي ته انهن ڳوٺن ۾ ڇا پيو ڪرين ته چوندو هو ته ڪِتاب distribute ڪرڻ آيو آهيان.
”ڪمال آهي“، آئون حيرت مان پڇندو هوس، ”انهن ڳوٺن ۾ تنهنجا ڇپيل (يعني اسان جا لکيل) ڪِتاب هلن ٿا ڇا؟“
”نه سائين هلن ته ڪونه ٿا پر مڙيئي دڪاندارن کي هڪ هڪ ٻه ٻه ڪِتاب چنبڙايو پيو وڃان ته من وڪرو ٿي پوي ۽ ماڻهن ۾ پڙهڻ جي عادت پئدا ٿي سگهي.“
علينواز جي هر وقت اها ڪوشش هوندي آهي ته گهڻي کان گهڻا ريڊر پيدا ڪجن. بهرحال اڄ ٿو ڏسان ته هو هر سال اڪيلي سر جيترا ڪتاب ڇپي ۽ نيڪال ڪري ٿو اوترا ته اسانجو سرڪاري ادارو به نٿو ڪري جنهن جي آفيسن ۽ پگهارن تي عوام جي ٽئڪس جا ڪروڙها رپيا خرچ ٿو ٿئي. اهو نه آهي ته اسان وٽ فقط علي نواز ثابت ڪيو آهي ته هڪ اڪيلو ماڻهو به محنت ۽ ايمانداري سان ڪِتابي ادارو هلائي سگهي ٿو پر ان ۾ ڪجهه ٻين ماڻهن جا نالا به add ڪري سگهان ٿو جيئن ته فيروز ميمڻ (نيو فيلڊس پبليڪيشن)، طارق اشرف (سهڻي پبليڪيشن)، امير ابڙو (انڊس پبليڪيشن)، نور احمد ميمڻ (سنڌيڪا)، انعام عباسي (نئون نياپو)، ناز سنائي (سنڌي ساهت گهر)، قربان منگي (پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور) ۽ موهن مدهوش ڪويتا پبليڪيشن وغيره.
بهرحال پاڻ علي نواز جي ڀاءَ اصغر گهانگهري جي ڳالهه ڪريون جنهن پڻ نواب شاهه مان انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪرڻ بعد نوڪري نه ملڻ تي سال کن ڳوٺ يعني ڪنڊياري ۾ اليڪٽريشن جو ڪم ڪيو ان بعد علي نواز کيس ڪراچي وٺي آيو. ڪراچي جي ڊفينس علائقي ۾ سعودي عرب قونصل خاني وٽ گذري بس اسٽاپ وٽ مُبارڪ مسجد آهي…. ان جي بلڪل سامهون هڪ پلمبر جو دڪان آهي جنهن تي نه فقط سئنيٽري يعني نلڪن، پائيپن جو هر قسم جو سامان ٿو ملي پر هن وٽ ٽي چار پلمبر به موجود هوندا آهن جيئن ڪو باٿ روم جو سامان وٺي فٽ ڪرائڻ چاهي ته هن کي اتان ئي پلمبر ملي وڃي. علينواز ڪنهن جي معرفت هن دڪان جي مالڪ کي اصغر جي ٻانهن ڏئي ويو ته هي توهانجي دڪان تي ڪم ڪار ڪندو ٻين لفطن ۾ نوڪر ٿي بيهندو. مالڪ کي هيڏي وڏي دڪان لاءِ ڪنهن همت واري نوجوان جي ضرورت هئي جيڪو صبح ساڻ دڪان کي صاف سٿرو رکي ۽ گراهڪن جي آڌر ڀاءَ ڪري چانهه پاڻي پيئاري.
اهو پڙهي توهان کي به حيرت ٿيندي هوندي ۽ مونکي به ٿي ۽ مون جڏهن علينواز ڏي سواليه نِگاهن سان ڏٺو ته هن چيو ته ”پورهيو ڪرڻ ته عيب ناهي؟“
”بلڪل ناهي. صحيح ٿو چوين. پر اسان وٽ سنڌ ۾ گهڻائي انهن جي آهي جيڪي نڪي پاڻ ٿا ڪن نڪي ٻين کي ڪرڻ ٿا ڏين.“ مون چيومانس.
”سائين ماڻهن کي جيڪي وڻي سو پيا چون. ڪو بک پيو مرندو ته هن کي اچي ڏيندا ته ڪو نه. بلڪه پاڻ به پيا بک مرندا ۽ چاهيندا ته ٻيو به ائين ئي هُجي.“ علي نواز ٻُڌايو.
”پوءِ ڀلا اصغر کي ڪيئن راضي ڪئي؟“ مون پڇيومانس
”ادا! هڪ ڏينهن ويهي سمجھايومانس ته جي زندگي ٺاهڻي اٿئي ته هڪڙو ٻن ٽن سالن جو نسخو آهي. گرئجوئيشن پٺيان به ته چار پنج سال وڃائي ڇڏئي نه ـــ اهڙا ٻه سال بيروزگار ٿي رهين. ڳوٺ ننڍڙو ان ۾ ڇا اليڪٽرڪ جو ڪم سکندين ۽ ڇا روزگار ڪمائيندين؟“ علينواز چيو.
”پوءِ؟“ مون پڇيو.
”پاڻ چيائين ته آئون تيار آهيان جيڪي چوندائو اهو ڪندس…. آئون ڪجهه ڪري ڏيکارڻ ٿو چاهيان؟ آئون ان بعد کيس سڌو هن دڪان تي وٺي آيس جيڪو منهنجي هڪ سڃاڻي جي دوست جو آهي. مون اصغر کي چيو ته ڪو مفت ۾ ته ڇا پر پئسن تي به ڪم نٿو سيکاري. توکي پاڻ همت ڪرڻي پوندي ۽ تنهنجي ڪاميابي جو مدار تنهنجي همت ۽ جذبي تي آهي……“
”پوءِ“
”پوءِ مون چيومانس ته اڄ ڏينهن کان پوءِ تون اهو وساري ڇڏ ته تو ڪا گرئجوئيشن ڪئي آهي ۽ نه انهن ڪلاس ميٽن جو سوچجانءِ جن کي سرڪاري نوڪري ملي وئي آهي ۽ رشوت جي پئسي مان گاڏيون پيا هلائين ۽ نه اهو سوچجانءِ ته بابو ڪجهه ايڪڙ زمين ڇڏي ويو آهي. اهي پاڻ چار ڀائر ورهائينداسين ته ٻه ٻه ايڪڙ ٿي ويندي. تون زيرو کان شروع ڪر. هن دڪاندار جي اها به مهرباني آهي جو توکي نوڪر ڪري به رکي ٿو. ان نوڪر ٿي رهڻ دوران تون پلمبنگ سان واسطو رکندڙ شين، اوزارن، ڪم ڪرڻ ۽ دڪانداري هلائڻ جي ڳالهين سان familiar ٿي ويندين جو پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو آهين ۽ پڙهيل هُجڻ جو اهو ئي فائدو آهي ته هو جاهل کان وڌيڪَ ۽ جھٽ سکي وڃي ٿو.“

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*